سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
هيءَ هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي، ۽ ان ۾ ڏنل حڪم اوهان تي فرض ڪيا ويا آهن، ۽ اسان ان ۾ چٽيون ۽ صاف صاف نشانيون ۽ حڪم نازل ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان نصيحت وٺو (۽ انهن تي عمل ڪيو.) |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد (ٻنهي مان) هرهڪ کي سؤ سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو ته (ائين ضرور ڪيو) ۽ الله جي دين جي معاملي ۾ انهن ٻنهي سان رعايت هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ۽ ٻنهي جي سزا مسلمانن جي هڪ جماعت (اکين سان) ڏسي (۽ عبرت وٺي). |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زاني مرد ، زاني عورت يا مشرڪياڻي عورت کان سواءِ ٻي ڪنهن به عورت سان شادي ڪري نٿو سگهي ۽ زاني عورت سان سواءِ زاني يا مشرڪ مرد جي ٻيو ڪوبه نڪاح ڪري نٿو سگهي. مسلمانن لاءِ ائين ڪرڻ حرام ٺهرايو ويو آهي. (زاني عورت سان نڪاح ناجائز آهي ۽ زاني مرد کي سڱ ڏيڻ به ناجائز آهي.) |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ انهن ماڻهن کي، جيڪي پاڪدامن عورتن تي (زنا جي) تهمت لڳائين، ۽ وري چار شاهد به پيش ڪري نه سگهن، (تن کي) اسي اسي ڦٽڪا هڻو، ۽ (پوءِ) آئينده لاءِ انهن جي شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪيو. اهي ماڻهو فاسق بدڪار (خدا جا نافرمان) آهن. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پر اهي ماڻهو جيڪي ان کان پوءِ (يعني ڪوڙي تهمت لڳائڻ کان پوءِ) توبهه ڪن ۽ پنهنجا عمل سڌارين ۽ درست ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي (نڪاح ٻڌل) زالن تي زنا جي تهمت لڳائين ۽ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاهد ڪونه هجي، ته پوءِ هرهڪ جي شاهدي هيءَ آهي ته پهريائين چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته، بيشڪ مان پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهيان (۽ سچ ٿو چوان ته منهنجي زال زنا ڪئي آهي.) |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجين ڀيري هيئن چوي ته، جيڪڏهن مان ڪوڙ ٿو ڳالهايان (۽ ڪوڙي تهمت ٿو رکان) ته مون تي الله جي لعنت هجي. |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ پر جيڪڏهن (اها) عورت به پهريان چار ڀيرا خدا جو قسم کڻي چوي ته هي شخص (يعني منهنجو مڙس) سراسر ڪوڙو آهي، |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجين ڀيري چوي ته، جيڪڏهن هو سچو آهي ته مون تي الله جو غضب پوي ته پوءِ انهيءَ عورت تان (سندس صفائي واري) اها شاهدي سزا (کي) ٽاري ڇڏيندي. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها (ته توهان جي گهرن ۾ فساد ۽ بگاڙو ئي بگاڙو هجي ها) بيشڪ الله تعاليٰ رحمت جي موٽ ڪندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
جن ماڻهن (حضرت عائشه صديقه تي) تهمت لڳائي سي به بيشڪ توهان مان ئي هڪ ٽولي آهن. توهان ان (تهمت واري واقعي) کي پنهنجي لاءِ خراب نه سمجهيو، بلڪ ان ۾ اوهان جي لاءِ چڱائي آهي. انهن مان هرهڪ شخص جنهن (انهيءَ تهمت پکيڙڻ ۾) حصو ورتو تنهن گناهه جو ڪم ڪيو ۽ انهن مان جنهن (انهيءَ تهمت لڳائڻ ۽ پکيڙڻ ۾) وڏو حصو ورتو تنهن کي تمام وڏو سخت عذاب ٿيندو. |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن مؤمن مردن ۽ مؤمن زالن پنهنجي دلين ۾ ڇو نه نيڪ گمان آندو (۽ ڇو بدگمان ٿي هڪڙي خراب تهمت تي کڻي اعتبار ڪيائون ۽ هڪٻئي کي ٻڌايائون) ۽ ڇو نه هڪدم چئي ڏنائون ته، هيءَ ته چٽي چٽي ڪوڙي تهمت آهي. |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
هنن پنهنجي ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتيءَ لاءِ ڇو نه چار شاهد آندا. پوءِ جنهن صورت ۾ هو شاهد نه ڏئي سگهيا تنهن صورت ۾ الله تعاليٰ وٽ هو ئي ڪوڙا آهن. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن اوهان (مسلمانن) تي الله جو فضل ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان جيڪي (حضرت عائشه جي تهمت پکيڙڻ ۾) ڪري چڪا آهيو تنهن لاءِ توهان تي سخت عذاب اچي ها. |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جڏهن توهان هن ڳالهه متعلق پنهنجي زبان سان چوپچو ڪرڻ لڳؤ ۽ پنهنجي وات مان اهڙيون ڳالهيون ڪڍڻ لڳؤ، جن جي توهان کي خبر به ڪانه هئي، (تڏهن توهان کي شرم اچڻ گهربو هو) پر توهان ان کي معمولي ۽ خسيس ڳالهه سمجهيو هو. پر الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڳالهه هئي. |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
جڏهن توهان اها (تهمت) ٻڌي هئي تڏهن توهان ڇو نه چئي ڏنو ته، اسان جي لاءِ مناسب ناهي ته اسان اهڙي ڳالهه (رڳو) زبان مان ڪڍون. سبحان الله! (پاڪ آهي الله تعاليٰ) هي ته وڏو بهتان آهي، (ان وقت اهي لفظ ڇو نه توهان چيا هئا). |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
(ڏسو) الله تعالي! اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ۽ ايمان اٿوَ ته وري ڪڏهن به ان جهڙي روش ۽ هلت نه وٺجو. |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجا حڪم کولي کولي چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي. ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
انهن ماڻهن لاءِ جيڪي چاهين ٿا ته مسلمانن ۾ بي شرمي وڌي ۽ پکڙجي، (تن لاءِ) دنيا توڙي آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، پر توهان ڪونه ٿا ڄاڻو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها (ته توهان کي سخت ۾ سخت سزا ڏني وڃي ها) پر بيشڪ خدا نهايت ئي مهربان ۽ رحم وارو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي مومنؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلجو، (يعني سندس عملن جهڙا عمل نه ڪجو) ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو سو ته ضرور فاحش ڪم ۽ گناهه ڪرڻ جو ئي حڪم ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان هڪ به (انهيءَ گناهه کان) پاڪ نه هجي ها، پر خدا جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (سندس دل جو حال ڄاڻي سندس توبهه قبول ڪري) پاڪ ڪري ٿو ڇڏي ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ اوهان مان جيڪي فضل ۽ وسعت وارا آهن، تن کي گهرجي ته اهو قسم نه کڻن ته اسان (فلاڻن) مائٽن، مسڪينن ۽ خدا جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن کي ڪجهه به نه ڏينداسين. کين گهرجي ته (سندن قصور) معاف ڪري ڇڏين ۽ درگذر ڪن. ڇا توهان هي ڳالهه پسند نٿا ڪيو ته خدا اوهان کي بخشي ڇڏي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
اهي ماڻهو جيڪي ڪن پاڪدامن معصوم ۽ بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا تن تي دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت پوندي ۽ انهن کي سخت عذاب ٿيندو. |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
انهيءَ ڏينهن سندن زبانون، سندن هٿ ۽ سندن پير به انهن جي خلاف شاهدي ڏيندا ته هنن ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا. |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ هنن کي پورو پورو ۽ حق ۽ انصاف وارو بدلو ڏيندو. ۽ هنن کي معلوم ٿي ويندو ته بيشڪ الله ئي آهي جو سچو آهي، ۽ هرهڪ ڳالهه کي ظاهر ڪندڙ آهي. |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
گنديون عورتون گندن مردن لاءِ آهن ۽ گندا مرد گندين عورتن لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ آهن. اهي ماڻهو (يعني پاڪ مرد ۽ پاڪ عورتون) انهن (شريرن) جي ڳالهين کان بلڪل آجا آهن، (يعني هو انهن تهمتن کان پاڪ آهن ۽ انهن جي تهمتن جي ڪري هنن کي ڪو نقصان ڪونه رسندو) انهن جي لاءِ خدا جي بخشش ۽ عزت جي روزي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي مومنؤ! پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ بنا اجازت جي ۽ بنا السلام عليڪم چوڻ جي نه گهڙو. ائين ڪرڻ (يعني سلام ورائڻ ۽ اجازت گهرڻ) توهان جي لاءِ ئي تمام چڱو آهي، عجب ناهي ۽ ممڪن آهي ته توهان (ان حڪم جي بجا آوري ڪرڻ سان) هدايت واري واٽ وٺندؤ (۽ خراب خيالن کان بچندؤ). |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
جيڪڏهن سمجهو ته گهر ۾ ڪوبه ڪونهي ته به جيستائين اجازت نه ملي تيستائين گهر ۾ اندر نه وڃو. ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته، موٽي وڃو ته (بلڪل رنج نه ٿيو، خوشيءَ سان) واپس هليا وڃو. اها ڳالهه توهان جي ئي لاءِ بهتر آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سڀ خدا کي خبر آهي. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
(پر) هن ڳالهه ۾ گناه ڪونهي ته اهڙن گهرن ۾ هليا وڃو جن ۾ ماڻهو رهندڙ ڪونه آهن ۽ انهن ۾ توهان جو ڪو مال اسباب آهي (پر ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه (اوهان جي دل جي حالت به) ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان کليو کلايو ظاهر ٿا ڪيو سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سوبه ڄاڻي ٿو. |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
مؤمن مردن کي چئو ته، هو پنهنجون اکيون (پرائي عورتن جي سامهون اچڻ وقت) هيٺ ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪن (يعني اوگهڙ ڍڪين ۽ لڄ ۽ پاڪدامني رکن) اها ڳالهه هنن جي لاءِ پاڪائيءَ واري آهي، (يعني بدخيالن کان پاڪ رکندي. ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي. |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ مؤمن عورتن کي به چئو ته، هو به پنهنجون اکيون هيٺ رکن (جڏهن ڪو ڌاريو مرد سامهون ايندڙ هجي) ۽ پنهنجي لڄ ۽ شرم جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار (ڌارين جي اڳيان) ظاهر نه ڪن، سواءِ ان جي جيڪي (رواجي طرح) ان مان ٻاهر رهندڙ آهي ۽ هيٺين (ذڪر ڪيل) ماڻهن کان سواءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار ظاهر نه ڪن؛ سندن مڙس يا پيءُ، يا سهرو، يا سندن پٽ، يا سندن ٻانهيون، يا اهي خادم جيڪي انهيءَ خواهش کان گذر ڪري چڪا هجن يا اهي ٻار يا ڇوڪر جن کي اڃا عورتن جي پردي جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي، (انهن جي اڳيان عورتون پنهجي زينت ظاهر ڪن ته گناهه ڪونهي) ۽ عورتن کي گهرجي ته (گهمڻ وقت) پنهنجا پير زمين تي اهڙو زور سان نه هڻن جو هنن جي لڪل زيورن جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ اچي. ۽ اي مومنؤ! (مکيه ڳالهه هي اٿؤ ته) توهان سڀ خدا ڏي موٽو (ٻيا خيال ڇڏي الله جي حڪمن موجب هلو) ته توهان هر طرح جي بهبودي ۽ بهتري حاصل ڪيو. |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ اوهان ۾ جيڪي به اڻ پرڻيل عورتون هجن، (ڪنواريون توڙي بيوهه توڙي طلاق ڏنل) تن جو نڪاح ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين جو به نڪاح ڪندا ڪريو. (يعني انهن سان پرڻجو يا انهن کي پرڻايو) جيڪڏهن اهي مسڪين هونديون ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هنن کي خوشحال ڪري ڇڏيندو ۽ الله تعاليٰ وسعت رکندڙ ۽ سڀني کي وسعت ڏيندڙ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ جن ماڻهن کي نڪاح جي لاءِ طاقت ڪانهي سي پاڻ تي ضابطو رکن (۽ پاڪ دامن رهن) جيستائين ڪه الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين آسودو ڪري ۽ جيڪي ٻانها توهان کان دستاويز لکائي وٺڻ چاهين (ته هيترا پئسا ڪمائي ڪرڻ يا هيترو ڪم ڪرڻ بعد آزادي ملندي) ته انهن کي اهڙو دستاويز لکي ڏيو، جيڪڏهن توهان هنن ۾ ڪجهه نيڪي ۽ صلاحيت معلوم ڪيو ۽ جيڪو مال الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي، تنهن مان انهن کي به ڪجهه ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهين کي دنيوي زندگي جي فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ زنا ڪاري ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو، جڏهن ته هو پاڪ دامن رهڻ چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪو ماڻهو (ڪسب ڪرڻ لاءِ) مجبور ڪندو ته پوءِ هنن جي مجبوريءَ بيوسيءَ جي ڪري الله تعاليٰ (هنن کي بخشي ڇڏيندو، ڇو ته هو) غفور ۽ رحيم آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اوهان ڏي چٽا حڪم احڪام ۽ نشانيون موڪليون آهن ۽ انهن ماڻهن جا مثال (ڏنا آهن) جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ نصيحتون نازل ڪيون آهن. |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله تعاليٰ آسمانن جو ۽ زمين جو نور آهي. سندس نور جو مثال ائين آهي جيئن هڪ جارو آهي، جنهن ۾ هڪ بتي رکي آهي ۽ بتي هڪ شيشي (چمني يا گلوب) جي اندر آهي. شيشو اهڙو ته (صاف) آهي جو ڄڻ ته هڪ چمڪندڙ تارو آهي. ان ۾ هڪ برڪت واري وڻ جو تيل ٻاريو وڃي ٿو، يعني زيتون جي وڻ جو جيڪو نڪي اوڀر منهون آهي، (جو شام وقت سج جي روشنيءَ کان محروم هجي) نڪي اولهه منهون آهي (جو صبح جي وقت چوٽيءَ تي آهي) ان جو تيل (اهڙو ته چمڪندڙ آهي جو) ڄڻ ته خودبخود ٻرڻ تي آهي، اگرچه ان کي باهه نه ڇهي (الله تعاليٰ ۽ سندس حقائق ائين آهن جيئن) روشنيءَ مٿان روشني، الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي انهيءَ نور ۾ پهچائي ٿو ۽ ڏسو الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ (ڪهڙا نه سهڻا ۽ چٽا) مثال ڏئي ٿو (۽ حقيقتون سمجهائي ٿو) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم آهي. |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
(اها بتي خاص طرح ٻاري وڃي ٿي) انهن (پاڪ) گهرن ۾ جن متعلق الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي ته سندس نالو بلند ڪيو وڃي ۽ جن ۾ سندس ذڪر ڪيو وڃي ۽ جن ۾ ماڻهو صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا. |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
اهي ماڻهو اهڙا آهن جو کين واپار ۽ ڌنڌا نڪي خدا جي يادگيريءَ کان غافل ٿا ڪري سگهن، نڪي نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ کان غافل ٿا ڪن. اهي انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا رهن ٿا جنهن ڏينهن دليون ۽ اکيون ابتيون ۽ اونڌيون ٿي وينديون. |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
(سندن سچائي جو نتيجو هي ٿيندو جو) جيڪي به (چڱا) عمل هنن ڪيا آهن تن جو بهترين بدلو الله تعاليٰ کين ڏيندو، ۽ پنهنجي (خاص) فضل سا ڪجهه زياده به عنايت ڪندو ۽ الله تعاليٰ جنهن کي به چاهي ٿو تنهن کي بنا حساب گهڻو رزق عطا ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي روش ورتي آهي تن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي. اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان جو جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي ۽ هو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ٿو ڏسي. سو خدا سندس (بد) عملن جو حساب پوريءَ طرح ڪري انهن جي بدلو کيس ڏئي ٿو ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي. |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا اهي (ڀليل بدڪار ماڻهو) گويا هڪ تمام اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن، جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇانئجي ويون آهن ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن، يعني اوندهه مٿان اوندهه جا طبقا چڙهيل آهن. (ايتري قدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خود غرضيءَ سبب) روشني نه عطا ڪري تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
توهان ڏسو نٿا ته جيڪي به آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا ۽ پر کولي اڏامندڙ پکي به (سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا.) هرهڪ ڄاڻي ٿو ته ڪيئن خدا جي عبادت ڪجي ۽ ڪيئن سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪجي ۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. (ٻيو ڪو به بادشاهه ڪونهي) ۽ الله جي ئي طرف موٽي وڃڻو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
توهان ڏسو نٿا ڇا ته الله ئي ڪڪرن کي (هيڏي هوڏي) هلائي ٿو؟ وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي گڏي ٿو ڇڏي. وري انهن کي هڪ ٻئي مٿان تهه ڪري رکي ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته ان (جُهڙ) مان پاڻي نڪري وسڻ لڳي ٿو. ۽ ڪڪرن جي جبل جيڏن حصن مان ڳڙا وسائي ٿو. اهي ڳڙا جن تي وڻيس ٿو تن تي وسائي ٿو ۽ جن کان چاهي ٿو تن کان هٽائي پري ڪري ٿو ڇڏي. (ڏسو) کنوڻ جو چمڪو (ڪهڙو نه تيز) آهي جو گويا اکين کي انڌو ڪري ٿو ڇڏي. |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
اهو الله ئي آهي جو رات ۽ ڏينهن کي هڪٻئي پٺيان آڻيندو رهي ٿو. ان ڳالهه ۾ اکين وارن لاءِ يعني عقل ۽ سمجهه وارن لاءِ بيشڪ وڏي عبرت آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله تعاليٰ هرهڪ (چرندڙ پرندڙ) جانور کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو آهي. انهن جانورن ۾ ڪي اهڙا آهن، جي پيٽ ڀر هلن ٿا ۽ ڪي اهڙا آهن جي ٻن پيرن تي هلن ٿا ۽ ڪي وري چئين پيرن تي هلن ٿا. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ شيء تي قادر آهي (يعني سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو سگهي ۽ سڀ ڪنهن کي هلائي چلائي سگهي ٿو ۽ سڀني تي غالب آهي.). |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
هيءَ حقيقت آهي ته اسان چٽائي ڪندڙ صاف صاف حڪم نازل ڪيا آهن ۽ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سڌيءَ واٽ تي هلائي ٿو. |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
(ماڻهو) چون ٿا ته اسان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو آهي، ۽ اسان تابعدار ۽ فرمانبردار آهيون، پر ان بعد ڪي (منافقن جون) ٽوليون منهن ڦيرائي ٿيون ڇڏين. (سچ هي آهي ته اصل کان) انهن ماڻهن ايمان آندو ئي ناهي. |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏهن هنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ ته هنن جو فيصلو نبيري تڏهن هنن مان هڪڙي ڌر هڪدم ڦري وڃي ٿي (۽ اچي فيصلي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ٿي). |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
پر جيڪڏهن هنن کي (فيصلي ۾) حق ملندو هجي (يعني جيڪڏهن هو حق تي آهن ۽ هنن کي انصاف جي فيصلي ۾ فائدو ملڻو آهي) ته هو (خوشيءَ سان) الله جي رسول ڏي اطاعت ۽ تابعداري ڏيکاري هليا اچن ٿا. (پر جيڪڏهن هو حق تي ناهن ۽ سمجهن ٿا ته انصاف جي فيصلي ۾ سندن نقصان آهي ته پوءِ نٿا اچن). |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
هنن جي دلين ۾ مرض آهي ڇا؟ يا هو شڪ شبهي ۾ ڦاٿل آهن ڇا؟ يا هو ڊڄن ٿا ڇا ته الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪندا؟ نه نه (اهي ڳالهيون ناهن) پر هو پاڻ ظالم آهن. |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
(مٿي بيان ڪيل ڪافرن جي ابتڙ) جڏهن مؤمنن کي الله ۽ سندس رسول ڏانهن سڏيو وڃي ٿو انهيءَ لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي تڏهن هنن جو قول اهوئي هوندو آهي جو بي ڌڙڪ چئي ڏيندا آهن ته اسان (دل و جان سان) ٻڌون ٿا ۽ اسان (پنهنجي عملن ۾) پوري پوري فرمانبرداري ڪيون ٿا، اهڙائي ماڻهو (دنيا ۽ آخرت جي) بهبودي ۽ بهتري ماڻيندا. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄي ٿو ۽ (سندس ٻڌايل برن ڪمن کان) پرهيز ڪري ٿو سو اهڙا ماڻهو ئي آهن جيڪي ڪامياب ٿيندا ۽ چڱيون مرادون ماڻيندا. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
(اي پيغمبر! هي منافق ماڻهو تو وٽ اچي) الله جا وڏا وڏا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان اسان کي رڳو حڪم ڪيو ته پوءِ اسان ضرور (جهاد لاءِ گهرن مان) نڪري پونداسين. انهن کي چئي ڏي ته (سکڻا) قسم نه کڻو. (زباني ٺڪاون جي بدران اٿي عملن کي لڳو). سچي فرمانبرداري (عملن سان) سڃاتي وڃي ٿي. (ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جا عمل ٿو ڏسي) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي بيشڪ سڀ خبر آهي. (توهان جي دلين جو حال به کانئس لڪل ناهي). |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
۽ (اي پيغمبر! تون) عام اعلان ڪر ته (اي انسانو) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. توهان جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) منهن موڙيندؤ ته (توهان جو ئي نقصان آهي) منهنجي ذمي ته رڳو (حڪم پهچائڻ جو) بار آهي ۽ توهان ئي پنهنجي (عملن جي) بار کڻڻ جا ذميوار آهيو ۽ جيڪڏهن توهان منهنجي فرمانبرداري ڪندؤ ته (سچي) هدايت واري واٽ تي هوندؤ (۽ ڪامياب ٿيندؤ). ۽ رسول جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته هو حق جو پيغام چٽيءَ طرح (ماڻهن کي) پهچائي ڏئي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
(انسانو! هيءَ ڳالهه ٻڌو ۽ غور ڪيو) اوهان مان جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن سان الله جو واعدو آهي ته هو کين اهڙيءَ طرح دنيا ۾ حڪومت ۽ بادشاهي ڏيندو جهڙيءَ طرح اڳوڻن (مؤمنن ۽ صالح عمل ڪندڙن) کي حڪومت ڏني هئائين ۽ جيڪو دين هن سندن لاءِ پسند ڪيو آهي تنهن کي سندن لاءِ پڪي پائي تي بيهاري زور وٺائيندو ۽ (هلندڙ وقت واري) خوف ۽ هراس کان پوءِ هنن (مسلمانن) لاءِ (اڳوڻي حالت) بدلائي امن ۽ امان واري حالت آڻيندو آهي. (مؤمن پوءِ به) منهنجي ٻانهپ ڪندا رهندا، ۽ مون سان ڪنهن به شيء کي شريڪ نه ٺهرائيندا. پر جيڪي هن کن پوءِ به ڪفر جي واٽ وٺندا سي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ليڪو لنگهي بيهندڙ آهن (۽ تباهه ٿيندا). |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ (اي مسلمانو!) نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. (زباني مسلماني ۽ سکڻو ايمان ڪم نه ايندو). |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ائين متان سمجهو ته جن ماڻهن ڪفر (۽ ظلم) جي واٽ ورتي آهي، سي ملڪ ۾ (الله تعاليٰ جي واعدي ۽ رٿن کي روڪي ڇڏيندا ۽) غالب پوندا. سندن ٽڪاڻو (آخر دوزخ جي) باهه آهي جتي هو موٽي ويندا، ۽ اها موٽڻ جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي مومنؤ! توهان کي هن ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته اوهان جا ٻانها (۽) ٻانهيون جيڪي اوهان جي قبضي ۾ آهن (۽ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون) ۽ پڻ اهي جيڪي بلوغت جي عمر کي نه پهتا آهن، (يعني اڃا ننڍا آهن) اهي سڀ توهان وٽ اچڻ لاءِ ٽن وقتن تي پهريائين موڪل گهرن: (١) فجر جي نماز کان اڳي (٢) منجهد جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي (يا بدلائي) آرام ڪندا آهيو. (٣) سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ. اهي ئي (اُهي) وقت آهن (جن ۾) توهان پوريءَ طرح پهريل نه هوندا آهيو (ٻيا ماڻهو ته هر وقت موڪل بنا نه اچن) انهن ٽن وقتن کان سواءِ (انهن ٻانهن نوڪرن ۽ ننڍن جي بنا موڪل اچڻ ۾) نه اوهان جي لاءِ گناهه جي ڳالهه آهي نه ئي هنن لاءِ، ڇو ته (ڪم ڪار لاءِ) توهان هڪٻئي ڏانهن اچو وڃو ٿا، (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي بيان ڪري ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏهن توهان جا ٻار (پنهنجا يا پراوا) بلوغت کي پهچن (يعني جوان ٿين) تڏهن گهرجي ته اهي به ساڳيءَ طرح (هر وقت ۽ هر موقعي تي) موڪل گهرن، جهڙيءَ طرح انهن کان اڳيان (يعني وڏا) موڪل گهرندا پئي آيا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام چٽائي سان بيان ڪري ٿو ڇڏي. (۽ وري وري ياد رکو ته سندس سڀ حڪم مفيد ۽ ضروري آهن، ڇو ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ وڏيون پوڙهيون عورتون جن کي پرڻجڻ جي ضرورت ئي نه رهي آهي سي جيڪڏهن پنهنجا (غير ضروري ٻاهريان) ڪپڙا (جيئن چادر ڪنهن وقت) نه پائين ته انهن کي گناهه ڪونهي، بشرطيڪه هو زينت وارين جاين کي ظاهر نه ڪن، پر جيڪڏهن انهيءَ کان به بچن (يعني ٻاهران ڪپڙا به پائينديون رهن) ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
نڪي انڌن لاءِ (هيءَ ڳالهه) ڪا پوڻائي جي ڳالهه آهي، نڪي منڊن يا بيمارن لاءِ، نڪي توهان ٻين لاءِ (ڪا رڪاوٽ آهي) ته توهان (انڌا منڊا ۽ بيمار) پنهنجي گهرن ۾ يا پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهرن ۾ کائو پيئو يا پنهنجي ڀائرن جي گهرن ۾ يا ڀينرن جي گهرن ۾ (کائو پيئو) يا پنهنجي چاچن جي گهرن ۾ يا پڦين جي گهرن ۾ يا مامن جي گهرن ۾ يا ماسين جي گهرن ۾ يا انهن گهرن ۾ جن جون ڪنجيون توهان جي قبضي ۾ هجن يا پنهنجي (نيڪ) دوستن جي گهرن ۾ (بيشڪ کائو پيئو). هن ڳالهه ۾ توهان تي ڪو گناهه ڪونهي ته گڏجي ويهي کائو يا جدا جدا (اڪيلا ويهي) کائو، پر (ياد رکو ته) جڏهن گهرن ۾ گهڙو تڏهن پنهنجن ماڻهن کي پهريائين السلام عليڪم وغيره چوندا ڪيو، (يعني سلامتي ۽ رحمت ۽ برڪت جي دعا ڪندا ڪريو) اهو سلام ڪرڻ (يعني اها دعا ڪرڻ) الله وٽان هڪ برڪت وارو ۽ پاڪ سلام آهي. (ڏسو) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم احڪام کولي کولي ٻڌائي ٿو توهان انهن کي چڱيءَ طرح سمجهو (۽ انهن جي تعميل ڪيو). |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
(سچا) مؤمن فقط اهي آهن جيڪي الله ۽ سندس رسول ۾ (پورو پورو) ايمان ٿا رکن ۽ جڏهن هو ڪنهن اهڙي موقعي تي گڏ ٿيل (هوندا) آهن جنهن تي (قومي معاملن سان تعلق رکندڙ) ڪنهن اهم ڪم جو فيصلو ڪرڻو (هوندو) آهي يا ڪو اهڙو ڪم گڏجي ڪرڻو (هوندو) آهي تڏهن اهي سچا مؤمن سندس موڪل وٺڻ کان سواءِ اٿي هليا نٿا وڃن. (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو توکان اجازت گهرن ٿا، سي ئي الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيندڙ آهن. سو جڏهن هو پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ توکان موڪل گهرن تڏهن انهن مان جنهن کي چاهين تنهن کي موڪل ڏي، ۽ الله کان هنن جي لاءِ مغفرت (يعني معافي) جي دعا گهر. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
توهان رسول (ﷺ) جي سڏ کي اهڙو نه سمجهو جهڙو هڪ ٻِئي جي سڏ کي سمجهندا آهيو. (سندس سڏ کي تمام وڏي ۽ ضروري ڳالهه سمجهو ۽ هڪدم حاضر ٿيو). يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان منجهان اک وٺي کسڪي اٿي وڃن ٿا. (يا ڪوڙو بهانو ڏئي هليا وڃن ٿا). (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو رسول(ﷺ) جي حڪم جي مخالفت ڪن ٿا تن کي هن ڳالهه کان ڊڄڻ گهرجي ته متان مٿن ڪا مصيبت اچي وڃي يا ڪو دردناڪ عذاب اچي مٿن ڪڙڪي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار! آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ الله جي لاءِ آهي. هو خوب ڄاڻي ٿو ته توهان جي روش ۽ توهان جا خيال ۽ خواهشون ڪهڙيون آهن، ۽ جنهن (قيامت جي) ڏينهن توهان موٽي وٽس ويندؤ تنهن ڏينهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان (دنيا ۾) ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندا هئو. ۽ (پڪ ڄاڻو ته) الله تعاليٰ هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم رکندڙ آهي. |