تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
اُونهِئَ بَرڪت، اُهو ڌَڻِي، جنهن نازل ڪيو قرآن، سَندسِ سَچي ٻانهي مَٿي، ته ڪارڻ ڪُل جھان، خاص هُجي سو خان، آگاھ ڪندڙ آڳه کان. |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
اُهو آهي، جِنهنجو اُڀ، ڀُون تي، اِختيار، ۽ پُٽ نه بَنايو پانهنجو، ڪِنهن هِڪڙِي کي ڪلتار، ۽ مُور نه تِنهن سان مُلڪ ۾، ڪو ڀاڱِين ڀائـِيوار، ۽ جوڙِئين هَر جِنسار، پوءِ ٺاهِينسِ پُوري ٺاھ سان. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
۽ ڌڻِي ڌاران ڌاريؤن، سائـِين سَوَ هزار، جي جوڙِين نَه جھان مان ڪا جِنس ۽ جنسار، ۽ جائـِي جوڙيا پاڻ وَڃن، جوڙٖين جوڙڻهار، ۽ نه سَندنِ وُجودن واسطي، هَٿ سَندنِ کَٽ، هار، ۽ مالِڪ ناهِن مُورهِين، سَندا موت، ڄمار، ۽ آخِر نه اِختيار، اُٿارڻ جو اُنهن کي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ اُهي، جن اِنڪار ڪيو، تن چيو اِهڙِي چال، ته ڪونهي هِي قرآن، مگر مَنْ گَھڙت مَقال، پاڻ پَنهنجي طرف کان، جوڙِئـِين جُڙتو ڳالھ، ۽ آڀارِيُس اُن مَٿي، ٻِئَ ڪِنهن قوم ڪُلال، پوءِ بَڪيائون بَحال، ڪارو ڪُوڙ ڪَلُور ڪو. |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
۽ آکيؤن، ته هِي آکاڻيون، مَهندِيَن جون مُقرّر، ڪِنهن ڪاتِب هَٿ، اُن قوم کان اُتارئـِين اکر، پوءِ پاڙهيو وَڃيس ڪِنهن پَر، سو سبق صُبح ۽ شام جو. |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
چئو، اُن کي تِنهن اُتاريو، جو ڄاڻي ڄاڻڻهار، اُڀ، ڀُون، عَرش فرش ۾، آهِن جي اِسرار، سو بيشڪ بخشڻهار، مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
۽ چيائون ته ڀَلا ڪهڙا، هن پيغمبر جا پار؟ کائي کاڌا خُوب طرح ۽ گُھمي مَنجھ بازار، مَلڪ کِيانتو خاص ڪو، هُجيسِ گڏ هيڪار، |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا خَزاني کاڻ ڪا، اُڇَلجي اُنهِئَ پار، يا ميوا کائي، جنهن مَنجھان، سوباغ هُجي تِنهن هار، ۽ اَنڌاريلن آکيو، ته وَٺو نَه پُٺ وِينجھار!، ديواني کان ڌار، جِنهن سان چِٽو ٿيل چِٽ ڪو. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
ڏِس ته ڏِنائون ڪِهڙو؟ تولئي مير! مِثال، ڀُليا پوءِ بَحال، وَرِي نه سَگھن واٽ تي. |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
اُونهي بَرڪت اُهو ڌَڻِي، جي پاڻ گُھري پَرور، ته توکي اُن تمام کان، بَخشي اَڃا بِهتر، باغ هزارين، هيٺان جَن جي، جارِي هُجن جَر، ۽ مَحلاتون مُقرّر، تولئي ڪري ڪَرم سان. |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
اُٽلو اُنهن ڪوٺيو، ڪُوڙ ڏِينهن قِيام، ۽ جَن قيامت ڪُوڙ چئـِي، تَنِين لئي تمام، آڳ سَنباهِيسون اَڳهِين، |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جنهن ۾ داخل ڌُودوام، جڏهن ڏِٺائـِينِ ڏُور هَنڌان، ته ٻڌئونسِ جوش جام، هيبت هُل هَنگام، ڪَڙڪا ڪڙهڻ باھ جا. |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جَڏهن سَٽياوِيا اُن مَنجھان، ڪِنهن صفا سوڙهي هنڌ، هَٿ، پير، ڪَنڌ، ڪياڙيون، پِڃري مَنجھ پَيوند، گھوڙاڙي، گھوڙا ڪيؤن، اُتي دانهون درد مَند، |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
گھورا، گھوڙا هِڪ نه ڪريو، اَڄ ڀَلين اَندر بَند، نِڙيون ڦاڙي نَند، گھوڙائون گھڻيون ڪريو. |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
چئو، ڀلِي آهي باھِ، يا باغ بقادار؟ ڀَلن بَندن ڏِنا وِيا، جن جا قول قرار، آهِن اَجر اُنهن لئي، ۽ سي واپس وِئ ولهار، |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
جيڪِي طلبِينِ تِنهن ۾ تن لئي، سدا تيار، تُنهنجي صاحب سِر، ستار، واجب اُهو واعِدو! |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ ميڙينداسونِ جنهن مَهل ۾، پڻ جَن پوڄينِ ڌڻي ڌار، چي، متان اَوهان منجھايو، مُنهنجي بَندنَ کي، بدڪار، ڪِ پاڻهِي ڇَڏي پار، وَڃِي اوجھڙ ۾ اُجھيا؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
چي پاڪائي تو پاڪ کي، اِي نَه اسان جو شان، ته سوا تو سُبحان!، وَڃِي ٻِيلِي ٻِيا بنايون. ۽ پرسلؤن سُکيا تو رَکيا، پڻ اَبا سَندنِ آباد، تان وِسرڻ کي وِساريؤن، ياربَّ! تُنهنجِي ياد، ۽ قوم بِنَہ بَرباد، ڪو راڄ تُهارن کاڄ هو. |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
پوءِ آنکي ڪُوڙ ڪوٺيون، جيڪِي ڳِھلا! ڪريو ڳالھ، پوءِ نه سَگھڻ لاهِڻ سُور ڪو، نه ڪا جَھل جَنجال، ۽ جَن اَسارن اَوهان مان، جاڙُون ڪيون جال، وَڏو ڪو وَبال، چوکو چکائـِينداسون اُنهن کي. |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
۽ موڪلياسون مَهند تُهان، مُرسل مڻيادار، کاڌو کيندا سَڀ هُئا، ۽ وِيندا مَنجھ بازار، ۽ ازمائـِش ڪيوسون اَوهان مان، ڪن کي ڪن جي هارِ، ڪِ سَهو ٿا سچار؟ ۽ ڏِسندڙ تُنهنجو ڏيہ ڌڻي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ اُتو، جَن نه آسرو، مِلڻ اسان جي جو مُور، ڇو نه اسان تي اتُريا، ملائـِڪن مان مُور، يا پَسون اَسِين پنهنجو، پرور پاڪ حُضور، ڪيڏو پاڻهين پاڻ لئي، گُھريائون غُرُور، ۽ وَڃِي پِيا وَهلُور، وڏي ڪِنهن وَڏاڻ ۾. |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جِنهن ڏِينهن ۾ ڏِسندا، مَلائـِڪ مُنِير، خاصِي ناهي کِير، اُنِهئَ ڏِينهن، ڪاڻ ڏُهاريين. |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ شَل پَريائـِين پري هُجو!، ٻوليندا ٻِيهار، ۽ آياسون اُنهن ڏي، جي ڪيون چڱايون چار، پوءِ ڪيوسونِ بَرقرار، پَڻِي پکڙيل اُنهن کي. |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
آهن اَهل بهشت جا، سُکِي سُهڻي هَنڌ، پڻ چڱو ماڳ مَنجھند، تن نيڪن کي نَصِيب ٿيو. |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ جنهن ڏِينهن اُڀ جُھڙ سان ڦاٽو ڦارون ڦار، ۽ اُتريا مَلَڪَ اَلله جا، اُترن بارو بار، |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
ثابِت آهي صاحبِي، اُن ڏينهن، لئي ڏاتار، ۽ اَهکو ڏِينهن اَپار، آهي اِنڪارين تي. |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
ڏاڍو چَٻِيندو جِنهن ڏينهن ۾، سَندسِ هَٿ هيڪار، چي، هُوند! راھ رسول جِي، وَرتِم ويرو تار، |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار، مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
جنهن پُڃاڻا پُهتيمِ، سي نَصيحتون نِبار، ۽ خوا مخواه خوار، اِبليس ڪندڙ اِنسان کي. |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ پيغمبر پُڪاريو ته سانيمِ!، رَبَّ، سُبحان! ته مُنهنجِي قوم ترڪ ڪيو، قادِر هِي قُرآن، |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
۽ مُقرّر ڪياسون مَهندئـِين، اِنپر اِمتحان، هر پيغمبر لئي پاپين مان، دشمن ڪي دِگران، ۽ تُنهنجو آهي تولئي، رَهبر بَس رَحمان، ۽ حامِي هَر زمان، ويريُنِ مٿي واهرُو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ ڪَهيو ڪُفارن، ڪوھ نه لَٿو، ڪَٺٖي ڪُل قُرآن؟ اِنپر اُتسِ، دِل تُنهنجِي، خُوب بِهارِيون خان!، ۽ ڪيو سونسِ سَبق سَبق ڪري، نازِل نُورنيشان، |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ مُرسل مِثال توکي، ڪو پيش نه ڪن ڪُفران، مگر مِثال اُن کان، بِهتر ڪريون بَيان، بَرحق بي گمان، پڻ سَمجھاڻِئَ لئي سُهڻو. |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
ڪَبو ڪٺي جن کي، مُنهن ڀر مڱر پار، گنگھر تن گھر ٻار، ۽ ويتر وِرسيل واٽ کان. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ ڪرم سان ڪتاب اڳي، ڏِنوسون موسٰى مِير، ڀيڙسِ ڀاڻسِ هارُون کي، ڪيوي سون وَرِي وَزِير، |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
پوءِ ڪَهيو سون، اُن قوم ڏي، وِهلور وَڃو ٻَئـِي وِير!، جَن ڪُوڙيون ڪوٺيون، اسان جو آيتون اَڪسِير، پوءِ اُنهن کي، اَخِير، ماري ڇَڏيوسون مُورهِين. |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ ڪُوڙا قوم نُوح جي، جڏهن ڪوٺيا مُرسل مِير، تڏهِين ٻوڙيوسون تن کي، مَنجھ واڪِيندڙ وِير، ۽ نِيشانِي نِروارڪا، خاطِر هَر خَبِير، ۽ سزَا سخت سَعِير، جوڙيسون جاڙويَنِ لئي. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ سار ثَمُود، عاد، پڻ کاڻان ويٺل کوھ جا، ۽ ڪَئـِين جُڳه ڪيترا، اُنهن وِچ آباد، |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ ڪُل کي قِصا ڪيترا، ڏِيارياسُون ياد، ۽ ڪُل ڪياسون بَرباد، ۽ برباد بُرِي طرح سان. |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ گُذريا، مَٿان گام، جنهن تي، اُٺو مِينهن اُ گرو، پوءِ ڇانه ڏِٺائون اُن کي؟ اِيندي، وِيندي شام، بَلڪ نه رکن بَدنام، اُٿارڻ جو آسرو. |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ جڏهن ڏِٺائون توکي، نه ورتئون تِنهن وار، مگر توکي مَسخرِي، ڇاهِي، سو دَعوٰي دار، جنهن کي رَبَّ رسول ڪيو، ويجھو ٿيو وِينجھار، |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
ته ٿيڙِينَون ٿاننِ کان، جي ڏيوَ سَندئو، ڏاتار، اسان، جي نه صبر ڪيو، اُن تي اِختيار، پوءِ سِگھوئـِي سَمجھندا، جڏهن اَ کِييَن ڏِسَنِ آزار، ته ڪِهڙو ڪار، وَڌِيڪ وِرسيل واٽ کان؟ |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
ڇاتو نه وِيچاريو؟ ته جنهن سَندسِ سَکِڻئَ سَڌ کي، ڌڻِي سَندِس ڌاريو، پوءِ تون ڇا واهِي، تنهن مٿي؟ |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا، رَکِين تون تَن مان، گھڻن ڏي گمان؟ ته ٻُڌنِ ڪَنِين ٻوليون، سَمجھنِ باب بَيان، اُهي هَمہ ڪَر حيوان، بلڪ ڀُليل واٽ کان. |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا نَه ڪَئـِي نِهار؟ ته ڪِهن پَر پَرور تُنهن جي، پاڇي کي پَکيڙيو، اولہ، اوڀر پار، ۽ جي گُھرئـِين ته ڪيائينسِ ڪر، بِيٺل برقرار، سُونهو ڪيو سونسِ سِج کي، تِهانپوءِ تڪرار، |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
درجي، درجي وار، وَرِي واريوسون پاڻ ڏي. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ جنهن رات اوهان جو، پوش ڪيو، ۽ ڪيائين نِنڊ قرار، پڻ ڏِينهن ڪيو ڏاتار، پَکڙڻ خاطِر پَٽ ۾. |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
جِنهن مِهر سَندسِ کان، مَهند ۾، مُڪا، مُبارڪيون واء، پڻ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، پاڻِي پاڪ صَفا، |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
اُن سان اَوسر ڳوٺ ڪَئـِين، جِياريا سون جابجا، ۽ اُهو پِياريون اُن کي، جي جوڙيا سون، تَن مَنجھان، ماڻهو گھڻا مُلڪن جا، پن جانور جَجھا، |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ اُهو ڦيريوسُون اُنهن وِچ، ته ڳائـِن ڳالھ ڪا، ماڻهو ڪُفر سوا، اَڪثر وِيا اِنڪار ۾. |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
جي گُھريو سون ته هر گام ۾، اُماڻيوسون اڳواڻ، |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
پوءِ ڪامِل! ڪافِرن جِي، اَصل نه مَڃ، تون آڻ، ۽ اُنهن سان، اِنهئ ساڻ، وِڙھ ڪا ويڙھ وَڏاندرِي. |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ اُهو جنهن اُماڻيا، ٻَه درياءَ، درياءَ ساڻ، هِي آب مِٺو اَڪسِير، ۽ ٻيو ڪارو، کاروڇاڻ، ۽ پَردو رکيائـِين پاڻ، ڪو سَنڌو، سدائـِين ٻِن وِچان. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ اُهو جِنهن اِنسان، پاڻي مان پيدا ڪيو، پوءِ ڪيائينسِ، پُريون ۽ پَرڻا، جارِي منجھ جھان، ۽ تُنهنجو رَبُّ، رحمان، آھِ قادِر هرڪنهن ڪم مٿي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ هوڏانهن هِي پُوڄِين پيا، ڌاريان ڌڻئَ ڌار، جن وٽان، نه وَٽ مِلينِ ڪا، نه لائـِن لڳت لغار، ۽ مُشرِڪ مَددگار، پاڻان سَندسِ پُوڄ جو. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ نه موڪليو سون مگر، توکي کيانتل ۽ خابرو، |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
چئو، آئون نه اوهان کان ٿو گُھران، اُجورو اِن سر، پر پار سَندسِ پَرور، جو گُھري، ته وٺي واٽ سو. |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ رَکه، تِنهن جيئري مٿي بار، جو نه مَرندو مُورهين، ۽ سندسِ شُڪر کي، پاڪ ڪر، ڌارين ڪنان ڌار، ۽ سو خُوب خبردار، بندن سَندسِ، بَديُنَ کان. |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
جنهن جويا اُڀ ۽ ڀُونيون، پڻ جيڪي مَنجھسِ جِنسار، ڇَهَن ڏِينهن ۾، عرش تي، پوءِ قراريو ڪلتار، پوءِ پُڇ اُن کان، به خبر چار، جنهن کي، خلقڻ سَنديون خبرون. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ چيو وَڃي، جِنهن وار، ته نَمود ڏيھ ڏاتار کي، چيؤن اِهڙي چال سان، ته آهي ڇا ڏاتار؟ ڇا، اَسِين نمون اُن کي، تون حُڪم ڪرين جِنهن هار؟ |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
ڀَلو سو بِهتر، جنهن بُرج بنايا اُڀ ۾، ۽ ڏِيو ڪيائـِين ڏِينهن لئي، مَنجھسِ مُقرر، پڻ ماه مُنور، روشن چنڊ رات ۾. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
۽ اُهو جنهن ڏِينهن، رات ڪيا، هڪ ٻئي جا تابِعدار، جو ساري سُکه، تِنهن هارِ، يا ڀانئي، ته ڳائي ڀال ڪي. |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ بندا خدا جاڀُون مَٿي، هَلنِ نرما نرم، ۽ جڏهن جاهِل اِنسان، ڪُڇن گرما گرم، ته ڪُڇنِ ساڻ ڪرم، سِيبائـِيندڙ سَڀ ڪنهِين. |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ اُهي، جي رَبَّ سَندسِ لئي، راتيون، مَنجھ سجدي ۽ قيام، |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ اُهي، جي چون ته اسان جا، آگا! رَبَّ، عَلّام، ٽار اسان تان آگ جو، ساڙو سَخت تمام، |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
آهي چِٽِي، چَٽِي سو، اُن جو دَرد دَوام، اُهو ماڳ مَقام، ويهڪ، بِيهڪ لئي بُڇرو. |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ اُهي، جي جڏهن خرچ ڪن، نه ڪَس، نه ڪَثر، ۽ مِقدار مُقرّر، اُنهن ٻِن وِچ ۾ وِچٿرو. |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ اُهي، جي گڏ الله سان، دانهِن نَه، ٻِي درٻار، ۽ جنهن کان ربَّ روڪيو، سو ڪِين ڪُهنِ حق ڌار، ۽ نه ڪارِي ۽ ڪارو ڪن؛ جو ڪندو اِهي ڪم ڪار، |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
ٻيڻو عذاب اُن لئي، مَهندان مَحشر وار، ۽ خَراب ۽ خوار، هُوند هميشه اُن ۾. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
مگر جو موٽيو، ۽ آندئـِين اِيمان، ۽ ڪيائـِين چڱا ڪمڙا، پوءِ آهي هِي عيان، خامِيون اُن جُون، خوبين سان، مَٽي مِهربان، ۽ سدائـِين سُبحان، آھِ مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀريو. |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
جيڪو مَٺايان موٽيو، ۽ ڪيائـِين چڱِي ڪار، پوءِ اُهو وَريو اَلله ڏي، بيشڪ برقرار، |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
۽ جي نه ساکه ڪوڙِي ڏِين ڪا، ۽ ڪنان گَندِي گُفتار، لنگھيا جڏهن لاچار، ته لنگھيا شَرافت شان سان. |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ اُهي، جَن جڏهن ياد ڏِجن، آگي جا اُهڃاڻ، ته اَنڌا ٻوڙا ٿِي اُن تي، ڪِين ڪِريا سي پاڻ، |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ اُهي جي، چون ته اسان جا، صاحب سُرت سُڄاڻ! ته ڏيئون اهل اولاد مان، ڪي ٺار اکين جي ڪاڻ، ۽ ڪر اَسان کي، اڳواڻ موچارن جو، مُلڪ ۾. |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
اُهيئـِي، ڏِبيون اُنهن کي، ماڙِيون مڻيادار، جِنهن سبب سَٺائون سَختيون ۽ چئبنِ اُت چوڌار، |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
جِئ جِئ جَنّت باغ ۾، پڻ سَلامن سَهوار، بِهتر بيشمار، سي سُکه ۽ سُڪونت ماڳڙا. |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
آنکي ڌڻي اوهان جو، نه ڳَرِي ڳَڻٖي ڳالھ، پوءِ بيشڪ بات اسان جِي، جي ڪوٺيان ڪُوڙ ڪلال! هُوند نه اوهان جا هُونِ جي، سائـِينءَ کي سُوال، ته جَبرو جِئَ جَنجال، پوءِ ساٿِي ٿيندو سِگھڙي. |