سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
هي هڪ سورت آهي جنھن کي اسان ئي نازل ڪيو آهي ۽ (ان ۾ ڏنل سڀني حڪمن کي) اسان فرض قرار ڏنو آهي ۽ اسان ان سورت ۾ بلڪل صاف ۽ پڌريون آيتون نازل ڪيون آهن ته جيئن توهان نصيحت پرايو. |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زاني عورت ۽ زاني مرد ٻنهي مان هر هڪ کي سؤ ڦٽڪا هڻو. جيڪڏهن توهان الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آڻيو ٿا ته الله تعالى جي دين (کي قائم رکڻ) خاطر انهن ٻنهي تي نرمي بلڪل نه ڪريو ۽ انهن کي سزا ڏيڻ وقت مؤمنن جو هڪ هجوم به ان سزا کي ڏسڻ لاءِ موجود هجڻ گهرجي. |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زاني مرد صرف زاني عورت يا مشرڪ عورت سان نڪاح ڪري ۽ زاني عورت ڪنھن به زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪري. ايمان وارن جو انهن ٻنهي سان نڪاح ڪرڻ حرام آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن عورتن تي تھمت لڳائين ٿا ۽ چار شاهد (به) پيش نٿا ڪن ته کين اَسي ڦٽڪا هڻو ۽ انهن جي آئندهه ڪڏهن به شاهدي قبول نه ڪريو. هي وڏا نافرمان ماڻهو آهن. |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
پر جيڪڏهن هنن سزا کان پوءِ توبہ ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي زالن تي زنا جو الزام لڳائين ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کان سواءِ ٻيا شاهد نه آهن ته انهن مان هر ڪو مرد چار ڀيرا الله تعالى جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته ”بيشڪ هو (پنهنجي الزام ۾) سچو آهي“ |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجين ڀيري هي (لفظ) چوي ته ”جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته مٿس الله تعالى جي لعنت هجي.“ |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
زال جي مٿان سزا ٽارڻ جو هي طريقو آهي ته هوءَ چار ڀيرا الله تعالى جو قسم کڻي چوي ته ”بيشڪ هي (منهنجو مڙس) ڪوڙو آهي.“ |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجين ڀيري هي لفظ چوي ته ”جيڪڏهن هي (منهنجو مڙس) سچو آهي ته منھنجي مٿان الله تعالى جو غضب پوي.“ |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه ٿئي ها ته توهان ضرور ڪنھن ڏچي ۾ ڦاسي پئو ها. بيشڪ الله تعالى وڏو توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جن ماڻهن (عائشہiتي) بھتان لڳايو آهي اهو توهان مان ئي هڪ ٽولو آهي. ان معاملي کي توهان پنھنجي لاءِ برو نه سمجهو بلڪه اهو بھتان لڳائڻ وارو معاملو توهان مسلمانن لاءِ بهتر ثابت ٿيندو. (بھرحال) هن بھتان لڳائڻ ۾ جنھن جو جيترو حصو هوندو، سمجهو ته ان اوترو ئي گناهه ڪمايو آهي ۽ انهن مان جنھن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي ان لاءِ وڏو عذاب آهي. |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
جڏهن توهان (ان بھتان) کي ٻڌو ته مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن اُن متعلق پنھنجي دلين ۾ نيڪ گمان ڇو نه ڪيو؟ ۽ فوراً اهو ڇو نه چئي ڏنو ته هي هڪ پڌرو بھتان آهي. |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
اُنهن ان ڳالهه تي چار شاهد ڇو نه آندا؟ پوءِ جڏهن انهن شاهد نه آندا ته الله تعالى جي نظر ۾ اهي ئي ڪوڙا آهن. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن توهان جي مٿان دنيا ۽ آخرت ۾ الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته هيڏي وڏي طوفان اٿارڻ تي اوهان تي وڏو عذاب اچي ها. |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
۽ جڏهن توهان ان ڳالهه کي پنھنجي واتان ڦھلائي رهيا هئا ته (حقيقت ۾) توهان پنھنجي واتان اهڙي ڳالهه ڪڍي رهيا هئا جنھن جي باري ۾ توهان کي ڪابه خبر نه هئي. توهان ان ڳالهه کي معمولي سمجهي رهيا هئا. درحقيقت الله تعالى جي ويجهو اها انتھائي وڏي ڳالهه هئي. |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
توهان اها ڳالهه ٻڌندي ئي اهو ڇو نه چيو ته ان ڳالهه جي باري ۾ اسان جو ڳالهائڻ بلڪل نامناسب آهي. يا الله! تنھنجي ذات ئي پاڪ آهي هي ته ڪو وڏو بھتان ٿو نظر اچي. |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
(هاڻي) الله تعالى توهان کي نصيحت ڪري ٿو ته جيڪڏهن اوهان مؤمن آهيو ته آئنده ڪڏهن به اهڙي ڪوڙي ڳالهه وات تي نه آڻجو. |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
الله تعالى توهان جي لاءِ پڌريون هدايتون بيان ڪري ٿو. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو مؤمنن (جي معاشري) ۾ بيحيائي ڦھلجڻ کي پسند ڪن ٿا سو انهن جي لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. الله تعالى ئي اصل معاملي کي ڄاڻي ٿو توهان کي ڪابه خبر نه آهي. |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان کي سخت سزا ڏني وڃي ها. بيشڪ الله تعالى وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي ايمان وارؤ! شيطان جي نقش قدم تي نه هلو ۽ جيڪو به شيطان جي نقش قدم تي هلندو ته هو کيس بيحيائي ۽ گناهه جي ڪمن جو حڪم ڪندو ۽ جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها ته توهان مان ڪير به پاڪيزهه ڪردار وارو ڪڏهن به نه ٿي سگهي ها. پر الله تعالى جنھن کي چاهيندو آهي کيس پاڪيزهه ڪردار وارو بڻائيندو آهي. الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ اوهان مان فضيلت وارا ۽ خوشحال ماڻهو مائٽن، مسڪينن ۽ الله تعالى جي راهه ۾ هجرت ڪندڙن جي مالي مدد نه ڪرڻ جو قسم نه کائين. بلڪه هو اهڙن ماڻهن کي معاف ڪن ۽ کين درگذر ڪن. ڇا توهان کي اهو پسند نه آهي ته الله تعالى توهان کي معاف ڪري ۽ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪدامن ۽ شريف (دولابي کان بي خبر) مؤمن عورتن تي تھمت هڻن ٿا، انهن ماڻهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي وئي آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
(هو ان ڏينھن کي نه وسارين) جڏهن سندن زبانون، سندن هٿ ۽ پير سندن ئي برن عملن جي گواهي ڏيندا. |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
ان ڏينھن الله تعالى کين صحيح بدلو ڏيندو ۽ هو پاڻ ئي سمجهي ويندا ته الله تعالى ئي سچو آهي ۽ هو هر شيءِ کي چٽيءَ طرح بيان ڪندڙ آهي. |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
ناپاڪ عورتون، ناپاڪ مردن لاءِ ۽ ناپاڪ مرد، ناپاڪ عورتن لاءِ ئي آهن ۽ پاڪ عورتون پاڪ مردن لاءِ ۽ پاڪ مرد پاڪ عورتن لاءِ ئي آهن. بھتان هڻندڙن جي مقابلي ۾ هي ماڻهو پاڪ آهن، انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ ايستائين داخل نه ٿيندا ڪريو جيستائين انهن کان اجازت نه وٺو ۽ کين سلام نه ڪريو. اهو عمل توهان لاءِ بھتر آهي ته جيئن اوهان نصيحت پرايو. |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جيڪڏهن گهر ۾ ڪنھن کي موجود نه ڏسو ته به ان گهر ۾ بغير اجازت داخل نه ٿيو پر جيڪڏهن (گَهرَ جي اندران) توهان کي واپس وڃڻ جو چيو وڃي ته توهان موٽي وڃو. اهو توهان لاءِ بھتر آهي. الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
جيڪڏهن توهان انهن خالي گهرن ۾ داخل ٿيو ٿا جن ۾ توهان جو ڪو سامان وغيره يا ضروري ڪم ڪار هجي، ته ان ۾ ڪا گناهه جي ڳالهه نه آهي. الله تعالى کي سڀ معلوم آهي جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو ڪجهه لڪايو ٿا. |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
(اي نبيﷺ!) مؤمن مردن کي چؤ ته هو پنھنجي نگاهن کي بيحيائي جي ڪمن کان بچائين ۽ پنھنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪن. اهو انهن لاءِ ئي بهتر طريقو آهي. بيشڪ هو جيڪو ڪجهه ڪندا آهن الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
(اي نبيﷺ!) مؤمن عورتن کي چؤ ته هو پنھنجي نگاهن کي بيحيائي جي ڪمن کان بچائين، پنھنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪن، پنھنجي هار سينگار کي ظاهر نه ڪن سواءِ ان جي جيڪو خود ظاهر ٿيندو هجي ۽ پنھنجي چادرن کي سينن تائين چڱي طرح ڍڪي ڇڏين. (ها باقي) هو پنھنجي هار سينگار کي هنن ماڻهن جي اڳيان ظاهر ڪري سگهن ٿيون: مُڙس ــ پيءُ ــ سھرو ــ پُٽ ــ مڙس جو ٻيو پُٽ ــ ڀاءُ ــ ڀائٽين ــ ڀاڻيجن ــ سڃاڻيندڙ عورتن ــ غلامن ــ ماتحت ملازم مردن (جن جي شهواني حيثيت ختم ٿي چڪي آهي يا انهن جو عورتن ڏي مائل ٿيڻ ناممڪن آهي) ۽ انهن ٻارڙن جي جن جي اندر اڃا بلوغت جون نشانيون ظاهر نه ٿيون آهن. (اي نبيﷺ!) مؤمن عورتن کي اهو به چئو ته هو هلڻ دوران پنھنجي پيرن کي زمين تي (زور سان) نه هڻن جو سندن لڪيل زيور ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. اي مؤمنو! سڀ الله تعالى کان توبہ ڪريو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو. |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
توهان مان جيڪي به غير شادي شده مرد، عورتون، نيڪ غلام ۽ ٻانهيون هجن تن سڀني جا نڪاح ڪرايو. جيڪڏهن هو غريب آهن ته الله تعالى پنھنجي فضل سان کين خوشحال ڪري ڇڏيندو. الله تعالى وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
(پر) جيڪي ماڻهو نڪاح ڪرڻ جي (مالي) طاقت نٿا رکن، تن کي گهرجي ته هو پاڪدامن رهن. ايستائين جو الله تعالى پنھنجي فضل سان انهن کي خوشحال ڪري ڇڏي. توهان جا اُهي غلام جيڪي توهان کي مال ڏيئي ٺاهه ذريعي آزادي گهرن ٿا، جيڪڏهن توهان انهن ۾ چڱائي ڏسو ٿا ته کين ٺاهه ذريعي آزاد ڪري ڇڏيو. الله تعالى جي ڏنل مال مان انهن کي ڪجهه ڏيو ۽ جيڪڏهن توهان جون ٻانهيون پاڪدامن رهڻ (يعني نڪاح ڪرڻ) گُهرن ته کين دنيا جي فائدي خاطر زنا ڪرڻ تي مجبور نه ڪريو پر جيڪو کين مجبور ڪندو ته مجبوريءَ کان پوءِ اُنهن ٻانهين کي الله تعالى معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسان توهان ڏي واضح آيتون، اڳ گذري ويل قومن جا مثال ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ نصيحت موڪلي چڪا آهيون. |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله تعالى آسمانن ۽ زمين جو نور آهي. ان نور جو مثال اُن جاري وانگر آهي جنھن ۾ ڏيئو رکيل هجي (وري) اهو ڏيئو هڪ شيشي (جي فانوس) ۾ بند هجي اُهو شيشو چمڪندڙ تاري وانگر آهي ۽ زيتون جي برڪت واري وڻ جي تيل سان اُهو (ڏيئو)ٻاريو وڃي ٿو. اهو وڻ نه اوڀر طرف آهي ۽ نه ئي اولهه طرف آهي (بلڪه بغير آڙ يا اوٽ جي کليل ميدان ۾ مٿانهين جاءِ تي آهي) ان جو تيل بغير ڪنھن باهه لڳڻ جي به روشني ڪندو رهي ٿو (هميشه ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته) نور مٿان نور آهي. الله تعالى جنھن کي گهري پنھنجي نور ڏانهن رهنمائي ڪندو آهي ۽ الله تعالى ماڻهن کي سمجهائڻ خاطر (اهڙا) مثال بيان ڪري ٿو ۽ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
(هي سمجهدار ماڻهو) انهن گهرن ۾ موجود هوندا آهن جن لاءِ الله تعالى حڪم ڪيو آهي ته انهن گهرن جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان ۾ سندس ئي نالو ورتو وڃي ۽ هي ماڻهو انهن ۾ صبح ۽ شام الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪندا آهن. |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
اهڙن (سمجهدار) ماڻهن کي الله تعالى جي ياد، نماز ۽ زڪوات جي قائم ڪرڻ سان ڪنھن به قسم جو واپار ۽ خريد و فروخت غافل نٿي ڪري سگهي. هو ته ان ڏينھن کان ڊڄندا آهن جنھن ڏينھن دليون ۽ اکيون ڦري وينديون. |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
(هي سمجهدار ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪندا آهن ته) جيئن الله تعالى کين سھڻو بدلو عطا ڪري ۽ پنھنجي فضل سان اڃا به کين وڌائي ڏي. الله تعالى جنھن کي گهرندو آهي بي حساب رزق عطا ڪندو آهي. |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، انهن جا عمل رڻ پَٽ جي رُڃ وانگر آهن جنھن کي اڃيو ماڻهو (پري کان) پاڻي سمجهندو آهي پر جڏهن هو اُن وٽ آيو ته هن اتي ڪابه شيءِ نه ڏٺي بلڪه اُتي (هن) الله تعالى (جي تقدير يعني موت) کي ڏٺو. پوءِ الله تعاليٰ ان کان پورو پورو بدلو ورتو. الله تعالى جلد حساب وٺندڙ آهي. |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا اُن جو مثال گهري سمنڊ جي اونداهين (۾ ٻڏندڙ ماڻهو) وانگر آهي جتي هڪ ٻئي جي مٿان ڇوليون چڙهيل هونديون آهن. وري انهن جي هوندي مٿان جُهڙ هجي پوءِ ته انڌيرن مٿان انڌيرو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنھنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته اهو به نه ڏسي سگهي، پوءِ جنھن کي الله تعالى روشني نه ڏي ته ان جي لاءِ ڪابه روشني نه آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
ڇا توهان نٿا ڏسو ته آسمانن ۽ زمين ۾ هر ڪا شيءِ ۽ پر ڦھلائيندڙ پکي الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪندا آهن. تن سڀني کي پنھنجي عبادتن ۾ پاڪائي بيان ڪرڻ جو طريقو خوب معلوم آهي ۽ جيڪي به هو ڪن ٿا الله تعالى انهن کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي ئي آهي. هر شيءِ ان ڏانھن موٽڻي آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى ڪڪرن کي هلائي ٿو، وري انهن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو، پوءِ انهن کي هڪ ٻئي جي مٿان ڪري گھرو جُهڙ ٺاهي ٿو پوءِ تون ڏسين ٿو ته انهن جي وچ مان مينھن جا ڦڙا نڪرن ٿا ۽ آسمان ۾ موجود جبلن مان ڳڙا وسائي ٿو پوءِ جنھن کي انهن ڳڙن جي ذريعي نقصان پھچائي يا جنھن کي گهري انهن کي ڳڙن جي نقصان کان بچائي وٺي. ان جي کنوڻ جو چمڪاٽ ايترو ته تيز هوندو آهي جو ڄڻ اکيون وڃائي ڇڏي. |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
الله تعالى ئي رات ۽ ڏينھن کي ڦيرائيندو آهي. بيشڪ ان ۾ ڏسڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
الله تعالى هر جاندار شيءِ کي پاڻيءَ مان بنايو آهي پوءِ انهن مان ڪي پيٽ ڀر رڙهندا آهن ته ڪي ٻن پيرن تي هلندا آهن ۽ ڪي وري چئن پيرن تي هلندا آهن. الله تعالى جو چاهيندو آهي سو پيدا ڪندو آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان واضح دليلن واريون آيتون نازل ڪيون آهن ۽ الله تعالى جنھن کي چاهيندو آهي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ هو (منافق) چون ٿا ته اسان الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) تي ايمان آندو ۽ اطاعت قبول ڪئي. وري ان ڳالهه کان پوءِ انهن مان هڪ ٽولو ڦري وڃي ٿو. اهڙا ماڻهو هرگز ايمان آڻڻ وارا نه آهن. |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏهن اُنهن کي الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) ڏانھن سڏيو وڃي ٿو ته جيئن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ته انهن مان وري هڪ ٽولو اطاعت کان منھن ڦيرائي هليو ويندو آهي. |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
۽ جيڪڏهن انهن جو خود ٻين تي ڪو حق هوندو آهي ته هو رسول سڳوري وٽ وڏي فرمانبرداري واري شڪل ٺاهي ايندا آهن. |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا انهن جي دلين ۾ بيماري آهي يا هو شڪ ۾ پيل آهن؟ يا کين الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري طرفان ظلم ڪرڻ جو ڪو خوف ورتل آهي. (ايئن هرگز ناهي) بلڪه اُهي خود وڏا ظالم آهن. |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
بيشڪ مؤمنن کي الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري ڏانھن جڏهن سندن وچ ۾ فيصلي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو آهي تڏهن اُنهن جو هي چوڻ هوندو آهي ته ”اسان ٻڌوسين ۽ اسان تابعداري ڪئي سين“ اِهي ئي ڪامياب ماڻهو آهن. |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري جي تابعداري ڪندو ۽ الله تعالى کان ڊڄندو ۽ ان جي نافرماني کان بچندو ته اهڙا ماڻهو ئي ڪامياب آهن. |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
هي منافق ماڻهو الله تعالى جي نالي جا وڏا پڪا قسم کڻي چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان کين جھاد ۾ هلڻ لاءِ حڪم ڏنو ته هو ضرور نڪرندا. توهان انهن کي چئو ته توهان قسم نه کڻو، توهان جي فرمانبرداري جي چڱيءَ طرح خبر آهي. بيشڪ الله تعالى توهان جي هڪ هڪ عمل کان خوب واقف آهي. |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته: توهان الله تعالى جي اطاعت ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو، جيڪڏهن توهان منھن ڦيريندا ته رسول سڳوري تي جنھن ذميداري جو بار رکيو ويو آهي اُن جو ذميدار اُهوئي آهي ۽ جنھن ذميداري جو بار توهان تي رکيو ويو آهي ان جا ذميدار توهان آهيو. جيڪڏهن توهان اُن (رسول سڳوري) جي اطاعت ڪندا ته توهان کي هدايت ملندي، نه ته رسول سڳوري جي ذميداري رڳو صاف ۽ چٽا حڪم پھچائڻ ئي هوندو آهي. |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
( توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن سان الله تعالى جو وعدو آهي ته هو انهن کي اهڙيءَ طرح زمين ۾ خليفو (۽ حاڪم) بڻائيندو جيئن هو انهن کان اڳ گذريل ماڻهن کي بنائي چڪو آهي. انهن لاءِ انهن جي اُن دين کي مضبوط بنيادن تي قائم ڪندو جنھن کي الله تعالى اُنهن لاءِ پسند ڪيو آهي (اُن جي نتيجي ۾) انهن جي خوف واري حالت کي امن واري حالت ۾ تبديل ڪندو. بس! هُو منھنجي ئي عبادت ڪن ۽ مون سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به شريڪ نه ڪن، جيڪو ان کان پوءِ ڪفر ڪندو ته اهڙائي ماڻهو نافرمان آهن. |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو اميد آهي ته توهان تي رحم ڪيو ويندو. |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ڪفر ڪرڻ وارن جي باري ۾ تون اهو نه سمجهه ته هو زمين ۾ (الله تعالي کي) بيوس ڪري سگهندا، انهن جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ اها بدترين جاءِ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي ايمان وارؤ! توها ن جا ٻانها (يعني نوڪر) ٻانهيون ۽ نابالغ ٻار توهان وٽ ٽن وقتن ۾ اجازت وٺي اندر اچن: صبح جي نماز کان پھريان ــ منجهند جي وقت، جڏهن توهان آرام ڪرڻ لاءِ ڪپڙا مٽائي لاهي رکو ٿا ۽ عشاء جي نماز کان پوءِ ــ اهي ٽي وقت توهان جي لاءِ پردي (۽ نويڪلائي) جا هوندا آهن. ان کان علاوه ٻين وقتن تي جيڪڏهن هو بغير اجازت جي اندر اچن ته نه توهان تي ڪو گناهه آهي ۽ نه ئي اُنهن تي. ڇاڪاڻ جو توهان کي بار بار هڪٻئي ڏي اچڻو وڃڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح الله تعالى توهان جي لاءِ واضح حڪم بيان ڪري ٿو ۽ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏهن توهان جا ٻار بالغ ٿي وڃن ته انهن کي به گهرجي ته هو به اهڙيءَ طرح اجازت وٺي اندر اچن جيئن انهن جا وڏڙا اجازت وٺي ايندا آهن. اهڙي طرح الله تعالى توهان جي لاءِ پنھنجا حڪم کولي بيان ڪري ٿو. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ اهي پوڙهيون عورتون جيڪي نڪاح جو آسرو پَلي چڪيون آهن، جيڪڏهن اهي بغير چادرن جي ٻاهر نڪرن ته انهن تي به ڪو گناهه نه آهي. شرط هي آهي ته هو هار سينگار ڪري ٻاهر نه نڪرن. پر جيڪڏهن هو به حياداري اختيار ڪري چادرون ڍڪي نڪرن ته اِها شيءِ انهن جي لاءِ اڃا به بھتر آهي. الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
انڌڙو، منڊڙو يا ڪو بيمار ماڻهو (ڪنهن جي گهران گُهري به) کائي وٺي ته اهو جائز آهي اهڙي طرح توهان کي به ان ڳالهه جي منع نه آهي ته توهان پنھنجي گهرن مان يا پنھنجي هنن مٽن مائٽن جي گهرن مان کاڌو کاڌو ته توهان لاءِ اهو جائز آهي: پيءُ ڏاڏي جي گهرن مان، ماءُ جي گهر مان، ڀائرن جي گهرن مان، ڀينرن جي گهرن مان، چاچن جي گهرن مان، پڦين جي گهرن مان، مامين جي گهرن مان، ماسين جي گهرن مان يا انهن گهرن مان جن جي توهان کي رکوالي ڏني وئي هجي. پنھنجي دوستن جي گهرن مان ۽ ان ڳالهه ۾ به ڪو گناهه نه آهي ته توهان سڀ گڏجي کائو يا الڳ الڳ ٿي کائو. پر جڏهن ڪنھن جي گهر ۾ داخل ٿيو ته پنهنجي ماڻهن کي سلام ڪندا ڪريو. الله تعالى جي طرفان مقرر ٿيل خير جي اها دعا وڏي برڪت واري ۽ پاڪيزهه آهي. الله تعالى اهڙي طرح توهان جي لاءِ واضح حڪم بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
ايمان وارا ته دراصل اُهي ماڻهو آهن جيڪي الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻين ٿا ۽ هو جڏهن ڪنھن گڏيل ڪم جي سلسلي ۾ رسول سڳوري سان گڏ هجن ته ان جي اجازت کان سواءِ ٻئي ڪيڏانهن به نه وڃن. بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان کان اجازت وٺي وڃن ٿا ته اُهي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيندڙ آهن. پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪو پنھنجي (ذاتي) ڪم جي لاءِ وڃڻ جي اجازت گهري ته انهن مان جنھن کي تون چاهين اجازت ڏي ۽ انهن جي لاءِ الله تعالى کان بخشش جي دعا به گهرندو رهه. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
(اي مسلمانو!) رسول سڳوري جي سڏڻ کي توهان پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڏڻ جھڙو نه سمجهو. بيشڪ الله تعالى اهڙن ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان مان هڪ ٻئي جي اوٽ وٺي کِسڪي هليا وڃن ٿا. رسول سڳوري جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ان ڳالهه کان ڊڄڻ کپي ته هو ڪنھن آزمائش ۾ نه اچي وڃن يا مٿن ڪو تڪليف وارو عذاب نه اچي ڪڙڪي. |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار! آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي سو الله تعالى جو آهي توهان جي سڄي هلڻي چلڻيءَ کي الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو. جنھن ڏينھن ماڻهو ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا ته هو انهن کي سندن ڪيل عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو ۽ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. |