تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
وڏي برڪت وارو آهي الله تعالى جنھن پنھنجي ٻانهي تي هي فرقان (يعني قرآن مجيد) نازل ڪيو آهي ته جيئن هي پيغمبر سڀني جھانن وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجي. |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
جيڪو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي جو مالڪ آهي، جنھن ڪنھن کي نه پٽ ٺاهيو آهي، نه ئي ڪير ان بادشاهيءَ ۾ شريڪ آهي ۽ جنھن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪئي. |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
ماڻهن اُن کي ڇڏي اهڙا معبود ٺاهي ورتا آهن جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪري سگهن بلڪه هو پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا. هو پنھنجي لاءِ ڪنھن نقصان ۽ فائدي جو اختيار نٿا رکن ۽ نه ڪنھن کي مارڻ ۽ جيارڻ ۽ نه ئي مرڻ کان پوءِ ٻيھر جيئرو ڪري اٿارڻ جو ڪو اختيار رکن ٿا. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
ڪافر چون ٿا ته هي قرآن رڳو هٿ جي ٺاهيل شيءِ آهي جنھن کي هُن پاڻ ئي ٺاهيو آهي ۽ ان جي ٺاهڻ ۾ هُن جي ڪجهه ٻين ماڻهن به مدد ڪئي آهي. بيشڪ اهو ته وڏو ظلم ۽ (سراسر) ڪوڙ آهي جنھن تي (مڪي جا ڪافر) لهي آيا آهن. |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
( هواهو به) چون ٿا ته هي گذريل ماڻهن جون لکيل ڪهاڻيون آهن جن کي هي ماڻهو لکرائيندو آهي. ۽ پوءِ ان کي صبح ۽ شام پڙهي ٻڌايون وينديون آهن. |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
(اي نبي ﷺ) چؤ ته: ”هن قرآن کي ته اُن هستيءَ نازل ڪيو آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جي رازن کي ڄاڻي ٿو“ بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
(وڌيڪ هي به) چون ٿا ته هي ڪهڙي قسم جو رسول آهي؟ جيڪو کاڌو کائي ٿو ۽ بازارن ۾ گهمي ٿو ان سان گڏ ڪنھن فرشتي کي ڇو نه موڪليو ويو جيڪو ان سان گڏ هلي ها ۽ ماڻهن کي ڊيڄاري ها؟ |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا ان لاءِ ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا ان لاءِ ڪو باغ هجي ها جنھن مان هو ويھي آرام سان کائي ها ۽ ظالم چون ٿا ته توهان هڪ جادو ٿيل ماڻهوءَ جي تابعداري ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيو. |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
(اي نبيﷺ!) ڏسو ته سھي هي ماڻهو تنھنجي لاءِ ڪھڙا عجيب مثال بيان ڪن ٿا. هاڻي هي اهڙا ته ڀٽڪي ويا آهن جو کين ڪوبه رستو نظر نٿو اچي. |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
وڏي برڪت وارو آهي اهو (الله) جيڪڏهن هو چاهي ته (اي نبيﷺ!) توکي هنن جي سوچ کان وڌيڪ بهتر ڪيترائي باغ ڏئي ها جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هجن ها ۽ تنھنجي لاءِ وڏا وڏا محل به ٺاهي ها. |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
حقيقت هي آهي ته هنن ماڻهن قيامت کي ڪوڙو ڪيو آهي ۽ جيڪو قيامت کي ڪوڙو ڪندو ته اسان ان لاءِ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
جڏهن اها باهه کين پري کان ڏسندي ته هي ماڻهو ان جي ڪاوڙ ۽ ڀڙڪڻ جا آواز ٻڌندا. |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن کين زنجيرن ۾ جڪڙي جھنم جي سوڙهي جاءِ ۾ اڇلايو ويندو ته هو پنھنجي موت کي سڏيندا. |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(کين چيو ويندو ته) اڄ توهان هڪڙي موت کي نه سڏيو بلڪه گهڻن ئي موتن کي سڏيو. |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کان پڇا ڪريو ته دوزخ صحيح آهي يا هميشه رهڻ واري جنت. جنھن جو پرهيزگار ماڻهن سان وعدو ڪيو ويو آهي، جيڪا انهن جي (عملن جو) بدلو ۽ موٽڻ جي جاءِ آهي. |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
جنت ۾ هو جيڪو چاهيندا سو موجود هوندو ۽ هو ان ۾ هميشه هميشه لاءِ رهندا. اهو هڪ وعدو آهي، جنھن کي پورو ڪرڻ تنھنجي پالڻھار جي ذمي آهي. |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
(الله تعالى) ان ڏينھن انهن ماڻهن کي ۽ انهن جي معبودن کي، جن جي هو الله تعالى کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا تن سڀني کي گڏي فرمائيندو ته ڇا توهان منھنجي ٻانهن کي گمراهه ڪيو هو يا هو خود گمراهه ٿي ويا هئا؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
هو چوندا ته: (يا الله!) تنھنجي ذات پاڪ آهي اسان جي ڪهڙي مجال جو اسان توکي ڇڏي ٻين کي دوست ٺاهيون. درحقيقت تون هنن کي ۽ هنن جي ابن ڏاڏن کي تمام گهڻي خوشحالي ڏني هئي، پوءِ هنن تنھنجي نصيحت کي وساري ڇڏيو ۽ هو برباد ٿيندڙ قوم ۾ شامل ٿي ويا. |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
(اهڙي طرح) توهان جا معبود توهان جي اُنهن ڳالهين کي (قيامت واري ڏينھن) ڪوڙو ثابت ڪندا جيڪي توهان (اڄ هن دنيا ۾) انهن جي باري ۾ چوندا وتو ٿا. پوءِ توهان نه ته پاڻ تان عذاب ٽاري سگهندا ۽ نه ئي ڪٿان مدد وٺي سگهندا. سو هاڻي جيڪو به دنيا ۾ ظلم ڪندو ته ان کي اسان وڏي عذاب جو مزو چکائينداسين. |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ جيڪي به رسول سڳورا موڪليا هئا سي سڀ کاڌو کائيندا هئا ۽ بازارن ۾ گهمندا هئا. حقيقت هي آهي ته اسان توهان کي هڪ ٻئي جي لاءِ آزمائش جو ذريعو بنايو آهي. پوءِ ڇا توهان صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ تنھنجو پالڻھار هر شيءِ کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي. |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
جيڪي ماڻهو اسان جي آڏو پيش ٿيڻ جو امڪان ئي نٿا سمجهن، سي چون ٿا ته اسان ڏي ملائڪ ڇو نٿا موڪليا وڃن يا اسان پنھنجي پالڻھار کي سامهون ڏسون. انهن جي دلين ۾ وڏو غرور آهي ۽ انهن سرڪشي ڪرڻ جي حد ڪري ڇڏي آهي. |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنھن ڏينھن هُو ملائڪن کي سامهون ڏسندا ته اُهو ڏينھن ڏوهارين جي لاءِ ڪو خوشيءَ جو ڏينهن نه هوندو، بلڪه هو دانهون ڪندا ته آهي ڪا (اِنهن کان) بچڻ جي جاءِ. |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ اسان سندن ڪيل عملن کي ڏسنداسين پوءِ انهن کي دَز وانگر اڏائي ڇڏينداسين. |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
ان ڏينھن جنتي ماڻهو تمام بھتر جڳھه تي هوندا ۽ کين منجهند جو وقت گذارڻ لاءِ تمام سٺي جاءِ مليل هوندي. |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
ان ڏينھن آسمان ڪڪرن سان گڏ ڦاٽي پوندو ۽ ملائڪن جا ٽولن جا ٽولا هيٺ لاٿا ويندا. |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
ان ڏينھن حقيقي بادشاهي فقط رحمان سڳوري جي هوندي ۽ ڪافرن لاءِ اهو ڏينھن انتھائي ڏکيو هوندو. |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
ظالم ماڻهو ان ڏينھن پنھنجي هٿن کي چڪ پائيندو ۽ چوندو ته: ڪاش! مان رسول سڳوري جو ساٿ ڏيان ها. |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
هاءِ منھنجو نڀاڳ! جيڪر مان فلاڻي کي دوست نه ٺاهيان ها. |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
نصيحت اچڻ کان پوءِ هن ئي مون کي گمراهه ڪري ڇڏيو. شيطان ته انسان کي ڌوڪو ئي ڏيندو آهي. |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
(ان ڏينهن) رسول سڳورو فرياد ڪندو ته: اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجي قوم هن قرآن کي ڇڏي ڏنو هو. |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
(اي نبيﷺ!) اهڙي طرح اسان ڏوهاري ماڻهن مان ڪيترن کي هر نبيءَ جو دشمن بڻايو آهي ۽ تنھنجو پالڻھار ئي تنھنجي لاءِ هدايت ۽ مدد لاءِ ڪافي آهي. |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ ڪافر چون ٿا ته هن شخص جي مٿان سمورو قرآن هڪ ئي وقت ڇونه نازل ڪيو ويو؟ اسان ٿورو ٿورو ان ڪري نازل ڪيو آهي ته جيئن ان جي ذريعي اسان تنهنجي دل کي مضبوط ڪريون ۽ انهيءَ ڪري ئي اسان ان کي آهستي آهستي پڙهون ٿا. |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
(ان جو هي به مقصد آهي ته) جڏهن به اُهي ماڻهو تو وٽ ڪو اعتراض کڻي اچن ته اسان توکي فوراً ان جو صحيح جواب ۽ بھترين وضاحت ٻڌائي ڇڏيون ٿا. |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
انهن ماڻهن کي جھنم ڏي اونڌي منھن آندو ويندو. اُهي سڀ سڌي راهه کان ٿڙيل آهن ۽ انهن جي لاءِ بري جڳھه آهي. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ۽ سندس ڀاءُ هارون ($) کي ان سان گڏ ذميدارين ۾ هٿ ونڊائيندڙ مقرر ڪيو. |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
۽ اسان انهن کي چيو ته توهان اهڙي قوم ڏي وڃو جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي. پوءِ اسان ان قوم کي چڱي طرح برباد ڪري ڇڏيو. |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
اهوئي حال نوح ($) جي قوم جو ٿيو، جڏهن ان رسولن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان ان کي غرق ڪري ڇڏيو ۽ دنيا جي ماڻهن لاءِ عبرت جو نشان بنائي ڇڏيو ۽ اهڙن ظالمن لاءِ تڪليف وارو عذاب به تيار ڪري ڇڏيو آهي. |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ اسان عاد ــ ثمود ۽ رَس (يعني کوهه) وارن ۽ انهن جي وچ ۾ گذريل گهڻين ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو. |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ اسان انهن مان هر هڪ کي (پھريان تباهه ٿيل قومن جا) مثال سامهون رکيا (نه مڃڻ جي صورت ۾ پوءِ) اسان کين چڱي طرح برباد ڪري ڇڏيو. |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ جنھن شھر تي (پٿرن جو) بدترين مينھن وسايو هو (مڪي وارا روز اتان لنگهندا به رهن ٿا) ڇا اُنهن ان (تباهه ٿيل) شھر کي نه ڏٺو آهي.دراصل هي ماڻهو موت کان پوءِ ٻيھر جيئرو ٿيڻ تي يقين ئي نٿا رکن. |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
هي اُهي ماڻهو آهن جو توکي ڏسن ٿا ته ٺٺوليون ڪن ٿا (۽ چون ٿا) ته ڇا هي آهي اهو شخص آهي جنھن کي الله تعالى رسول بڻائي موڪليو آهي؟ |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
(۽ وڌيڪ چون ٿا ته) جيڪڏهن اسان پنھنجي معبودن جي عقيدت تي پڪا نه هجون ها ته هي شخص ته اسان کي پنھنجي معبودن کان گمراهه ڪري ڇڏي ها. پر جڏهن هو عذاب کي اکين سان ڏسندا ته کين خبر پئجي ويندي ته سڌي رستي کان ڪير گمراهه هو؟ |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جيڪو هر وقت پنھنجي نفساني خواهشن جي پويان لڳو پيو آهي؟ ڇا تون اهڙي ماڻهوءَ کي سڌي رستي تي آڻڻ جو ذمو کڻي سگهين ٿو؟ |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا تون اهو ٿو سمجهين ته انهن مان گهڻا ماڻهو ٻڌن ٿا ۽ (صحيح ڳالهه کي) سمجهن ٿا؟ اهي جانورن وانگر آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ رستي کان ڀٽڪيل آهن. |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته توهان جو پالڻھار ڪهڙي طرح پاڇي کي پکيڙي ٿو؟ جيڪڏهن هو چاهي ها ته پاڇي کي هڪ هنڌ بيھاري ڇڏي ها، اسان سج کي ان پاڇي جو بنياد بڻايو آهي. |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
وري اسان ان پاڇي کي آهستي آهستي پاڻ ڏانھن سوڙهو ڪندا ويندا آهيون (يعني ختم ڪريون ٿا) |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن توهان جي لاءِ رات کي ڍَڪُ (يعني پرده پوشي) ۽ ننڊ کي آرام وارو ٺاهيو ۽ ڏينھن کي جيئرو ٿي اٿڻ جو وقت ٺاهيو. |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
اهو (الله تعالى) ئي آهي جيڪو پنھنجي رحمت کان پھريان هوائن کي (مينهن جي) خوشخبريءَطور موڪليندو آهي پوءِ اسان (ئي) آسمان مان پاڪ پاڻي نازل ڪيو. |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
ته جيئن ان سان غير آباد علائقي کي آباد ڪريون ۽ پنھنجي مخلوق مان جانورن ۽ ماڻهن کي پاڻي پياريون. |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ اسان انهن ڏانهن گهٽائي ۽ وڌائي ڪري پاڻي ورهائيندا آهيون ته جيئن هو نصيحت وٺن پر گهڻا ماڻهو نصيحت جو انڪار ڪندي ناشڪري ڪندا آهن. |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر شھر ۾ هڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ها. |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
(اي نبيﷺ!) ڪافرن جي ڳالهه نه مڃجانءِ ۽ هن قرآن جي ذريعي انهن سان وڏو جھاد ڪريو . |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن ٻن سمنڊن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هڪ جو پاڻي مٺو ۽ مزيدار جڏهن ته ٻئي جو کارو ۽ ڪَڙو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڳجهو پردو ۽ روڪ آهي ته جيئن پاڻي هڪ ٻئي سان (ذائقي ۾) نه ملي سگهن. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن پاڻي مان هڪ انسان پيدا ڪيو پوءِ هن کي اباڻي ۽ ساهراڻي مٽي مائٽي وارو ڪري بنايو. تنھنجو پالڻھار وڏي قدرت وارو آهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ هي (ڪافر) الله تعالى کي ڇڏي اهڙن جي پوڄا ڪن ٿا جيڪي کين نه ته فائدو پھچائي سگهن ٿا ۽ نه ئي نقصان ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پٺي ڏيندڙ آهن. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي. |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
تون چؤ ته مان ان ڳالهه جو توهان کان ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر فقط اهو آهي ته جيڪو چاهي پنھنجي پالڻھار جو رستو وٺي. |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
(اي نبيﷺ!) تون ان هستي تي ڀروسو ڪر جيڪو هميشه زندهه رهندڙ آهي. جنھن تي (ڪڏهن به) موت نه ايندو ۽ ان جي ئي تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ اهوئي پنھنجي ٻانهن جي گناهن جي خبر رکندڙ ڪافي آهي. |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ ۾ رهندڙ هر مخلوق کي ڇهن ڏينھن ۾ ٺاهيو. پوءِ هو سموري مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ جلوه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طرح نٿو ڏسي سگهي) هو بيحد مھربان آهي ان جو شان ته بس! ڪنھن خبر رکندڙ (ڏاهي ماڻهو) کان ئي پڇي وٺ. |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن انهن کي رحمان کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو (تڪبر وچان) چون ٿا ته ڪھڙو رحمان؟ بس! تون جنھن لاءِ چوين ڇا اسان ان کي سجدو ڪريون؟ ۽ ان ڳالهه اُنهن جي نفرت ۾ اڃا به واڌارو آڻي ڇڏيو آهي. |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله تعالى) جنھن آسمان ۾ برج بنايا ۽ ان ۾ هڪ ڏيئو (يعني سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بنايو. |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
اهو (الله تعالى) ئي آهي جنھن رات ۽ ڏينھن کي هڪ ٻئي جي پويان هلندڙ ٺاهيو (هر ان ماڻهو جي سمجهڻ لاءِ) جيڪو نصيحت وٺڻ ۽ شڪرگذار ٿيڻ گهري. |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
رحمان جا اصلي ٻانها ته اُهي آهن جيڪي زمين تي نوڙت سان هلندا آهن ۽ جڏهن جاهل ماڻهو انهن سان (اجائي بحث واري انداز ۾) ڳالهائيندا آهن ته هو انهن کي سلام ڪري اڳتي وڌي ويندا آهن. |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
جيڪي پنھنجي پالڻھار جي اڳيان سجدو ۽ قيام ڪندي راتيون گذاريندا آهن. |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
جيڪي پنھنجي پالڻھار کان دعا گهرندا آهن ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي جھنم جي عذاب کان بچاءِ. اهو عذاب ته ڳچيءَ ۾ پوندڙ آهي. |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ (اهو جھنم) رهڻ لاءِ انتھائي برو ٺڪاڻو آهي. |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
رحمان جا ٻانها جڏهن به خرچ ڪندا آهن ته، نه فضول خرچي ڪندا آهن ۽ نه ئي وري ڪنجوسي ڪندا آهن، بلڪه انهن جي خرچ ڪرڻ جو طريقو وچٿرو هوندو آهي. |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ اُهي الله تعالى سان گڏ ڪنھن ٻئي کي معبود جي حيثيت ۾ نه سڏيندا آهن ۽ نه الله تعالى جي حرام ڪيل جان کي ناحق قتل ڪندا آهن ۽ نه زنا ڪندا آهن پر جيڪڏهن ڪير اِهي گناهه جا ڪم ڪندو ته هو ان گناهه جي سزا ڀوڳيندو. |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
ان کي قيامت جي ڏينھن ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو ۽ ان ۾ سدائين ذليل ۽ خوار پيو هوندو. |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
پر جنھن شخص (انهن گناهن کان) توبہ ڪئي ۽ ايمان آڻي نيڪ عمل ڪيا ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي براين کي نيڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعالى وڏو بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جيڪو ماڻهو توبہ ڪري نيڪ عمل ڪري ٿو ته بيشڪ اهو ماڻهو الله تعالى ڏي توبہ تائب ٿي موٽي ٿو. |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
رحمان جا ٻانها ڪوڙ جي گواهي نه ڏيندا آهن ۽ جڏهن انهن کي (مجبوراً) ڪنھن بيهودهه جڳھه تان لنگهڻو پوندو آهي ته انتھائي شريفانه انداز ۾ لنگهي ويندا آهن. |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ جڏهن کين الله تعالى جي آيتن جي ذريعي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته ان نصيحت کي انڌن ۽ ٻوڙن وانگر ٻُڌي اڻ ٻڌو نه ڪندا آهن (بلڪه ان تي مڪمل عمل ڪندا آهن) |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
هو (الله تعالى کان) دعا گهرندا آهن: ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي پنھنجي گهر وارين ۽ پنھنجي اولاد جي طرفان اکين جو ٺار نصيب فرماءِ ۽ اسان کي پرهيزگار ماڻهن جو اڳواڻ بناءِ. |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
اهڙن ماڻهن کي ئي پنھنجي صبر جي ڪري بدلي ۾ وڏيون ماڙيون ملنديون ۽ اتي سندن دعا ۽ سلام سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو. |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
هو ان ۾ هميشه هميشه رهندا ۽ اها آرام ڪرڻ ۽ رهڻ جي ڪهڙي نه بھترين جڳھه آهي. |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان منھنجي پالڻھار کي نه سڏيو ته ان کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه نه آهي. هاڻي ته توهان (ان جي آيتن ۽ رسول سڳوري کي) ڪوڙو ڪيو آهي سو (توهان کي) جلد ئي اهڙي سزا ملندي جنھن مان ڪڏهن به جان نه ڇٽي سگهندي. |