سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
(هي) هڪ سورت آهي جنهن کي اسان لاٿو آهي ۽ اسان ان (جي حڪمن) کي فرض ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ پڌريون آيتون لاٿيون آهن ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪيو. |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زناڪار عورت ۽ زناڪار مرد (غير شادي شده هجن ته) انهن مان هر هڪ کي هڪ سؤ ڪوڙا هڻو ۽ توهان کي انهن ٻنهين تي شرعي حڪم جاري ڪرڻ ۾ رحم نه اچي جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ۽ انهن ٻنهين جي سزا ڏيڻ (واري وقت) تي مؤمنن جي هڪ جماعت کي حاضر هجڻ گهرجي. |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زاني مردُ صرف زانياڻي عورت يا مشرڪياڻي عورت سان نڪاح ڪندو ۽ زانياڻي عورت صرف زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪندي، ۽ اهو (زنا جو فعل) مؤمنن مٿان حرام ڪيو ويو آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن عورتن تي (بدڪاري جي) تهمت لڳائن پوءِ (ثبوت ۾) چار شاهد پيش نه ڪري سگھن ته اوهان انهن کي (ڪوڙي بهتان جي حد) اَسِي ڪوڙا هڻو ۽ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو، ۽ اهي ئي نافرمان ماڻهو آهن. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
سواءِ انهن جي جن ان (تهمت لڳائڻ) کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ کي) سڌاريائون، پوءِ بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي گهروارين تي (زنا جي) تهمت لڳائن ۽ انهن وٽ پنهنجو پاڻ کان سواءِ ڪي به شاهد نه هجن ته اهڙي ڪنهن به ماڻهو جي شاهدي هي آهي جو چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اُهو (الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي. |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجين ڀيري هينئن چوي ته ان تي الله جي لعنت هجي اگر اُهو ڪوڙن مان آهي. |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ عورت تان (زنا جي حد) هن طرح ٽري سگھي ٿي جو اها چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو (سندس مڙس تهمت لڳائڻ ۾) ڪوڙن مان آهي. |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجين ڀيري هينئن چوندي ته مٿس الله جو قهر پوي اگر اُهو (مرد الزام لڳائڻ ۾) سچن مان آهي. (ان کان پوءِ زال مڙس جدا ٿيندا) |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته (زالن تي الزام هڻڻ اوهان کي وڏن مونجھارن ۾ وجھي ها) ۽ بيشڪ الله وڏو توبه قوليندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو اهو بهتان گھڙي آيا آهن (سيده صديقه عائشه رضي الله عنها جي پاڪيزگي مٿان) اُهي اوهان مان ئي هڪ ٽولو آهن. اوهان ان (واقعي) کي پنهنجي لاءِ برو نه سمجهو. بلڪه اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. انهن مان هر هڪ لاءِ اوترو گناهه آهي جيترو ان ڪمايو، ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو ورتو ان لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
ائين ڇونه ٿيو جو اوهان جڏهن ان (بهتان) بابت ٻڌو هيو ته مؤمن مردَ ۽ مؤمن عورتون پنهنجن جي باري ۾ سٺو گمان ڪن ها ۽ چون ها ته هي پڌرو بُـــهتان آهي. |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
ان (بهتان) تي چار شاهد ڇونه آندائون، پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته پوءِ اُهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته جنهن ڳالهه جي چوٻول ۾ توهان پيا هيؤ ان تي توهان کي زبردست عذاب پهچي ها. |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جنهن وقت اوهان اُها ڳالهه پنهنجي زبانن تي هلائيندا رهيؤ ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چَيــَــــوَ جنهن (جي حقيقت) جو اوهان کي علم ئي نه هيو ۽ توهان ان کي معمولي (ڳالهه) سمجهندا رهيؤ، حالانڪه الله وٽ اها تمام وڏي ڳالهه هئي. |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
۽ ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن توهان اها ڳالهه ٻڌي ته چؤ ها ته اسان لاءِ اهو مناسب نه آهي جو ان باري ۾ ڳالهايون، (بلڪه چؤ ها ته اي الله) تون پاڪ آهين هي وڏو بهتان آهي. |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته وري ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪجو جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو. |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ الله اوهان لاءِ آيتون کولي کولي بيان ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي اِها ڳالهه پسند ڪن ٿا ته ايمان وارن ۾ بي حيائي پکڙجي انهن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهان مٿان الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته ان بهتان بازي جا برا نتيجا نڪرن ها) ۽ بيشڪ الله گهڻي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي ايمان وارؤ! اوهان شيطان جي نقشِ قدم تي نه هلو. ۽ جيڪو شيطان جي وِکُن جي پيروي ڪندو ته بيشڪ اُهو بي حيائي ۽ برائي جو حڪم ڏئي ٿو. ۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪوبه ڪڏهن به پاڪ نه ٿي سگهي ها ۽ پر الله جنهن کي چاهي پاڪ ڪري ٿو ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ اوهان مان بزرگي ۽ آسودگي وارا هن ڳالهه جو قسم نه کڻن ته اُهي (ان بهتان ۾ شريڪ) رشتيدارن ۽ مسڪينن ۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪرڻ وارن کي (مالي مدد نه) ڏيندا کين کپي ته (غلطيون) معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نه ٿا ڪيو ته الله توهان کي معاف ڪري. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي پاڪدامن (بدڪاريءَ کان) بي خبر مؤمنياڻين مٿان (بدڪاري جي) تهمت مڙهن ٿا انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
جنهن ڏينهن انهن جي خلاف سندن زبانون ۽ سندن هٿ ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا جيڪي ڪجھه اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا هئا. |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
ان ڏينهن الله انهن کي پورو پورو بدلو ڏيندو جنهن جا اُهي حقدار آهن ۽ اهي ڄاڻندا ته الله ئي بر حق آهي (۽ حقيقتن کي) ظاهر ڪرڻ وارو آهي. |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
ناپاڪ عورتون ناپاڪ مردن لاءِ آهن ۽ ناپاڪ مرد ناپاڪ عورتن لاءِ آهن، ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ آهن پاڪباز مرد پاڪيزه عورتن لاءِ آهن، اُهي (پاڪيزه ماڻهو) آجا آهن ان (تهمتن کان) جيڪي (بهتان مڙهيندڙ) چون ٿا. انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين گهرن ۾ داخل نه ٿيو جيستائين انهن کان اجازت وٺو ۽ انهن جي رهڻ وارن تي سلام ڪيو. اُهو اوهان لاءِ ڀلو آهي ته جيئن اوهان نصيحت وٺو. |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ اگر انهن (گهرن) ۾ ڪو موجود نه لهو ته توهان انهن اندر داخل نه ٿيو جيستائين توهان کي اجازت نه ڏني وڃي، ۽ جي توهان کي چيو وڃي ته واپس موٽي وڃو ته موٽي وڃو اِها اوهان لاءِ پاڪيزه ڳالهه آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
توهان تي ان ۾ ڪو گناهه ناهي جو اهڙن گهرن ۾ (بنا اجازت جي) داخل ٿيو جن ۾ ڪنهن جي مستقل رهائش نه آهي (جيئن مسافر خانو، هوٽل وغيره) جن ۾ توهان کي نفعو وٺڻ (جو حق حاصل) آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ظاهر ڪيو ۽ جيڪي توهان لڪايو ٿا. |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
(اي نبي) ايمان وارن مردن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن. اُها انهن لاءِ وڏي پاڪيزگي آهي. بيشڪ الله انهن ڪمن کان خبر وار آهي جيڪي اُهي ڪن ٿا. |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ ايمان وارين عورتن کي چؤ ته پنهنجون نگاهون هيٺ رکن ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪن سواءِ ان (حصي) جي جيڪو (ڪم ڪار لاءِ) ظاهر رهي ٿو ۽ کين گهرجي ته پنهنجي مٿن جا رَوا پنهنجي سينن تي ورائي وجهن ۽ پنهنجو سينگار (ڪنهن تي به) ظاهر نه ڪن سواءِ پنهنجي مڙسن جي يا پنهنجي پيءُ ڏاڏن جي يا پنهنجي مڙسن جي پيئرن (يعني صُهرن) جي يا پنهنجي پُٽن جي يا پنهنجي مڙسن جي پُٽن (يعني اڳ ڄائن) جي يا پنهنجي ڀائرن جي يا پنهنجي ڀائرن جي پُٽن (يعني ڀائٽين) جي يا پنهنجي ڀينرن جي پُٽن (يعني ڀاڻجن) جي يا مسلمان عورتن جي يا پنهنجي ملڪيت وارن ٻانهن جي يا مردن مان انهن خدمتگارن جي جيڪي خواهش ۽ شهوت کان خالي هجن يا انهن ٻارن جي جيڪي (ٻاروتڻ سبب) اڃا عورتن جي پردي وارين شين کان آگاهه نه ٿيا آهن ۽ نه پنهنجا پير زمين تي ان طرح هڻن جو جيڪو سينگار لڪائن ٿيون سو ظاهر ٿي پوي. ۽ توهان سڀ گڏجي الله ڏانهن توبه ڪيو اي مؤمنو! تان ته توهان ڪامياب ٿيو. |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ توهان مان جي مرد عورتون بي نڪاح آهن انهن جا نڪاح ڪرايو ۽ پنهنجي با صلاحيت ٻانهن ۽ ٻانهين جا به (نڪاح ڪرايو). جيڪڏهن اُهي محتاج هوندا ته الله پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪندو. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو علم وارو آهي. |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ انهن ماڻهن کي پاڪدامن رهڻ گهرجي جيڪي نڪاح جي سگهه نه ٿا رکن جيستائين الله کين پنهنجي فضل سان آسودو ڪري. ۽ توهان جي غلامن مان جيڪي توهان کي ڪجهه ڏئي آزادي جي لکپڙهه ڪرائڻ چاهن ٿا ته توهان اهڙي لکپڙهه کين ڪري ڏيو اگر توهان کي انهن ۾ ڪا ڀلائي نظر اچي ٿي ۽ اوهان به انهن کي (آزاد ٿيڻ لاءِ) الله جي ان مال مان ڪجهه ڏيو جيڪو ان اوهان کي ڏنو آهي. ۽ توهان پنهنجي ٻانهين کي دنياوي زندگي جو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ بدڪاري تي مجبور نه ڪيو جڏهن ته اُهي پاڪدامن رهڻ چاهن ٿيون. ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي مجبور ڪندو ته بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ بعد (به انهن لاءِ) بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ اسان اوهان ڏانهن چِٽيون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال ڏنا آهن جيڪي اوهان کان اڳ گذري چُڪا ۽ (هيءَ) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي. |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. ان جي نور جو مثال هڪ جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيئو هجي. اهو ڏيئو هڪ شيشي (جي قنديل) ۾ هجي. ۽ اهو شيشو ڄڻڪ هڪ چمڪندڙ ستارو آهي (اهو ڏيئو) اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان روشن ٿي پوي ٿو جيڪو نه اوڀر وارو آهي ۽ نه اولهه وارو آهي، قريب آهي ته تيل خود ئي ٻَري پَــوَي توڙي جو ان کي باهه به نه ڇُهي. اهو روشنيءَ مٿان روشني آهي. الله جنهن کي چاهي پنهنجي نور ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو. ۽ الله ماڻهن خاطر مثال بيان ڪري ٿو. ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي. |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
(ان نور سان منور ماڻهو) اهڙن گهرن (يعني مسجدن ۽ خانقاهن) ۾ (ملن ٿا) جن جي بلند ڪرڻ ۽ انهن ۾ سندس نالي کي ياد ڪرڻ جو الله حڪم ڪيو آهي انهن (گهرن) ۾ (اهي) صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
اهڙا مرد جن کي واپار ۽ خريد فروخت نه الله جي ذڪر کان غافل ڪري ٿي ۽ نه نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪواة ڏيڻ کان اُهي اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن ۾ دليون ۽ اکيون اُلٽ پُلٽ ٿي وينديون. |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
هن لاءِ ته الله کين سندن بهترين ڪمن جو بدلو عطا ڪري ۽ پنهنجي فضل مان کين وڌائي ڏئي. ۽ الله جنهن کي چاهي ٿو اَڻَ ڳڻيو رزق عطا ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ جن ڪفر ڪيو تن جا عمل رڻ پٽ ۾ پيل چمڪندڙ ريتي وانگر آهن جنهن کي اڃارو ماڻهو پاڻي سمجهي ٿو. تانجو جڏهن ان وٽ اچي ٿو ته ان کي ڪجهه نه ٿو ڏسي ۽ الله کي پنهنجي قريب لهي ٿو جيڪو سندس حساب پورو چُڪائي ٿو. ۽ الله جلد حساب ڪرڻ وارو آهي. |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا (ڪافرن جا عمل) اونهي سمنڊ ۾ اونداهين وانگر آهن جن کي لهرن مٿان لهرن ڍڪيو هجي ۽ ان جي مٿان ڪڪر ڇانئيل هجن. اونداهيون آهن جيڪي (تهه در تهه) هڪ ٻئي مٿان آهن. جڏهن (اهڙي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ماڻهو) هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي (ڪو) ڏسي نه سگهي. ۽ (در حقيقت) جنهن لاءِ الله (هدايت جو) نور نه بنايو ان لاءِ (ڪٿي به) ڪو نور ناهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
ڇا تو نه ڏٺو جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ پکي (به) پَــــــرَ پکيڙي (سندس تسبيح پڙهن ٿا). هر هڪ پنهنجي نماز ۽ پنهنجي تسبيح جو طريقو ڄاڻي ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ آهي، ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڪڪرن کي هوريان هوريان هلائي ٿو پوءِ انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوءِ انهن کي تهه در تهه ڪري ٿو پوءِ تون ڏسندين ته ان جي وچان کان مِينهن نڪري (وسي) ٿو، ۽ آسمان جي برفاني جبلن (وانگر نظر ايندڙ ڪڪرن) مان ڳَـــــــــڙا وسائي ٿو پوءِ جنهن تي چاهي ٿو (انهن ڳڙن) کي ڪيرائي ٿو ۽ جنهن تان چاهي انهن کي هٽائي ٿو. (۽کنوڻ پيدا ڪري ٿو) قريب آهي جو ان جي کنوڻ جو چمڪار اکين جي نظر کڻي وڃي. |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
الله رات ۽ ڏينهن کي مٽائي سَٽائي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله هر جاندار کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀَـــرِ هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو ٻن پيرن تي هلي ٿو، ۽ انهن مان ڪو چئن (پيرن) تي هلي ٿو. الله جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي. |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان چِٽيون حقيقتون بيان ڪرڻ واريون آيتون نازل ڪيون آهن. ۽ الله جنهن کي چاهي تنهن کي (انهن ذريعي) سڌو رستو ڏيکاري ٿو. |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ (منافق) چون ٿا ته: ”اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي“ پوءِ ان کان پوءِ انهن مان هڪ ٽولي ڦِري وڃي ٿي. ۽ اهي ماڻهو ايمان وارا هرگز ناهن. |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏهن انهن کي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو هن لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته ان وقت انهن مان هڪ جماعت (درِ رسول تي اچڻ کان) مُنهن موڙي ٿي. |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
۽ جيڪڏهن فيصلو انهن جي حق ۾ هجي ته ان (رسو ل ﷺ) ڏانهن مطيع ٿي موٽن ها. |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا انهن جي دلين ۾ بيماري آهي يا اهي شڪ ۾ پيا آهن يا ان ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته الله ۽ ان جو رسول مٿن (معاذ الله ڪو) ظلم ڪندا. (ائين نه آهي) بلڪ اُهي خود ئي ظالم آهن. |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
ايمان وارن جو ڪم ته صرف هي آهي جو جڏهن اهي الله ۽ ان جي رسول ڏانهن سڏيا وڃن ته رسول انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ته اهي هيئن چون: ”اسان ٻڌوسين ۽ مڃيوسين“. ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ۽ الله کان ڊڄي ٿو ۽ ان (جي بي فرماني) کان بچي ٿو پوءِ اُهي ئي مراد ماڻڻ وارا آهن. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ انهن (منافقن) پڪا پختا الله جا قسم کنيا ته: ”جيڪڏهن تو انهن کي حڪم ڪيو ته اُهي ضرور (جهاد لاءِ) نڪرندا“. چؤ ته: ”توهان قسم نه کڻو، دستور مطابق فرمانبرداري (درڪار) آهي. بيشڪ الله با خبر آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
چؤ ته: ”توهان الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته ان (رسول) جي ذمي صرف اهو آهي جيڪو مٿس لازم ڪيو ويو آهي ۽ توهان جي ذمي اُهو آهي جيڪو توهان تي لازم ڪيو ويو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان سندس فرمانبرداري ڪندؤ ته هدايت وارا ٿيندؤ. ۽ رسول تي (ٻيو ڪجهه) لازم نه آهي سواءِ پڌرو پيغام پهچائڻ جي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
الله وعدو ڪيو آهي اوهان مان انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ته انهن کي ضرور زمين ۾ خلافت عطا ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي خلافت عطا ڪئي هئائين ۽ انهن لاءِ ان دين کي مضبوط ڪندو جيڪو سندن واسطي پسند ڪيائين. ۽ ضرور انهن جي خوف کي بدلائي کين امن ڏيندو. جيڪي منهنجي عبادت ڪن ٿا ۽ مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ٿا ڪن. ۽ جنهن ان کان پوءِ ناشڪري ڪئي ته اُهي ئي نافرمان آهن. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ڪافرن جي باري ۾ هرگز هي گمان نه ڪر ته زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ آهن، ۽ انهن جي جاءِ باهه آهي. ۽ نهايت بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي ايمان وارؤ! توهان جا زيردست (يعني ٻانها ۽ ٻانهيون) ۽ توهان مان اُهي ٻار جيڪي اڃا بلوغت کي نه پهتا آهن (توهان وٽ اچڻ لاءِ) ٽن وقتن ۾ توهان کان اجازت وٺي اندر اچن. فجر جي نماز کان اڳ ۽ منجهند مهل جڏهن (آرام لاءِ اضافي) ڪپڙا لاهي رکو ٿا ۽ سومهڻي نماز بعد. (جڏهن آرام ڪيو ٿا اهي) ٽي وقت توهان جي پردي جا آهن. انهن (وقتن) بعد (اهي بنا اجازت اچن ته) نه توهان تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه آهي. (ڇو جو باقي وقتن ۾ اُهي ۽) توهان ڪثرت سان هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا رهندا آهيو. ان طرح الله توهان لاءِ آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏهن توهان جا ٻار بلوغت جي حد کي پهچن ته اُهي (توهان وٽ اچڻ لاءِ ائين) اجازت وٺن جيئن انهن کان اڳيان (بالغ ماڻهو) اجازت وٺن ٿا. اهڙي طرح الله توهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ اهي گهرن ۾ ويٺل (ڪراڙيون )زالون جن کي نڪاح جي خواهش نه رهي آهي سو انهن تي ڪو گناهه ناهي جو اُهي پنهنجا (مٿان ڍڪڻ وارا اضافي) ڪپڙا لاهي رکن بشرطيڪه اُهي پنهنجي سينگار کي ظاهر ڪرڻ واريون نه هجن. ۽ جيڪڏهن اُهي (وڌيڪ) پرهيزگاري اپنائن ته انهن لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
انڌي تي ڪا رڪاوٽ ناهي ۽ نه مَنڊي تي ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه بيمار مٿان ڪا رڪاوٽ آهي ۽ نه خود توهان تي (ڪا رڪاوٽ آهي) جو توهان پنهنجي گهرن مان (کاڌو) کائو يا پنهنجي پيءَ ڏاڏي جي گهرن مان يا پنهنجي مائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجي چاچن جي گهرن مان يا پنهنجي پڦين جي گهرن مان يا پنهنجي مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي گهرن مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا توهان مالڪ ٿيا آهيو تن مان يا پنهنجي دوستن جي گهرن مان (کاڌو کائڻ ۾ توهان تي حرج ناهي). توهان تي هن ڳالهه ۾ به گناهه ناهي جو توهان سڀئي گڏجي کائو يا جدا جدا کائو. پوءِ جڏهن توهان گهرن ۾ داخل ٿيندا ڪيو ته پوءِ پنهنجن کي سلامتي جي دعا ڏيو اها دعا جا الله جي طرفان مقرر آهي جا وڏي بابرڪت (۽) پاڪيزه آهي. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون پڌريون ڪري ٿو ته جيئن توهان (زندگي گذارڻ جا آداب) سمجهو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
ايمان وارا ته صرف اُهي ماڻهو آهن جن الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آندو۽ جڏهن ان (رسول) سان ڪنهن اهڙي ڪم ۾ حاضر هجن جيڪو (ماڻهن کي) گڏ ڪرڻ وارو آهي ته ايستائين واپس نه وڃن جيستائين ان کان اجازت نه وٺن. بيشڪ (اي نبي) جيڪي ماڻهو تو کان اجازت وٺن ٿا اُهي الله ۽ ان جي رسول تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهن، پوءِ جڏهن تو کان پنهنجي ڪن ڪمن لاءِ اجازت گهرن ته انهن مان جنهن کي چاهين اجازت ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
(اي مسلمانو!) اوهان رسول جي سَڏِڻَ کي هڪ ٻئي جي سَڏڻَ وانگر (رواجي يا معمولي) نه بنايو. بيشڪ الله اوهان مان اهڙن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي (بنا موڪل وٺڻ جي) لِڪي کسڪي وڃن ٿا، پوءِ ڀلي ته ڊڄن اُهي ماڻهو جيڪي ان (رسول) جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا هن ڳالهه کان جو متان انهن مٿان ڪا آفت پوي يا انهن کي درد ناڪ عذاب پهچي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار! بيشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. بلاشڪ اهو ڄاڻي ٿو جنهن حال ۾ اوهان آهيو. جنهن ڏينهن ماڻهو ان ڏانهن موٽايا ويندا پوءِ اهو کين ٻڌائيندو ته انهن ڪهڙا عمل ڪيا هئا؟ ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي. |