تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو (قرآن) پنهنجي ٻانهي (محمد ڪريم ﷺ) تي نازل ڪيو هن لاءِ ته سڀ جهانن لاءِ ڊيڄاريندڙ بنجي. |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
اُهو (الله ) آهي جو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان لاءِ آهي ۽ (پاڻ لاءِ) نه اولاد بنايائين ۽ نه بادشاهي ۾ ڪو سندس شريڪ آهي ۽ ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو پوءِ ان جو پورو اندازو مقرر ڪيو. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
۽ (مشرڪن) ان کي ڇڏي اهڙا معبود بنايا جي ڪا شيءِ پيدا ڪري نه ٿا سگهن ۽ اُهي خود پيدا ڪيا ويا آهن ۽ نه اُهي پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان جا مالڪ آهن ۽ نه نفعي جا ۽ نه اُهي موت جا مالڪ آهن ۽ نه زندگي جا ۽ نه (ئي مرڻ بعد) جيئري ٿي اٿڻ جا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي چون ٿا ته: ”هي (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ هڪ ڪوڙ جي جو ان (نبي ﷺ) پاڻ گَهڙيو آهي ۽ (ان جي) ٺاهڻ ۾ ٻين ماڻهن به سندس مدد ڪئي آهي“، پوءِ بيشڪ (ڪافر) ظلم ۽ ڪوڙ تي (لهي) آيا آهن. |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
۽ چيائون ته: ”اڳين جا افسانا آهن جيڪي لکائي رکيا اٿس پوءِ اُهي (افسانا) ان تي صبح شام پڙهيا وڃن ٿا“. |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
چؤ ته: ”ان (قرآن) کي ان (الله) نازل ڪيو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جا ڳُجھه ڄاڻي ٿو. بيشڪ اُهو وڏو بخشڻهار وڏي ٻاجهه وارو آهي“. |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
۽ چيائون ته: ”هي ڪهڙو رسول آهي جيڪو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارن ۾ گهمي ٿو. ان ڏانهن ڪو ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو جيڪو ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ هجي ها. |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا ان ڏي ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا ان جو ڪو باغ هجي ها جنهن مان اهو کائي ها“. ۽ ظالم ماڻهن چيو ته: ”توهان ته فقط جادو زده مرد جي پيروي ڪيو ٿا“. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
(اي نبي!) ڏس ته تنهنجي لاءِ ڪهڙا مثال بيان ڪن ٿا پوءِ اُهي گمراهه ٿي ويا پوءِ (هدايت جو) ڪو رستو لهي نه سگهندا. |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
اُهو وڏي برڪت وارو آهي اگر چاهي ته (دنيا ۾ ئي) تنهنجي لاءِ ان کان ڀلا باغ بنائي جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هجن ۽ تنهنجي لاءِ ماڙيون بنائي. |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
بلڪه انهن قيامت کي ڪوڙو چيو. ۽ جنهن به قيامت کي ڪوڙو چيو ان لاءِ اسان باهه تيار ڪري رکي آهي. |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جڏهن اُها (باهه) انهن کي پري پنڌ کان ڏسندي ته اُهي ان جو جوش ۾ ٽهڪڻ ۽ ڀڙڪاٽ ٻڌندا. |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ اُهي جڏهن زنجيرن ۾ جڪڙي (جهنم جي) سوڙهي جاءِ ۾ اڇلايا ويندا ته ان وقت اُهي (پنهنجي) موت کي سڏيندا. |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(چيو ويندو) اڄ هڪ موت کي نه سڏيو پر گهڻن موتن کي سڏيو. |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
چؤ ڇا اُهو جهنم ڀلو آهي يا هميشه رهڻ واري جنت جنهن جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي. اُهو انهن جو بدلو ۽ موٽڻ جي جاءِ هوندو. |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
انهن لاءِ ان (باغن ۾) اُهو (سڀ ڪجهه) هوندو جيڪي چاهيندا ان ۾ هميشه رهندا. اُهو تنهنجي پالڻهار جي ذمي وعدو آهي جيڪو قابلِ طلب آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي ۽ جن جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا تن کي گڏ ڪندو پوءِ (انهن ڪوڙن معبودن کي) فرمائيندو ته: ”ڇا اوهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراه ڪيو هيو يا اُهي (خود) رستي کان ٿڙي ويا هئا“؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
چوندا: ”تنهنجي ذات پاڪ آهي اسان لاءِ اُهو مناسب نه هيو جو تو کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايون ۽ پر تو انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي خوشحال ڪيو ايستائين جو نصيحت وساري ويٺا، ۽ اُهي برباد ٿيندڙ قوم هئا“. |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
پوءِ بيشڪ (اي ڪافرو!) اهي (معبود) توهان جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪندا جيڪي توهان اڄ چئو ٿا پوءِ توهان (پاڻ تان) نه عذاب ڦيرائي سگھندئو ۽ نه (پنهنجي) مدد ڪري سگھندئو، ۽ توهان مان جيڪو به ظلم ڪندو ان کي وڏو عذاب چکائينداسين. |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ رسول نه موڪليا مگر اُهي کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ هلندا هئا. ۽ اسان اوهان مان هڪڙن کي ٻين لاءِ آزمائش بنايو آهي. ته ڇا توهان صبر ڪيو ٿا ۽ تنهنجو پالڻهار (سڀ ڪجهه) ڏسندڙ آهي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان سان ملڻ جي اميد نه ٿا رکن تن چيو ته: ”اسان تي ملائڪ ڇو نه لاٿا ويا يا اسان پنهنجي پالڻهار کي ڏسون ها“. بيشڪ انهن پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجھيو ۽ حد کان وڌيڪ وڏي سرڪشي ڪيائون. |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا تنهن ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشي جي خبر نه هوندي ۽ چوندا ته (هائوجي انهن عذاب وارن ملائڪن ۽) اسان جي وچ ۾ ڪو رڪاوٽ وارو پردو هجي ها. |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ اسان انهن جي عملن ڏانهن متوجهه ٿينداسين جيڪي انهن ڪيا هئا پوءِ اسان انهن کي پکيڙيل ڌوڙ بنائي اُڏائي ڇڏينداسين. |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
ان ڏينهن جنت وارن جي رهڻ جي جاءِ ڀلي هوندي ۽ منجهند جي آرام جي جاءِ به زور حسين هوندي. |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ ان ڏينهن آسمانُ ڪڪرن سميت ڦاٽي پوندو ۽ ملائڪ لڳاتار لاٿا ويندا. |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
ان ڏينهن حقيقي بادشاهي وڏي مهربان (الله) جي هوندي. ۽ اُهو ڏينهن ڪافرن مٿان (ڏاڍو) ڏکيو هوندو. |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
۽ جنهن ڏينهن ظالم ماڻهو پنهنجي هٿن کي چڪ هڻي چوندو: ”هائو جي آءٌ رسول جي رفاقت ۾ اچي (هدايت واري) واٽ وٺان ها. |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
هاءِ افسوس! ڪاش جي آءٌ فلاڻي کي دوست نه بنايان ها. |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
بيشڪ مون وٽ نصيحت پهچڻ کان پوءِ ان مون کي گمراهه ڪيو. ۽ شيطان انسان کي خوار ڪندڙ آهي. |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ رسول (ﷺ) چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو هيو“. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
۽ اهڙي طرح اسان هر نبيءَ لاءِ ڏوهارين مان (ڪي سندن) دشمن ڪيا. ۽ تنهنجو پالڻهار (تنهنجي لاءِ) هدايت ڪندڙ ۽ مدد ڪندڙ ڪافي آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ ڪافرن چيو ته: ”سڄو قرآن هن (رسول) تي هڪ ڀيرو (ئي) ڇونه لاٿو ويو“؟ .. اهڙي طرح .. (ٿورو ٿورو نازل ڪيوسين ته) ان سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪيون ۽ اسان ان کي وقفي وقفي سان پڙهي ٻڌايون ٿا. |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ (ڪافر) تو وٽ ڪو به مثال نه ٿا آڻن مگر اسان تو وٽ (ان جي جواب ۾) حقيقي ۽ زور سهڻي وضاحت آڻيون ٿا. |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
جيڪي ماڻهو منهن ڀر دوزخ ڏانهن گِـــهِلي آندا ويندا اُهي بدتر مڪان وارا ۽ بلڪل ڀٽڪيل رستي وارا آهن. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي (سندس) وزير بنايوسين. |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
پوءِ ٻنهين کي چيوسين ته ان قوم ڏانهن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو آهي. پوءِ اسان انهن (بي فرمانن کي) بلڪل ئي برباد ڪري ڇڏيو. |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ نوح جي قوم جڏهن رسولن کي ڪوڙو چيو ته اسان انهن کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ اسان کين ماڻهن لاءِ (عبرت جي) نشاني بنايو. ۽ اسان ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب ٺاهي رکيو آهي. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود ۽ رَس (يعني کوهه) جي رهواسين ۽ انهن جي وچ ۾ گهڻين صدين جي ماڻهن کي (برباد ڪيوسين). |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ اسان هر هڪ (جي نصيحت) لاءِ (تباهه شده قومن جا) مثال بيان ڪيا ۽ اسان سڀني کي تباهه و برباد ڪيو. |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ بيشڪ اُهي (ڪافر) ان بستي تان گذريا آهن جن تي بري طرح (پٿرن) جو مينهن وسايو ويو هيو. ڇا پوءِ ان (برباد بستي) کي نه پيا ڏسن؟ بلڪه اُهي (مرڻ بعد) جيئري ٿي اٿڻ جي اميد ئي نه ٿا رکن. |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ اهي جڏهن تو کي ڏسن ٿا ته تو تي مسخريون ڪرڻ بنا ڪجهه نه ٿا ڪن. (چون ٿا) ”ڇا هي اُهو شخص آهي جنهن کي الله رسول بنائي موڪليو آهي؟ |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
اهو ته اسان کي اسان جي معبودن کان گمراهه ڪرڻ تي هيو جي اسان انهن (جي پوڄا) تي ثابت نه رهون ها“. ۽ جلدي ڄاڻي وٺندا جڏهن اُهي عذاب کي ڏسندا ته ڪير سڌي رستي کان بلڪل ڀٽڪيل هيو! |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو معبود بنايو آهي؟ ڇا پوءِ تون ان مٿان نگهبان ٿيندين؟ |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا تون سمجهين ٿو ته انهن مان اڪثر ٻُڌن ٿا يا سمجهن ٿا؟ (نه نه) اهي ته رُڳو جانورن وانگر ئي آهن بلڪه اُهي سڌي رستي کان بلڪل ڀٽڪيل آهن. |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا تو پنهنجي پالڻهار ڏانهن نه ڏٺو ته ڪيئن پاڇولي کي ڊگهو ڪيائين، ۽ جي اهو چاهي ها ته ان کي بيهاري ڇڏي ها، پوءِ اسان سج کي ان مٿان (قدرت جو) دليل بنايوسين. |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
پوءِ اسان آهستي آهستي ان (پاڇي)کي پاڻ ڏانهن سوڙهو ڪري ورتو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ (الله) اُهو ئي آهي جنهن توهان لاءِ رات کي ڍَڪُ بنايو ۽ ننڊ کي راحت بنايو ۽ ڏينهن کي (گذر سفر لاءِ) اٿڻ جو وقت بنايو. |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ اُهو (الله) آهي جيڪو پنهنجي رحمت (يعني مينهن) کان اڳ هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ بنائي موڪلي ٿو، ۽ اسان آسمان مان پاڪ پاڻي لاٿوسين. |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
هن لاءِ ته اسان ان سان مُئل (ويران) شهر کي جياريون (آباد ڪيون) ۽ اسان اُهو (پاڻي) پنهنجي پيدا ڪيل چوپاين ۽ گهڻن انسانن کي پياريون. |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ بيشڪ اسان ان (بارش) کي انهن جي وچ ۾ گردش ڏني ته جيئن نصيحت پرائن پوءِ به گهڻن ماڻهن ناشڪري کان سواءِ هر رويي جو انڪار ڪيو. |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر بستي ۾ هڪ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليون ها. |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
پوءِ تون ڪافرن جي پيروي نه ڪر ۽ تون انهن سان هن (قرآن جي حڪم) مطابق جهاد ڪر وڏو جهاد. |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن ٻن دريائن کي ملائي وهايو هي (هڪ) مٺو مزيدار آهي ۽ هي (ٻيو) لوڻياٺو ڪوڙو آهي، ۽ انهن ٻنهين جي وچ ۾ هڪ پردو ۽ مضبوط رڪاوٽ بنايائين. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن پاڻيءَ مان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو پوءِ ان مان اباڻن ۽ صاهورن جا ٻه سلسلا هلايائين. ۽ تنهنجو پالڻهار سگهه وارو آهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ (ڪافر) الله کي ڇڏي اهڙن (بتن) جي عبادت ڪن ٿا جي کين نه نفعو پهچائي سگهن ٿا ۽ نه نقصان پهچائي سگھن ٿا. ۽ ڪافر پنهنجي پالڻهار جي مقابلي ۾ (شيطان جو) مددگار آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ اسان تو کي نه موڪليو آهي مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
چؤ ته: ”آءٌ اوهان کان هن (تبليغِ دين) تي ڪا اُجرت نه ٿو گهران منهنجي اجرت رڳو هيءَ آهي جو جيڪو چاهي ته پنهنجي پالڻهار جو رستو اختيار ڪري“. |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ تون ڀروسو ڪر ان (هميشه) زنده رهڻ واري (الله) تي جو ڪڏهن نه مرندو ۽ ان جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر. ۽ اُهو پنهنجي ٻانهن جي گناهن کان خبروار ڪافي آهي.. |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سو ڇهن ڏينهن (يعني تخليق جي ڇهن دورن) ۾ پيدا ڪيو پوءِ پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه افروز ٿيو.. (اُهو) ”رحمان“ (بي انتها مهربان) آهي پوءِ ان جي باري ۾ ڪنهن باخبر کان پڇ! |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته رحمان (بي انتها مهربان) کي سجدو ڪيو ته چون ٿا ته: ”رحمان ڇا آهي؟ ڇا اسان ان کي سجدو ڪندا وتون جنهن جو تون اسان کي حڪم ڪرين!“ ۽ (اهو چوڻُ) انهن جي نفرت ۾ واڌارو ڪري ٿو. |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن آسمان ۾ بُرج بنايا ۽ ان ۾ (سج کي) چراغ بنايائين ۽ چنڊ کي روشن بنايائين. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي پٺيان گردش ڪرڻ وارو بنايو ان ماڻهو لاءِ جيڪو غور و فڪر ڪرڻ چاهي يا شڪر گذاري ڪرڻ چاهي. |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ رحمان جا (مقبول) ٻانها اُهي آهن جيڪي زمين تي نرمي سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل ماڻهو انهن سان (اڻ وڻندڙ) ڳالهائن ٿا ته (بحث ڪرڻ بجاءِ) چون ٿا سلام! |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ جيڪي پنهنجي پالڻهار خاطر سجدا ڪندي ۽ بيهندي رات گذارن ٿا. |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ جيڪي چون ٿا ته : ”اي اسان جا پالڻهار اسان تان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ ان جو عذاب وڏي چَٽِي آهي. |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ اهو نهايت بڇڙو ٽڪاڻو ۽ بري جاءِ آهي“. |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ جيڪي جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه اجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندن خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهين جي وچ ۾ (وچٿرائي سان) آهي. |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ جيڪي الله سان گڏ ٻئي معبود کي نه ٿا پُوڄِن ۽ قتل نه ٿا ڪن اهڙي شخص کي جنهن جو قتل الله حرام ڪيو آهي سواءِ حق جي! ۽ نه زنا ڪن ٿا، ۽ جيڪو اهي ڪم ڪندو سو پنهنجي گناهن جي سزا لهندو. |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
۽ ان لاءِ قيامت واري ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ذلت سان هميشه رهندو. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
سواءِ ان ماڻهو جي جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ چڱا ڪم ڪيائين پوءِ اِهي اُهي ماڻهو آهن الله جن جي براين کي نيڪائين ۾ بدلائي ٿو. ۽ الله وڏو بخشڻهار ٻاجھارو آهي. |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جنهن توبه ڪئي ۽ چڱا عمل ڪيائين پوءِ بيشڪ اُهو الله ڏانهن موٽيو جيئن موٽڻ جو حق هيو. |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
۽ اُهي ماڻهو جيڪي ڪوڙي شاهدي نه ٿا ڏين ۽ جڏهن بيهوده ڪمن وٽان لنگهن ٿا ته عزت ۽ وقار سان (شريف ماڻهن وانگر) گذري وڃن ٿا. |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ اُهي ماڻهو جن کي سندن پالڻهار جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ان تي ٻوڙا ۽ انڌا بنجي نه ٿا ڪِرن. |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ جيڪي (دعا گهرندي) چون ٿا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي اسان جي زالن ۽ اسان جي اولادن طرفان اکين جي ٿڌاڻ عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا بناءِ“. |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
انهن کي سندن ثابت قدم رهڻ جي بدلي ۾ بلند بالا خانو ڏنو ويندو ۽ دعاءِ خير ۽ سلام سان سندن آجيان ڪئي ويندي. |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. اُها زور سهڻي ٽڪڻ ۽ رهڻ جي جاءِ آهي. |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
چؤ: ”جي اوهان منهنجي پروردگار جي عبادت نه ڪيو ته ان کي اوهان جي ڪا پرواهه ناهي. پوءِ بيشڪ جي اوهان (نبيءَ کي) ڪوڙو چيو پوءِ جلد ان جي سزا اوهان تي هميشه لاڳُـــو رَهَڻَ واري آهي“. |