تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
نهايت سڳورو اهو آهي، جنهن سندس ٻانهي تي فرقان موڪليو، ته جهانن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي. |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
اهو، جنهن لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ هن نڪو اولاد ورتو آهي، نڪي ڪو سندس بادشاهيءَ ۾ ڀائيوار آهي ۽ هر چيز کي خلقيائين، پوءِ پوريءَ طرح ان جو انداز مقرر ڪيائين. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
هنن ان کان سواءِ اهڙا سائين بنايا آهن جي ڪجهه خلقي نٿا سگهن ۽ پاڻ ئي خلقيل آهن- هنن کي پنهنجي پاڻ لاءِ به نڪي سک جو اختيار آهي، نه ڏک جو ۽ نڪي موت جو اختيار اٿن، نه حياتيءَ جو، نڪي وري جيئري ٿيڻ جو. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ ڪافر چون ٿا ته ”هي (قرآن) رڳو سندس ٺاهيل ڪوڙ آهي- جنهن ۾ ٻيءَ قوم به کيس مدد ڏني آهي.“ بيشڪ هنن ظلم ۽ ڪوڙ چيو! |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
۽ چون ٿا ته ”هي اڳين جا قصا آهن، جي لکايا اٿس، جي وٽس صبح شام پڙهبا آهن.“ |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
چئو ته ”نه! بلڪ هن کي انهيءَ موڪليو آهي، جو آسمانن خواهه زمين جو ڳجهه ڄاڻي ٿو، اهو بيشڪ بخشڻهار، مهربان آهي.“ |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
۽ چون ٿا ته ”هي رسول ڇو ٿو ماني کائي ۽ بازارين ۾ گهمي؟ ڏانهس ملائڪ ڇو نه موڪليو ويو، جو ساڻس گڏ ڊيڄاريندڙ هجي؟ |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا ڏانهس ڪو خزانو اڇليل هجي، يا هن لاءِ ڪو باغ هجي، جنهن مان کائي“ ۽ ظالمن چيو ته ”اوهين رڳو جادو ڪيل شخص جي تابعداري پيا ڪريو!“ |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
ڏس ته تو لاءِ ڪيئن پيا ڳالهيون بڻائين- انهيءَ ڪري، اهي گمراهه ٿيا ۽ ڪابه واٽ لهي نٿا سگهن. |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
نهايت سڳورو آهي اهو، جو جيڪڏهن گهري ها ته تو لاءِ انهيءَ کان به سٺا باغ بنائي، جن هيٺان نهرون وهندڙ هجن ۽ تولاءِ وڏيون ماڙيون به بنائي. |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
بلڪ هي قيامت کي ڪوڙ ٿا سمجهن ۽ اسان قيامت کي ڪوڙي سمجهندڙ لاءِ دوزخ تيار رکيو آهي. |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جڏهن هو کين پرانهين هنڌ کان ڏسندو، ته اهي سندس ڪاوڙ جون هڪلون ۽ گجگوڙون ٻڌندا. |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن اتان هو هٿ پير جڪڙيل سوڙهي هنڌ اڇلائبا، تڏهن اتي پاڻ لاءِ موت کي سڏيندا. |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(چئبن ته) ”اڄ هڪڙي موت کي نه سڏيو، پر گهڻن موتن کي سڏيو.“ |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
چئو ته، ”ڀلا اهو چڱو يا اهو بهشت، جنهن جو نيڪن کي انجام ڏنل آهي؟“ جو سندن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو هنڌ هوندو. |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
هنن لاءِ ان ۾ جيڪي به گهرندا سو سدائين هوندو- اهو تنهنجي ڌڻيءَ کان گهربل انجام آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ ان ڏينهن هو کين به گڏ ڪندو ۽ انهن کي به، جن جي الله کان سواءِ بندگي ڪندا هئا، پوءِ چوندو ”ڇا، اوهان منهنجي هنن ٻانهن کي گمراهه ڪيو يا هو پاڻ واٽ کان ڀُليا؟“ |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
چوندا ”تون پاڪ آهين، اسان جو هرگز اهو وڙ نه هو، جو توکان سواءِ ٻيو سائين بنايون، پر تو هنن ۽ سندن وڏن کي سُکيو ڪيو، تان جو نصيحت کي وساري ڇڏيائون ۽ برباد ٿيل قوم بنجي ويا!“ |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
پوءِ (ڪافرن کي چئبو ته) ”اوهان جيڪي هنن بابت چيو ٿي تنهن ۾ اوهان کي ڪوڙو بنايائون، هاڻي نڪي عذاب ٿا ٽاري سگهو ۽ نڪا مدد وٺي ٿا سگهو، اوهان مان جنهن ظلم ڪيو هوندو، ان کي اسين وڏو عذاب چکائينداسون.“ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
۽ توکان اڳ جيڪي به رسول موڪلياسون، سي به بيشڪ طعام کائيندا هئا ۽ بازارين ۾ هلندا هئا- ۽ اوهان کي هڪ ٻئي لاءِ پرک بنايو اٿئون ته صبر ڪريو ٿا يا نه- ۽ تنهنجو ڌڻي ڏسندڙ آهي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ جيڪي شخص اسان سان ملڻ جي اميد نه رکندا آهن، سي چوندا آهن ته ، ”ڇو نه اسان تي ملائڪ نازل ڪيا ويا، يا اسين پنهنجي ڌڻيءَ کي ڏسون؟“ بيشڪ انهن سندن نفسن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو هٺ ڪيائون. |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنهن ڏينهن ملائڪن کي ڏسندا، ان ڏينهن ڏوهارين لاءِ ڪا خوشخبري نه هوندي، بلڪ چوندا ته ”شل گهڻو پري هجو.“ |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ اسين سندن ڪيل عملن ڏي مهاڙ ڪنداسون، پوءِ انهن کي پڻي بنائي ڇڏينداسون. |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
ان ڏينهن بهشت وارا سٺي هنڌ رهندڙ ۽ تمام چڱيءَ جاءِ تي آرام ڪندا هوندا. |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ جنهن ڏينهن آسمان ڪڪرن ساڻ ڦاٽندو ۽ ملائڪ تمام گهڻو لاهبا. |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
ان ڏينهن سڄي بادشاهي فقط الله جي هوندي ۽ اهو ڏينهن ڪافرن تي سخت هوندو. |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
جنهن ڏينهن ظالم سندن هٿ چٻي چوندو ته ”هاءِ جي آءُ رسول جي واٽ وٺان ها! |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
هاءِ افسوس! جي فلاڻي کي دوست نه بنايان ها. |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
بيشڪ هن مون کي مون وٽ نصيحت اچڻ کان پوءِ ئي ان کان گمراهه ڪيو ۽ شيطان ماڻهوءَ کي خوار ڪندڙ آهي.“ |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ رسول چوندو ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي صفا ڇڏي ڏنو هو.“ |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
ايئن اسان سڀ ڪنهن نبيءَ لاءِ ڏوهارين مان دشمن بنايا- ۽ تنهنجو ڌڻي واٽ ڏيکاريندڙ ۽ مدد ڪندڙ بس آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ ڪافر ٿا چون ته ”رسول تي سمورو قرآن هڪ ئي دفعي ڇو نه لاٿو ويو؟“ اهڙيءَ طرح، هن لاءِ، ته ان سان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ۽ کيس آهستي آهستي پڙهي ٻڌايون. |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ هو تو وٽ اهڙي ڪابه حجت ڪانه ٿا آڻين، جنهن جو اسين سچو جواب ۽ تمام سٺو بيان نٿا ٻڌايون. |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
جيڪي شخص سندن منهن ڀر دوزخ ڏي گڏ ڪبا، اهي تمام بڇڙي ٺڪاڻي وارا ۽ واٽ کان بلڪل ڀليل آهن. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو ۽ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي وزير ڪيوسون. |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
پوءِ کين چيوسون ته ”انهي قوم ڏي وڃو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو“- پوءِ انهيءَ قوم کي پاڙؤن پٽي ڇڏيو سون. |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ نوح جي قوم، جڏهن رسولن کي ڪوڙو سمجهيو، ته کين ٻوڙيو سون، ماڻهن لاءِ کين نشاني بنايو سون ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيارن ڪيو اٿئون. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ (ساڳيءَ طرح) ”عاد“ ۽ ”ثمود“ وارن ۽ ”رس وارن“ ۽ انهيءَ وچ ۾ گهڻن ئي جُڳن کي به. |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ سڀني کي حقيقتون به سمجهايون سون (پوءِ وري) سڀني کي پوريءَ طرح ناس به ڪيوسون. |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
بيشڪ اهي انهيءَ ڳوٺ تان ٿي آيا آهن، جنهن تي بڇڙو مينهن وسايل هو- پوءِ ڇا ان کي ڪو نه ڏٺائون؟ بلڪ اهي وري جيئري ٿيڻ جي اميد نٿا رکن- |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ جڏهن توکي ٿا ڏسن، تڏهن رڳو توتي مسخريون ٿا ڪن- (ته) ”ڇا هي آهي اهو، جنهن کي الله رسول ڪري موڪليو آهي.؟ |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
هي ته جيڪر اسان کي پنهنجن سائين کان ڀلائي ڇڏي، جي اسين انهن تي ڄميل نه هجون ها!“ پر اجهو ٿي خبر پوين، جڏهن عذاب ڏسندا ته ڪير واٽ کان بلڪل ڀُليل آهي. |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
انهيءَ شخص کي ڏٺئه، جنهن سندس ئي سڌن کي پنهنجو سائين بنائي ڇڏيو- پوءِ تون ڪو مٿن نگهبان ٿيندين ڇا؟ |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا، تون ڀانئين ٿو ته انهن مان گهڻا ٻڌن ٿا يا پروڙين ٿا؟ (نه) بلڪ اهي ته صفا ڍورن جهڙا آهن، بلڪ اڃا به وڌيڪ واٽ کان ڀليل. |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا، تو پنهنجي ڌڻيءَ ڏي نه ڏٺو، ته ڪيئن پاڇي کي ڊگهو ڪيو اٿس؟ جي هو گهري ها ته کيس بيهاري ڇڏي، وري اسان سج کي مٿس دليل بنايو. |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
پوءِ وري کيس آهستي آهستي چڱيءَ طرح پاڻ ڏانهن سوڙهو ڪيوسون. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ هو اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ رات کي ڍَڪ بنايو، ننڊ کي آرام ۽ ڏينهن کي اٿڻ جو وقت ڪيائين. |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ هو اهو آهي، جنهن سندس ٻاجهه کان اڳ هوائن کي مبارڪ ڏيندڙ ڪري موڪليو ۽ آسمانن مان پاڪ پاڻي وسايون سون. |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
ته ان سان ڦٽل شهر کي جياريون، ۽ پنهنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گهڻن ماڻهن کي اهو پياريون. |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
بيشڪ ان (قرآن) کي سندن وچ ۾ ڦيرائيندا آهيون ته هو نصيحت وٺن- ته به گهڻا ماڻهو بي شڪريءَ کان سواءِ نٿا رهن. |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته هر ڪنهن ڳوٺ ۾ ڊيڄاريندڙ موڪليون ها. |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
پوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ ساڻن (قرآن سان) وڏو جهاد ڪر. |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ هو اُهو آهي، جنهن ٻن سمنڊن کي ملايو، هي مٺو اُڃ لاهيندڙ ۽ هي لوڻياٺو کارو ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ محڪم پردو بنايائين. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ هو اهو آهي جنهن پاڻيءَ مان ماڻهو بنايو، پوءِ کيس پيڙهيءَ ۽ سيڻپي وارو ڪيائين ۽ تنهنجو ڌڻي وس وارو آهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ هو الله کان سواءِ اهڙن جي بندگي ٿا ڪن، جي نڪي کين فائدو ڏين، نڪي نقصان- ۽ ڪافر سندس ڌڻيءَ کي پٺي ڏيندڙ آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ اسان توکي رڳو مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
چئو ته آءٌ اوهان کان انهيءَ تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، سواءِ انهيءَ جي ته، جنهن کي وڻي، سو سندس ڌڻيءَ ڏانهن واٽ وٺي. |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ تون انهيءَ جيئري تي ڀروسو رک، جو ڪڏهن به نه مرندو ۽ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ اهو سندس ٻانهن جي گناهَن جي خبر رکندڙ بس آهي. |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، سو ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو، پوءِ تخت تي قائم ٿيو- هو نهايت ٻاجهه وارو آهي- هن بابت ڪنهن خبر رکندڙ کان پڇ. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن هنن کي چئبو آهي ”رحمان کي سجدو ڪريو،“ ته چون ٿا ”ڪير آهي رحمان؟ تون جنهن لاءِ اسان کي حڪم ٿو ڪرين، اسين ڪو ان کي سجدو ڪنداسون ڇا؟“ ۽ الٽو سندن نفرت وڌي.(سجدو) |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
سڳورو آهي اهو، جنهن آسمان ۾ برج بنايا ۽ منجهس ڏيئو (سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بنايا- |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
هو اهو آهي، جنهن ڏينهن رات کي هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ بڻايو انهيءَ لاءِ، جنهن کي نصيحت وٺڻ يا شڪر ڪرڻ جو ارادو هجي. |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن، جي زمين تي نوڙت سان هلندا آهن ۽ جڏهن اڻ ڄاڻ ساڻن ڳالهائيندا آهن ته هو کين سلام چوندا آهن. |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ جي سندن ڌڻيءَ لاءِ سجدو ڪندڙ ۽ بيهندڙ ٿي راتيون گذاريندا آهن. |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ جيڪي چوندا آهن ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ ان جو عذاب وڏي چٽي آهي. |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ اهو تمام بڇڙو ٺڪاڻو ۽ هنڌ آهي. |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ جيڪي خرچ ڪرڻ مهل نڪي اجايو وڃائيندا آهن، نڪي تنگي ڪندا آهن، انهن جي وچ ۾ پورا هلندا آهن- |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ جيڪي الله ساڻ ڪنهن به ٻئي سائينءَ کي نه سڏيندا آهن ۽ نڪي الله جي حرام ڪيل شخص کي سواءِ حق جي ماريندا آهن ۽ نڪي زنا ڪندا آهن، جيڪو اهي ٻئي ڪم ڪندو، سو سخت عذاب لهندو. |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
ان کي قيامت ڏينهن ٻيڻو عذاب ٿيندو ۽ ان ۾ هو سدائين خوار رهندو- |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
مگر جن توبه ڪئي، ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ته الله اهڙن جون مدايون ڦيرائي چڱايون ڪندو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي- |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جيڪو توبه ڪري ٿو ۽ چڱا ڪم ڪري ٿو، سو بيشڪ الله ڏانهن ئي موٽ کائي ٿو. |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
۽ جيڪي شخص ڪوڙي شاهدي نه ڏيندا آهن ۽ جڏهن بيهودي ڪم وٽان لنگهندا آهن، ته ڀلارن وانگر لنگهي ويندا آهن. |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ اهي شخص، جو جڏهن کين سندن ڌڻيءَ جي آيتن سان نصيحت ڪبي آهي ته اهي اُن تي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آهن. |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ اهي، جيڪي چون ٿا ته، ”اي اسان جا ڌڻي! تون اسان جي زالن ۽ اولاد مان اسان کي اکين جي ٿڌڪار بخش، ۽ اسان کي نيڪن جو اڳواڻ بناءِ.“ |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
اهي ئي شخص آهن، جن کي سندن صبر سبب، عيوض ۾ وڏيون ماڙيون ملنديون ۽ ان ۾ چڱي دعا ۽ سلام پهچائبن. |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
هو ان ۾ سدائين رهندا- اهو تمام سٺو ٺڪاڻو ۽ هنڌ آهي. |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
چئو ته منهنجي ڌڻيءَ کي اوهان جي ڪا پرواهه نه آهي، جي اوهان جو ان کي سڏڻ نه هجي- پوءِ اوهان ته (رسول کي) ڪوڙ سمجهيو، ان ڪري اجهو ٿو اوهان تي عذاب لازم ٿئي. |