سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
هيءَ سورت آهي، جا نازل ڪئي سون، کيس فرض ڪيوسون ۽ منجهس پڌريون آيتون نازل ڪيوسون، ته مَنَ اوهين نصيحت وٺو. |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زنا ڪندڙ زال خواهه مرد ٻنهي مان هر هڪ کي سئو چابڪ هڻو ۽ اوهان کي انهن تي الله جي دين ۾ ڪا نرمي ڪرڻ نه جڳائي، جيڪڏهن اوهين الله ۽قيامت کي مڃيو ٿا_ ۽ سندن سزا تي مؤمنن جي هڪ ٽوليءَ کي حاضر هجڻ گهرجي. |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زنا ڪندڙ مرد، زنا ڪندڙ زال مشرڪياڻيءَ سان ئي پرڻبو ۽ زنا ڪندڙ زال سان زنا ڪندڙ مڙس يا مشرڪ ئي پرڻبو ۽ اهو مؤمنن تي حرام ڪيو ويو. |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي شخص پاڪدامن عورتن تي تهمت لڳائين، وري چار شاهد نه آڻين ته انهن کي اسي چابڪ هڻو ۽ سندن شاهدي هر گز قبول نه ڪريو، جو اهي بدڪار آهن. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
مگر جن هن کان پوءِ توبهه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو نه بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي شخص سندن زالن تي تهمت لڳائين ۽ وٽن پاڻ کان سواءِ ڪي شاهد نه هجن، ته اهڙي هر هڪ جي شاهدي چار دفعا (هيئن) آهي ته ”الله جو قسم! بيشڪ پاڻ سچ چوندڙ آهي.“ |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجون دفعو چو ي ته ”جيڪڏهن ڪوڙو هوندو، ته مٿس الله جي لعنت هجي.“ |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ انهي زال تان سزا هيئن ٽرندي، جو چار دفعا الله جو قسم کڻي اقرار ڪري ته ”بيشڪ اهو مڙس ڪوڙو آهي.“ |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجون دفعو (چوي) ته ”مٿس الله جوغضب پوي، جيڪڏهن مڙس سچو هجي ته.“ |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها ته (تڪليف ۾ پئو ها) بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جن بهتان لڳايو سي اوهان مان هڪ ٽولو آهن، اوهين ان کي پاڻ لاءِ برو نه سمجهو_ بلڪ اهو اوهان لاءِ چڱو آهي، انهن مان هر شخص جيڪو گناهه ڪمايو سو سندس لاءِ آهي_ ۽ منجهائن جنهن بهتان جو وڏو لڙ مچايو، ان لاءِ وڏو عذاب آهي. |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين پنهنجن ۾ چڱو گمان ڇو نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته ”هيءَ ته صفا بهتان آهي؟“ |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
ڇو نه انهي تي چار شاهد آندائون؟ پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون، تڏهن الله وٽ اهي ئي ڪوڙا آهن. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه اوهان تي دنيا خواهه آخرت ۾ نه هجي ها، ته جيڪر جنهن بابت چرچو مچايوَ، ان لاءِ اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها. |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جڏهن اوهين اها ڳالهه زبان تي آڻيندا رهيا ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چوندا رهيا، جنهن جي اوهان کي ڪا خبر ڪانه هئي ۽ اوهان ان کي هلڪو ٿي ڀانيو، پر اهو الله وٽ وڏو گناهه هو. |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
۽ جڏهن اوهان اهو ٻڌو، تڏهن ڇو نٿي چيوَ ته ” اسان کي اهو چوڻ نٿو جڳائي_ تون پاڪ آهين، هيءُ ته وڏو بهتان آهي.“ |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
الله نصيحت ٿو ڪريوَ، ته وري اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ڪجو، جيڪڏهن اوهين مؤمن آهيو. |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ الله اوهان لاءِ آيتون بيان ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ جن شخصن کي اها ڳالهه پسند ٿي اچي ته مؤمنن ۾ براين (جي تهمتن) کي پکيڙيو وڃي، تن لاءِ دنيا خواهه آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آهي_ ۽ الله ڄاڻي ٿو، مگر اوهين ڪو نه ٿا ڄاڻو. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها (ته تڪليف ۾ پئو ها) ۽ الله ته بخشيندڙ مهربان آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي مؤمنو! شيطان جي قدمن تي نه هلو_ ۽ جيڪو شيطان جي قدمن تي هلندو ته (ياد رکي ته) اهو ته بيحيائي ۽ برا ڪم ڏسيندو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته اوهان مان ڪو هڪڙو به ڪڏهن به نه سڌري ها، پر الله جنهن کي گهري، تنهن کي پاڪ ٿو ڪري ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ اوهان مان فضل ۽ آسودگي وارن کي اهو قسم نه کڻڻ گهرجي ته هو عزيزن، مسڪينن ۽الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندڙن کي (خيرات) نه ڏيندا ۽ گهرجنِ ته معاف ڪن ۽ ٽارو ڪن، ڇا اوهان کي اهو نٿو وڻي ته الله اوهان کي بخشش ڪري؟ ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جيڪي شخص پاڪدامن بيخبر مؤمنياڻين تي تهمت لڳائين ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
انهي ڏينهن سندن ڪيل ڪمن بابت سندن زبانون ۽ هٿ ۽ پير مٿن شاهدي ڏيندا. |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
انهي ڏينهن کين الله انصاف سان سندن بدلو پورو ڏيندو ۽ ڄاڻندا ته الله ئي سچو، پڌرو ڪندڙ آهي. |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
پليت زالون پليت مرد ن لاءِ ۽ پليت مرد پليت عورتن لاءِ، پاڪ زالون پاڪ مردن لاءِ آهن ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ، اهي انهي کان پاڪ آهن، جيڪي (بهتان ٻڌندڙ) چون ٿا، هنن لاءِ بخشش ۽ سڳورو رزق آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي مؤمنو! اوهان پنهنجي گهر کان سواءِ ٻين گهرن ۾ تيسين نه گهڙو، جيسين موڪلايو ۽ منجهس رهندڙن تي سلام ورايو- اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي، ته من اوهين نصيحت وٺو- |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جيڪڏهن منجهس ڪنهن کي نه ڏسو، ته تيسين ان ۾ نه گهڙو، جيسين اوهان کي موڪل ڏجي ۽ جيڪڏهن اوهان کي چئجي ”موٽي وڃو“ ته موٽي وڃو- اهو اوهان لاءِ تمام سٺو آهي ۽ الله اوهان جي ڪمن کي ڄاڻندڙ آهي. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
اوهان تي گناهه ڪونهي جيڪڏهن اوهين اهڙي گهر ۾ گهڙو، جنهن ۾ ڪو به نه رهندو هجي، منجهس اوهان جو سامان هجي ۽ الله اهو سڀ ڄاڻي ٿو، جيڪي اوهين ظاهر ٿا ڪريو يا لڪايو ٿا. |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
مؤمنن کي چئو ته پنهنجين اکين کي هيٺ ڪن ۽ پنهنجين اوگهڙن جي سنڀال رکن، اهو سندن لاءِ تمام سٺو آهي، بيشڪ الله سندن ڪمن جي پوري خبر رکندڙ آهي. |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ مؤمنياڻين کي به چئو ته پنهنجيون اکيون جهڪيون رکن، سندن اوگهڙن جي سنڀال رکن ۽ سندن سونهن کي ظاهر نه ڪن، سواءِ انهي جي، جيڪي ان مان ظاهر ٿيڻ (لاچاري) هجي، ۽ گهر جين ته پنهنجيون چادرون پنهنجن گريبانن تي لاهي ڇڏين ۽ پنهنجي سونهن فقط هنن ماڻهن تي ظاهر ڪن؛ سندن مڙس، سندن پيءُ، سهرا، پٽ، مڙسن جا پٽ، ڀائر، ڀائيٽا، ڀاڻيجا، پنهنجون عورتون، ٻانها، زالن ڏي خواهش نه رکندڙ نوڪر ۽ زالن جي اوگهڙن کان بي خبر ڇوڪرا_ ۽ پنهنجا پير زور سان نه هڻن، جو سندن سونهن مان جيڪي لڪل آهي سو پروڙجي پوي_ ۽ اي مؤمنو! اوهين سڀ الله ڏي ورو، ته من اوهين ڇوٽڪارو پايو! |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ اوهان مان اڻ پرڻيل عورتن خواهه نيڪ ٻانهن ۽ ٻانهين کي پرڻايو، جيڪڏهن اهي غريب هوندا ته الله پنهنجي فضل سان کين سکيو ڪندو- ۽ الله گهڻي مهرباني ڪندڙ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ جيڪي پرڻجي نٿا سگهن، تن کي گهرجي ته پاڪدامن رهن، جيسين کين الله پنهنجي فضل سان آسودو ڪري_ ۽ اوهان جي ٻانهن مان جيڪي عيوض ڏيئي آزاد ٿيڻ جو ٺاهه ڪرڻ گهرن، تن ۾ جيڪڏهن چڱائي ڏسو، ته ساڻن اهڙو ٺاهه ڪريو ۽ اوهان الله جي ڏنل مال مان هنن کي ڏيو- ۽ اوهان جون ٻانهيون جيڪي پاڪ دامن رهڻ گهرن، ته اوهين هنن کي دنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ خاطر زنا تي لاچار نه ڪريو ۽ جيڪو کين لاچار ڪندو، ته بيشڪ الله تعاليٰ هنن جي لاچاريءَ کان پوءِ بخشيندڙ، مهربان آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ اسان اوهان ڏي چٽيون آيتون ۽ اوهان کان اڳ گذري ويلن جا مثال ۽ نيڪن لاءِ نصيحت موڪليا. |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله آسمانن ۽ زمين جي روشني آهي، سندن روشنيءَ جو مثال اهڙو آهي، جيئن جاري ۾ ڏيئو رکيل هجي، ڏيئو شيشي جي ڍڪ ۾ هجي_ اهو شيشي جو ڍڪ اهڙو لڳي، جو ڄڻ ته چمڪندڙ ستارو آهي_ ڏيئو اهڙي برڪت واري زيتون جي وڻ (جي تيل) مان ٻاريل هجي، جو نڪي اوڀر ۾ ڄمندو آهي نه اولهه، سندس تيل اهڙو سٺو آهي، جو جيتوڻيڪ کيس نه ٻارجي ته به ڄڻ ته ٻري پيو، روشنيءَ تي روشني_ الله جنهن کي گهري تنهن کي پنهنجي روشنيءَ سان رستو ڏيکاري ٿو ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال ٿو بيان ڪري ۽ الله هر چيز کي ڄاڻندڙ آهي. (-) (اها روشني) انهن جاين ۾ آهي، جن لاءِ الله حڪم ڪيو آهي ته سندس تعظيم ڪجي ۽ انهن ۾ سندس نالو ياد ڪجي، انهن ۾ اهڙا مرد صبح شام سندس پاڪائي بيان ٿا ڪن جن کي واپار خواهه سودو الله جي يادگيريءَ کان غافل نه ڪندو آهي- هو نماز پڙهندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن، ان ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن ۾ دليون ۽ اکيون ابتيون ٿينديون. |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
هن لاءِ، ته جيڪي تمام چڱا ڪم ڪيائون، تن جو الله کين بدلو ڏئي- ۽ کين پنهنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي ۽ الله جنهن کي گهري تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو. |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
۽ جن ڪفر ڪيو، تن جا عمل بيابان جي رڃ وانگر آهن، جنهن کي اڃايل، پاڻي سمجهي- تان جو جڏهن ان وٽ پهچي، تڏهن کيس ڪجهه به نه ڏسڻ ۾ اچي ۽ الله کي ئي وٽس ڏسي، جو کيس پورو حساب ڏئي ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
يا انهن سمنڊ جي اونداهين وانگر، جنهن جي لهر مٿان لهر ويڙهي، جنهن مٿان ڪڪر هجن، هڪ ٻئي جي مٿان اونداهيون- جو جڏهن سندس هٿ ڪڍي، ته به ان کي ڏسي نه سگهي- ۽ جنهن کي الله سوجهرو نه ڏئي، ان لاءِ ڪو سوجهرو ئي ڪونهي! |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
ڇا، تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو ۽ کليل پرن وارا پکي، الله جي پاڪائي بيان ڪندا آهن- بيشڪ هرڪو پنهنجي نماز ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ جي طريقي کان واقف آهي ۽ جيڪي به ڪن ٿا، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو- |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
ڇا، تو نه ڏٺو آهي ته جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو ۽ کليل پرن وارا پکي، الله جي پاڪائي بيان ڪندا آهن- بيشڪ هرڪو پنهنجي نماز ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ جي طريقي کان واقف آهي ۽ جيڪي به ڪن ٿا، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
ڇا، تو نه ڏٺو آهي ته الله ڪڪرن کي هلائيندو آهي، وري کين پاڻ ۾ گڏيندو آهي، وري انهن کي تهن تي تهه ڪندو آهي، پوءِ ڏسندو آهين، ته بوند سندن وچ مان نڪرندي آهي ۽ هو آسمان مان سندس ڳڙن جي جبلن مان ڳڙا وسائيندو آهي، پوءِ جنهن کي وڻيس تنهن تي اهي وسائي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کان ٽاري ڇڏي ٿو- سندس وڄ جو چمڪاٽ ڄڻ ته اجهو ٿو اکيون وڃائي! |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
الله رات ۽ ڏينهن کي ڦيرائي گهيرائي ٿو، بيشڪ انهي ۾ اکين وارن لاءِ عبرت آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله هر ڪو ساهوارو پاڻيءَ مان خلقيو آهي- پوءِ انهن مان ڪو پيٽ ڀر ٿو هلي ۽ ڪو انهن مان ٻن پيرن تي ٿو هلي ۽ ڪو انهن مان چئن پيرن تي ٿو هلي- الله جيڪي وڻيس سو پيدا ٿو ڪري- بيشڪ الله هر ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي. |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون ۽ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي سنئون رستو ڏيکاريندو آهي. |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ هو چوندا آهن ته اسان الله ۽ رسول تي ايمان آندو ۽ سندس تابعداري ڪئي، پر انهيءَ کان پوءِ وري منجهانئن هڪ ٽولي ڦري ٿي وڃي- ۽ اهي ايمان وارا نه آهن. |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏهن سندن وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ کين الله ۽ رسول ڏي سڏجي ٿو ته منجهانئن هڪ ٽولي منهن موڙي ٿي. |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
پر جي سندن حق ڪنهن تي هوندو آهي ته انهيءَ لاءِ وري ڪنڌ نمائي ايندا آهن. |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا، سندن دلين ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا آهن، يا ڊپ ٿو ٿئينِ ته الله ۽ سندس رسول مٿن ظلم ڪندو؟ نه، بلڪ اهي پاڻ ظالم آهن. |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
مؤمنن کي جڏهن به سندن وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ الله ۽ رسول ڏي سڏبو آهي ته فقط ايئن ئي چوندا آهن ته ”ٻڌوسون ۽ مڃيوسون“ ۽ اهي ئي ڇٽل آهن. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيندو ۽ الله کان ڊڄندو ۽ سندس نافرماني کان بچندو، اهڙا ئي شخص مراد پائيندڙ آهن. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ (منافق) الله جا وڏا وڏا قسم پڪي طرح کڻندا آهن ته ”جيڪڏهن کين حڪم ڪرين، ته هو ضرور (وطن مان) لڏيندا.“ چئو ته ”قسم نه کڻو، پر دستور موجب تابعداري ڪريو، بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي.“ |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
چئو ته ”الله جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعداري ڪريو، پوءِ جيڪڏهن ڦرندؤ، ته رسول تي فقط انهيءَ جو ذمو آهي، جيڪي مٿس رکيل آهي ۽ اوهان تي انهيءَ جو، جيڪي اوهان تي رکيل آهي ۽ جي سندس چيو مڃيندؤ ته سنئين واٽ لهندؤ ۽ رسول تي ته فقط پڌرو پيغام رسائڻ آهي.“ |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
اوهان مان ايمان آڻيندڙ ۽ چڱا ڪم ڪندڙن سان الله انجام ڪيو آهي، ته کين ضرور ملڪ ۾ پنهنجي طرفان حاڪم بنائيندو، جيئن کانئن اڳين کي پنهنجي طرفان حاڪم ڪيائين ۽ جيڪو دين سندن لاءِ پسند ڪيو اٿس؛ سو انهن لاءِ ضرور پختو ڪندو ۽ سندن خوف کان پوءِ ضرور کين بدلائي امن ڏيندو- منهنجي بندگي ڪندا، ۽ مون ساڻ ڪنهن کي به ڀائيوار نه بڻائيندا- پر جيڪي انهيءَ کان پوءِ به ناشڪري ڪندا سي ئي بدڪار آهن. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ نماز پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ رسول جي تابعداري ڪريو، ته مَن اوهان تي ٻاجهه ٿئي. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ايئن نه ڀانءِ ته ڪافر ڪو (اسان کي) زمين ۾ ٿڪائي سگهندا- سندن جاءِ دوزخ آهي، جو تمام بڇڙو ٺڪاڻو آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي مؤمنو! اوهان جي ٻانهن ۽ نابالغ ڇوڪرن کي (گهرن ۾ اچڻ لاءِ) اوهان کان ٽي وقت موڪل وٺڻ کپي: صبح جي نماز کان اڳ ۽ جڏهن اوهين ٻنپهرن جو ڪپڙا لاهيندا آهيو ۽ سمهڻي نماز کان پوءِ، اهي ٽي وقت اوهان لاءِ بي پردگيءَ جا آهن- انهن کان پوءِ نڪو اوهان تي گناهه آهي، نڪو هنن تي- جو اوهان مان هڪڙن کي ٻين وٽ اچڻو پوي ٿو- اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ حڪم بيان ڪري ٿو- ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏهن اوهان جا ڇوڪرا بالغ ٿين، تڏهن انهن کي به ايئن موڪل وٺڻ کپي، جيئن سندن وڏا موڪل وٺندا آهن- اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم بيان ڪري ٿو- ۽ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ جيڪي ٻڍيون عورتون، پرڻجڻ جي اميد نه رکنديون هجن، تن تي ڪو گناهه ناهي، جيڪڏهن هو سونهن ظاهر ڪرڻ جي ارادي بنا سندن (برقعن جهڙيون) چادرون لاهي ڇڏين- پر جي انهن کان به بچن ته اهو هنن لاءِ چڱو آهي ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
انڌي تي، خواهه منڊي تي خواهه بيمار تي خواهه اوهان تي ڪابه اوکائي ڪانهي، جيڪڏهن اوهين هنن گهرن مان کائو: اوهان جا گهر، اوهان جي پيءُ جا گهر، اوهان جي مائرن جا گهر، ڀائرن جا گهر، ڀيڻن جا گهر، چاچن جا گهر، پڦين جا گهر، مامن جا گهر، ماسين جا گهر، يا جن جون ڪنجيون اوهان جي هٿ ۾ آهن يا اوهان جي دوستن جا گهر، اوهان تي انهيءَ ۾ به حرج ڪونهي جيڪر گڏجي کائو يا ڌار ڌار، پوءِ جڏهن گهرن ۾ گهڙو، تڏهن پنهنجن ماڻهن تي سلام چئو، جا اها الله وٽان برڪت واري سٺي دعا آهي- اهڙيءَ طرح الله اوهان جي واسطي حڪم ٿو بيان ڪري، ته من اوهين پروڙيو- |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
مؤمن فقط اهي آهن جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ جڏهن هو ساڻس گڏ ڪنهن گڏجي ڪرڻ واري ڪم تي هوندا آهن، تڏهن کانئن موڪل وٺڻ ڌاران نه ويندا آهن- بيشڪ جيڪي شخص توکان موڪلائيندا آهن سي ئي الله ۽ سندس رسول کي مڃيندڙ آهن- پوءِ جڏهن سندن ڪن ڪمن لاءِ توکان موڪل وٺن، ته جنهن لاءِ وڻيئي، تنهن کي منجهانئن موڪل ڏي ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر- بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي. |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
(اي مومنو!) اوهان پاڻ ۾ رسول کي سڏڻ ايئن نه بنايو، جيئن اوهين هڪ ٻئي کي ٿا سڏيو- بيشڪ الله انهن کي ڄاڻندو آهي، جي اوهان مان ٻئي جي آڏ ڏيئي کسڪي ويندا آهن- جيڪي سندس حڪم جي خلاف هلندا آهن، تن کي ڊڄڻ گهرجي، ته مٿن ڪا بلا پهچي يا کين ڪو ڏکوئيندڙ عذاب پهچي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار! جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي سو بيشڪ الله جو آهي- اوهين جنهن حال ۾ هجو، هو بيشڪ ان کي ڄاڻي ٿو- ۽ جنهن ڏينهن ڏانهس موٽائبا، تڏهن سندن ڪمن جي کين سڌ ڏيندو ۽ الله هر ڪا ڳالهه ڄاڻي ٿو. |