تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
نهايت برڪت وارو آهي اهو، جنهن هيءُ فرقان (حق ۽ ناحق کي کولي پڌرو ڪندڙ) پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته جيئن ساري جڳ جهان وارن لاءِ خبردار ڪندڙ هجي |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
اهوئي آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ، جنهن نڪي ڪنهن کي پٽ بڻايو آهي ۽ نه وري بادشاهيءَ ۾ سندس ڪو ڀائيوار آهي. جنهن هر شيءِ کي پيدا ڪيو، پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪيائين |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
ماڻهن ان کي ڇڏي اهڙا معبود بڻائي ورتا آهن، جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪن بلڪه خود پاڻ به پيدا ڪيا پيا وڃن. جن کي پاڻ لاءِ به ڪنهن نقصان يا نفعي جو ڪو اختيار ڪونهي، جيڪي نڪي ڪنهن کي موت ٿا ڏيئي سگهن ۽ نه ڪنهن کي حياتي ٿا ڏيئي سگهن ۽ نه ڪنهن مئل کي وري اٿاري ٿا سگهن |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
جن ماڻهن نبيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اهي چون ٿا ته "هيءُ فرقان ته هڪ گهڙيل شيءِ آهي، جنهن کي هن شخص پاڻ گهڙيو آهي ۽ ڪن ٻين به ان ڪم ۾ ساڻس هٿ ونڊايو آهي". وڏو ظلم ۽ سخت ڪوڙ آهي، جنهن تي اهي لهي پيا آهن |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
چون ٿا: "اهي ته اڳوڻن ماڻهن جون آکاڻيون آهن، جن کي هيءُ شخص نقل پيو ڪرائي ۽ اهي کيس صبح شام ٻڌايون پيون وڃن". |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
اي نبي چوين ته "ان کي نازل ڪيو آهي انهيءَ، جيڪو آسمانن توڙي زمين جا راز ٿو ڄاڻي". هو ڏاڍو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
چون ٿا: "هيءُ وري ڪهڙو رسول آهي، جيڪو کاڌو به ٿو کائي ۽ بازارين ۾ به ٿو گهمي؟ ڇونه وٽس ڪو فرشتو موڪليو ويو، جيڪو ساڻس گڏ هجي ها ۽ (نه مڃڻ وارن کي) ڊيڄاري ها؟ |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
نه ته به ان لاءِ ڪو خزانو ئي لاٿو وڃي ها، يا وٽس ڪو باغ ئي هجي ها، جنهن مان (بي اُلڪو ٿي) پيو روزي حاصل ڪري ها ۽ اهي ظالم ائين به چون ٿا ته توهان ته هڪڙي جادو ڪيل ماڻهوءَ جي ڪڍ لڳا آهيو |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
ڏس ته ڪهڙا ڪهڙا نه توتي ٺاهوڙ ٺاهيندا ٿا وتن، اهڙا ته ڀٽڪي ويا آهن جو ڪو رستو ئي هٿ نٿو اچين |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
وڏي برڪت وارو آهي، اهو جيڪو جي گهري ته انهن (سندن ڏسيل شين) کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ توکي ڏئي سگهي ٿو (هڪ ئي نه پر) ڪيترائي باغ، جن جي هيٺان پيون واهيون وهن ۽ وڏا وڏا محلات پڻ |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
پر اهي ماڻهو "انهيءَ گهڙيءَ" کي ڪوڙ ٿا ڀانئن ۽ جيڪو "انهيءَ گهڙيءَ" کي ڪوڙ ڀانئيندو، ان لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جيڪا جڏهن کين پري کان ئي ڏسندي ته هو سندس جوش ۽ ڪاوڙ جا سرڙاٽ ٻڌندا |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن اهي هٿين پيرين جڪڙيل منجهس هڪڙيءَ سوڙهيءَ جاءِ ۾ اڇلايا ويندا ته موت کي سڏيندا |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(ان وقت چيو ويندن ته) اڄ هڪڙي موت کي نه گهڻن ئي موتن کي سڏيو |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
پڇين ته اها پڇاڙي چڱي آهي يا اُها دائمي جنت، جنهن جو وعدو الله کان ڊڄندڙ پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي؟ جيڪا سندن عملن جو اجورو ۽ موٽي اچڻ وارو هنڌ هوندي |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
جنهن ۾ سندن هر خواهش پوري ٿيندي. منجهس هو سدائين رهندا، جنهن جو عطا ڪرڻ تنهنجي رب جي ذمي هڪڙو اهڙو وعدو آهي، جنهن کي پاڙڻ مٿس لازم آهي |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ ان ڏينهن (تنهنجو رب) انهن کي به ورائي آڻي گڏ ڪندو ۽ سندن انهن معبودن کي به، جن کي الله کي ڇڏي پوڄين ٿا. پوءِ کانئن پڇندو ته "ڇا توهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو هو يا اهي پاڻ ئي سنئين رستي کان ڦري ويا هئا؟" |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
هو عرض ڪندا: "پاڪ آهي تنهنجي ذات، اسانجي ڪهڙي مجال هئي، جو توکان سواءِ اسان ڪن ٻين کي پنهنجو موليٰ (مالڪ) بنايون، پر تو ته هنن کي توڙي سندن ابن ڏاڏن کي، ڏاڍو زندگيءَ جو سامان ڏنو هو، تانجو اهي سبق وساري ويٺا ۽ برباد ٿي ويا". |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
اهڙيءَ طرح اهي (توهان جا معبود) توهان جي انهن ڳالهين کي جيڪي توهان ڪريو ٿا، ڪوڙو ڪندا. پوءِ ته توهان نڪي پنهنجي عذاب کي بدلائي سگهندؤ ۽ نه ڪٿان ڪا مدد هٿ ڪري سگهندؤ. توهان مان جيڪو به ظلم ڪندو، تنهن کي اسان سخت عذاب جو مزو چکائينداسون |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
اي نبي! توکان اڳ اسان جيڪي به رسول موڪليا هئا، اهي سڀئي به کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا ڦرندا هئا، دراصل اسان توهان ماڻهن کي هڪ ٻئي لاءِ آزمائش جو وسيلو بڻايو آهي، ڇا توهان صبر ڪريو ٿا؟ تنهنجو رب ته سڀ ڪجهه ڏسي ٿو |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
جن ماڻهن کي اسان جي آڏو پيش ٿيڻ جو ڪو ڊپ ئي نه آهي، سي چون ٿا ته "ڇو نه ٿا اسان تي ملائڪ لاٿا وڃن يا کڻي اسان پنهنجي رب کي ڏسون؟ پنهنجي اندر ۾ ڏاڍي آڪڙ ڪئي اٿن ۽ ليڪا ئي لنگهي ويا، پنهنجي سرڪشيءَ ۾ |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
اهي جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا ته ڏوهارين لاءِ اهو ڪو خوشخبريءَ جو ڏينهن نه هوندو. دانهون ڪندا ته آهي ڪا بچڻ جي واه |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ جيڪا سندن ڪئي ڪمائي هوندي، تنهن کي اسان ڌوڙ وانگر اڏائي ڇڏينداسون |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
باقي جيڪي جنت جا حقدار هوندا، سي ئي انهيءَ ڏينهن ڀلي هنڌ ترسندا ۽ مانجهاندي ڪرڻ لاءِ ڏاڍي سهڻي جاءِ لهندا |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
آسمان کي چيريندو اچي هڪڙو ڪڪر ان ڏينهن ظاهر ٿيندو ۽ فرشتن جا ولرن جا ولر لاٿا ويندا |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
ان ڏينهن سچي پچي بادشاهي فقط رحمان جي هوندي ۽ انڪار ڪندڙن لاءِ ڏاڍو سخت ڏينهن هوندو |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
ظالم انسان پنهنجا هٿ چٻاڙيندو ۽ چوندو:"جيڪر مان رسول جو ساٿ ڏنو هجي ها! |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
هاءِ منهنجو نڀاڳ، جيڪر مان فلاڻي کي دوست نه بڻايان ها |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
انهيءَ جي ورغلائڻ ۾ اچي مان اها نصيحت نه مڃي، جيڪا مون وٽ آئي هئي ۽ شيطان انسان کي وقت تي دغا ڏيندڙ آهي". |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ رسول چوندو ته "اي منهنجا رب! منهنجي قوم وارن ته هن قرآن کي ٽوڪبازيءَ جو نشانو بڻائي ڇڏيو هو". |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
اي نبي! اسان ائين ڏوهارين کي هر نبيءَ جو دشمن بڻايو آهي ۽ تو لاءِ تنهنجو رب ئي هدايت ۽ مدد لاءِ ڪافي آهي |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
انڪار ڪندڙ چون ٿا ته "هن شخص تي سڄو سارو قرآن هڪ ئي وقت ڇو نه لاٿو ويو؟" هائو، اهو ان ڪري ڪيو ويو آهي ته جيئن ان کي چڱيءَ طرح تنهنجي ذهن ۾ ويهاريندا وڃون ۽ (ان لاءِ ئي) اسان ان کي هڪ خاص ترتيب سان ڌار ڌار حصن جي شڪل ڏني آهي |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ (ان ۾ هي مصلحت به آهي ته) جڏهن به اهي تو وٽ ڪا نرالي ڳالهه (يا ڪو عجيب سوال) کڻي آيا ته اسان ان وقت ئي ان جو صحيح جواب توکي ڏئي ڇڏيو ۽ نهايت سهڻي نموني ڳالهه کولي ڇڏي |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
جيڪي ماڻهو منهن ڀَر جهنم ڏانهن ڌڪيا ويندا، انهن جي هلت ڏاڍي بڇڙي آهي ۽ هو گمراهه ٿيل آهن |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي ٻانهن ٻيلي مقرر ڪيوسون |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
۽ چيوسون ته انهيءَ قوم ڏانهن وڃو، جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي. نيٺ اسان انهن ماڻهن کي برباد ڪري ڇڏيو |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
نوح جي قوم کي به (برباد ڪيوسون)، جڏهن جو انهن رسولن کي ڪوڙو سڏيو، اسان کين ٻوڙي ڇڏيو ۽ ساري دنيا جي ماڻهن لاءِ عبرت جي هڪ نشاني بڻائي ڇڏيوسون ۽ انهن ظالمن لاءِ اسان هڪ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
اهڙيءَ طرح عاد ۽ ثمود ۽ اصحاب الرس (کوه وارا) ۽ وچوارن دورن جا گهڻا ئي ماڻهو برباد ڪيا ويا |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
انهن مان هرهڪ کي اسان (اڳ تباه ٿيلن جا) مثال ڏئي پئي سمجهايو ۽ نيٺ هرهڪ کي بلڪل تباهه ڪري ڇڏيوسون |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ ان (ڦٽل) ڳوٺ وٽان ته اهي لنگهندا به رهيا آهن، جنهن تي نهايت بڇڙو پٿرن جو مينهن وسايو ويو هو. ڇا انهن ان (ڳوٺ) جي حالت نه ڏٺي هوندي؟ مگر اهي موت کان پوءِ وري اٿارڻ جي اميد ئي نٿا رکن |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
اهي ماڻهو جڏهن توکي ڏسن ٿا ته توتي ٺٺول ڪن ٿا. (چون ٿا) "ڇا هي آهي اهو شخص، جنهن کي الله رسول بڻائي موڪليو آهي؟ |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
ان ته ذري گهٽ اسان کي گمراه ڪري، اسان کي پنهنجن معبودن کان ڦيرائي ڇڏيو هو، جيڪڏهن اسان انهن جي عقيدت تي ڄميل نه هجون ها". چڱو، اهو وقت پري ناهي، جڏهن عذاب ڏسي کين پاڻيهي معلوم ٿي ويندو ته گمراهيءَ ۾ ڪير وڃي پري نڪتو هو |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
تو ڪڏهن ان شخص جي حالت تي غور ڪيو آهي، جنهن پنهنجي نفس جي خواهش کي پنهنجو معبود بڻائي ورتو آهي. ڇا تون ان شخص کي سڌي رستي تي آڻڻ جو ذمو کڻي سگهين ٿو؟ |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا تون سمجهين ٿو ته انهن مان گهڻا ماڻهو ٻڌن ۽ سمجهن ٿا؟ اهي ته ڍورن وانگر آهن، بلڪه اڃان به وڌيڪ گمراهه ٿيل؟ |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا ڏٺو نه اٿئي ته تنهنجو رب ڪيئن ٿو پاڇي کي ڊگهو ڪري؟ هو جيڪڏهن گهري ها ته ان کي هڪ هنڌ بيهاري ڇڏي ها. اسان سج کي ان جو رستو ڏيکاريندڙ بڻايو آهي |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
پوءِ (جيئن جيئن وڃي ٿو سج مٿي چڙهندو) اسان پاڇي کي وڃون ٿا هوريان هوريان پاڻ ڏي سوريندا |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ اهو الله ئي آهي، جنهن رات کي توهان لاءِ ڍَڪُ ۽ ننڊ کي آرام واري ۽ ڏينهن کي وري جيئرو ٿي اٿڻ جو وقت بڻايو |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ اهوئي آهي، جيڪو پنهنجي رحمت کان اڳي هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ بنائي موڪليندو آهي. پوءِ آسمان مان پاڪ پاڻي وسائيندو آهي |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
ته جيئن مئل علائقي کي ان سان جيئرو ڪري ۽ پنهنجي مخلوق مان گهڻن ئي جانورن ۽ انسانن کي پاڻي پيئاري |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
انهيءَ ڪرشمي کي اسان ورائي ورائي سندن سامهون آڻيون ٿا ته جيئن نصيحت پرائين، مگر اڪثر ماڻهو ڪفر ۽ ناشڪريءَ کان نه رهيا |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر ڳوٺ ۾ هڪ هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) اٿاريون ها |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
تنهنڪري اي نبي! ڪافرن جي ڳالهه نه مڃ ۽ هن قرآن وسيلي ساڻن وڏو جهاد ڪر |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ هو ته اهو آهي، جنهن ٻن سمنڊن کي ملائي ڇڏيو آهي، هڪڙو لذيذ ۽ مٺو ۽ ٻيو کارو ۽ ڪوڙو. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي. هڪڙو پردو آهي، جنهن ملي هڪ ٿي وڃڻ کان جهلي وڌو اٿن |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ اهوئي آهي، جنهن پاڻيءَ مان هڪ بشر (انسان) پيدا ڪيو، پوءِ ان کان نسب (رت جا رشتا) ۽ سيڻپي (اباڻي ۽ ساهراڻي مائٽيءَ) جا ٻه سلسلا هلايائين، تنهنجو رب وڏيءَ قدرت وارو آهي |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
ان الله کي ڇڏي ماڻهو انهن کي ٿا پوڄين، جيڪي کين نڪي ڪو نفعو ٿا پهچائي سگهن ۽ نه ڪو نقصان ۽ وري ڪافر ته پنهنجي رب جي مقابلي ۾ هر باغيءَ جو مددگار بڻيل آهي |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
اي نبي! توکي ته اسان فقط خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
چوين ته "مان انهيءَ ڪم لاءِ توهان کان ڪوبه اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجورو ته اهو آهي ته جنهن جي دل گهري سو پنهنجي رب جو رستو وٺي هلي". |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
اي نبي! تون انهيءَ الله تي ڀروسو رک، جيڪو جيئرو آهي ۽ ڪڏهن نه مرندو. ان جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر، پنهنجن بندن جي گناهن کان سندس واقف هجڻ ئي ڪافي آهي |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
اهو، جنهن ڇهن ڏينهن ۾ آسمانن ۽ زمين ۽ انهن سمورين شين کي ٺاهي رکيو، جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهن، پوءِ پاڻ ئي عرش تي قائم ٿيو. اهو رحمان آهي، سندس شان ته ڪنهن ڄاڻڻ واري کان پڇ |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
انهن کي جڏهن چيو وڃي ٿو ته انهيءَ رحمان کي سجدو ڪريو ته چون ٿا ته رحمان ڇا ٿيندو آهي؟ بس جنهن لاءِ تون چوين، تنهن کي سجدا ڪندا وتون؟ اهو سڏ اٽلندو سندن نفرت ۾ واڌارو ٿو آڻي ڇڏي |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
ڏاڍو برڪت وارو آهي اهو، جنهن آسمان ۾ برج بڻايا ۽ ان ۾ هڪڙو ڏيئو (سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ روشن ڪيائين |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
اهوئي آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي پٺيان هلندڙ بڻايو، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو نصيحت پرائڻ چاهي يا شڪرگذار بنجڻ چاهي |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
رحمان جا (سچا پچا) بندا ته اهي آهن، جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلندا آهن ۽ جاهل ساڻن ڳالهائيندا آهن ته چوندا اٿن: سلام هجيوَ |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
جيڪي پنهنجيون راتيون پنهنجي رب آڏو سجدن ۾ ۽ قيام ڪندي گذاريندا آهن |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
جيڪي دعائون گهرندا آهن ته "اي اسان جا رب! جهنم جو عذاب اسان کان ٽاري ڇڏجانءِ ، ان جو عذاب ساهه ٻوساٽيندڙ آهي |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
۽ اها رهڻ جي ڏاڍي بڇڙي جاءِ ۽ ترسڻ جو نهايت برو هنڌ آهي". |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
جيڪي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته نڪي هٿ ڦاڙ ٿيندا آهن ۽ نه وري ڪنجوسي ڪندا آهن، بلڪه ٻنهي جي وچ تي وچٿرا ٿي هلندا آهن |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
جيڪي الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي به معبود ڪري نه پڪاريندا آهن. ڪنهن به ساهواري کي جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي، ناحق نه ماريندا آهن ۽ نڪي زنا ڪندا آهن، جيڪو به اهي ڪم ڪندو ته پنهنجي گناهه جو ڪيتو لوڙيندو |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
قيامت جي ڏينهن ان کي ٻيڻو عذاب ملندو، جنهن ۾ هو سدائين ذليل ٿيو پيو هوندو |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
باقي جيڪو (گناهن کان پوءِ ) توبه ڪري چڪو هوندو ۽ ايمان آڻي عمل صالح ڪرڻ لڳو هوندو، اهڙن ماڻهن جي براين کي الله ڀلائين سان بدلائي ڇڏيندو ۽ هو ڏاڍو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
جيڪو ماڻهو توبه تائب ٿي نيڪ عمل ڪرڻ لڳي ٿو، اهوئي حقيقت ۾ الله ڏانهن ائين موٽي ٿو، جيئن موٽڻ جو حق آهي |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
(۽ رحمان جا بندا اهي آهن) جيڪي ڪوڙ جا شاهد نٿا بڻجن ۽ جيڪڏهن ڪنهن واهيات ڳالهه وٽان لنگهن ٿا ته شريف ماڻهن وانگر لنگهي هليا وڃن ٿا |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
جن کي جيڪڏهن سندن رب جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته هو ان تي انڌا ۽ ٻوڙا بنجي نٿا پئجي رهن |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
جيڪي دعائون گهرندا ٿا رهن ته "اي اسان جا رب! اسان کي پنهنجي گهروارين ۽ پنهنجي اولاد مان اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو اڳواڻ بناءِ ". |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
اِهي آهن اُهي ماڻهو، جيڪي پنهنجي صبر جو ڦل ماڙين جي شڪل ۾ لهندا، سندن آجيان دعا ۽ سلام سان ٿيندي |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
هو ان ۾ هميشه لاءِ رهندا. ڪهڙو نه ڀلو آهي، اهو رهڻ جو هنڌ ۽ ڪهڙي نه چڱي آهي ترسڻ جي جاءِ |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
اي نبي! ماڻهن کي چؤ ته "منهنجي رب کي توهان جي ڪهڙي ڪاڻ آهي، جيڪڏهن توهان کيس نه سڏيو، هاڻي جو ڀلا ڪوڙو سڏيو اٿوَ ته پوءِ اجهو ٿي اها سزا لاڳو ٿئيوَ، جنهن مان جند ئي نه ڇٽندي". |