سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا (حڪم) فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون آيتون نازل ڪيون اٿئون ته جيئن اوهين (غور ڪري) سبق حاصل ڪريو. |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد، سو ٻنهين مان هر هڪ کي سو لڪڻ هڻو ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا ته خدا جو حڪم جاري ڪرڻ ۾ اوهان کي مٿن ڪجھ به ترس يا لحاظ نه ڪرڻ گهرجي پڻ انهن ٻنهين جي سزا جي وقت مومنن جي هڪ جماعت موجود هئڻ گهرجي. |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زنا ڪرڻ وارو مرد، زنا ڪرڻ واري زال يا مشرڪه زال سان نڪاح ڪندو پڻ زنا ڪرڻ واري زال به زنا ڪرڻ واري مرد يا مشرڪ سان ڪندي. ۽ سچن ايماندارن تي ته ان قسم جا تعلقات حرام آهن. |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي ماڻهو پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت هڻن ۽ وري (پنهنجي ڳالھ جا) چار شاهد پيش نه ڪن ته انهن کي اسي لڪڻ هڻو ۽ (اڳتي) انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ (ياد رکو ته) اهي ماڻهو پاڻ بدڪار آهن. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پر هاءُ! جن شخصن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريائون ته بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجين زالن تي (زنا جو) عيب لڳائين ۽ (ان جي ثابتيءَ ۾) انهن کان سواءِ ٻيو ڪو به شاهد نه هجي ته اهڙن ماڻهن مان هڪ جي شاهدي چار ڀيرا (هن طرح) هوندي جو اهو ماڻهو (ڀيري ڀيري سان) خدا جو قسم کائي ڳالھ ڪري ۽ اهو (پنهنجي دعوى ۾) ضرور سچو آهي. |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجين ڀيري هئين (چوندو) ته جيڪڏهن اهو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ان تي خدا جي لعنت آهي. |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ عورت (جي سر) تان هن ريت سزا ٽري سگهي ٿي جو اها چار دفعا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي ماڻهو (سندس مڙس دعوى ۾) پڪ ڪوڙو آهي |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجين دفعي چوي ته جيڪڏهن هي ماڻهو (پنهنجي دعوى ۾) سچو آهي ته مون تي خدا جو غضب پوي. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته (تون ڏسين ها ته تهمت لڳائڻ وارن جو حال ڪهڙو ٿو ٿئي) ۽ بيشڪ خدا وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو حڪيم آهي. |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪوڙي تهمت هنئين اهو توهان مان ئي هڪ جماعت آهي. اوهين پنهنجي لاءِ ان تهمت کي برو نه سمجهو پر اها اوهان جي حق ۾ چڱي آهي. انهن مان جنهن شخص جيترو به گناھ ڪيو سو پنهنجي (سزا) کي پاڻ ڀوڳيندو ۽ انهن مان جنهن شخص ان تهمت جو وڏو حصو (پاڻ تي) کنيو تنهن جي لاءِ تمام (سخت) سزا هوندي. |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
۽ جڏهن اوهان ماڻهن ان کي ٻڌو ته تنهن وقت (ئي) مومن مردن ۽ مومن عورتن پنهنجن ماڻهن ۾ نيڪيءَ جو گمان ڇو ڪين ڪيو ۽ هينئن ڇو نه چيائون ته هي ته ظاهر (ظهور) تهمت آهي. |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
۽ جن ماڻهن تهمت هنئين هئي تن پنهنجي سچائي جي ثبوت لاءِ چار شاهد ڇو ڪين پيش ڪيا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد پيش نه ڪيا ته خدا وٽ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن اوهان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ خدا جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالھ جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي تمام (سخت) عذاب اچي وٺي. |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جنهن وقت اوهان ان ڳالھ کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي وات سان اها ڳالھ چئي جنهن جو اوهان کي علم ۽ يقين نه هو ۽ (وڏي ڳالھ ته) اوهان ان کي سولو ٿي سمجهيو پر خدا وٽ اها ڳالھ تمام وڏي (سخت ڳالھ) هئي. |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
۽ جڏهن اوهان اهاڳالھ ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالھ ڪرڻ مناسب نه آهي. سبحان الله! هي وڏو بهتان آهي. |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
خدا توهان کي نصيحت ڪري ٿو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته ياد رکو! وري ڪڏهن به ائين نه ڪجو. |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ خدا اوهان سان (پنهنجا) حڪم صاف صاف بيان ڪري ٿو ۽ خدا ته وڏو ڄاڻڻهار حڪيم آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي تهمت پڪڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا (۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ خدا (اصل حال کي) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها. ۽ هيءَ ڳالھ به ته خدا (پنهنجي بندن تي) شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته توهين ڏسو ها ڇا ٿئي ها). |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي ايمان وارو! شيطان جي وکن تي نه هلو! ۽ جيڪو شيطان جي وکن تي هليو ڇو ته هو يقينا بدڪاري ۽ بڇڙي ڪم (ڪرڻ) جو حڪم ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اوهان تي، الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو به پاڪ صاف نه هجي ها پر خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڪ صاف ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ اوهان مان جيڪي ماڻهو دولت ۽ آسودگيءَ وارا آهن سي مٽن مائٽن ۽ مسڪينن ۽ خدا جي راھ ۾وطن ڇڏيندڙن کي ڏيڻ کان قسم نه کڻن، پر کين گهرجي ته (انهن جي خطا) معاف ڪن ۽ وساري ڇڏين. ڇا اوهين هيءَ ڳالھ پسند نٿا ڪريو ته خدا توهان جي خطا معاف ڪري. ۽ خدا ته معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن بي خبر ايمان وارين زالن تي (بدڪاريءَ) جي تهمت هڻن ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ (خدا جي) لعنت آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
جنهن ڏينهن مٿن سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير جيڪي ڪندا هئا، تنهن جي شاهدي ڏيندا. |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
ان ڏينهن الله انهن کي سندن صحيح پورو بدلو ڏيندو ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي سچو ۽ حق کي ظاهر ڪرڻ وارو آهي. |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
بڇڙيون زالون بڇڙن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ بڇڙا مرد بڇڙين زالن لاءِ آهن. ۽ چڱيون زالون چڱن مردن لاءِ (مناسب) آهن ۽ چڱا مرد چڱين زالن لاءِ آهن. بهتان رکندڙ ماڻهو جيڪا ڳالھ انهن بابت بڪن ٿا تنهن کان اهي پاڪ صاف آهن. اهڙن ئي (پاڪ ماڻهن) لاءِ (آخرت ۾) معافي ۽ عزت ڀري روزي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارو! اوهين پنهنجن گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو، ايستائين جو اجازت وٺو ۽ ان جي رهڻ وارن تي سلام ڪريو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. (هيءَ سمجهاڻي هن ڪري آهي ته) من اوهين ياد رکو. |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو اوهان کي نه ملي ته انهن ۾ (ايستائين) داخل نه ٿيو جيستائين اوهان کي اجازت (نه) ڏني وڃي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي چيو وڃي ته ”موٽي وڃو” ته (پوءِ) موٽي وڃو! اها (ڳالھ) اوهان لاءِ تمام سٺي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
اوهان تي هن ۾ ڪو گناھ نه آهي ته غير آباد گهرن ۾ داخل ٿيو جتي اوهان جو سامان هجي. ۽ اوهين جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
(اي رسول) ايمان وارن کي چئو ته پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجن اگهڙن کي بچائين. اها انهن لاءِ تمام چڱي ڳالھ آهي اهي ماڻهو جيڪي ڪن ٿا بيشڪ خدا تنهن کان ڀليءَ ڀت خبردار آهي. |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ (اي رسول) ايمان وارين عورتن کي به چئو ته اهي به پنهنجيون اکيون هيٺ ڪن ۽ پنهنجي اگهڙن کي بچائين، ۽ پنهنجي سينگار جي جاين کي (ڪنهن تي) ظاهر نه ڪن پر جو خود بخود ظاهر ٿئي ٿو (لڪي نٿو سگهي) تنهن ۾ ڏوھ نه آهي ۽ کين گهرجي ته پنهنجيون پوتيون پنهنجين ڇاتين تي وجهن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن مگر پنهنجن مڙسن اڳيان يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن يا سهرن يا پنهنجي پٽن يا پنهنجن مڙسن جي پٽن کان يا ڀائرن کان يا پنهنجن ڀاڻيجن کان يا پنهنجي زالن (جي اڳيان) يا ٻانهين (اڳيان) يا خدمتگار پوڙها مرد جن کي (زالن ڏي) ڪو خيال نه آهي، يا اهي ٻار جيڪي اڃان زالن جي اگهڙن کان واقف نه ٿيا هجن (تن جي اڳيان ڀلي ظاهر ڪن) ۽ هلڻ ۾ پنهنجا پير زمين تي اهڙي طرح نه رکن جنهن کان ماڻهن کي سندن لڪل سينگار (زيورن جو آواز وغيره) جي خبر پوي. ۽ ايمان وارو! اوهين گڏجي پنهنجي پالڻهار جي اڳيان توبه ڪريو ته من اوهين ڪامياب ٿيو. |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ اوهين پاڻ مان بنا مڙس زالن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين آسودو ڪندو. ۽ خدا گهڻو عطا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي. |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ جيڪي نڪاح جي طاقت نٿا رکن تن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي تان جو خدا کين پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان آسودو ڪري. ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي مال ڏيئي (پنهنجي) آزادي گهرن تن ۾ جيڪڏهن اوهين ڪا صلاحيت ڏسو ته کين لکيل آزادي ڏيو. ۽ کين خدا جي ان مال مان ڏيو جو اوهان کي ڏنو اٿس. ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪڏهن پاڪدامن رهڻ گهرن ته دنياوي زندگيءَ جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته انهن جي مجبور ٿيڻ کان پوءِ (به) خدا (انهن ٻانهين کي) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ (ايمان وارو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي پڌريون آيتون ۽ جيڪي اوهان کان اڳ گذري چڪا آهن تن جو ڪجھ حال ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت نازل ڪئي آهي. |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
خدا ته آسمان ۽ زمين جو نور آهي. تنهن جي نور جو مثل اهڙو آهي جهڙو هڪ روشندان (سينو) آهي تنهن ۾ هڪ روشن چراغ (شريعت جو علم) هجي ۽ (اهو) چراغ شيشي جي قنديل (دل) ۾ هجي (۽) قنديل (ايتري قدر شفاف هجي جو) ڄڻ اهو موتيءَ وانگر چمڪندڙ تارو، (اهو چراغ) زيتون جي اهڙي مبارڪ وڻ (جي تيل) سان روشن ڪيو وڃي جو نه اڀرندي ۾ آهي ۽ نه الهندي ڏي. (بلڪ بلڪل وچ) ميدان ۾، سندس تيل (اهڙو صاف شفاف هجي جو) جيتوڻيڪ باھ کيس ڇهي نه! ته تڏهن به ائين معلوم ٿئي ته پاڻ ئي پاڻ روشن ٿي ويندو (مطلب ته هڪ نور نه آهي پر) نور على نور آهي (يعني نور مٿان نور آهي) خدا جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجيءَ روشني جو رستو ڏيکاري ٿو. ۽ خدا ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي، |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
۽ اها (قنديل) انهن گهرن ۾ روشن آهي جن لاءِ خدا حڪم ڏنو آهي ته انهن جي عزت ڪئي وڃي ۽ انهن ۾ سندس نالو ورتو وڃي جنهن ۾ صبح ۽ شام سندس تسبيح ڪندا آهن. |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
اهڙا شخص جي کي خدا جو ذڪر ۽ نماز پڙهڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ کان نه واپار ۽ نه سودو غافل ڪري ٿو. هي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ (خوف کان) دليون ۽ اکيون ڦري وينديون. |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
(سندس عبادت هن لاءِ ڪن ٿا) ته جيئن انهن جيڪو چڱو ڪم ڪيو آهي تنهن جو خدا کين سٺي کان سٺو بدلو عطا ڪري. ۽ پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين اڃا به وڌائي ڏئي، ۽ خدا جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي بي حساب روزي ڏئي ٿو. |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ جن ڪفر اختيار ڪيو، تن جا عمل رڻ پٽ جي رڃ وانگر آهن، جو اڃايل ان کي پاڻي خيال ڪري، تان جو جڏهن ان وٽ اچي ته ڪا شيءِ نه لهي (۽ اڃ ۾ ڦتڪي مري) ۽ خدا کي اتي لهي ته سندس حساب (ڪتاب) پورو پورو چڪائي ڏنو، ۽ خدا ته تمام جلد حساب ڪرڻ وارو آهي. |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا (ڪافرن جا عمل) اونهي دريا جي اونداهين وانگر آهن جيئن هڪ لهر جي مٿان ٻي لهر ڍڪي مٿانئس (تھ تي تھ) چاڙهي (بلڪ) اونداهيون هڪ ٻئي جي مٿان هجن. جڏهن هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به ڏسڻ ۾ نه اچي ۽ جنهن کي خدا (هدايت جي) روشني نه ٿو ڏي تنهن لاءِ (ڪٿي به) روشني نه آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
(اي شخص) ڇا تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ۽ پکي پر پکيڙي خدا جي پاڪائي بيان ڪن ٿا. سڀ ڪو پنهنجي عبادت ۽ تسبيح جو طريقو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا خدا تنهن کان خوب واقف آهي. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ سڀني آسمانن ۽ زمين جي سلطنت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي پڻ خدا جي طرف ئي (سڀ کي) موٽڻو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
ڇا تو هن (ڳالھ) تي نظر نه ڪئي ته بيشڪ خدا ڪڪرن کي هلائي ٿو وري انهن کي تھ به تھ ڪري ٿو پوءِ تون انهن جي وچان مينهن وسندو ڏسين ٿو ۽ ڪڪرن ۾ جي ڳڙن جا جبل آهن تن مٿان (ڳڙا) وسائي ٿو پوءِ جنهن تي گهري ٿو تنهن تي انهن (ڳڙن) سان تڪليف آڻي ٿو ۽ جنهن تان گهري ٿو تنهن تان انهن کي ٽاري ٿو ان جي وڄ جو چمڪاٽ اکيون ٿو نئي. |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
خدا ئي رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي (گهيرائي) ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ خدا ئي سڀ ڪنهن جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر هلي ٿو ته ڪو انهن مان ٻن پيرن تي هلي ٿو ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. خدا جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
اسان ئي پڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون پڻ الله ئي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ (ڪي ماڻهو اهڙا به آهن) جي چون ٿا ته اسان خدا ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ فرمانبرداري قبول ڪئي، وري ان کان پوءِ انهن مان ڪي ماڻهو (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪن ٿا، (سچ ته) اهي ماڻهو ايمان وارا هئا ئي ڪين. |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
پڻ جڏهين اهي ماڻهو خدا ۽ سندس رسول ڏي سڏايا وڃن ٿا ته جيئن رسول سندن ڪيل جهڳڙن جو فيصلو ڪري ته انهن مان هڪ ٽولو منهن موڙي ٿو. |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
۽ (اصل ڳالھ هئين آهي ته) جيڪڏهن حق انهن جي پاسي هجي ها ته سر جهڪائي (ماٺ ۾) رسول ڏي ڊڪندا اچن ها. |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا انهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ (اڃا) آهي يا شڪ ۾ پيا آهن يا هن ڳالھ کان ڊڄن ٿا ته (متان) خدا ۽ ان جو رسول انهن تي زيادتي ڪن (ٻيو ڪجھ نه آهي) پر اهي پاڻ ظالم آهن. |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
ايمان وارن جو قول ته رڳو هي آهي ته جڏهن کين خدا ۽ رسول ڏي سڏايو وڃي ٿو هن لاءِ ته سندن پنهنجن جهيڙن جو فيصلو ڪريون ته چون ٿا ته اسان (حڪم) ٻڌو ۽ (دل سان) مڃيو، پڻ اهي ئي ماڻهو (آخرت ۾) ڪامياب ٿيڻ وارا آهن. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃي ۽ خدا کان ڊڄي ۽ ان (جي نافرمانيءَ) کان پڻ بچائيندو رهندو ته اهڙا ئي شخص پنهنجيءَ مراد کي پهچندا. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ (اي رسول) انهن (منافقن تنهنجي تابعداري بابت) خدا جا سخت کان سخت قسم کنيا آهن ته جيڪڏهن حڪم ڪرين ته يڪدم (گهرٻار ڇڏي) نڪري پئون، تو کين چئو ته قسم نه کڻو (باقي) دستور وانگر تابعداري ان کان چڱي آهي ۽ بيشڪ اوهان جو ڪجھ ڪريو ٿا خدا تنهن کان خبردار آهي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
(اي رسول کين) چئو ته خدا جي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦريندو ته رسول تي رڳو ايترو ئي (پهچائڻ) واجب آهي جيترو مٿس بار رکيل آهي پڻ جنهن جا ذمه دار اوهين ڪيا ويا آهيو اوهان تي واجب آهي. پر جيڪڏهن سندس اطاعت ڪندو ته هدايت حاصل ڪندو ۽ رسول تي ته رڳو صاف طور تي (احڪام جو) پهچائڻ (فرض ڪيل) آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
(اي ايمان وارو!) اوهان مان جن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان خدا وعدو ڪيو آهي ته اهو کين (هڪ نه هڪ ڏينهن) سموري زمين تي ضرورو (پنهنجو) نائب مقرر ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي نائب ڪيائين پڻ جنهن دين (اسلام) کي ان انهن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن تي کين ضرور پوري طاقت عطا ڪندو پڻ سندن ڊپ کان پوءِ (هنن جي هراس کي) امن سان ضرور بدلائيندو جو اهي (دلجاءِ سان) منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ ڪنهين کي منهنجو شريڪ نه ڪندا. ۽ جو شخص ان کان پوءِ ناشڪري ڪندو ته اهڙا ئي ماڻهو بدڪار آهن. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ (اي ايمان وارو!) نماز پابندي سان پڙهندا ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ (دل سان) رسول جي حڪم تي هلو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
۽ (اي رسول) تون اهو خيال نه ڪر ته ڪافر (هيڏي هوڏي) زمين ۾ (پکڙي اسان کي) عاجز ڪري ڇڏيندا. (اهي پاڻ عاجز ٿي پوندا) ۽ سندن جاءِ ته جهنم (ئي) آهي ۽ ڪهڙي (نه) بڇڙي جاءِ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي ايمان وارو! توهان جون ٻانهيون، غلام ۽ اهي ٻار جي اڃا ساماڻا نه هجن تن کي به گهرجي ته (ڏينهن رات ۾ ٽي) ڀيرا (ٽن وقتن ۾ اوهان وٽ) اچڻ جي اجازت سان اندر اچن. صبح جي نماز کان اڳي، ۽ جڏهن اوهين (گرميءَ ڪري)منجهند جو پنهنجا ڪپڙا لاهي رکو ٿا، ۽ سهمڻي جو نماز کان پوءِ (اهي) ٽي وقت اوهان جي پردي ڪرڻ جا آهن. انهن (وقتن) کان سواءِ (بنا اجازت اچڻ ۾) نه ته اوهان تي ڪو الزام آهي (۽) نه انهن تي (ڇو جو) اهي اوهان مان ڪي ڪنهن وٽ ۽ ڪي ڪنهن وٽ (ضرورت سان يا ائين ئي) اڃن وڃن ٿا. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ (اي ايمان وارو!) جڏهن اوهان جا ٻار بلوغت کي پهچن ته جيئن انهن کان اڳ (وڏي عمر وارا گهر ۾ اچڻ جي) اجازت وٺي ايندا هئا تئين اهي به اجازت وٺي اچن. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ (پنهنجيون) آيتون بيان ڪري ٿو. ۽ الله ته وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ ٻڍيون زالون جن کي شاديءَ جي اميد نه (رهي) آهي سي جيڪڏهن پنهنجا ڪپڙا (پوتيون) لاهي (مٿو اگهاڙو ڪري) ڇڏين ته ان ۾ مٿن ڪو ڏوھ نه آهي، (پر ڌارين اڳيان) سينگار ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن ۽ (ان کان به) بچن ته انهن لاءِ گهڻو چڱو آهي ۽ خدا (سڀني جو سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ (۽) ڄاڻندڙ آهي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
هن ڳالھ ۾ نه انڌي تي ڪا پابندي آهي ۽ نه منڊي تي ڪو الزام آهي ۽ نه بيمار تي ڪو ڏوھ آهي ۽ نه خود اوهان تي جو پنهنجي گهرن مان کاڌو کائو يا پنهنجي ابن ڏاڏن نانن (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ماءُ، ڏاڏي، ناني (وغيره) جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جون ڪنجيون اوهان وٽ آهن يا پنهنجي دوستن (جي گهرن) مان کائو. هن ۾ به اوهان تي ڪوئي الزام نه آهي ته سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهرن ۾ وڃو ۽ (اتي ڪنهن کي نه ڏسو) ته پاڻ تي سلام ڪندا ڪريو جو خدا جي طرف کان به هڪ مبارڪ پاڪ ۽ پاڪيزه تحفو آهي. اهڙيءَ طرح خدا توهان کي ڳالهيون کولي ٻڌائي ٿو ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
سچا ايمان وارا اهي آهن جن خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن ڪنهن اهڙي ڪم جي لاءِ جنهن ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي رسول وٽ (گڏ) ٿين ٿا ته جيستائين ان کان اجازت (نه) وٺن تيستائين (ڪيڏانهن) نه ٿا وڃن. (اي رسول) بيشڪ جيڪي تو کان اجازت وٺن ٿا سي ئي (دل سان) خدا ۽ سندس رسو تي ايمان آڻڻ وارا آهن. ته جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ تو کان اجازت گهرن ته تون انهن مان جنهن کي (مناسب ڄاڻي) گهرين ته اجازت ڏيندو ڪر پڻ خدا کان ان جي معافيءَ جي دعا به ڪر بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي. |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
(اي ايمان وارو) جيئن اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي (نالو وٺي) سڏيو ٿا تئين اوهين رسول کي نه سڏيندا ڪريو. خدا انهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. جي اوهان مان وجھ ڏسي (رسول وٽان) لڪي کسڪي وڃن ٿا. سو جيڪي ان جي حڪم جي ابتڙ هلن ٿا سي هن ڳالھ کان ڊڄن ٿه متان مٿن ڪا آفت اچي پوي يا کين دردناڪ عذاب پهچي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار رهو! بيشڪ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) يقينا الله جو ئي آهي. جنهن حال تي اوهين آهيو تنهن کي خدا چڱي طرح ڄاڻي ٿو ۽ جنهن ڏينهن سڀني کي ان ڏي موٽايو ويندو ته پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون سو ٻڌائيندو ۽ خدا سڀ شيءَ کي ڄاڻندڙ آهي. |