تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
(خدا) وڏو بابرڪت آهي جنهن پنهنجي عبد (محمد) تي قرآن نازل ڪيو. هن لاءِ ته ساري جهان وارن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي. |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
جنهن (خدا) جي آسمانن ۽ زمين تي حڪومت آهي. ۽ هن (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ٺهرايو اٿس ۽ نه ڪي حڪومت ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ هر شيءَ کي ان پيدا ڪيو آهي پوءِ تنهن کي اندازي سان درست ڪيو اٿس. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
۽ ماڻهن ان کان سواءِ اهڙا معبود بنايا آهن جي ڪجھ به نٿا پيدا ڪري سگهن پر اهي پاڻ ٻئي جا پيدا ڪيل آهن ۽ نه اهي پاڻ کي ڪنهن نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکن ٿا ۽ نه مرڻ ۽ جيئري رهڻ ۽ نه ٻيهر جيئري ٿي اٿڻ جو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ جيڪي ڪافر ٿيا چوڻ لڳا ته هي (قرآن) رڳو ڪوڙ آهي جو هن (رسول) پاڻ ٺاهيو اٿس ۽ ان لاءِ ٻين ماڻهن به مدد ڏني اٿس، ته بيشڪ خود انهن ماڻهن ئي ظلم ۽ فريب ڪيو آهي. |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
پڻ (هي به) چيائون ته (اهي) اڳين جون آکاڻيون آهن جيڪي لکائي رکيون اٿس پوءِ اهي ان وٽ صبح ۽ شام جو پڙهيون وڃن ٿيون. |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
(اي رسول) کين چئو ته جو آسمانن ۽ زمين ۾ (لڪل) ڳجھ کي ڄاڻي ٿو تنهن ان کي نازل ڪيو آهي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
پڻ انهن ماڻهن (هي به) چيو ته هي ڪهڙو رسول آهي، جو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارين ۾ گهمي ڦري ٿو! ان وٽ ڪو فرشتو ڇو نه نازل ٿيو ته اهو به ان سان گڏ (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ ٿئي ها. |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا (گهٽ ۾ گهٽ) ان ڏي خزانو ئي (آسمان مان) اڇلايو وڃي ها، يا (ٻيو نه ته) ان وٽ ڪو باغ هجي ها جنهن مان کائي پئي ها. ۽ اهي ظالم (ڪافر، مومنن کي) چون ٿا ته اوهين رڳو اهڙن شخصن جي پيروي ڪريو ٿا جنهن تي جادو ڪيو ويو آهي. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
(اي پيغمبر!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا ڪهڙا مثال ٺاهين ٿا ۽ گمراھ ٿي ويا، ته هاڻي اهي ماڻهو ڪنهين صورت ۾ سڌي رستي تي نه ايندا. |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
خدا ته اهڙو بابرڪت آهي جو جيڪڏهن گهري ته (هڪ باغ ڇا آهي؟) ان کان سٺا ڪيئي اهڙا باغ پيدا ڪري جن جي هيٺان واھ وهندا هجن ۽ تنهنجي لاءِ محلات بنائي. |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
پر (سچ هي آهي ته) انهن قيامت کي ئي ڪوڙ سمجهيو آهي ۽ جنهن شخص قيامت کي ڪوڙ ڄاتو تنهن لاءِ اسان جهنم کي (ٻاري) تيار ڪري رکيو آهي. |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
ته جڏهن انهن ماڻهن کي جهنم پري کان ڏسندو ته (جوش ۾ ايندو) اهي سندس ڪاوڙ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا. |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن کين دوزخ جي تنگ جاءِ ۾ زنجيرن سان جڪڙي اڇلايو ويندو ته اتي موت کي سڏيندا. |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(تڏهن کين چيو ويندو ته) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو (پر ورندن ڪجھ به نه). |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
(اي رسول! کين) چئو ته ڇا اهو (دوزخ) چڱو آهي يا هميشه رهڻ جو باغ بهشت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي جو اهو سندن (نيڪ ڪمن) جو بدلو آهي ۽ آخري رهڻ جي جاءِ. |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
(اتي) رهندي جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ اتي هميشه موجود آهي. (اتي هڪ حال ۾ رهندا) اهو هڪ (لازمي ۽) گهريل وعدو تنهنجي پالڻهار جي ذمي آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ جنهن ڏينهن انهن ماڻهن کي ۽ جن جي اهي خدا کان سواءِ عبادت ڪن ٿا (تن کي) گڏ ڪندو ۽ پڇندو ته ڇا اوهان منهنجن هنن بندن کي گمراھ ڪيو هو يا اهي پاڻ سڌي رستي کان گمراھ ٿيا هئا؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
(انهن جا معبود) عرض ڪندا، سبحان الله (اسين ته خود تنهنجا بندا آهيون) اسان کي مناسب نه هو ته اسين تو کان سواءِ ٻيا ڪي سرپرست بنايون، پر ڳالھ هي آهي ته تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي (آسودو ڪيو تان جو انهن تنهنجي) ياد گيري وساري ڇڏي ۽ اهي پنهنجو پاڻ بربراد ٿيڻ وارا هئا. |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
تڏهن (ڪافرن کي چيو ويندو ته) اوهين جيڪي چئو ٿا تنهن ۾ اهي معبود اوهان کي ڪوڙو ڪري چڪا، ته هاڻي اوهين نه (پاڻ تان عذاب کي) ٽاري سگهو ٿا نه ڪنهين کان مدد وٺي سگهو ٿا ۽ (ياد رکو!) اوهان مان جو ظلم ڪندو اسين تنهن کي تمام (وڏي) عذاب (جو مزو) چکائينداسون. |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
۽ (اي رسول) تو کان اڳ جيترا به رسول موڪلياسون سي (تو وانگر) کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ گهمندا هئا، ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش (جو ذريعو) بنايو آهي. (مسلمانو) ته ڇا اوهين هاڻي به صبر ڪيو ٿا (يا نه!) ۽ اوهان جو پروردگار (سڀ ڪنهن جي) سار سنڀال ڪري رهيو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ جيڪي ماڻهو (قيامت ۾) اسان جي حضوريءَ جي اميد نه ٿا رکن، چون ٿا ته آخر فرشتا اسان تي ڇو نه لاٿا ويا، يا اسين پنهنجي پالڻهار کي (ڇو ڪين ٿا) ڏسون، انهن پنهنجي دل ۾ پاڻ کي (گهڻو) وڏو سمجهيو آهي ۽ وڏي سرڪشي ڪئي آهي. |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنهن ڏينهن اهي فرشتن کي ڏسندا تنهن ڏينهن گنهگارن کي ڪجھ (به) خوشيءَ نه ٿيندي ۽ (فرشتن کي ڏسي) چوندا ته پري ٿيو. |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
انهن ماڻهن (دنيا ۾) جيڪي (نيڪ) ڪم ڪيا آهن اسين انهن ڏي توجه ڪنداسون ته اسين تنهن کي پکڙيل دز جهڙو (برباد ڪري) ڇڏينداسون. |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
ان ڏينهن جنت وارن جي رهڻ جي جاءِ گهڻي چڱي ۽ آرام گاھ به چڱي کان چڱي. |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪر جي ڪري ڦاٽندو ۽ ڪئي فرشتا ٽولن جا ٽولا نازل ڪيا ويندا. |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
تنهن ڏينهن جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي هوندي، ۽ اهو ڏينهن ڪافرن تي وڏو سخت هوندو. |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
۽ جنهن ڏينهن ظالم (افسوس ڪندي) پنهنجن هٿن کي چڪ پائيندو (۽) چوندو ته افسوس! آءُ رسول وارو (دين جو سڌو) رستو وٺان ها. |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
هاءِ افسوس! جيڪر آءُ فلاڻي کي (پنهنجو) دوست نه بنايان ها. |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
بيشڪ مون وٽ نصيحت آئي تنهن کان پوءِ ان مون کي گمراھ ڪيو. ۽ شيطان ماڻهوءَ کي خوار ڪندڙ ئي آهي. |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ (ان وقت) رسول (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪندو ته اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم ته هن قرآن کي بيڪار بنائي ڇڏيو. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
۽ اسان (ڄڻ ته پاڻ) گنهگارن مان هر نبيءَ جا دشمن بڻائي ڇڏيا آهن. ۽ تنهنجو پالڻهار هدايت ۽ مددگاري ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
ڪافر چوڻ لڳا ته (آخر) ان تي سمورو قرآن هڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو. (اي رسول) اهڙيءَ طرح (ٿورو ٿورو لاٿوسون ته) ان سان تنهنجيءَ دل کي تسڪين ڏيندا رهون. ۽ اسان ان کي جهلي جهلي نازل ڪيو. |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ اهي (ڪافر) چاهي ڪهڙو ئي (ڏکيو) مثال ٻڌائين پر اسين تو ڏي (ان جو) بلڪل ٺيڪ ۽ تمام سٺو (جواب) بيان ڪري ڇڏينداسون. |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
انهن کي (قيامت جي ڏينهن) منهن ڀر دوزخ ڏي آندو ويندو تن جي جاءِ تمام بڇڙي هوندي ۽ سڀني کان وڌيڪ سڌي رستي کان ٿڙيل. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيو ۽ ان سان گڏ سندس ڀاءُ هارون کي (سندس) وزير ڪيوسون. |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
پوءِ چيوسون ته اوهين ٻئي انهن ماڻهن ڏي وڃو جي اسان جي (قدرت جي) نشانين کي ڪوڙو ڪن ٿا. (وڃي کين سمجهايو. نه مڃڻ ڪري) پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح برباد ڪيو. |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ نوح جي قوم کي جڏهن انهن (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو سڏيو ته اسان کين ٻوڙي ڇڏيو ۽ اسان انهن کي، ماڻهن (جي سبق) لاءِ نشاني بنايو. ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ (اهڙي طرح) عاد ۽ ثمود ۽ نهر وارن ۽ سندن وچ وارين ڪيترين ئي جماعتن کي (اسان هلاڪ ڪري ڇڏيو). |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ هر هڪ لاءِ مثال بيان ڪياسون ۽ (چڱي طرح کين سمجهايو پر نه مڃائون) ته اسان به چڱيءَ طرح ستيا ناس ڪري ڇڏي. |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ اهي (مڪي وارا) ان ڳوٺ وٺان لنگهيا آهن جن تي پٿرن جو بڇڙو مينهن وسايو ويو هو. ته ڇا انهن ان (ڳوٺ) کي نه ڏٺو هوندو؟ (پر ڳالھ هي آهي ته) اهي ماڻهو مرڻ کان پوءِ جيئري ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکن. (ته پوءِ ايمان ڪئين آڻيندا). |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ (اي رسول) جڏهن اهي تو کي ڏسن ٿا ته تو تي مسخريون ڪن ٿا ته ڇا هيءُ اهو آهي جنهن کي خدا رسول ڪري موڪليو آهي. |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
(معاذ الله) جيڪڏهن اسين بتن جي پوڄا تي محڪم نه رهون ها ته هي شخص ته اسان کي گمراھ ڪرڻ تي هو! ۽ تمام جلد (قيامت ۾) جڏهن اهي ماڻهو عذاب کي ڏسندا ته کين معلوم ٿيندو ته سڌي راھ کان ڪير گهڻو پري هو. |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
ڇا تو ان کي ڏٺو آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو خدا ٺهرايو؟ ڇا پوءِ تون ان جو ذميدار ٿيندين! (ته اهو گمراھ نه ٿي) |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
يا تون خيال ڪرين ٿو ته انهن (ڪافرن) مان گهڻا (ڳالھ) ٻڌن يا سمجهن ٿا (نه ته!) اهي رڳو ڍورن وانگر آهن بلڪ انهن کان به وڌيڪ (سڌي) راھ کان ٿڙيل. |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
(اي رسول) ڇا تون پنهنجي پالڻهار جي (قدرت) ڏي نظر نه ڪئي ته ڪئين پاڇو ڊگهو ڪيو اٿس ۽ جيڪڏهن گهري ها ته ان کي هڪڙيءَ حالت ۾ رکي ڇڏي ها، وري سج کي (ان جي سڃاڻپ) جو رهنما ڪيوسون. |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
وري ان کي آهستي آهستي پاڻ ڏي ڇڪي ورتوسون. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍڪ ۽ ننڊ کي راحت ڪيو آهي، ۽ ڏينهن کي (ڪم ڪار لاءِ) اٿڻ جو وقت ڪيو آهي. |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجيءَ رحمت (ميهن) کان اڳ هوائن کي (مينهن جي) خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو ۽ آسمان مان تمام پاڪ ۽ ڇڻيل پاڻي وسايو. |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
هن لاءِ ته ان سان مئل (ويران) شهر جيئرا (آباد) ڪريون پنهنجيءَ مخلوقات مان چوپاين ۽ گهڻن ماڻهن کي پياريون. |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ اسان ان پاڻي کي سندن وچ ۾ (جدا جدا نموني سان) ورهايو هن لاءِ ته اهي نصيحت حاصل ڪن، پوءِ به گهڻا ماڻهو ناشڪري ڪرڻ کان نه رهيا. |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ (خدا جي عذاب کان) هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليون ها. |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
ته (اي رسول) تون ڪافرن جو چيو نه مڃج! ۽ انهن سان قرآني (دليلن سان) چڱيءَ طرح وڙھ! |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ هو، اهو (خدا) جنهن ٻن دريائن کي (پاڻ ۾) ملايو. ۽ (اگرچه) هي خالص مزيدار مٺو آهي ۽ هيءُ کارو ڪوڙو آهي (تڏهن به ملايوسون) ۽ اسان انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ آڙ ۽ مضبوط بند بنايو آهي (ته گڙ بڙ نه ٿئي). |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ هو اهو آهي جنهن پاڻي (منيءَ) مان ماڻهو پيدا ڪيو، پوءِ ان کي خاندان ۽ ساهراڻيءَ مائٽي وارو ڪيائين ۽ (رسول) تنهنجو پروردگار هر ڳالھ تي قادر آهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ ماڻهو (مڪي جا ڪافر) خدا کي ڇڏي اهڙي اهڙي شيءَ کي پوڄين ٿا جا نه کين فائدو پهچائي ٿي ۽ نه کين نقصان پهچائي ٿي ۽ ڪافر (ابو جهل) پنهنجي پالڻهار جي برخلاف هر وقت ڪمر ٻڌي بيٺو آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ (اي رسول) تو کي ته رڳو (نيڪ ماڻهن کي جنت جي) خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ (برن کي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو بڻائي موڪليو آهي. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
تون کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جي ڪا به اجرت نٿو گهران هن کان سواءِ ته جيڪو چاهي سو پنهنجي پالڻهار تائين پهچڻ واري راھ (مستقيم) اختيار ڪري. |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ (اي رسول) تون ان (خدا) تي ڀروسو رک جيڪو اهڙو جيئرو آهي جو ڪڏهين نه مرندو ۽ سندس حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙھ. ۽ اهو پنهنجن بندن جي گناهن جي واقف ڪاريءَ ۾ ڪافي آهي، (اهو پاڻ سمجهندو). |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آمادھ ٿيو ۽ اهو وڏو مهربان آهي ته تون ان جو حال ڪنهن داناءَ کان ئي پڇ. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان (خدا) کي سجدو ڪريو ته چون ٿا ته رحمان ڇا آهي؟ جنهن کي تون حڪم ڪرين ٿو تنهن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (ان چوڻ سان) انهن جي نفرت اڃا به وڌي وئي. |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
وڏيءَ برڪت وارو اهو (خدا) آهي جنهن آسمان ۾ برج بنايا ۽ ان ۾ چراغ (سج) ۽ روشن چنڊ بنايائين. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
۽ هو اهو (خدا) جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ تي ايندڙ بنايو ان (ماڻهوءَ جي سمجهڻ) لاءِ جيڪو نصيحت حاصل ڪرڻ گهري ٿو يا شڪر ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو. |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل انهن سان (جهالت جي) ڳالھ ڪن ٿا ته چون ٿا سلام (اوهين سلامت رهو). |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ اهي شخص جيڪي پنهنجي پروردگار جي لاءِ سجدي ۾ ۽ بيهندي رات گذارين ٿا. |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ جيڪي دعا گهرن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! ڇو ته ان جو عذاب تمام (سخت۽) مضبوط آهي. |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ اها ٽڪڻ جي بري جاءِ ۽ رهڻ جي بڇڙي جاءِ آهي. |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ جيڪي جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه اجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندن خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهي جي وچ ۾ درميانو آهي. |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ جيڪي خدا سان گڏ ٻئي ڪنهن به معبود جي عبادت نه ٿا ڪن ۽ نه اهڙي جان جو خون ڪن ٿا جنهن جو مارڻ خدا حرام ڪيو آهي، مگر حق سان ۽ نه زنا ڪن ٿا. ۽ جيڪو اهي (ڪم) ڪندو سو پاڻ پنهنجي گناھ جي سزا ڀوڳيندو. |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
ان لاءِ قيامت جي ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ خوار ٿي ان ۾ پيو رهندو. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا ته (پوءِ) انهن جي بڇڙاين کي خدا نيڪين سان بدلائيندو. ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جنهن شخص توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا ته بيشڪ اهو خدا ڏي (سچي دل سان) رجوع ٿيو. |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
پڻ اهي ماڻهو جيڪي فريب وٽ نٿا بيهن ۽ جڏهن اجاين ڪمن وٽان لنگهن ٿا ته چڱن ماڻهن وانگر لنگهي وڃن ٿا. |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ اهي جن کي جڏهن سندن پالڻهار جون آيتون ياد ڏيارجن ٿيون ته ٻوڙا انڌا ٿي نٿا ڪرن (پر دل سان ٻڌن ٿا). |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ اهي شخص جيڪي (اسان کي) عرض ڪندا رهن ٿا ته اي اسان جا رب! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا ڪر. |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
هي اهي ماڻهو آهن جن کي ان جي جزا ۾ (بهشت جا) بالا خانا عطا ڪيا ويندا ۽ اتي انهن جي تعظيم ۽ سلام سان آجيان ڪئي ويندي. |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
اهي ماڻهو ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها رهڻ ۽ آرام ڪرڻ جي ڪهڙي (نه) سٺي جاءِ آهي. |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
(اي رسول! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين دعا نٿا گهرو ته منهنجي پالڻهار کي به اوهان جي ڪا پرواھ نه آهي ڇو ته اوهان (سندس رسول کي) ڪوڙو ڪيو آهي پوءِ اڳتي هلي اوهان تي (عذاب) لازم ٿيندو. |