تَبارَكَ الَّذى نَزَّلَ الفُرقانَ عَلىٰ عَبدِهِ لِيَكونَ لِلعٰلَمينَ نَذيرًا (آيت : 1) |
نهايت برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن هي فرقان پنهنجي بندي تي نازل ڪيو ته جيئن ساري جهان وارن لاءِ خبردار ڪندڙ ٿئي |
الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلَم يَتَّخِذ وَلَدًا وَلَم يَكُن لَهُ شَريكٌ فِى المُلكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ فَقَدَّرَهُ تَقديرًا (آيت : 2) |
اهو جيڪو آهي مالڪ (بادشاهه) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جنهن ڪنهن کي ناهي بڻايو پُٽ ۽ ڪوبه ناهي شريڪ سندس بادشاهي ۾، ۽ جنهن خلقيو آهي هر شيءِ کي، پوءِ ان جي تقدير مقرر ڪئي |
وَاتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً لا يَخلُقونَ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ وَلا يَملِكونَ لِأَنفُسِهِم ضَرًّا وَلا نَفعًا وَلا يَملِكونَ مَوتًا وَلا حَيوٰةً وَلا نُشورًا (آيت : 3) |
۽ ماڻهن ان کي ڇڏي اهڙا خدا ٺاهي ورتا جيڪي نٿا پيدا ڪري سگهن ڪابه شيءِ پر اهي ته پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي نٿا رکن پنهنجي لاءِ ڪنهن نقصان يا ڪنهن نفعي جو اختيار ۽ نه وري اٿاري سگهن ٿا مئل کي ۽ نه جيئري ٿي سگهڻ جو اختيار رکن ٿا |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا إِفكٌ افتَرىٰهُ وَأَعانَهُ عَلَيهِ قَومٌ ءاخَرونَ فَقَد جاءو ظُلمًا وَزورًا (آيت : 4) |
۽ چيو انهن ماڻهن جن ڪفر ڪيو آهي ته هي فرقان پنهنجي هڪ ٺاهيل شيءِ آهي جيڪو هن شخص پاڻ جوڙيو آهي، ۽ ڪن ماڻهن ان جي مدد ڪئي آهي، هي وڏو ظلم ۽ ڪوڙ آهي جنهن تي اهي لهي پيا آهن |
وَقالوا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ اكتَتَبَها فَهِىَ تُملىٰ عَلَيهِ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 5) |
۽ چون ٿا ته، اهي اڳين ماڻهن جون لکيل ڳالهيون آهن، جن کي هي شخص نقل ڪرائي ٿو ۽ کيس صبح شام ٻڌايون وڃن ٿيون |
قُل أَنزَلَهُ الَّذى يَعلَمُ السِّرَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 6) |
اي نبي! کين چؤ، هن تي نازل ڪيو آهي انهيءَ (الله) جيڪو (سڀ) ڳجهه ڄاڻي ٿو آسمانن ۽ زمين جو، حقيقت هيءَ آهي ته اهو وڏو ٻاجهارو مهربان آهي |
وَقالوا مالِ هٰذَا الرَّسولِ يَأكُلُ الطَّعامَ وَيَمشى فِى الأَسواقِ لَولا أُنزِلَ إِلَيهِ مَلَكٌ فَيَكونَ مَعَهُ نَذيرًا (آيت : 7) |
۽ چوندا آهن، هي ڪهڙو رسول آهي جيڪو کاڌو به کائي ٿو ۽ گهمي ڦري ٿو بازارن ۾؟ ڇو نه ان وٽ ڪو فرشتو موڪليو ويو جيڪو هن سان گڏ هجي ها (جيڪو مخالفن کي) ڊيڄاري ها؟ |
أَو يُلقىٰ إِلَيهِ كَنزٌ أَو تَكونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأكُلُ مِنها وَقالَ الظّٰلِمونَ إِن تَتَّبِعونَ إِلّا رَجُلًا مَسحورًا (آيت : 8) |
يا ٻيو نه ته ان لاءِ ڪو خزانو لاٿو وڃي ها يا وٽس ڪو باغ هجي ها جنهن مان هو روزي حاصل ڪري ها، ۽ چوندا آهن هي ظالم ته، توهان ماڻهو هڪ اهڙي شخص جي پويان لڳا آهيو جيڪو جادوگر آهي |
انظُر كَيفَ ضَرَبوا لَكَ الأَمثٰلَ فَضَلّوا فَلا يَستَطيعونَ سَبيلًا (آيت : 9) |
ڏس! ڪهڙيون حجتون اهي ماڻهو تنهنجي اڳيان پيش ڪن، هو گمراهه ٿيا آهن جو کين صحيح راهه نه ٿي ملي |
تَبارَكَ الَّذى إِن شاءَ جَعَلَ لَكَ خَيرًا مِن ذٰلِكَ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَيَجعَل لَكَ قُصورًا (آيت : 10) |
وڏو برڪت وارو آهي اهو جيڪو چاهي ته انهن جي ٻڌايل شين کان به گهڻو وڌيڪ توکي ڏئي سگهي ٿو ڪيترا ئي باغ جن جي هيٺان نهرون وهنديون هجن (۽ انهن کان سواءِ تنهنجي لاءِ) وڏا محلات |
بَل كَذَّبوا بِالسّاعَةِ وَأَعتَدنا لِمَن كَذَّبَ بِالسّاعَةِ سَعيرًا (آيت : 11) |
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهو ان گهڙيءَ کي ڪوڙو چئي چڪا آهن ۽ جيڪو ڪوڙو چوي ان گهڙيءَ کي، ان لاءِ تيار ڪئي وئي آهي ڀرڪندڙ باهه |
إِذا رَأَتهُم مِن مَكانٍ بَعيدٍ سَمِعوا لَها تَغَيُّظًا وَزَفيرًا (آيت : 12) |
اها پري کان انهن کي جڏهن ڏسندي ته اهي ٻڌندا ان جي غضب ۽ جوش جا آواز |
وَإِذا أُلقوا مِنها مَكانًا ضَيِّقًا مُقَرَّنينَ دَعَوا هُنالِكَ ثُبورًا (آيت : 13) |
۽ جڏهن اهي (پاڻ) هٿ ۽ پير جڪڙيل ان ۾ هڪ سوڙهي هنڌ وڌا ويندا ته پڪاريندا پنهنجي موت کي |
لا تَدعُوا اليَومَ ثُبورًا وٰحِدًا وَادعوا ثُبورًا كَثيرًا (آيت : 14) |
(ان وقت کين چيو ويندو) نه پڪاريو اڄ هڪڙي موت کي، پر پڪاريو گهڻن موتن کي |
قُل أَذٰلِكَ خَيرٌ أَم جَنَّةُ الخُلدِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ كانَت لَهُم جَزاءً وَمَصيرًا (آيت : 15) |
(اي نبي!) انهن کان پڇ، اهو انجام چڱو آهي يا هميشه واري جنت جنهن جو وعدو خدا ترس پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي؟ جيڪو انهن جي عملن جي جزا ۽ سندن سفر جي آخري منزل هوندو |
لَهُم فيها ما يَشاءونَ خٰلِدينَ كانَ عَلىٰ رَبِّكَ وَعدًا مَسـٔولًا (آيت : 16) |
انهن جي اتي هرڪا خواهش پوري ٿيندي، جنهن ۾ اهي سدائين رهندا، ان جو عطا ٿيڻ تنهنجي رب جو لازمي وعدو آهي |
وَيَومَ يَحشُرُهُم وَما يَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَقولُ ءَأَنتُم أَضلَلتُم عِبادى هٰؤُلاءِ أَم هُم ضَلُّوا السَّبيلَ (آيت : 17) |
۽ اهو ئي ڏينهن (حشر جو) هوندو جڏهن (رب) کين گهيري آڻيندو سندن خدائن سميت جن کي الله کان سواءِ انهن پوڄيو، پڇندن ڇا توهان گمراهه ڪيو هو منهنجي ٻانهن کي؟ يا اهي پاڻ ئي ڀٽڪي رهيا هئا صحيح راهه کان؟ |
قالوا سُبحٰنَكَ ما كانَ يَنبَغى لَنا أَن نَتَّخِذَ مِن دونِكَ مِن أَولِياءَ وَلٰكِن مَتَّعتَهُم وَءاباءَهُم حَتّىٰ نَسُوا الذِّكرَ وَكانوا قَومًا بورًا (آيت : 18) |
اهي عرض ڪندا، پاڪ آهي تنهنجي ڍات، اسان کي ڪهڙي مجال جو تو کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پنهنجو موليٰ ولي دوست بنايون، پر تو کين ۽ سندن وڏن کي خوب حياتيءَ جو سامان ڏنو، جو اهي وساري ويٺا نصيحت ۽ ٿي ويا شامت جا ماريل |
فَقَد كَذَّبوكُم بِما تَقولونَ فَما تَستَطيعونَ صَرفًا وَلا نَصرًا وَمَن يَظلِم مِنكُم نُذِقهُ عَذابًا كَبيرًا (آيت : 19) |
ائين ڪوڙو ڪندا اهي (توهان جا خدا) توهان جي انهن ڳالهين کي جيڪي اڄ چئي رهيا آهيو، پوءِ توهان ٽاري نه سگهندؤ پنهنجي شامت کي نه ڪٿان مدد ملندي، ۽ جيڪو به توهان مان ظلم ڪندو، تنهن کي اسان مزو چکائينداسين عذاب سخت جو |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ مِنَ المُرسَلينَ إِلّا إِنَّهُم لَيَأكُلونَ الطَّعامَ وَيَمشونَ فِى الأَسواقِ وَجَعَلنا بَعضَكُم لِبَعضٍ فِتنَةً أَتَصبِرونَ وَكانَ رَبُّكَ بَصيرًا (آيت : 20) |
(اي نبي!) ۽ موڪليا هئا تو کان اڳي جيڪي به رسول اهي سڀ کاڌو کائڻ وارا ماڻهو ئي هئا ۽ گهمڻ وارا هئا بازارن ۾، ۽ اصل ۾ اسان بنايو آهي توهان کي هڪ ٻئي تي آزمائش جو ذريعو، ڇا توهان صبر ڪريو ٿا؟ ۽ توهان جو رب سڀڪجهه ڏسي ٿو |
وَقالَ الَّذينَ لا يَرجونَ لِقاءَنا لَولا أُنزِلَ عَلَينَا المَلٰئِكَةُ أَو نَرىٰ رَبَّنا لَقَدِ استَكبَروا فى أَنفُسِهِم وَعَتَو عُتُوًّا كَبيرًا (آيت : 21) |
۽ چوندا آهن اهي ماڻهو جيڪي اسان جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جي اميد نٿا رکن ته ڇو نه نازل ڪيا ويا اسان تي فرشتا؟ يا ڏسون اسان پنهنجي رب کي. اهي وڏي آڪڙ پنهنجي اندر (نفس) ۾ رکيو ويٺا آهن ۽ اهي حد کان ٽپي ويل آهن |
يَومَ يَرَونَ المَلٰئِكَةَ لا بُشرىٰ يَومَئِذٍ لِلمُجرِمينَ وَيَقولونَ حِجرًا مَحجورًا (آيت : 22) |
جنهن ڏينهن اهي فرشتن کي ڏسندا ته اهو خوشخبريءَ جو ڏينهن نه هوندو ڏوهاري مجرمن جي لاءِ، ۽ رڙيون ڪندا ته خدا جي پناهه |
وَقَدِمنا إِلىٰ ما عَمِلوا مِن عَمَلٍ فَجَعَلنٰهُ هَباءً مَنثورًا (آيت : 23) |
۽ جيڪو ڪجهه عمل به انهن جو ڪيل آهي تنهن کي کڻي اسان دز وانگر اڏاري ڇڏينداسين |
أَصحٰبُ الجَنَّةِ يَومَئِذٍ خَيرٌ مُستَقَرًّا وَأَحسَنُ مَقيلًا (آيت : 24) |
بس اهي ئي ماڻهو جيڪي بهشت جا حقدار آهن، اهي ان ڏينهن سٺي هنڌ ۽ سٺي منجهند گذاريندا |
وَيَومَ تَشَقَّقُ السَّماءُ بِالغَمٰمِ وَنُزِّلَ المَلٰئِكَةُ تَنزيلًا (آيت : 25) |
۽ ان ڏينهن آسمان کي چيريندڙ هڪ ڪڪر ظاهر ٿيندو ۽ (لاٿا) نازل ڪيا ويندا فرشتن جا ڪيترا ئي ٽولا |
المُلكُ يَومَئِذٍ الحَقُّ لِلرَّحمٰنِ وَكانَ يَومًا عَلَى الكٰفِرينَ عَسيرًا (آيت : 26) |
ان ڏينهن حقيقي بادشاهي فقط رحمٰن جي هوندي ۽ اهو ڏينهن منڪرن جي لاءِ تمام سخت هوندو |
وَيَومَ يَعَضُّ الظّالِمُ عَلىٰ يَدَيهِ يَقولُ يٰلَيتَنِى اتَّخَذتُ مَعَ الرَّسولِ سَبيلًا (آيت : 27) |
۽ ان ڏينهن ظالم شخص چٻاڙيندو پنهنجو هٿ ۽ چوندو، هاءِ افسوس مون ساٿ ڏنو هجي ها رسول الله جو سڌي راهه تي |
يٰوَيلَتىٰ لَيتَنى لَم أَتَّخِذ فُلانًا خَليلًا (آيت : 28) |
هاءِ منهنجو نڀاڳ، جي آءٌ نه بڻايان ها فلاڻي شخص کي دوست |
لَقَد أَضَلَّنى عَنِ الذِّكرِ بَعدَ إِذ جاءَنى وَكانَ الشَّيطٰنُ لِلإِنسٰنِ خَذولًا (آيت : 29) |
ان جي ورغلائڻ تي مون اها نصيحت نه مڃي جيڪا مون وٽ آئي هئي، ۽ (وقت تي) شيطان ماڻهوءَ کي دغا ڏيندڙ (هو وڏو بيوفا) آهي |
وَقالَ الرَّسولُ يٰرَبِّ إِنَّ قَومِى اتَّخَذوا هٰذَا القُرءانَ مَهجورًا (آيت : 30) |
۽ رسول چوندو ته، يا رب! بيشڪ منهنجي قوم هن قرآن کي ٺٺولي جو مرڪز بڻايو هو |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِنَ المُجرِمينَ وَكَفىٰ بِرَبِّكَ هادِيًا وَنَصيرًا (آيت : 31) |
۽ (اي نبي!) اسان هر پيغمبر جي لاءِ ويري بڻايوسين اهڙن ئي ڏوهاري مجرمن کي، ۽ ڪافي آهي تنهنجو رب رهنمائي ۽ مدد جي لاءِ |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ القُرءانُ جُملَةً وٰحِدَةً كَذٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِ فُؤادَكَ وَرَتَّلنٰهُ تَرتيلًا (آيت : 32) |
۽ چون ٿا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي، ته هڪ ئي وقت ۾ نازل ڇو نه ڪيو ويو هن شخص تي مڪمل قرآن؟ ها، اهو ان ڪري ڪيو ته اسان مضبوط ڪريون چڱيءَ طرح سان تنهنجي دل ۽ تنهنجي ذهن ۾ ويهاريون (ان لاءِ) اسان ان کي حصن ۾ ترتيب ڏنو |
وَلا يَأتونَكَ بِمَثَلٍ إِلّا جِئنٰكَ بِالحَقِّ وَأَحسَنَ تَفسيرًا (آيت : 33) |
۽ نٿا آڻين ڪو به مثال تنهنجي آڏو (يعني اعتراض) پر اسين حق سان سٺو جواب تفصيل سان توکي عطا ڪريون ٿا |
الَّذينَ يُحشَرونَ عَلىٰ وُجوهِهِم إِلىٰ جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ شَرٌّ مَكانًا وَأَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 34) |
جيڪي ماڻهو ڌِڪيا ويندا منهن ڀر دوزخ ڏانهن، تن جو حشر تمام برو هوندو ۽ رستو به انهن کان گهڻو پري حد درجي جو غلط هوندو |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَجَعَلنا مَعَهُ أَخاهُ هٰرونَ وَزيرًا (آيت : 35) |
۽ اسان عطا ڪيو موسيٰ کي ڪتاب ۽ بڻايوسين ساڻس گڏ سندس ڀاءُ هارون کي مددگار |
فَقُلنَا اذهَبا إِلَى القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَدَمَّرنٰهُم تَدميرًا (آيت : 36) |
کين چيوسين ته ان قوم ڏي وڃو جنهن ڪوڙو چيو آهي اسان جي آيتن کي، آخرڪار انهن ماڻهن کي اسان تباهه ڪيو |
وَقَومَ نوحٍ لَمّا كَذَّبُوا الرُّسُلَ أَغرَقنٰهُم وَجَعَلنٰهُم لِلنّاسِ ءايَةً وَأَعتَدنا لِلظّٰلِمينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 37) |
۽ اهو ئي حال قوم نوح جو ٿيو، جڏهن انهن ڪوڙو چيو رسولن کي، اسان کين غرق ڪيو ۽ بڻايوسين انهن کي ماڻهن جي لاءِ عبرت جي نشاني، ۽ تيار ڪيو آهي اهڙن ظالمن جي لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَأَصحٰبَ الرَّسِّ وَقُرونًا بَينَ ذٰلِكَ كَثيرًا (آيت : 38) |
۽ اهڙيءَ طرح عاد ۽ ثمود ۽ رس وارا ۽ وچ وارين صدين جا ماڻهو تباهه ڪياسين ڪيترا ئي |
وَكُلًّا ضَرَبنا لَهُ الأَمثٰلَ وَكُلًّا تَبَّرنا تَتبيرًا (آيت : 39) |
۽ انهن کي اسان اڳي تباهه ٿيندڙن جا مثال ڏئي سمجهايو ۽ آخرڪار هرهڪ کي ناس ڪيو |
وَلَقَد أَتَوا عَلَى القَريَةِ الَّتى أُمطِرَت مَطَرَ السَّوءِ أَفَلَم يَكونوا يَرَونَها بَل كانوا لا يَرجونَ نُشورًا (آيت : 40) |
۽ لنگهڻ ٿيو آهي انهن جو ان وستيءَ وٽان، جنهن تي تمام بڇڙي برسات وسائي وئي هئي، ڇا انهن ان جو حال نه ڏٺو هوندو؟ پر اهي موت کان پوءِ ٻي زندگيءَ جي اميد نٿا رکن |
وَإِذا رَأَوكَ إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى بَعَثَ اللَّهُ رَسولًا (آيت : 41) |
۽ جڏهن اهي ماڻهو توکي ڏسن ٿا ته توتي ٽوڪ بازي ڪندي چون ٿا، ڇا هي ئي اهو شخص آهي جنهن کي موڪليو آهي الله رسول ڪري؟ |
إِن كادَ لَيُضِلُّنا عَن ءالِهَتِنا لَولا أَن صَبَرنا عَلَيها وَسَوفَ يَعلَمونَ حينَ يَرَونَ العَذابَ مَن أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 42) |
هي ته اسان کي گمراهه ڪري پنهنجي خدائن کان ڦيرائي ڇڏي ها، اگر انهن جي عقيدت تي (پڪا) قائم نه هجون ها، پوءِ چڱو اهو وقت به پري ناهي جڏهن کين معلوم ٿي ويندو عذاب کي ڏسندي ئي ته ڪير گمراهيءَ ۾ پري نڪتو هو |
أَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ أَفَأَنتَ تَكونُ عَلَيهِ وَكيلًا (آيت : 43) |
تو ڪڏهن ان شخص تي غور ڪيو جنهن بڻايو هجي پنهنجي نفس جي خواهشن کي خدا؟ تون اهڙي شخص کي سڌي راهه تي آڻڻ جو ذمو کڻندين؟ |
أَم تَحسَبُ أَنَّ أَكثَرَهُم يَسمَعونَ أَو يَعقِلونَ إِن هُم إِلّا كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ سَبيلًا (آيت : 44) |
ڇا تون سمجهين ٿو ته انهن ماڻهن مان گهڻا اهڙا آهن جيڪي ٻڌن ۽ سمجهن ٿا؟ اهي ته ائين آهن جيئن ڪي جانور هجن يا انهن کان به اهي ويل گمراهه ٿيل آهن |
أَلَم تَرَ إِلىٰ رَبِّكَ كَيفَ مَدَّ الظِّلَّ وَلَو شاءَ لَجَعَلَهُ ساكِنًا ثُمَّ جَعَلنَا الشَّمسَ عَلَيهِ دَليلًا (آيت : 45) |
ڇا تو ڏٺو نه آهي، ته تنهنجو رب ڪهڙيءَ طرح پاڇي کي پکيڙي ٿو؟ ۽ اگر اهو چاهي ها ته ان کي سدائين لاءِ بيهاري ڇڏي ها، پوءِ اسان بنايو سج کي ان تي دليل |
ثُمَّ قَبَضنٰهُ إِلَينا قَبضًا يَسيرًا (آيت : 46) |
پوءِ جيئن ئي اهو (سج) مٿي ٿئي ٿو ته اسان ان کي پاڻ ڏي آهستي سوڙهو ڪندا ويندا آهيون |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِباسًا وَالنَّومَ سُباتًا وَجَعَلَ النَّهارَ نُشورًا (آيت : 47) |
۽ اهو (الله) ئي آهي جنهن بڻايو توهان لاءِ رات کي لباس ۽ ننڊ کي موت وارو سڪون ۽ بڻايو ڏينهن کي (وري) جيءَ اٿڻ جو وقت |
وَهُوَ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً طَهورًا (آيت : 48) |
۽ اهو (الله) ئي آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري پنهنجي رحمت جي اڳيان، ۽ اسان نازل ڪندا آهيون آسمان مان پاڻي جيڪو پاڪ آهي |
لِنُحۦِىَ بِهِ بَلدَةً مَيتًا وَنُسقِيَهُ مِمّا خَلَقنا أَنعٰمًا وَأَناسِىَّ كَثيرًا (آيت : 49) |
جيئن هڪ ويران علائقي کي زندگي بخشي ان جي ذريعي ۽ ڍؤ ڪرائيندا آهيون پنهنجي مخلوق جانورن ۽ انسانن کي گهڻي قدر |
وَلَقَد صَرَّفنٰهُ بَينَهُم لِيَذَّكَّروا فَأَبىٰ أَكثَرُ النّاسِ إِلّا كُفورًا (آيت : 50) |
۽ انهيءَ ڪرشمي کي اسان بار بار انهن جي آڏو ورجائيندا آهيون جيئن اهي ڪو سبق وٺن پر گهڻا ماڻهو ڪفر (ناشڪري) کان سواءِ ٻيو رويو ئي نٿا وٺن |
وَلَو شِئنا لَبَعَثنا فى كُلِّ قَريَةٍ نَذيرًا (آيت : 51) |
۽ جي اسان چاهيون ته موڪليون ها وستيءَ ۾ هڪ هڪ خبردار ڪندڙ |
فَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَجٰهِدهُم بِهِ جِهادًا كَبيرًا (آيت : 52) |
پر (اي نبي!) نه مڃ ڪافرن جي ڪابه ڳالهه، ۽ انهن سان سخت جهاد ڪر (هن قرآن سان) وڌ ۾ وڌ |
وَهُوَ الَّذى مَرَجَ البَحرَينِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَجَعَلَ بَينَهُما بَرزَخًا وَحِجرًا مَحجورًا (آيت : 53) |
۽ اهو ئي (الله) آهي جنهن ملائي رکيو آهي ٻن سمنڊن کي پاڻ ۾، هڪ لذيذ ۽ مٺو ۽ ٻيو لوڻاٺو ۽ ڪڙو، ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو اوٽ آهي، ۽ انهن کي گڏ ٿيڻ کان اهو روڪيو بيٺو آهي |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ مِنَ الماءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُ نَسَبًا وَصِهرًا وَكانَ رَبُّكَ قَديرًا (آيت : 54) |
۽ اهو ئي (الله) آهي جنهن خلقيو آهي پاڻيءَ مان هڪ بشر کي ۽ ان مان پيڙهي (نسب) ۽ ساهرن جا ڌار ڌار سلسلا رکيا، ۽ (سچ پچ ته) تنهنجو رب وڏي قدرت رکي ٿو |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُهُم وَلا يَضُرُّهُم وَكانَ الكافِرُ عَلىٰ رَبِّهِ ظَهيرًا (آيت : 55) |
۽ ماڻهو وري پوڄا ڪن ٿا اهڙي الله کي ڇڏي ٻين جي جيڪي انهن کي نه ته نفعو ٿا ڏئي سگهن ۽ نه وري ڪو نقصان ئي سهي، ۽ ان جي مٿان وڌيڪ هي ته ڪافر پنهنجي رب جي مقابلي ۾ هر باغي جو مددگار آهي |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا مُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 56) |
۽ (اي نبي!) اسان توکي موڪليو آهي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِلّا مَن شاءَ أَن يَتَّخِذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 57) |
انهن کي چؤ ته، آئون هن ڪم تي توهان کان نٿو گهران ڪوبه اجورو، بس اهو ئي آهي اجورو ته جنهن جي دل گهري سو اختيار ڪري پنهنجي رب جي راهه |
وَتَوَكَّل عَلَى الحَىِّ الَّذى لا يَموتُ وَسَبِّح بِحَمدِهِ وَكَفىٰ بِهِ بِذُنوبِ عِبادِهِ خَبيرًا (آيت : 58) |
۽ (اي نبي!) ان خدا تي ڀروسو رک جيڪو جيئرو آهي، ڪڏهن به مرڻ وارو ناهي، ۽ سندس ساراهه سان پاڪائي بيان ڪر، ۽ ان جو ڪافي آهي پنهنجن ٻانهن جي گناهن کان باخبر رهڻ |
الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ الرَّحمٰنُ فَسـَٔل بِهِ خَبيرًا (آيت : 59) |
اهو ئي آهي جنهن خلقيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ پاڻ ئي (ڪائنات جي تخت جي سلطنت) عرش تي جلوه فرما ٿيو. رحمٰن آهي ان جو شان، (پوءِ) ڪنهن باخبر کان پڇو |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اسجُدوا لِلرَّحمٰنِ قالوا وَمَا الرَّحمٰنُ أَنَسجُدُ لِما تَأمُرُنا وَزادَهُم نُفورًا (آيت : 60) |
۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن ماڻهن کي ته سجدو ڪريو هن رحمٰن کي، ته چون ٿا ته اهو (وري) رحمٰن ڇا آهي؟ ڇا اسين ان کي سجدو ڪندا وتون بس تون جنهن لاءِ چوين؟ ۽ وڌائي ٿي سندن نفرت کي هيءَ دعوت |
تَبارَكَ الَّذى جَعَلَ فِى السَّماءِ بُروجًا وَجَعَلَ فيها سِرٰجًا وَقَمَرًا مُنيرًا (آيت : 61) |
وڏي برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن آسمان ۾ بڻايا برج ۽ ان ۾ بڻايو هڪ ڏيئو (سج) ۽ هڪ چمڪندڙ چنڊ کي روشن ڪيو |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ الَّيلَ وَالنَّهارَ خِلفَةً لِمَن أَرادَ أَن يَذَّكَّرَ أَو أَرادَ شُكورًا (آيت : 62) |
۽ اهو ئي آهي جنهن بڻايو آهي رات ۽ ڏينهن کي هڪ ٻئي جي جاءِ وٺندڙ، هي هر ان شخص لاءِ سبق آهي يا اهو شڪر گذار رهي |
وَعِبادُ الرَّحمٰنِ الَّذينَ يَمشونَ عَلَى الأَرضِ هَونًا وَإِذا خاطَبَهُمُ الجٰهِلونَ قالوا سَلٰمًا (آيت : 63) |
۽ اصلي ٻانها ته رحمٰن جا اهي ماڻهو آهن جيڪي هلندا آهن زمين تي نرم چال سان ۽ جڏهن مخاطب ٿين ٿا جاهلن سان ته چوندا آهن توهان تي سلام هجي |
وَالَّذينَ يَبيتونَ لِرَبِّهِم سُجَّدًا وَقِيٰمًا (آيت : 64) |
۽ جيڪي گذاريندا آهن راتيون پنهنجي رب جي حضور ۾ سجدو ڪندي ۽ بيٺي |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنَا اصرِف عَنّا عَذابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذابَها كانَ غَرامًا (آيت : 65) |
۽ جيڪي دعائون ڪندا آهن ته اي اسان جا رب! بچاءِ اسان کي عذابِ جهنم کان، بيشڪ اهو عذاب ته وڏي چٽي آهي اسان جي جان لاءِ |
إِنَّها ساءَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 66) |
بيشڪ اهو ڏاڍو برو هنڌ ۽ بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
وَالَّذينَ إِذا أَنفَقوا لَم يُسرِفوا وَلَم يَقتُروا وَكانَ بَينَ ذٰلِكَ قَوامًا (آيت : 67) |
۽ اهي جيڪي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته ڪڏهن به اجايو نٿا ڪن ۽ نه وري ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ سندن خرچ ته ٻنهي ڇيڙن جي وچ ۾ قائم هوندو آهي |
وَالَّذينَ لا يَدعونَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ وَلا يَقتُلونَ النَّفسَ الَّتى حَرَّمَ اللَّهُ إِلّا بِالحَقِّ وَلا يَزنونَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ يَلقَ أَثامًا (آيت : 68) |
۽ اهي نه پڪاريندا آهن ڪنهن ٻئي معبود کي سواءِ الله جي، ۽ نه ٿا قتل ڪن ڪنهن اهڙي جان کي جيڪا حرام ڪيل هجي الله جي طرفان سواءِ حق جي، ۽ نه وري زنا ئي ڪندا آهن، ۽ جيڪو به اهي ڪم ڪندو سو بدلو ڏسندو پنهنجي گناهه جو |
يُضٰعَف لَهُ العَذابُ يَومَ القِيٰمَةِ وَيَخلُد فيهِ مُهانًا (آيت : 69) |
ٻيڻو ڏنو ويندو ان کي عذاب قيامت جي ڏينهن ۽ سدائين لاءِ رهندو انهيءَ ذلت ۾ |
إِلّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صٰلِحًا فَأُولٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِهِم حَسَنٰتٍ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 70) |
پر جيڪڏهن (گناهن کان پوءِ) توبه ڪري چڪو هجي، ۽ ايمان آڻي پنهنجا عمل سڌاري سٺا ڪري چڪو هجي، ته اهڙن ماڻهن لاءِ بدلائي ڇڏيندو آهي الله سندن براين کي ڀلاين ۾، ۽ اهو ئي آهي الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو |
وَمَن تابَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَإِنَّهُ يَتوبُ إِلَى اللَّهِ مَتابًا (آيت : 71) |
۽ جيڪو شخص توبه ڪري ۽ عمل نيڪ ڪري ٿو، پوءِ اهو موٽي اچي ٿو الله ڏانهن جيئن موٽڻ جو حق آهي |
وَالَّذينَ لا يَشهَدونَ الزّورَ وَإِذا مَرّوا بِاللَّغوِ مَرّوا كِرامًا (آيت : 72) |
۽ اهي شخص (الله جا ٻانها آهن) جيڪي شاهد نٿا ٿين ڪوڙ جا، ۽ جي ڪنهن بيهودي ڪم وٽان سندن گذر ٿيو ته شريفن وانگر هليا وڃن ٿا |
وَالَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَم يَخِرّوا عَلَيها صُمًّا وَعُميانًا (آيت : 73) |
۽ جن کي جي آيتون ٻڌائي سندن رب جون نصيحت ڪجي ٿي ته اهي ائين نه هوندا آهن جيئن انڌا ۽ ٻوڙا هجن |
وَالَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا هَب لَنا مِن أَزوٰجِنا وَذُرِّيّٰتِنا قُرَّةَ أَعيُنٍ وَاجعَلنا لِلمُتَّقينَ إِمامًا (آيت : 74) |
۽ جيڪي دعائون گهرندا آهن ته، اي اسان جا رب! اسان کي پنهنجين زالن ۽ اسان جي اولاد مان اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي بناءِ پرهيزگارن جو امام |
أُولٰئِكَ يُجزَونَ الغُرفَةَ بِما صَبَروا وَيُلَقَّونَ فيها تَحِيَّةً وَسَلٰمًا (آيت : 75) |
هي ئي اهي ماڻهو آهن جيڪي اوچي منزل جي شڪل ۾ صبر جو ڦل حاصل ڪندا ۽ انهن جو استقبال وڏي ادب ۽ سلام سان ٿيندو |
خٰلِدينَ فيها حَسُنَت مُستَقَرًّا وَمُقامًا (آيت : 76) |
اهي هميشه اتي رهندا، ڪهڙو نه سٺو آهي اهو آرام ڪرڻ ۽ رهڻ جو هنڌ |
قُل ما يَعبَؤُا۟ بِكُم رَبّى لَولا دُعاؤُكُم فَقَد كَذَّبتُم فَسَوفَ يَكونُ لِزامًا (آيت : 77) |
(اي نبي!) ماڻهن کي چؤ، منهنجي رب جو توهان سان ڪهڙو ڪم جي توهان ان کي نٿا پڪاريو، پر هاڻي ته توهان (پيغمبر کي) ڪوڙو چيو آهي، جلد سزا لهندؤ ۽ جان ڇڏائڻ به محال هوندي |