سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
سُورت سُونهارِي نُور، اُتاريوسون اُن کي. ۽ فَرض فرماياسون اُن ۾، حُڪم مُقرّر مُور، پڻ اُتاريو سُون آيتون، ظاهِر مَنجھسِ ضرور، ته مانَ ڪو مَذڪور، اَوهِين وِهاريو وُجود ۾!. |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
ڪارٖي ۽ ڪارِيءَ کي هَڻو، سَو بيد ڀَري ڀَرپُور، ۽ ٻنهِين لئي، ڌَڻِئَ جي دِين ۾، مِهر نه پَونِيان مُور، جي مَڃيو مَحشر ڏِينهن کي، پڻ پَرور پاڪ حُضور، ۽ وَرپَسٖي سَندنِ سُور، مُؤمِنن مان، ميڙڪو. |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زانِي پَرڻي ڪِين ڪِي، مگر زانياڻِي زال، يا نِڪاح ڪري تنهن نال، جا گڏي ڌَڻِيءَ سان ڌاريان. ۽ زانياڻِئَ کي زال، نه ڪري، مگر خُود زانِي، ياپَرور گڏ پُوڄي ٻِئا، سو ڏيَوڻ جو ڏانِي، اِهڙِي نِڪاح خوانِي، مُؤمِنن تي منع ٿِي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ پاڪ پوتيَن تي رکن، جي تُهمَتون تَڪرار، پوءِ وَرِي نه آندئون اُن مٿي، ڪي چڱا شاهِد چار، پو اَسِي بيد اُنهن کي، لڳايونِ لڳاتار، ۽ ساکه سَدائـِين اُنهن کان، نه وَٺونِ ڪِنهِين وار، ۽ آهن اِهي اِظهار، ٻاهِر هَلندڙ حُڪم کان. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
مگر جي موٽيا، تِهانپوءِ تڪرار، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا ته، صاحب ربُّ، ستار، بيشڪ بَخشڻهار، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو. |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
جيڪي سَندنِ جويُن تي، رکن بَديون بار، ۽ ساکي نه سَندنِ سِرن سوا، ڪو هُجي اُنهن هارِ، ساکه سَندنِ مان هَر هيڪڙي، صحِي ساکون چار، ته قسم سان ڪَلتار، سچ پچ پاڻ سَچن مان. |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجون، ته مَٿسِ پاڻ تي، ڌڻِئَ جِي ڌِڪار، ته ڪُوڙن مَنجھان جيڪڏهن، هُوند ڪارو ڪار، |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ اُن عورت تان آزار، لاٿو وَڃي هِن شرط تي. ته ساکون چار، ساکه ڏئي، قَسم سان ڪلتار، ته آهي، هِي آهِير تِنهن، مَنجھ ڪُوڙن جي قطار، |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجئـِين ساکه ته، پاڻ مٿسِ، ڪِرندو قهر قهار، هُوندو هِي حقدار، جي صَحِي سَچ ٻولن مان. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جي آن تي نه ڀال اَلله جو، پڻ سَندسِ مِهرنگاھ، ۽ آهي پاڻ اَللهَ، وَرڻ وارو ويڄ وَڏو. |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
جي آيا ڪارو ڪُوڙ کڻي، سي پڻ اَوهان مان پاڻ، سو بُرو نه ڀانيو پاڻ لئي، بلڪ سارو خير سڄاڻ! حَرج هرڪِنهن لئي، اُنهن مان، جيڪي ڪيائـِين، تنهِن ڪاڻ، هَليو سَندسِ هوڏ پُٺيان، اُنهن مان، جو اَڄاڻ، ساڙو سَخِتئَ ساڻ، تِنهن لئي ڪو تمام وَڏو. |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
جيڪر جِنهن وار، ڪَنِين ٻُڌان ڪُوڙ سو، مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيَن، سَت سَمجھيو سَندنِ پار، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، هِي بُهتان بِلڪُل پَڌرو. |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
ڇو نه آندئون اُن تي، شاهِد چوکا چار، اُهي جُوٺا وَٽِ جَبَّار، جَڏهن آندئون نه، شاهِد اُن تي. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ هو آن تي نَه، ڀال اَلله جو، پڻ مِهر اِنهِئَ جي مُور، ته هِن ۽ هُن جھان ۾، وَرتان وڏي ڪِنهن سُور، مَنجِھين تِنهن مَذڪُور، جِنهن ۾ پَلٽِي پاڻ پيا. |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جَڏهن پَنهنجِي زِبان سان، بِين ٻُڌايو ڪُوڙ، ۽ وَراڻيو واتن سان، جِنهن جِي پَريان اَوهان نه پَرُوڙ، ۽ هَرڙو ڀانيوسِ هُوڙ!، ۽ اِهو واحِد وٽ وَڏو گَھڻو. |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
۽ جيڪر جنهن وار، ڪَنِين، ٻُڌان ڪُوڙ سو، ته چيان، ته اَسِين اِيئن چَئون، اِي نَه اسان کي ڪار، سُبحانهٗ سَهوار، هِي آهي بَڙو بُهتان ڪو. |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
اَلله اَوهان کي ٿو ڪري، مَنع مُور مُدام، ته موٽو اِن مثال ڏي، جي آهيو سِر اسلام، |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ خدا کولي ٿو پَنهنجا، اَوهان لئي اَحڪام، ۽ اَلله آهي عَلام، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
جي ڀانئـِن بَدگمان، ته ڀَلِين بُڇڙيون ڳالهيون، ٽِڙن پَکڙن اُنهن ۾، آندو جن اِيمان، دَرد دُنيا ۾ تن لئي، ٻِيو مَنجھ ٻِئي جَھان، ۽ سَمجھي تن سُبحان، ۽ اَوهِين نه ڄاڻو اُن کي. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جي نه هُئن ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جي، ۽ نَرم اوهان نال، پڻ سانئـِين سَٻاجھو گَھڻو. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي جن مڃيو! مُور واريو نه وِکون شيطان جون، ۽ وِکن پُٺيان شيطان جي، وِيندو جو وَهلُور، ۽ آڇِيندسِ ضَرُور، ڪِرت ڪِنِي ۽ ڪِير تون. ۽ جي نه هُئنِ ڀَلي جا ڀال، پڻ ٻاجھ اوهان تي اُن جِي، ته آن مان هميشه هيڪ کي، نه ڪيو نيڪ نهال، پر وڻيسِ تنهن کي، پاڪ ڪري، مالِڪ بي مِثال، ۽ هادِي هر ڪِنهن حال، سُڻندڙ، سَمجھندڙ ڳالهيون. |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
جِنهن ڏِينهن ۾ ڏِسندا، مَلائـِڪ مُنِير، خاصِي ناهي کِير، اُنِهئَ ڏِينهن، ڪاڻ ڏُهاريين. ۽ شَل پَريائـِين پري هُجو!، ٻوليندا ٻِيهار، |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
۽ آياسون اُنهن ڏي، جي ڪيون چڱايون چار، پوءِ ڪيوسونِ بَرقرار، پَڻِي پکڙيل اُنهن کي. |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
جڏهن ساکي بِيهندنِ سِر مٿي، سندن هٿ، پير، زبان، جيڪِي مَنجھ جَھان، ڪندا هُئا ڪَمڙا. |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
اُن ڏِينهن پُورا اُنهن کي، ڏِبا واجِب ڏان، پڻ سَمجھن ته سُبحان، صَحِي ثابِت آهي ڪو. |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
بُڇڙيون بُڇڙن واسطي، ۽ بُڇڙا بُڇڙِين ڪاڻ، ۽ پاڪ بيبيون پاڪن لئي ۽ پاڪ پاڪن لئي پاڻ، اُهي آجا اُن ڪنان، جيڪِي ڪَهن، تَنِ ڪاڻ، سَڳورِي سانجاڻ، پڻ موڪ مَعافِيون اُنهن لئي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي آندو جن اِيمان!، ڌارن دٖيرن پَنهنجي، گِھڙو ڪِين گَھرن ۾، ڪِنهن ٻي جي ماڳه مَڪان، تان گُھرو گَھر وارن کان، اِجازت عيان، ۽ چَئو سلام تن مَٿي، جي اَهل تَنِين ايوان، اِي خاصو اوهان لئي خان!، مَن سان مانَ هَنڊائيو!. |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار، |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، جيڪر دوست نه ڌاريمَ، فَلانون ڦُلهيار، مُونکي مُنجھائـِين مُورهين، ڪنان ساسنڀار، جنهن پُڃاڻا پُهتيمِ، سي نَصيحتون نِبار، ۽ خوا مخواه خوار، اِبليس ڪندڙ اِنسان کي. |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
۽ پيغمبر پُڪاريو ته سانيمِ!، رَبَّ، سُبحان! ته مُنهنجِي قوم ترڪ ڪيو ، قادِر هِي قُرآن، |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ مُقرّر ڪياسون مَهندئـِين، اِنپر اِمتحان، هر پيغمبر لئي پاپين مان، دشمن ڪي دِگران، ۽ تُنهنجو آهي تولئي، رَهبر بَس رَحمان، ۽ حامِي هَر زمان، ويريُنِ مٿي واهرُو. |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ ڪَهيو ڪُفارن، ڪوھ نه لَٿو، ڪَٺٖي ڪُل قُرآن؟ اِنپر اُتسِ، دِل تُنهنجِي، خُوب بِهارِيون خان!، ۽ ڪيو سونسِ سَبق سَبق ڪري، نازِل نُورنيشان، |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ مُرسل مِثال توکي، ڪو پيش نه ڪن ڪُفران، مگر مِثال اُن کان، بِهتر ڪريون بَيان، بَرحق بي گمان، پڻ سَمجھاڻِئَ لئي سُهڻو. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
ڪَبو ڪٺي جن کي، مُنهن ڀر مڱر پار، گنگھر تن گھر ٻار، ۽ ويتر وِرسيل واٽ کان. |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
۽ ڪرم سان ڪتاب اڳي، ڏِنوسون موسٰى مِير، ڀيڙسِ ڀاڻسِ هارُون کي، ڪيوي سون وَرِي وَزِير، |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
گَھرن ۾، جَن لئي مالِڪ ڪيو مَنطُور، ته ڪَجن ڪارن هِن جي، سي ماڳه مَٿاهان مُور، ته سَندسِ نالو نُور، وَڃي تَواريو تَن ۾. ته صُبح سانجِھئَ تَن ۾، ڪن سَندسِ طَلب تَوار، |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
اُهي مَردَ، جَھلي نه جَن کي، وِڪرو ۽ واپار، سارن کان، سُبحان جي، پڻ نِـمازان نِبار، پُڻ ڏُ کِيَن ڏان ڏِيڻ؛ وِجھلن ڪَنان تِنهن وار، دِليون،اَ کيون جِنهن ۾، اُبتيون اِنتظار، |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
تان جيڪِي نيڪ ڪم ڪيون، تنجو پَرور ڏٖينِپاڪ پار، پڻ ڀَلو سَندسِ ڀال مان، بَخشي تن بِسيار، ۽ جِنهن گُھري رَبُّ، غفّار، تِنهن تورڻ ڌاران، توڻ ڏيئي. |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ جَن ڪُفر ڪيو، ڪم تن جا، ڪَر ڪِنهن رِڻ ۾ رُڃ، پاڻي ڀانئي اُن کي، جِنهن کي اَندر ۾ اُڃ، تان سَٽي مَنجھان سُڃ، جڏهن پُهتِس ته، ڀاتِئين ڪين ڪي. پاڻا پاتئـِين اُن وٽ، حاضِر ربُّ هِڪدم، پُورهيو ڏيئـِي اُن کي، قادِر لاٿسِ ڪَم، ۽ تڪڙو آهي تَم، هادِي حرف حِساب ۾. |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، تَن جُون ڪَچايون ڪَر، اُونداهِيون اوڙاھ ۾، جنهنجو نوڙان تَڙ نه ڪر، لَهر لپيس لَهر مٿان، چَڙهي ڪارو ڪڪر، اُونداهِيون هِڪ ٻئي مَٿان جڏهن هَٿ ڪڍي هيڪر، اُونڌاهين ۾ اُن کي، مُور نه ڏِسي مُنڪر، ۽ قادِر نه ڪيو جِنهن ڪر، نُور، پوءِ نُور نَه اُن لئي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
نه ڌِٺئـِي ؟ ڏاتار لئي، سَڀيئـِي ڪَن ساراھ، جيڪِي اُڀ، زَمِين ۾، پَساھ، بي پساھ، ۽ پَکِي کُليل کنڀڙا ٽئـِين، هُو جي مَنجھ هوا، سَمجھن سَڀ نِماز تِنهن، پڻ داراھ، صِفت اَلله، ۽ آگو تِهان آگاھ، جيڪِي ڪَن جَھان ۾. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ آهي هِڪ اَلله جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، ۽ آخِر پَرور پار، مِڙنِي آهي موٽڻو. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
نه ڏِٺئـِي ؟ ته ڏاتار، نَرم ڪاهي ڪَڪَرِين، موٽِي مِلائي پان ۾، پوءِ جُھڙ جوڙٖي جوڙڻهار، پوءِ وِچانسِ ڏِسِين، وَسندو مِينهن نارونار، ۽ اُتاري اُڀ ڪنان، جَبلن مان جَبَّار، جي جبل، منجھسِ برف جا، پوءِ وڻيسِ تِنهن وَلهار، مِينهن وَسائي مِهرسان، جي گُھري رَبُّ، غفّار، ته واريسِ ٻِي وَلهار تي، وھ وھ! وِڄ چَمڪار، جَھٽي ذري گَھٽ اَ کيون؛ |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
ڏينهن، رات ڪري ڪَلتار، نِيشانيون نِروار، اَ کيارن لئي، اُن ۾. |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله اُپايا آب مان، هِي چُرندڙ سڀ چوڌار، ڪي پُرن تن مان پيٽ ڀَر، ۽ ڪي ٻِن پيرن ڀَرپار، ۽ ڪي چَلن چَئـِن پيرن تي، جيڪي گُھري رَبُّ غفار، جوڙي، سو جِنسار، ربُّ، قادِر هَر ڪِنهن ڪم تي. |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
۽ اُتاريون سون آيتون، کُليَل باب بيان، ۽ سُهائي سُبحان، وَڻيسِ تِنهن کي، واٽ سَنِئين. |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ چي، ربَّ ۽ سَندسِ رسول تي، آندوسون ايمان، ۽ مڃيوسون، پوءِ ميڙڪو تن مان، تنهان پوءِ تعبان، ڦِريا کئون فَرمان، ۽ اُهي مُؤمن ناهِن مُورهين. |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ ربَّ ۽ سَندسِ رسُول ڏي، ڪجينِ جڏهن پوڪار، ته ڪجي اُنهن جو پاڻ ۾، نِبيرو نِبار، ته اِجھو اِنڪاري اُنهن مان، ٻارِي ڪا ٻِيهار، |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
۽ جي هُجين حق، ته اُن ڏي، تِکا اَچن تڪرار، |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا مرض سَندنِ مَن ۾، يا شڪ جو ٿيا شڪار؟ ياربَّ ۽ سَندسِ رَسُول کان، رکن خوف خوار، ته ڪندو ظُلم زيادتِي، تَن تي، مَنجھ تڪرار، بلڪ اِهي بَدڪار، ظاهر آهِن ظُلم تي. |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
مُؤمنن جِي مُورهِين، هِي وَراڻِي تِنهن وار، ربَّ ۽ سَندسِ رَسُول ڏي، جڏهن ڪجينِ پُوڪار، تان ڪَجي اُنهن وِچ ۾، نِبيرو نِبار، سُئو سُون، ۽ مَڃيوسُون، آهيون تِهدِل تابِعدار، ۽ اُهي سوڀارا، سَهوار، آزاد هَر آزار کان. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جو ربَّ ۽ سَندسِ رسُول جي، حُڪمن هيٺ هلي، ۽ ڌاري ڊَپ ڌَڻِئَ کان، ۽ پَنهنجو پاڻ پَلي، پوءِ اُهي ڀاڳ ڀلي، مَن مُرادون ماڻـڻـا. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ سُنهن کَنيون سائـِين جو، سُنهن تي، سُنهن وارو، ته جي چَوندِين ته چَڙهندا جَنگ تي، نَر هِڻي نعرو، چَئو ته قسم ڪِين کڻو، آهي مڃڻ موچارو، سائـِين سَمجھڻ وارو، جيڪي ڪريو جَھان ۾. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
چئو ته، مالِڪ مڃيو، پڻ مُرسل مڻيادار، پوءِ پانهون ڏِنئون پير جي، ته اُن تي، اُن جو بار، ۽ آن تي بار اَوهان جو، جو رکيو ربَّ، سَتار، ۽ جي اَمر مَڃِيندا اُن جا، ته سُنهندا سَنئون پار، ۽ پَڌري پُهچائڻ ڌار، ٻِيو بار نه ڀلي رَسول تي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
اَوهان مان، اُنهن سان ڪيا، قادِر قول قرار، آيا جي اِيمان ۾، پڻ ڪيائون چَڱِي ڪار، ته ڪَندنِ ضرور زمين تي، نائـِب نيڪو ڪار، جِيئن اُنهن کان اڳين کي، ڪيو خُدا خُود مُختيار، ۽ مَظبوط ڪَندو مُلڪ ۾، جو دِين ڌوائـِين، تَن هارِ، ڏِيندنِ اَمن، خوف پُٺيان، لاهي سَڀ لاچار، ته مونکي پُوڄِينِ، مُونسان، نه ڀانئـِينِ ڀائيوار، ۽ پوءِ ڦِريا، جي فُجار، اُهي ٻَهر آهِن ٻول کان. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ پُورو پَڙهو نماز کي، ۽ ڏِيو ڏُکين کي ڏان، ۽ مُرسل مِهربان، مڃيو، ته مَن مَرهيا وَڃو! |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ڀُون ۾ نه ڀانيو ڪافِرِين، زورا وَر ذَرو، ۽ جَن جو کُورو گَھر کَرو، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو! |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي جَن مَڃيو! مَر اوهان کان، وَٺنِ اِجازت اَندر، اَهنجي سَڄڻ، جَن سنڀاليو، گولا، گوليون گَھر، پڻ توهان مان، تَڙ کي، نه پُهتا جي نِينگر، ٽي ڀيرا اڳ فَجر کان، ۽ مَنجھند مَهل مگر، ڪَنڌِئَ رکو ڪپڙا، جَڏهن پَنهنجا، پنهنجِئَ پَر، پڻ سُمهڻِي صلوات پُوان، ٽي اُ گھاڙون اَڪثر، تِهان بَعد، توهان تي، نَه حَرج ۽ نه هُنن سِر، ڪي اَوهان مان، ڪن تي، وَر وَر ڪَندڙ وَر، اَلله اِيئن اَوهان لئي، ٿو کولي خُوب اَمر، داناڌڻِي دارو، پڻ حِڪمِتي هوشيار گھڻو. |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ پُهتا اَوهان جا ننڍڙا، جِنهن وِير وَهِي، ته موڪلائـِن مِثال تِنهن، جا وَڏڙن ساڻ وهِي، اَلله کولي آن لئي، پَنهنجا حُڪم پَهِي، سَمجھدار صَحِي، پڻ ڏاهو آھِ ڏيھ ڌڻِي. |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
ويٺل وِيا مڻ کان، وَنيون وَڏِي ڄَمار، جي نِيت نه رکن نڪاح جي، پوءِ مَٿنِ ناهي مَيار، ته رکن پَردا پَنهنجا، بُرقعا بَرڪِنار، ۽ ڏيہ کي نه ڏيکارڻ واريون، سَندنِ هار سِينگار، ۽ جي پَردو ڪَن ته پاڻ ڀَلو، آهي اُنهن هارِ، ۽ سُڻندڙ رَبُّ، سَتَّار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
اَنڌي، مَنڊي، مَرِيض تي، ناهي مُور مَيار، پڻ نه اوهان پاڻ تي، جي کائو طَعام تيار، پَنهنجي يا پَنهنجي پِئَن جي حويليان هوشيار! يا ماڳ اَوهان جي مائُرِين، ڀيڻن، توڻي ڀار، يا چاچن، يا پُڦين جا، يا ماما، يا ماسيون سار، ڪنجيون اوهان وٽ جنهنجيون، يا اَهنجا يار سچار، کائو گڏ، يا ڌار، ته ميار نه اوهان تي مُورهين. جڏهن گِھڙو گَھرن ۾، ته چَئَو پَنهنجي سِر سَلام، جِئَ جِئَ رَبَّ، جَبّارکان، ڀَلو پاڪ ڪلام، اِنپر چِٽا چوي ٿو، آگو ربُّ، عَلام، آن کي حُڪم اِسلام، پَڙِهي مانَ پَروڙيو! |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
رَبَّ ۽ رَسُول کي، مَڃِينِ اُهي ميڙ، ۽ جڏهن مامِع جنگ تي، هُجن ساڻِس شير، ته نَه پاتئون پير، تان وَٺنِ اِجازت اُن کان. جي مَڃِين رَبّ ۽ رسول کي، موڪلائنئـِي مُور، سَندنِ ڪِنهن ڪم لئي، جڏهن ڏِينئـِي حال حُضور!، ته وَڻئـِي تِنهن لئي وِير!، تون موڪل ڪر مَنظور، ۽ بخشاءَ بارئَ کان، اُنهن جا عيب قُصور، غالِب رَبُّ، غفور، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو. |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
تنهن پر، ڪريو ڪِين ڪِي، پاڻ سُنهارن سَڏ، هِڪ ٻِئي کي هَڏ، جيئن پُوڪاريو پاڻ ۾. اَوهان مان، اُنهن کي، سَمجھي صَحِي سُبحان، جي ٻِئا ڏيئـِي ٻوُهي ۾، جِند ڇڏائن، جان، جي اَمر ڀَڃن اُن جو، سي ڌارِين هي ڌِيان، ته اَچينِ اِمتحان، آزاريل عذاب ڪو. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
سَمجھ ته صاحِب هارِ، جيڪِي اُڀ، زَمِين ۾، جِنهن تي اَوهين آهيو، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، پڻ اُهو ڏِينهن، جِنهن ڏانهن موڙِيندا مَهار، پوءِ ڏِيندنِ خَبر اُن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هادِي هِينڙي هار، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي. |