سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
(هيءَ) هڪ سورة آهي جو نازل ڪيوسون ان کي ۽ فرض ڪيوسون ان کي ۽ نازل ڪيوسون ان ۾ آيتون روشن تانته اوهان نصيحت وٺو . |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زنا ڪندڙ عورت ۽ زنا ڪندڙ مرد پوءِ ديڙا هڻو هرهڪ کي ان مان سؤ ديڙا ۽ نه وٺي اوهان کي انهن ٻنهي سان نرمي الله جي دين ۾ جيڪڏهن آهيو جو ايمان آڻيو ٿا الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ جڳائي ته حاضر ٿئي سزا انهن ٻنهي جي کي جماعت مؤمنن مان. . |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زنا ڪندڙ نه نڪاح ڪري مگر زنا ڪار عورت يا شرڪ ڪندڙ عورت سان ۽ زنا ڪندڙ عورت نه نڪاح ڪري ان سان مگر زنا ڪار مرد يا مشرڪ ۽ حرام ڪيو ويو آهي اهو مؤمنن تي . |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي شخص تهمت ٿا لڳائين پاڪدامن عورتن تي تنهن کان پوءِ نه آندائون چار شاهد پوءِ ديڙا هڻو انهن کي اسي . ديڙا ۽ نه قبول ڪيو انهن جي شاهدي هميشہ ۽ اهي ئي فاسق آهن . |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
مگر جن توبہ ڪئي پڄاڻا ان جي ۽ پاڻ سڌاريائون پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهرباني آهي. . |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي تهمت هڻن ٿا زالن پنهنجين تي ۽ ناهن انهن جا شاهد مگر پنهنجا پاڻ پوءِ شاهدي هڪ جي انهن مان چار شاهديون آهن الله جو قسم ته بيشڪ اهو البته سچن مان آهي . |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجين هيءَ آهي ته بلاشڪ الله جي لعنت ان تي آهي جيڪڏهن هوندو ڪوڙن مان . |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ ٽاري ٿي ان (عورت) کان عذاب کي هيءَ ڳالهه ته شاهدي ڏئي چار شاهديون الله جو قسم آهي ته بيشڪ اهو البته ڪوڙن مان آهي . |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجين شاهدي ته بلاشڪ الله جو غضب ان تي آهي جيڪڏهن هوندو سچن مان . |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ۽ بلا شڪ توبہ قبول ڪندڙ، حڪمت وارو آهي. . ع |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جن آندو ڪوڙو بهتان هڪ ٽولو آهن اوهان مان نه سمجهو ان کي برو بلڪه اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ هر مرد لاءِ انهن مان اهو آهي جيڪو ڪمايائين گناهه مان ۽ جيڪو والي ٿيو وڏي ان جي کي انهن مان ان جي لاءِ عذاب وڏو آهي . |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
ڇو نه جڏهن ٻڌو هيو اوهان اهو ته گمان ڪن ها مؤمن ۽ مؤمنياڻيون پنهنجن جي باري ۾ ڀلائيءَ جو ۽ چون ها ته کليل ڪوڙو بهتان آهي. . |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
ڇونه آندائون ان تي چار شاهد پوءِ جڏهن نه آندائون شاهد پوءِ اهي الله وٽ اهيئي ڪوڙا آهن . |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت دنيا ۾ آخرت ۾ ته البته پهچي ها اوهان کي ان ۾ جو مشغول رهيئو ان ۾ عذاب وڏو . |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
جڏهن باڦيو پيا ان کي زبانن پنهنجين سان ۽ چئو پيا واتن پنهنجن سان اهو جو ناهي اوهان کي ان جو علم ۽ سمجهو پيا ان کي هلڪو ۽ اهو الله وٽ وڏو آهي . |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
۽ ڇو نه جڏهن ٻڌوَ ان کي ته چئو ها نه ٿو جڳائي اسان کي هي جو ڳالهايون هيءُ پاڪائي آهي تنهنجي هي بهتان وڏو آهي . |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
نصيحت ٿو ڪري اوهان کي الله ته ورو اهڙي ڳالهه لاءِ هيمشہ جيڪڏهن آهيو مؤمن . |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ بيان ڪري ٿو الله اوهان جي لاءِ آيتون ۽ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي . |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي محبت رکن ٿا ته پکڙجي بيحيائي انهن ۾ جن ايمان آندو انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو . |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل اوهان تي ۽ ان جي رحمت ۽ بيشڪ الله ٻاجهارو مهربان آهي. . ع |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي ايمان وارؤ! نه هلو وکن شيطان جي تي ۽ جيڪو تابعداري ڪري ٿو شيطان جي وکن جي پوءِ بيشڪ اهو امر ڪري ٿو بيحيائيءَ جو ۽ برائيءَ جو ۽ جيڪڏهن نه هجي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت اوهان تي ته نه پاڪ صاف ٿئي ها اوهان مان ڪو هڪڙو هميشہ ۽ پر الله ٿو پاڪ صاف رکي جنهن کي گهري ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. . |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ نه قسم کڻن صاحب فضل جا اوهان مان ۽ گنجائش جا هي ته (نه) ڏيندا مائٽن کي ۽ مسڪينن کي ۽ هجرت ڪندڙن کي الله جي واٽ ۾ ۽ جڳائي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن ڇا نه ٿا پسند ڪيو هي ته بخشي الله اوهان کي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي . |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بلاشڪ جيڪي تهمت هڻن ٿا پاڪدامن، بي خبر مؤمنياڻين تي لعنت ڪيا ويا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ انهن جي لاءِ عذاب وڏو آهي. . |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
ان ڏينهن جو شاهدي ڏينديون انهن تي زبانون انهن جون ۽ هٿ انهن جا ۽ پير انهن جا انهن (عملن) جي جيڪي ڪندا هئا . |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
ان ڏينهن پورو بدلو ڏيندو الله انهن کي سندن دين سچي جو ۽ پڪ ڄاڻندا ته بلا شڪ الله اهوئي سچو پڌري ڪرڻ وارو آهي . |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
پليد عورتون پليد مردن لاءِ آهن ۽ پليد مرد پليد عورتن جي لاءِ آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن جي لاءِ آهن ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن جي لاءِ آهن اهي پاڪ آهن ان کان جيڪو چون ٿا انهن جي لاءِ بخشش ۽ رزق ڀلو آهي. . ع |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ! نه داخل ٿيو گهرن ۾ سواءِ گهرن پنهنجي تانجو موڪل وٺو ۽ سلام چئو انهن ۾ رهڻ وارن تي اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ مَنَ اوهين نصيحت وٺو . |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جيڪڏهن نه لهو انهن ۾ ڪو هڪڙو پوءِ نه داخل ٿيو انهن ۾ تانجو موڪل ڏني وڃي اوهان کي ۽ جيڪڏهن چيو وڃي اوهان کي ته موٽي وڃو ته پوءِ موٽي وڃو اهو صاف آهي اوهان جي لاءِ ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي. . |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
ناهي اوهان تي گناھ هي ته داخل ٿيو گهرن ۾ جيڪي ناهن رهيل انهن ۾ سامان اوهان جو آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ظاهر ڪيو ٿا ۽ جيڪي لڪايو ٿا. . |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
چؤ تون مؤمنن کي ته هيٺ رکن اکيون پنهنجون ۽ حفاظت ڪن اگهڙن پنهنجين جي اهو پاڪ صاف آهي انهن جي لاءِ بلاشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪو ڪن ٿا . |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ فرماءِ تون مؤمنياڻين کي ته هيٺ رکن اکيون پنهنجون ۽ حفاظت ڪن اگهڙن پنهنجين جي ۽ نه ظاهر ڪن سينگار پنهنجو اهو جيڪو ظاهر ٿيو ان مان ۽ جڳائي ته رکن روا پنهنجا گريبانن پنهنجن تي ۽ نه ظاهر ڪن سينگار پنهنجو مگر مڙسن پنهنجن لاءِ يا پيئرن پنهنجن يا پيئرن مڙسن پنهنجن لاءِ يا پٽن پنهنجن لاءِ يا پٽن مڙسن پنهنجن جي لاءِ يا ڀائرن پنهنجن لاءِ يا پٽن ڀائرن پنهنجن لاءِ يا ڀاڻيجن پنهنجن جي لاءِ يا عورتن پنهنجين جي لاءِ يا اهي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا يا خدمت ڪندڙ مرد جيڪي ناهن صاحب خواهش جا مردن مان يا ڇوڪرا يا جيڪي نه واقف ٿيا اگهڙن عورتن جي تي ۽ نه هڻن پيرن پنهنجن کي تانته ڄاتو وڃي اهو جيڪو لڪائين ٿيون سينگار پنهنجي مان ۽ توبہ سان رجوع ڪيو الله ڏانهن سڀئي اي مؤمنو! مانَ اوهان ڪامياب ٿيو. . |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ نڪاح ڪيو بي نڪاح زالن سان پاڻ مان ۽ صالحن سان پنهنجن ٻانهن مان ۽ پنهنجين ٻانهين مان جيڪڏهن هوندا غريب ته غني بنائيندو انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ الله ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آهي . |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ جڳائي ته پاڪدامن رهن اهي جو نه ٿا طاقت رکن نڪاح جي تانجو غني بنائي انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ اهي جو طلب ڪن ٿا آزاديءَ جي انهن مان جو مالڪ ٿيو اوهان انهن جا پوءِ مدي تائين آزاد ڪيو انهن کي جيڪڏهن ڄاڻو اوهان انهن ۾ ڀلائي ۽ ڏيو انهن کي الله جي ان مال مان جيڪو ڏنائين اوهان کي ۽ نه مجبور ڪيو نوجوان ٻانهين پنهنجين کي زنا تي جيڪڏهن ارادو ڪن پاڪدامن رهڻ جو تانته طلب ڪيو سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ جيڪو مجبور ڪندو انهن کي پوءِ بيشڪ الله انهن کي مجبور ڪرڻ کان پوءِ بخشڻهار، مهربان آهي . |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ البته تحقيق نازل ڪيون اسان اوهان ڏانهن آيتون روشن ۽ مثال انهن جي جيڪي گذريا اڳي اوهان کان ۽ نصيحت پرهيزگارن جي لاءِ . ع |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله روشن ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين کي مثال ان جي نور جو جاري وانگر آهي جنهن ۾ ڏيو آهي ڏيو هڪ فانوس ۾ هجي فانوس ڄڻ ته اهو تارو چمڪندڙ آهي روشن ڪيو ٿو وڃي وڻ برڪت واري زيتون مان نه اوڀر وارو ۽ نه اولهه وارو آهي ويجهو آهي تيل ان جو جو روشني ڪري جيتوڻيڪ نه لڳي ان کي باهه نور تي نور آهي هدايت ڪري ٿو الله پنهنجي نور جي لاءِ جنهن کي گهري ۽ بيان ٿو ڪري الله مثال ماڻهن جي لاءِ ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي . |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
گهرن ۾ اجازت ڏني الله ته بلند کنيا وڃن ۽ ياد ڪيو وڃي انهن ۾ ان جو نالو تسبيح پڙهن ٿا ان لاءِ انهن ۾ صبح ۽ شام . |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
اهي مڙس جو نه ٿي غافل ڪري انهن کي تجارت ۽ نه واپار الله جي ذڪر کان ۽ نماز قائم ڪرڻ کان ۽ زڪوٰة ڏيڻ کان ڊڄن ٿا ان ڏينهن کان جو ڦري وينديون ان ۾ دليون ۽ اکيون . |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
تانته بدلو ڏئي انهن کي الله سهڻو ان مان جيڪو ڪيائون ۽ وڌائي انهن کي پنهنجي فضل سان ۽ الله روزي ڏئي ٿو جنهن کي گهري حساب کان سواءِ . |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ جن ڪفر ڪيو عمل انهن جا مثل رڃ جي آهن رڻ پٽ ۾ سمجهي ٿو ان کي اڃايل پاڻي تانجو جڏهن اچي ان وٽ ته نه لهي ان کي ڪا شيءِ ۽ لهي الله کي ان وٽ پوءِ پورو ڏئي ان کي حساب ان جو ۽ الله جلد وٺندڙ آهي . |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا اونداهين وانگر دريا اونهي ۾ ويڙهي وڃي ان کي موج مٿان ان جي موج آهي مٿان ان جي ڪڪر آهي اونداهيون هڪڙيون انهن مان ٻين جي مٿان جڏهن ڪڍي هٿ پنهنجو ته نه ويجهو ٿيو جو ڏسي ان کي ۽ اهو جو نه ڪيو الله ان جي لاءِ نور پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو نور. . ع |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله تسبيح پڙهن ٿا ان جي لاءِ اهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ پکي پر پکيڙيندڙ مڙني تحقيق ڄاتو پنهنجي نماز ۽ پنهنجيءَ تسبيح کي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا . |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ الله جي آهي بادشاهي آسمانن جي ۽ زمين جي ۽ الله ڏانهن موٽڻ آهي . |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله هلائي ٿو ڪڪرن کي تنهن کان پوءِ گڏي ٿو پاڻ ۾ تنهن کان پوءِ بنائي ٿو ان کي تهه تهه پوءِ ڏسندين ڦڙي کي نڪري ٿو وچ ان جي مان ۽ لاهي ٿو آسمان کان (ڳڙن جي) جبلن مان انهن مان ڳڙو پوءِ پهچائي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ ڦيرائي ٿو ان کي جنهن کان گهري ويجهو آهي چمڪاٽ ان وڄ جي جو وٺي وڃي اکين کي . |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
مٽائي آڻي ٿو الله رات ۽ ڏينهن بيشڪ ان ۾ البته عبرت آهي ڏسندڙن جي لاءِ . |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله پيدا ڪيو هر جاندار کي پاڻيءَ مان پوءِ انهن مان ڪو اهو آهي جو هلي ٿو پنهنجي پيٽ تي ۽ انهن مان ڪو اهو آهي جيڪو هلي ٿو ٻن پيرن تي ۽ انهن مان ڪو آهو آهي جيڪو هلي ٿو چئن پيرن تي پيدا ڪري ٿو الله جيڪي گهري ٿو بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي . |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
البته تحقيق نازل ڪيون اسان آيتون روشن ۽ الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري طرف واٽ سڌيءَ جي . |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ چون ٿا ته ايمان آندوسون الله تي ۽ رسول تي ۽ اطاعت ڪئي سون تنهن کان پوءِ ڦري ٿي هڪ جماعت انهن مان ان کان پوءِ ۽ ناهن اهي مؤمن . |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏهن سڏيا وڃن ٿا الله ۽ ان جي رسول ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ ته ان وقت جماعت هڪ انهن مان منهن موڙيندڙ آهن . |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
۽ جيڪڏهن هوندو انهن جو حق ته ايندا ان ڏانهن ڪنڌ لنوائيندڙ . |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا دلين انهن جي ۾ بيماري آهي يا شڪ ۾ پيا يا ڊڄن ٿا ته ظلم ڪندو الله انهن تي ۽ ان جو رسول بلڪه اهي ئي ظالم آهن . ع |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
تحقيق هو مؤمنن جو قول صرف جڏهن سڏيا ويا الله ۽ ان جي رسول ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ هي ته چون ٻڌو اسان ۽ اطاعت ڪئي اسان ۽ اهي ئي ڪامياب آهن . |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪو اطاعت ڪري ٿو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ ڊڄي ٿو الله کان ۽ بچي ٿو ان کان پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن . |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ قسم کنيائون الله جو پڪا قسم پنهنجا ته جيڪڏهن امر ڪندين انهن کي ته البته ضرور نڪرندا چؤ ته نه قسم کڻو فرمانبرداري دستور واري بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي ڪيو ٿا . |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
فرماءِ ته اطاعت ڪيو الله جي ۽ اطاعت ڪيو رسول جي پوءِ جيڪڏهن ڦرندؤ پوءِ ان تي صرف اهو آهي جيڪو کڻايو ويو ۽ اوهان تي اهو جيڪو کڻايو ويا آهيو ۽ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ ان جي ته هدايت وارا ٿيندؤ ۽ ناهي رسول تي مگر پهچائڻ پڌرو. . |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
وعدو ڪيو الله انهن سان جن ايمان آندو اوهان مان ۽ ڪيائون صالح عمل ته البته ضرور خليفو بنائيندو انهن کي زمين ۾ جيئن خليفو بنايائين انهن کي جيڪي اڳي هئا ۽ البته ضرور مستحڪم ڪندو انهن لاءِ دين انهن جو جنهن کان راضي ٿيو انهن جي لاءِ ۽ البته ضرور مٽائي ڏيندو انهن کي سندن خوف ۾ رهڻ کان پوءِ امن عبادت ڪن ٿا منهنجي نه ٿا شريڪ بنائين مون سان ڪا شيءِ ۽ جنهن بي شڪري ڪئي ان کان پوءِ، پوءِ اهي ئي فاسق آهن . |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ رسول جي اطاعت ڪيو تانته اوهان رحم ڪيا وڃو . |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
هرگز نه خيال ڪيو انهن کي جن ڪفر ڪيو عاجز ڪندڙ زمين ۾ جاءِ انهن جي باهه آهي ۽ البته بڇڙي جاءِ موٽڻ جي آهي. . ع |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي ايمان وارؤ! جڳائي ته موڪل گهرن اوهان کي ٻانها اوهان جا ۽ اهي جيڪي نه پهتا بلوغت کي اوهان مان ٽي ڀيرا فجر نماز کان اڳ ۾ ۽ جڏهن لاهي رکو ٿا ڪپڙا پنهنجا منجهند جو ۽ نماز عشاء کان پوءِ ٽي وقت اگهڙ جا آهن اوهان جي لاءِ ناهي اوها تي ۽ نه انهن تي ڪو گناهه انهن کان پوءِ ڦرندڙ گرندڙ آهن اوهان تي هڪڙا اوهان مان ٻين تي اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان جي لاءِ آيتون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. . |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏهن پهچن ڇوڪرا اوهان مان بلوغت کي پوءِ جڳائي ته موڪل وٺي اچن جيئن موڪل گهري انهن جيڪي انهن کان اڳي هئا اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ آيتون پنهنجون ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي . |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ وهندڙ (ٻڍيون) عورتون جيڪي نه ٿيون اميد رکن نڪاح جي پوءِ ناهي انهن تي ڪو گناهه هي جو لاهي رکن چادريون پنهنجون هن حال ۾ ته نه ظاهر ڪندڙيون سينگار پنهنجو ۽ هي جو بچن (ان کان) ته ڀلو آهي انهن جي لاءِ ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. . |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
ناهي انڌي تي گناهه ۽ نه منڊي تي گناهه ۽ نه بيمار تي گناهه نه اوهان جي سرن تي هي جو کائو گهرن پنهنجن مان يا پنهنجن پيئرن جي گهرن مان يا پنهنجين مائرن جي گهرن مان يا پنهنجن ڀائرن جي گهرن مان يا پنهنجين ڀينرن جي گهرن مان يا پنهنجن چاچن جي گهرن مان يا پنهنجين پڦين جي گهرن مان يا پنهجن مامن جي گهرن مان يا پنهنجين ماسين جي گهرن مان يا انهن گهرن مان جو مالڪ ٿيئو انهن جي ڪنجين جا يا پنهنجي دوست جي گهر مان ناهي اوهان تي ڪو گناهه ته کائو گڏجي يا جدا جدا ٿي پوءِ جڏهن گهڙو گهرن ۾ پوءِ سلام چئو پنهنجن سرن تي مرحبا الله وٽان برڪت واري پاڪ صاف اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ احڪام تانته اوهان سمجهو. . ع |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
ايمان وارا اهي آهن جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي جڏهن هوندا گڏ ان سان امر گڏ ڪندڙ تي ته نه ويندا تانجو موڪل وٺن ان کان بيشڪ جيڪي موڪل وٺن ٿا تو کان اهي ئي آهن جيڪي ايمان آڻين ٿا الله تي ۽ ان جي رسول تي پوءِ جڏهن موڪل گهرن تو کان پنهنجي بعضي ڪمن جي لاءِ پوءِ اجازت ڏي ان جي لاءِ جنهن کي گهرين انهن مان ۽ مغفرت طلب ڪر انهن لاءِ الله کان بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي. . |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
نه بنايو رسول جي سڏڻ کي پاڻ ۾ مثل سڏڻ بعض اوهان جي بعض کي تحقيق ڄاڻي ٿو الله انهن کي جيڪي کسڪي نڪرن ٿا اوهان مان اوٽ ڏيندي پوءِ جڳائي ته ڊڄن اهي جيڪي مخالفت ڪن ٿا ان جي امر کان ته متان پهچي انهن کي ڪا بلا يا پهچي انهن کي عذاب دردناڪ . |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار بيشڪ الله جو آهي جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي تحقيق ڄاڻي ٿو اهو جو اوهان ان تي آهيو ۽ ان ڏينهن جو موٽايا ويندا ان ڏانهن پوءِ خبر ڏيندو انهن کي جيڪي ڪيائون ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي. . ع |