طسم (آيت : 1) |
ط-س-م |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
(اي نبي!) شايد تون ان غم ۾ پنهنجي جان وڃائيندين ته (اهي ڪافر) نٿا ايمان آڻين |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ته نازل ڪري سگهون ٿا انهن تي آسمان مان ڪا اهڙي نشاني جو سندن ڪنڌ ان جي (آڏو) بلڪل جهڪي وڃن |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
۽ انهن ماڻهن وٽ جيڪا به نئين نصيحت ايندي آهي رحمٰن جي طرفان ته اهي ان کان پنهنجا منهن مٽي ٿا وڃن |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
پوءِ هاڻي جڏهن ته اهي ڪوڙو چئي چڪا آهن ته پوءِ جلد ئي کين معلوم ٿي ويندي حقيقت (مختلف طريقن سان) جنهن تي انهن ٺٺوليون ٿي ڪيون |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
۽ ڇا انهن نظر نه وڌي آهي زمين تي ته اسان ان ۾ ڪيتريون ئي هر قسم جون سٺيون نباتات پيدا ڪيون آهن |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ ان ۾ هڪ قسم جي نشاني آهي، پر انهن مان ته گهڻا مڃڻ وارا ئي نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ بيشڪ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست ۽ رحم وارو آهي |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
۽ (کين ان وقت جو قصو ٻڌاءِ) جڏهن تنهنجي رب موسيٰ کي پڪاريو ته، وڃ ان ظالم قوم ڏي |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
قوم فرعون جي، ڇا اهي ڊڄن نٿا؟ |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
هن عرض ڪيو، اي منهنجا رب! بيشڪ مون کي اهو ڊپ آهي ته هو ڪوڙو چوندا |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
۽ گُهٽ ٿئي ٿي منهنجي سيني ۾، ۽ نٿي هلي منهنجي زبان پوريءَ طرح، تنهن ڪري هارون ڏي به رسالت جو پيغام موڪل |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ انهن جو ته مون تي هڪ ڏوهه جو الزام به آهي، ان ڪري ڊڄان ٿو ته اهي مون کي قتل ڪندا |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
فرمايو ويو، هرگز نه! توهان ٻئي وڃو اسان جي نشانين سان بيشڪ توهان سان گڏ اسان سڀ ڪجهه ٻڌندا رهنداسين |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
توهان وڃو فرعون وٽ، ۽ کيس چئو ته اسان کي رسول ڪري موڪليو آهي جهانن جي پالڻهار |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
ته تون وڃڻ ڏي اسان سان گڏ بني اسرائيل کي |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
فرعون چيو، ڇا اسان توکي پاليو نه هو ننڍڙي لاڪون؟ ۽ تو ته اسان وٽ ڪيترا ئي سال عمر جا گذاريا هئا |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ ان بعد اهو ڪم به ڪري وئين جيڪو ڪري وئين ۽ تون ته تمام وڏو احسان فراموش (منهن موڙيندڙ) آهين |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
موسيٰ جواب ڏنو، ان وقت مون اهو ڪم بلڪل ناداني ۾ ڪيو هو |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ آئون توهان جي خوف کان ڀڄي ويس، جنهن بعد منهنجي رب مون کي حڪم عطا ڪيو ۽ مون کي شامل ڪيائين رسولن ۾ |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ رهيو تنهنجو احسان، جنهن جو مون تي ٿورو رکين ٿو ته حقيقت اها آهي ته تو غلام بنايو هو بني اسرائيل کي |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
ان تي چيو فرعون ته، هي وري ڇا ٿيندو آهي رب العالمين؟ |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
موسيٰ جواب ڏنو، اهو رب آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهي، جيڪڏهن توهان ويساهه رکڻ وارا آهيو |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
فرعون پنهنجي چؤطرف ويٺل ماڻهن کي چيو، ٻڌو پيا؟ |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
موسيٰ چيو، تنهجو ته رب آهي پر تنهنجي ابن ڏاڏن جو به، جيڪي گذري چڪا آهن |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
چيو فرعون مجلس وارن کي توهان جو هي رسول (ڏسو) جيڪو موڪليو ويو آهي توهان ڏي، اهو ته بنهه چريو ٿو لڳي |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
موسيٰ چيو، هو رب آهي مشرق ۽ مغرب جو ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي (انهن جو به)، جيڪڏهن توهان عقل رکو ٿا |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
فرعون چيو، جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود مڃيو ته توکي به انهن ماڻهن ۾ شامل ڪندس جيڪي جيلن ۾ پيا سڙن |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
موسيٰ چيو، ڀلي جڏهن آئون تنهنجي آڏو ڪا پڌري شيءِ آڻيان پوءِ به؟ |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
فرعون چيو، چڱو تون آڻ اها (شيءِ) جي تون سچو آهين |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
(ان جي زبان مان اها ڳالهه نڪتي ته) هن اڇلي پنهنجي لٺ، ته امالڪ اها هڪ پڌري بلا (نظر آئي) هئي |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
۽ ڪڍيو هن پنهنجو هٿ (بغل مان) ته اهو چمڪي رهيو هو سڀني ڏسندڙن آڏو |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
(فرعون) چيو چؤطرف ويٺل سردارن کي، بيشڪ هي شخص جادوگر آهي وڏو ماهر |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
هي گُهري ٿو ته توهان کي ڪڍي ڇڏي توهان جي ملڪ مان پنهنجي جادو جي زور تي، پوءِ ٻڌايو ته توهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
انهن چيو، ترسايو هن کي ۽ سندس ڀاءُ کي ۽ موڪليو شهرن ڏي پڙهو ڏيندڙ ماڻهن کي |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
اهي آڻين هر سياڻي جادوگر کي تو وٽ |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ گڏ ڪيا ويا جادوگر هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ چيو ويو ماڻهن کي ته توهان به هلندؤ ميڙي ۾؟ |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
شايد اسان قائم رهون جادوگرن جي دين تي جيڪڏهن اهي ئي (هن تي) غالب رهيا |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
پوءِ جڏهن آيا ميدان ۾ جادوگر ته انهن چيو فرعون کي، اسان کي انعام ته ملندو نه، جيڪڏهن اسان ئي (هن تي) غالب رهياسين |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
هن چيو، هائو! ۽ توهان ته ان وقت منهنجي ويجهن (رهندڙن) ۾ شامل ٿي ويندؤ |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
چيو انهن کي موسيٰ، اڇليو جيڪي توهان کي اڇلڻو آهي |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پوءِ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇليون ۽ چيائون، فرعون جي ڀاڳ سان اسين ئي غالب رهنداسين |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ اڇلي موسيٰ پنهنجي لٺ، ته اها اتي جو اتي (بلا) ڳهندي ٿي ويئي انهن (جي ڪوڙن ڪرشمن) کي |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
پوءِ سمورا جادوگر بي اختيار سجدي ۾ ڪِري پيا |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
۽ پڪاري چوڻ لڳا، اسان ايمان آندو جهانن جي پالڻهار تي |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
(اهو) رب جيڪو موسيٰ ۽ هارون جو آهي |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
فرعون چيو، توهان (موسيٰ جي) ڳالهه مڃي ورتي، ان کان اڳي جو آئون توهان کي ان جي اجازت ڏيان ها، ضرور هي توهان جو وڏو آهي جنهن سيکاريو آهي توهان کي به جادو. چڱو هاڻي ئي توهان کي خبر پئجي ويندي، آئون وڍرائيندس توهان جا هٿ ۽ توهان جا پير مخالف طرفن کان ۽ توهان سڀني کي سوريءَ تي چاڙهيندس |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
انهن جواب ڏنو، ڪابه ناهي پرواهه، اسان ته پنهنجي ئي رب ڏي پهچي وينداسين |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
اسان کي اميد آهي ته معاف ڪيون وينديون اسان جي رب طرفان اسان جون خطائون، ڇوته اسان سڀني کان اڳي ايمان آندو آهي |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ اسان وحي ڪيو موسيٰ کي ته راتو رات نڪري وڃ اسان جي ٻانهن کي وٺي توهان جي پُٺ ورتي ويندي |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
ان تي موڪليا فرعون (فوجون گڏ ڪرڻ لاءِ) شهرن ۾ پڙهو ڏيندڙ |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
۽ اهو به چورايائين ته، اهي ماڻهو يقينًا ٿورڙا ئي آهن |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
۽ انهن اسان کي ڏاڍو ڪاوڙايو آهي |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ اسان هڪ اهڙي جماعت آهيون جيڪا هر وقت هوشيار آهي |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
پوءِ اسان انهن کي ڪڍيوسين سندن باغن ۽ چشمن مان |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ خزانن ٻاهر آندو بهترين محلن مان |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اهو ته ٿيو انهن سان معاملو، (ٻئي طرف) وارث ڪيوسين انهن شين جو بني اسرائيل کي |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ انهن پُٺ ورتي هنن جي صبح ٿيندي ئي |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
پوءِ جڏهن ٻئي ٽولا آمهون سامهون ٿيا، ته پڪارڻ لڳا موسيٰ جا ساٿي، اسان ته پڪڙجي پياسين |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
موسيٰ چيو، هرگز نه، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو رب آهي، ضرور رهنما ٿيندو |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ وحي ذريعي حڪم ڏنوسين موسيٰ کي ته، پنهنجي لٺ هڻ سمنڊ تي. ته اُمالڪ اهو (سمنڊ) ڦاٽي پيو، ۽ ان جو هر حصو جبل ٿي پيو عظيم الشان |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ آندوسين انهيءَ هنڌ تي ويجهو ٻئي ٽولي کي ڀي |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ بچايوسين موسيٰ ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي ساڻس گڏ هئا |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
پوءِ ٻين کي ٻوڙي ڇڏيوسين |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ نشاني آهي، پر انهن ماڻهن ۾ گهڻا ته مڃڻ وارا ئي ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي ته رحم ڪندڙ به |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ ٻڌاءِ (اي نبي!) انهن کي قصو ابراهيم جو |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏهن هن چيو پنهنجي پيءُ ۽ قوم کي ته اهي ڪهڙيون شيون آهن جن کي توهان پوڄيو ٿا؟ |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
انهن چيو اسين پوڄا ڪندا آهيون ڪجهه بتن جي ۽ انهن جي خدمت ۾ رهندا آهيون |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
هن پڇيو، ڇا اهي توهان جي ڳالهه ٻڌندا آهن جڏهن توهين انهن کي سڏيو ٿا؟ |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا اهي توهان کي ڪو نفعو پهچائيندا آهن؟ |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
انهن جواب ڏنو، نه، (پر) اسان ڏٺو آهي پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
ابراهيم چيو، ڪڏهن توهان (اکيون کولي) انهن کي ڏٺو آهي جن جي توهان بندگي ڪريو ٿا؟ |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
توهان ۽ توهان جا اڳيان ابا ڏاڏا ائين ڪندا رهيا |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
اهي ته منهنجا سڀ دشمن آهن هڪ رب العالمين کان سواءِ |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جنهن پيدا ڪيو مون کي، پوءِ اهو ئي منهنجي رهنمائي ڪندو آهي |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ اهو ئي مون کي کارائيندو ۽ پياريندو آهي |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جڏهن آئون بيمار ٿيندو آهيان ته اهو ئي مون کي شفا ڏيندو آهي |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
۽ اهو ئي مون کي موت ڏيندو، پوءِ مون کي ٻيهر زندگي ڏيندو |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ جنهن کان مان اميد رکان ٿو ته معاف ڪندو منهنجي خطا کي قيامت جي ڏينهن |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
(ان بعد ابراهيم دعا ڪئي) اي منهنجا پالڻهار! مون کي حڪم عطا ڪر ۽ شامل ڪر صالحن ۾ |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ مون کي عطا ڪر سچي مشهوري (مون کان) پوءِ اچڻ وارن ۾ |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
۽ بناءِ مون کي نعمتن واري باغ جي وارثن مان |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ معاف ڪر منهنجي پيءُ کي، بيشڪ (اهو) گمراهه ماڻهن مان آهي |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ نه ڪجانءِ مون کي ان ڏينهن خوار، جڏهن سڀ ماڻهو اٿاريا ويندا |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
جنهن ڏينهن ڪوبه فائدو نه ڏيندو مال ۽ نه اولاد |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
سواءِ ان جي ته جيڪو شخص الله جي حضور ۾ سالم دل سان حاضر ٿئي |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
۽ (ان ڏينهن) ويجهو ڪيو ويندو بهشت پرهيزگارن کي |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ دوزخ کي گمراهن جي آڏو پڌرو ڪيو ويندو |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ کانئن پڇيو ويندو، ڪٿي آهن اهي جن جي توهان عبادت ڪندا هئا؟ |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
الله کي ڇڏي، ڇا اهي توهان جي مدد ڪري رهيا آهن يا پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن ٿا؟ |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ اهي اونڌا ڪيل هوندا ان ۾ سڀ گمراهه |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ لشڪر ابليس جا، ڌڪيا ويندا سڀ ان ۾ هڪ ٻئي مٿان |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
اتي اهي پاڻ ۾ چوندا جهيڙو ڪندي گمراهه |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
خدا جو قسم، اسين ته بلڪل پڌري گمراهيءَ ۾ مبتلا هئاسين |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جڏهن ته توهان کي برابريءَ جو درجو پئي ڏنوسين رب العالمين جو |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ جن اسان کي گمراهي ۾ وڌو اهي ڏوهاري ئي هئا |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
هاڻي ته اسان جو ڪوبه سفارشي نه آهي |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نه وري ڪو غم ٽار دوست آهي |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
جيڪر اسان کي وري هڪ ڀيرو موٽڻ جو موقعو ملي ته اسان مؤمن ٿي وڃون |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
بيشڪ ان ۾ به هڪ وڏي نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته ناهن ايمان آڻڻ وارن مان |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي ته رحم ڪندڙ به |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
ڪوڙو ڀانيو نوح جي قوم رسولن کي |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
(ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ نوح ته، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
بيشڪ آءٌ ته توهان جي لاءِ امانتدار رسول آهيان |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
تنهن ڪري توهان ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
۽ ان ڪم جي لاءِ توهان کان نٿو گهران ڪو اجورو، منهنجو اجورو ته ذمي آهي رب العالمين جي |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
سو توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪريو |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
انهن جواب ڏنو، ڇا اسان تنهنجي پيروي ڪريون جڏهن ته تنهنجا پيروڪار ڪريل ماڻهو آهن؟ |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
نوح چيو، مون کي ڪهڙي خبر ته انهن جا عمل ڪهڙا آهن؟ |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
انهن جو حساب ته آهي (فقط) منهنجي رب جي ذمي، جي توهان سمجهي سگهو |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
۽ منهنجو ڪم هي ناهي جو جيڪي ماڻهو ايمان آڻين تن کي تڙي ڇڏيان |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
آئون ته هڪ ڊيڄاريندڙ آهيان سڌو سنئون |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
انهن کيس چيو، جي تون نه مڙئين اي نوح، ته شامل ٿي ويندين ڦٽڪار پيل ماڻهن ۾ |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
نوح آخر دعا ڪئي، اي منهنجا رب! منهنجي قوم مون کي ڪوڙو چيو آهي |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
پوءِ فيصلو ڪري ڇڏ اسان جي وچ ۾ صاف صاف ۽ بچاءِ مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن مؤمن ماڻهو |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
پوءِ بچايوسين ان کي ۽ ساڻس گڏ جيڪي هئا هڪ ٻيڙيءَ ۾ جيڪا ڀَريل هئي |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
ان کان پوءِ ٻوڙي ڇڏيوسين باقي بچيل ماڻهن کي |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
يقينًا انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته مڃڻ وارا ئي ناهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ اها حقيقت آهي ته تنهنجو رب جيڪو زبردست رحم ڪندڙ آهي |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
ڪوڙو چيو عاد جي قوم رسولن کي |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
(ياد ڪر) جڏهن چيو هو انهن کي سندن ڀاءُ هود ته، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
حقيقت ۾ آئون توهان جي لاءِ رسول آهيان امانتدار |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
پوءِ ڊڄو الله کان ۽ پيروي ڪريو منهنجي |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
۽ آئون توهان کان طلبگار ناهيان ان ڪم لاءِ ڪنهن به اجوري جو، حقيقت ۾ اهو اجر ته ذمي آهي الله رب العالمين جي |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
هي توهان جو ڪهڙو ڪم آهي جو هر مٿاهين هنڌ تي اجايو هڪ يادگار اڏيندا آهيو |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ تعمير ڪندا آهيو وڏا وڏا محل، ڄڻ توهان کي سدائين رهڻو آهي؟ |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏهن به ڪنهن ۾ هٿ وجهو ٿا ته تمام سخت ٿي ويندا آهيو |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ ڊڄو انهيءَ (الله) کان، جنهن اهو سڀڪجهه توهان کي ڏنو آهي جيڪو ڄاڻو به ٿا |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
توهان کي ڏنائين جانور ۽ اولاد |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
۽ باغ به ڏنائين ۽ چشما ڏنائين |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
(سچ پچ ته) مون کي توهان لاءِ خوف آهي هڪ عذاب جو هڪ وڏي ڏينهن تي |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
انهن جواب ڏنو، تون ڀلي نصيحت ڪر اسان کي يا نه به ڪرين، اسان جي لاءِ اهو سڀڪجهه برابر آهي انهيءَ(تنهنجي) واعظ کان |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
اهي ڳالهيون ته اڳي کان ائين ٿينديون آيون آهن |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
۽ اسان ته (ڪڏهن به) عذاب ۾ مبتلا نه ٿينداسين |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
بهرحال انهن کيس ڪوڙو چيو، ۽ اسان به انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي، ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو ته مڃڻ وارا ئي نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ اها حقيقت آهي ته تنهنجو رب (بيشڪ) زبردست آهي ته رحم ڪندڙ آهي |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ڪوڙو ڀانيو ثمود (وارن پنهنجي) رسولن کي |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ صالح چيو، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
آئون ته توهان جي لاءِ رسول آهيان امانتدار |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
۽ ان ڪم جي لاءِ آئون توهان کان ڪوبه اجورو ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجر ته (الله) رب العالمين جي ذمي آهي |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
ڇا توهان انهن شين جي وچ ۾ جيڪي هتي آهن، ائين اطمينان سان رهڻ ڏنا ويندا؟ |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
انهن باغن ۽ چشمن ۾؟ |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
۽ انهن پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا رسيلا آهن؟ |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ کوٽي کوٽي جبلن کي فخر سان گهر ٺاهي اتي رهو ٿا |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
ڊڄو الله کان ۽ منهنجي پيروي ڪريو |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
۽ نه وري پيروي ڪريو انهن ڇڙواڳ (آواره) ماڻهن جي |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
اهي ماڻهو فساد برپا ڪن ٿا زمين ۾ ۽ ڪابه اصلاح نٿا آڻين |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
انهن جواب ڏنو، حقيقت ۾ تون هڪ جادو ڪيل شخص آهين |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
ڇا تون آهين ٻيو اسان جهڙي انسان کان سواءِ، پوءِ آڻ اسان جي لاءِ ڪا نشاني جيڪڏهن تون واقعي سچو آهين |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
صالح چيو، هيءَ آهي ڏاچي، ان جي پيئڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن آهي ۽ هڪ ڏينهن توهان سڀني جي لاءِ آهي |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
۽ ڪابه هٿ چراند ان سان نه ڪجؤ، نه ته توهان کي اچي پڪڙيندو عذاب هڪ وڏي ڏينهن تي |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
پوءِ انهن ان (ڏاچي) جون کچون ڪپي ڇڏيون آخرڪار پڇتائيندا رهيا |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ کين اچي ورايو عذاب، بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي، پر انهن مان ڪيترا ئي ماڻهو مڃڻ وارا نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ حقيقت ۾ تنهنجو رب زبردست آهي ته رحم وارو به آهي |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
ڪوڙو ڀانيو قوم لوط رسولن کي |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
(ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ لوط، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
يقينًا آءٌ توهان جي لاءِ رسول آهيان امانتدار |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ توهان ڊڄو الله کان ۽ منهنجي پيروي ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
۽ آئون توهان کان طالب نه آهيان ڪنهن اجوري جو، منهنجو اجر ته الله رب العالمين جي ذمي آهي |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
ڇا توهان وڃو ٿا مردن وٽ (بڇڙائي لاءِ) دنيا جي مخلوق مان |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ ڇڏي ڏيندا آهيو جيڪي خلقيو آهي توهان جي لاءِ توهان جي رب توهان جي زالن ۾؟ بلڪ توهان ماڻهو ته حد کان ٽپي ويا آهيو |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
انهن چيو، جي تون انهن ڳالهين کان نه مڙندين اي لوط ته جيڪي ماڻهو اسان جي آبادين مان ڪڍيا ويا آهن، تون به انهن ۾ شامل ٿيندين |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
لوط چيو، بيشڪ آئون به انهن ۾ شامل آهيان جيڪي توهان جي ڪرتوتن تي ڪڙهي رهيا آهن |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
اي رب! ڇوٽڪارو ڏي مون کي ۽ منهنجي عيال کي انهن جي بدڪردارين کان |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ اسان بچايو هن کي ۽ سندس سموري عيال کي |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
سواءِ هڪ پوڙهيءَ جي، جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
پوءِ اسان تباهه ڪيو باقي رهيل ماڻهن کي |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ وسايوسين انهن تي مينهن، ڏاڍو برو مينهن انهن ڊنل ماڻهن تي نازل ٿيو |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي پر انهن مان اڪثر ماڻهو مڃڻ وارا نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي رحم ڪرڻ وارو آهي |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
ڪوڙو ڀانيو ايڪه وارن رسولن کي |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
(ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو انهن کي شعيب ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
بيشڪ آئون توهان لاءِ هڪ رسول آهيان امانتدار |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي پيروي ڪريو |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
۽ نه آهيان طالب توهان کان ڪنهن به اجوري جو ان ڪم جي لاءِ، منهنجو بدلو ته الله رب العالمين جي ذمي آهي |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
ماپ پوري ڪريو ۽ ڪنهن کي به ڪو نقصان نه ڏيو |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
۽ ماپ تور ڪريو بلڪل سنئين تارازيءَ سان |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ گهٽ نه ڏيو ماڻهن کي سندن شيون، ۽ نه پکيڙيو (ڪوبه) زمين ۾ فساد ۽ بگيڙو |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ ڊڄو ان کان جنهن خلقيو آهي توهان کي ۽ گذريل نسلن کي |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
انهن چيو، حقيقت ۾ تون ته هڪ جادو ڪيل انسان آهين |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ (هي به ته) تون اسان جهڙو ئي هڪ انسان آهين، (جنهن ڪري) اسان اهو ئي ڀانيون ٿا ته تون بلڪل ڪوڙو آهين |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
تون اسان تي ڪيراءِ هڪ ٽڪرو آسمان مان، جي تون واقعي سچو آهين. |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
شعيب چيو، منهنجو رب ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
پوءِ انهن کيس ڪوڙو چيو، پوءِ انهن کي اچي عذاب ورتو ڇانوَ ڪندڙ ڪڪر واري ڏينهن، بيشڪ اهو عذاب تمام خوفناڪ ڏينهن جو عذاب هو |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا نه آهن |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي ته رحيم به آهي |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ بيشڪ هي نازل ڪيل (ڪتاب) رب العالمين جي طرفان آهي |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
ان کي کڻي آيو امانت وارو روح (جبريل) |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنهنجي دل تي لٿو جيئن تون انهن ماڻهن ۾ شامل ٿئين (جيڪي الله طرفان) ماڻهن کي خبردار ڪندڙ آهن |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
بلڪل صاف عربي زبان ۾ آهي |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
۽ بيشڪ اهو اڳين ماڻهن جي ڪتابن ۾ به آهي |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
ڇا هي انهن (مڪي وارن) ماڻهن لاءِ ڪا نشاني نه آهي جو ان کي ڄاڻن ٿا عالم بني اسرائيل جا؟ |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
پر (سندن هٺ جو حال هي آهي ته) اسان جي اهو نازل ڪريون ها ڪنهن (غير عربي) عجمي تي |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
۽ اهو فصيح ڪلام انهن کي پڙهي ٻڌائي به ها تڏهن به اهي مڃين ئي ڪونه ها |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اهڙيءَ طرح اسان هن (ذڪر) کي گذاريو آهي ڏوهارين جي دلين منجهان |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
اهي ان تي (ايستائين) ايمان نه آڻيندا جيستائين اهي نه ڏسن دردناڪ عذاب کي |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
پوءِ جڏهن انهن تي اهو ڪڙڪندو آهي جو کين خبر به نه پوي |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
پوءِ اهي چوندا آهن (ان وقت) ڇا اسان کي هاڻي مهلت ملندي؟ |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
ڇا اهي ماڻهو اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ پيا ڪن؟ |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
تو (اي نبي!) غور ڪيو، جيڪڏهن اسان کين ورهين تائين عيش ڪرڻ جي مهلت به ڏيون |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
ته پوءِ اها ئي شيءِ انهن تي اچي، جنهن کان کين ڊيڄاريو وڃي ٿو |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
ته اهو زندگيءَ جو سامان جيڪو کين مليل آهي، اهو ڪهڙي ڪم ايندن؟ |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
۽ اسان ڪڏهن هلاڪ نه ڪيو ڪنهن ڳوٺ کي ان کان سواءِ جو ڪو وٽن اچي خبردار ڪندڙ |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
نصيحت جو حق ادا ڪرڻ لاءِ موجود هئا، اسان ظالم نه هئاسين |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
۽ هن (ڪتاب مبين کي) کڻي نه لٿا آهن شيطان |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نه اهو ڪم کين جڳائي ٿو ۽ نه وري اهي ائين ڪري سگهن ٿا |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
اهي ته ان جي ٻڌڻ کان به پري رکيا ويا آهن |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
پوءِ (اي نبي!) الله سان گڏ ڪنهن ٻئي خدا کي نه پڪار، نه ته تون به شامل ٿي ويندين سزا ڀوڳڻ وارن ۾ |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
۽ ڊيڄار پنهنجن ويجهن مائٽن کي |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ نرمي سان پيش اچ انهن سان جيڪي تنهنجي پيروي اختيار ڪن ايمان آڻڻ وارا |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پر جيڪڏهن اهي نافرماني ڪن ته پوءِ کين چئي ڇڏ ته آئون آزاد آهيان جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ توڪل ڪر انهيءَ تي جيڪو زبردست ۽ ٻاجهارو آهي |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جيڪو ان وقت به ڏسي رهيو هوندو جڏهن تون اٿندو آهين |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
۽ نگاهه رکي ٿو توتي انهن ماڻهن ۾ جيڪي سجدو ڪن ٿا |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
بيشڪ اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
(انسانؤ!) ڇا آئون توهان کي ٻڌايان ته ڪنهن تي لهندا آهن شيطان؟ |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
اهي لهندا آهن هر ان شخص تي جيڪو ڪوڙو، ٻٽاڪي ۽ بدڪار آهي |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
ٻُڌل ڳالهيون ڪنن ۾ ڦوڪيندا آهن ۽ انهن مان گهڻا ته ڪوڙا هوندا آهن |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
۽ رهيا شاعر ته انهن جي پويان گمراهه ماڻهو لڳندا آهن |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
ڇا تون ڏسين نٿو (اي نبي!) ته اهي هر ڪنهن وادي ۾ ڀٽڪن ٿا |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ اهي اهڙيون ته ڳالهيون چون ٿا جيڪي پاڻ نٿا ڪن |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
سواءِ انهن ماڻهن جي، جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا ۽ ياد ڪيو الله کي گهڻو ئي ۽ صرف بدلو ورتو جڏهن مٿن ظلم ڪيو ويو ۽ انهن کي اهو به معلوم ٿي ويندو آهي جيڪي ظلم ڪن ٿا ته پاڻ ڪهڙي پڄاڻي جي حوالي ٿين ٿا |