تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
وڏو برڪت وارو آهي اهو الله، جنهن نازل ڪيو فرقان پنهنجي ٻانهي تي تانته هجي جهانن جي لاءِ ڊيڄاريندڙ . |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
اهو جنهن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاهي آهي ۽ نه ورتائين اولاد ۽ نه آهي ان لاءِ ڪو شريڪ بادشاهيءَ ۾ ۽ پيدا ڪيائين هر شيءِ پوءِ اندازو ڪيائين ان جو پورو اندازو . |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
۽ ورتائون ان کان سواءِ اهڙا معبود جو نه ٿا پيدا ڪن ڪا شيءِ ۽ اهي (پاڻ) پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ نه ٿا مالڪ ٿين پنهنجن سرن جي لاءِ نقصان ۽ نفعي جا ۽ نه ٿا مالڪ ٿين موت جا ۽ نه حياتيءَ جا ۽ نه (جيئرا ٿي) اٿڻ جا . |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ناهي هيءُ مگر هٿ جي ٺهيل ڳالهه جو بهتان ٺاهي پيش ڪيائين ان کي ۽ مدد ڪئي ان جي ان تي قوم ٻيءَ پوءِ تحقيق آندائون ظلم ۽ ڪوڙ . |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
۽ چيائون ته آکاڻيون پهرين جون آهن جو لکرايائين اهي پوءِ اهي پڙهيون وڃن ٿيون ان تي صبح ۽ شام |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
فرماءِ ته نازل ڪيو ان کي ان (الله) جيڪو ڄاڻي ٿو لڪل کي آسمانن ۽ زمين ۾ بيشڪ اهو آهي بخشڻهار، مهربان . |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
۽ چيائون ته ڇا آهي هن رسول کي جو کائي ٿو طعام ۽ هلي پيو بازارن ۾ ڇو نه لاٿو ويو ان ڏانهن ملائڪ پوءِ هجي ان سان گڏ ڊيڄاريندڙ . |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا اڇلايو وڃي ها ان ڏانهن خزانو يا هجي ها ان جي لاءِ ڪو باغ جو کائي ان مان ۽ چيو ظالمن ته نه ٿا پيروي ڪيو مگر مڙس جادو ڪيل جي . |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
ڏس ڪيئن هنيائون تو لاءِ مثال پوءِ گمراهه ٿيا پوءِ نه ٿا لهي سگهن ڪا واٽ. ع |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
برڪت وارو آهي اهو (الله) جو جيڪڏهن گهري ته ڪري تو لاءِ ڀلو ان کان باغ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ ڪري تو لاءِ ماڙيون . |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
بلڪه ڪوڙو چيائون قيامت کي ۽ تيار ڪئي سون ان لاءِ جنهن ڪوڙو چيو قيامت کي ساڙيندڙ باهه . |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جڏهن ڏسندي انهن کي جاءِ پرانهينءَ کان ته ٻڌندا ان جو ڪاوڙ وارو ڪڙڪو ۽ گجگوڙ . |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن اڇلايا ويندا ان مان جاءِ سوڙهيءَ ۾ زنجير ۾ ٻڌل ته سڏيندا اتي هلاڪت کي . |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
نه سڏيو اڄ هلاڪت کي ۽ سڏيو هلاڪت گهڻيءَ کي . |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
فرماءِ ته ڇا اهو ڀلو آهي يا بهشت هميشہ رهڻ وارو جنهن جو وعدو ڏنا ويا پرهيزگار هوندو انهن لاءِ بدلو ۽ موٽي اچڻ جي جاءِ . |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
انهن لاءِ ان ۾ اهو آهي جيڪو گهرندا هميشہ رهندڙ ٿي ويو رب تنهنجي تي وعدو پڇيل . |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ ان ڏينهن جو اٿاريندو انهن کي ۽ انهن کي جن جي عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ پوءِ فرمائيندو ڇا اوهان گمراهه ڪيو ٻانهن منهنجن کي يا اهي ڀلجي ويا واٽ کان . |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
عرض ڪندا پاڪائي آهي تنهنجي نه ٿي مناسب ٿيو اسان لاءِ هي ته وٺون تو کان سواءِ ڪي دوست ۽ پر آسودو ڪيو تو انهن کي ۽ ابن ڏاڏن انهن جي کي تان جو وساريائون نصيحت ۽ هئا قوم هلاڪ ٿيندڙ . |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيائون اوهان کي ان ۾جيڪو چئو ٿا پوءِ نه ٿا سگهو عذاب ڦيرائڻ ۽ نه مدد وٺڻ ۽ جيڪو ظلم ڪندو اوهان مان ته چکائيندا سون ان کي عذاب وڏو . |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
۽ نه موڪليا سون تو کان اڳي ڪي رسول مگر تحقيق اهي البته کائيندا هئا طعام ۽ هلندا هئا بازارن ۾ ۽ بنايو سون بعض اوهان جي کي بعض جي لاءِ آزمائش ڇا صبر ڪيو ٿا ۽ آهي رب تنهنجو ڏسندڙ. ع |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ چيو انهن جيڪي نه ٿا اميد رکن اسان جي ملڻ جي ته ڇو نه نازل ڪيا ويا اسان تي ملائڪ يا ڏسون پنهنجي رب کي؟ البته تحقيق تڪبر ڪيائون پنهنجي جيءَ ۾ ۽ حد کان وڌي ڪيائون سرڪشي وڏي . |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنهن ڏينهن ڏسندا ملائڪن کي ته ناهي بشارت ان ڏينهن مجرمن لاءِ ۽ چوندا آڙ روڪيل . |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ متوجہ ٿيندا سون ان ڏانهن جيڪو ڪيائون عمل پوءِ ڪندا سون ان کي دز اڏايل . |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
جنت وارا ان ڏينهن ڀلا هوندا رهڻ جي جاءِ جي لحاظ سان ۽ سهڻا آرام جي جاءِ جي لحاظ سان. |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ جنهن ڏينهن ڦاٽندو آسمان ڪڪرن سان ۽ لاٿا ويندا ملائڪ لاڳيتا. |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
بادشاهي ان ڏينهن سچي الله جي آهي ۽ هوندو اهو ڏينهن ڪافرن تي سخت . |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
۽ ان ڏينهن چڪ هڻندو ظالم هٿن پنهنجن کي چوندو ته اي هَئي هَئي ارمان! وٺان ها رسول سان گڏ واٽ . |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
اي هَئي هَئي ارمان! نه وٺان ها فلاڻي کي دوست . |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
البته تحقيق گمراهه ڪيائين مون کي نصيحت کان جڏهن آئي مون وٽ ۽ آهي شيطان انسان جي لاءِ ڌوڪيباز . |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ عرض ڪيو رسول اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجيءَ قوم ورتو هن قرآن کي ڇڏي ڏنل . |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
۽ اهڙي طرح ڪياسون هر هڪ نبي جي لاءِ دشمن ڏوهارين مان ۽ ڪافي آهي رب تنهنجو هدايت ڪندڙ ۽ مددگار. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته ڇو نه نازل ڪيو ويو ان تي قرآن سمورو هڪ ڀيري اهڙي طرح تانته ثابت رکون ان سان دل تنهنجيءَ کي ۽ پڙهيو سون ان کي ٺاهي ٺاهي . |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ نه ٿا آڻين تو وٽ ڪو مثال مگر آڻيندا سون تو وٽ حق ۽ سهڻو تفسير . |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
اهي جو اٿاريا ويندا منهن پنهنجن تي جهنم ڏانهن اهي بڇڙا آهن درجي جي لحاظ سان ۽ گهڻا گمراهه (حق جي) واٽ کان . |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ البته تحقيق ڏنو سون موسى کي ڪتاب ۽ ڪيو سون ان سان گڏ ڀاءُ ان جي هارون کي وزير . |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
پوءِ فرمايو سون وڃو ٻئي ان قوم ڏانهن جن ڪوڙو ڪيو آيتن اسان جن کي پوءِ هلاڪ ڪيو سون انهن کي مڪمل هلاڪ ڪرڻ. |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ نوح جي قوم جڏهن ڪوڙو ڪيائون رسولن کي ته ٻوڙيو سون انهن کي ۽ ڪيوسون انهن کي ماڻهن جي لاءِ نشاني ۽ تيار ڪيوسون ظالمن جي لاءِ عذاب دردناڪ . |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود ۽ کوهه وارن کي ۽ جماعتون وچ ۾ گهڻيون . |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ هرهڪ بيان ڪيا سون ان لاءِ مثال ۽ مڙني کي هلاڪ ڪيوسون صفا هلاڪ ڪرڻ . |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ البته تحقيق آيا ڳوٺ تي جنهن تي وسايو ويو مينهن بڇڙو ڇا پوءِ نه هئا جو ڏسن ان کي بلڪه نه ٿي اميد رکيائون جيئرو ٿي اٿڻ جي. |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ جڏهن ڏسن ٿا توکي ته نه ٿا بنائين تو کي مگر ٺٺولي ڇا هي اهو آهي جنهن کي موڪليو الله رسول بنائي . |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
بيشڪ قريب آهي جو گمراهه ڪري اسان کي معبودن اسان جن کان جيڪڏهن نه هجي ها هي جو صبر ڪيوسون انهن تي ۽ جلد ڄاڻندا جڏهن ڏسندا عذاب ته ڪير وڌيڪ گمراهه آهي واٽ (سڌيءَ) کان . |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
ڇا ڏٺو تو ان کي جنهن بنايو پنهنجو معبود پنهنجيءَ خواهش کي ڇا پوءِ تون هوندين ان جو ڪارساز. |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا خيال ٿو ڪرين تون ته بلاشڪ گهڻا انهن مان ٻڌن ٿا يا ڄاڻن ٿا ناهن اهي مگر چوپاين وانگر بلڪه اهي گمراهه آهن (سڌيءَ) واٽ کان. ع |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا نه ڏٺو تو رب پنهنجي ڏانهن ته ڪيئن ڊگهو ڪيائين پاڇي کي ۽ جيڪڏهن گهري ها ته البته ڪري ها ان کي بيٺل ان کان پوءِ ڪيو اسان سج کي ان تي دليل . |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
تنهن کان پوءِ ڇڪي سوڙهو ڪيو اسان ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سوڙهو ڪرڻ آسان . |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ۽ ڪيائين ڏينهن کي اٿڻ جو وقت . |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن موڪليو هوائن کي بشارت ڏيندڙ اڳيان رحمت پنهنجي ۽ لاٿو سون آسمان کان پاڻي پاڪ . |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
تانته آباد ڪيون ان سان شهر ويران ۽ پياريون اسين ان کي ان مان جيڪي پيدا ڪيا سون چوپاين ۽ ماڻهن گهڻن کي . |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ البته تحقيق ڦيرايون ٿا ان کي انهن ۾ تانته نصيحت وٺن پوءِ انڪار ڪيو گهڻن ماڻهن مگر بي شڪريءَ جو . |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته موڪليون ها هر ڳوٺ ۾ ڊيڄاريندڙ . |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
پوءِ نه تابعداري ڪر ڪافرن جي ۽ جهاد ڪر انهن سان ان جي ذريعي جهاد وڏو . |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن ملايا ٻه سمنڊ هي مٺو اڃ لاهيندڙ آهي ۽ هي کارو ڪڙو آهي ۽ ڪيائين انهن ٻنهي جي وچ ۾ اوٽ ۽ آڙ روڪيل . |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن پيدا ڪيو پاڻيءَ مان انسان پوءِ ڪيائين ان کي نسب ساهراڻو پاسو ۽ آهي رب تنهنجو قادر . |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ عبادت ڪن ٿا الله کان سواءِ ان جي جيڪو نه ٿو نفعو ڏئي انهن کي ۽ نه ٿو نقصان ڏئي انهن کي ۽ آهي ڪافر رب پنهنجي کي پٺي ڏيندڙ . |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ نه موڪليو سون توکي مگر بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ . |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
فرماءِ ته نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو مگر جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن واٽ . |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ توڪل ڪر جيئري تي جيڪو نه مرندو ۽ تسبيح پڙهه ان جي حمد سان ۽ ڪافي آهي اهو گناهن ٻانهن پنهنجن جي خبر رکندڙ . |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ تنهن کان پوءِ غلبو فرمايائين عرش تي رحم ڪندڙ پوءِ پڇ ان جي باري ۾ خبر رکندڙ کان . |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته سجدو ڪيو رحمان کي ته چيائون ڇاهي رحمان ڇا سجدو ڪيون ان کي جو امر ڪرين ٿو تون اسان کي ۽ وڌايائين انهن ۾ نفرت . السجدة |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيا آسمان ۾ برج ۽ پيدا ڪيائين ان ۾ سج ۽ چنڊ چمڪندڙ . |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
۽ اهو (الله) اهو آهي جنهن رکيا رات ۽ ڏينهن هڪ ٻئي جي پويان ايندڙ ان جي لاءِ جنهن ارادو ڪيو ته نصيحت وٺي يا ارادو ڪيائين شڪراني ڪرڻ جو. |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن جيڪي هلن ٿا زمين تي آرام سان ۽ جڏهن ڳالهائين ٿا انهن سان جاهل ته چيائون سلام . |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ اهي جيڪي رات گذارين ٿا پنهنجي رب جي لاءِ سجدا ڪندڙ ۽ بيهندڙ . |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ اهي جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا رب! ڦيراءِ اسان کان جهنم جو عذاب بيشڪ ان جو عذاب آهي وڏي چٽي . |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ اهو بري جاءِ قرار جي آهي ۽ برو مقام . |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ اهي جو جڏهن خرچ ڪن ٿا ته نه ٿا اسراف ڪن ۽ نه ٿا تنگي ڪن ۽ آهي ان جي وچ ۾ سڌي واٽ . |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ اهي جيڪي نه ٿا عبادت ڪن الله سان گڏ معبود ٻئي جي ۽ نه ٿا قتل ڪن نفس کي جو حرام ڪيو الله (ان جو قتل ڪرڻ) مگر حق سان ۽ نه ٿا زنا ڪن ۽ جيڪو ڪندو اهو ته لهندو سخت عذاب . |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
ٻيڻو ڪيو ويندو ان جي لاءِ عذاب قيامت جي ڏينهن ۽ هميشہ رهندو ان ۾ خوار ڪيل . |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
مگر جنهن توبہ ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين عمل صالح پوءِ اهي مٽائيندو الله براين انهن جي کي نيڪين سان ۽ آهي الله بخشڻهار، مهربان . |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جنهن توبہ ڪئي ۽ ڪيائين صالح عمل پوءِ بيشڪ اهو وري ٿو الله ڏانهن ورڻ . |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
۽ جيڪي نه ٿا شاهدي ڏين ڪوڙي ۽ جڏهن لنگهن ٿا اجائي ڳالهه کان ته لنگهن ٿا عزت سان . |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ اهي جيڪي جڏهن نصيحت ڪيا ويا پنهنجي رب جي آيتن سان ته نه ڪريا ان جي ٻڌڻ سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي . |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ اهي جيڪي چون ٿا اي اسان جي پالڻهار! ڏي تون اسان کي زالن اسان جن مان ۽ اولاد اسان جي مان اکين جا ٺار ۽ بناءِ اسان کي پرهيزگار جي لاءِ اڳواڻ . |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
اهي بدلو ڏنا ويندا ان سببان جو صبر ڪيائون ۽ کيڪاريا ويندا انهن ۾ مرحبا ۽ سلام سان . |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
هميشہ رهندڙ انهن ۾ سهڻي آهي جاءِ رهڻ جي ۽ جاءِ ٽڪڻ جي . |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
فرماءِ ته نه ٿو پرواهه ڪري اوهان جي رب منهنجو جيڪڏهن نه هجي سڏڻ اوهان جو پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيو اوهان پوءِ جلد هوندو لازم . |