سورَةٌ أَنزَلنٰها وَفَرَضنٰها وَأَنزَلنا فيها ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 1) |
هي هڪ سورت نازل ڪئي آهي ۽ جنهن کي فرض ڪيو آهي ۽ نازل ڪيون آهن ان ۾ صاف صاف هدايتون شايد ان مان سبق وٺو |
الزّانِيَةُ وَالزّانى فَاجلِدوا كُلَّ وٰحِدٍ مِنهُما مِا۟ئَةَ جَلدَةٍ وَلا تَأخُذكُم بِهِما رَأفَةٌ فى دينِ اللَّهِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَليَشهَد عَذابَهُما طائِفَةٌ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 2) |
زاني عورت ۽ زاني مرد ٻنهي مان هرهڪ کي هڪ سؤ سؤ درا لڳايو ۽ انهن تي ترس کائڻ جو جذبو توهان کي نه ٿيڻ گهرجي الله جي دين جي معاملي ۾، جي توهان ايمان رکو ٿا الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي، ۽ انهن کي سزا ڏيڻ وقت هڪ ٽولو موجود رهي ايمان وارن جو |
الزّانى لا يَنكِحُ إِلّا زانِيَةً أَو مُشرِكَةً وَالزّانِيَةُ لا يَنكِحُها إِلّا زانٍ أَو مُشرِكٌ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 3) |
زاني نه ڪن نڪاح پر زانياڻين سان يا مشرڪياڻين سان، زانياڻيءَ ۽ نه ڪري نڪاح پر زاني يا مشرڪ سان، ۽ هي حرام ڪيو ويو آهي ايمان وارن تي |
وَالَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ ثُمَّ لَم يَأتوا بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَاجلِدوهُم ثَمٰنينَ جَلدَةً وَلا تَقبَلوا لَهُم شَهٰدَةً أَبَدًا وَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي ماڻهو تهمت لڳائين پاڪدامن عورتن تي، پوءِ چار شاهد پيش نه ڪن ته کين اَسي درا لڳايو ۽ قبول نه ڪريو ڪڏهن به سندن شاهدي کي، ۽ اهي ته پاڻ ئي فاسق آهن |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 5) |
انهن کان سواءِ جيڪي ماڻهو ان حرڪت کان پوءِ توبهه ڪن ۽ (پاڻ ۾) اصلاح آڻين، ته بيشڪ الله (سندن حق ۾) غفور ۽ رحيم آهي |
وَالَّذينَ يَرمونَ أَزوٰجَهُم وَلَم يَكُن لَهُم شُهَداءُ إِلّا أَنفُسُهُم فَشَهٰدَةُ أَحَدِهِم أَربَعُ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪي ماڻهو تهمت لڳائن پنهنجين زالن تي ۽ انهن وٽ پاڻ کان سواءِ ڪوبه شاهد نه هجي ته ان مان شاهدي هڪ شخص لاءِ هي آهي ته چار ڀيرا الله جو قسم کڻي شاهدي ڏئي ته هو پنهنجي الزام ۾ سچو آهي |
وَالخٰمِسَةُ أَنَّ لَعنَتَ اللَّهِ عَلَيهِ إِن كانَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 7) |
۽ پنجون ڀيرو چوي ته ان تي لعنت هجي الله جي جيڪڏهن هو (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو هجي |
وَيَدرَؤُا۟ عَنهَا العَذابَ أَن تَشهَدَ أَربَعَ شَهٰدٰتٍ بِاللَّهِ إِنَّهُ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 8) |
۽ ٽري سگهي ٿي عورت تان اها سزا انهيءَ حالت ۾ ته اها چار ڀيرا قسم کڻي الله جو چوي ته هي شخص (پنهنجي الزام ۾) ڪوڙو آهي |
وَالخٰمِسَةَ أَنَّ غَضَبَ اللَّهِ عَلَيها إِن كانَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 9) |
۽ پنجون ڀيرو چوي ته ان ٻانهيءَ تي الله جو غضب ڪڙڪي جي اهو پنهنجي الزام ۾ سچو هجي |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ تَوّابٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
۽ نه هجي ها فضل الله جو توهان تي ۽ ڪرم (ته عورتن تي الزام توهان کي ڏکيو پوي ها) حقيقت ۾ الله مهربان ۽ حڪمت وارو آهي |
إِنَّ الَّذينَ جاءو بِالإِفكِ عُصبَةٌ مِنكُم لا تَحسَبوهُ شَرًّا لَكُم بَل هُوَ خَيرٌ لَكُم لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم مَا اكتَسَبَ مِنَ الإِثمِ وَالَّذى تَوَلّىٰ كِبرَهُ مِنهُم لَهُ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 11) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو هي بهتان ٺاهي آيا آهن اهي توهان مان ئي هڪ ٽولو آهن، هن واقعي کي پنهنجي لاءِ شر نه سمجهو، پر اهو توهان جي لاءِ خير آهي، جنهن به ان ۾ جيترو حصو ورتو، ان اوترو ئي پاڻ تي گناهه ڪيو، ۽ جنهن شخص ان ذميواريءَ جو وڏو حصو پنهنجي سر تي کنيو، ان لاءِ عذاب آهي تمام وڏو |
لَولا إِذ سَمِعتُموهُ ظَنَّ المُؤمِنونَ وَالمُؤمِنٰتُ بِأَنفُسِهِم خَيرًا وَقالوا هٰذا إِفكٌ مُبينٌ (آيت : 12) |
جنهن وقت توهان ماڻهن ان کي ٻڌو هو تنهن وقت گمان ڇو نه ڪيو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن پاڻ ۾ نيڪ ۽ سهڻو، ۽ ڇو نه چيائون ته هي ته پڌرو بهتان آهي |
لَولا جاءو عَلَيهِ بِأَربَعَةِ شُهَداءَ فَإِذ لَم يَأتوا بِالشُّهَداءِ فَأُولٰئِكَ عِندَ اللَّهِ هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 13) |
هنن ماڻهن ڇو نه آندا (پنهنجي الزام جي ثبوت ۾) چار شاهد، پوءِ جڏهن انهن ڪونه آندا (چار) شاهد ته پوءِ اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ لَمَسَّكُم فى ما أَفَضتُم فيهِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪڏهن الله جو فضل توهان تي نه هجي ها ۽ رحم و ڪرم دنيا توڙي آخرت ۾، ته جن ڳالهين ۾ توهان پئجي ويا هئا انهن جي ڪري توهان تي اچي ها وڏو عذاب |
إِذ تَلَقَّونَهُ بِأَلسِنَتِكُم وَتَقولونَ بِأَفواهِكُم ما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَتَحسَبونَهُ هَيِّنًا وَهُوَ عِندَ اللَّهِ عَظيمٌ (آيت : 15) |
(غور ڪريو توهان غلطيءَ ۾ هئا) جڏهن توهان جي هڪ زبان وٺندي پئي وئي ٻي زبان کان ڪوڙ ۽ توهان پنهنجي وات سان اهو ڪجهه چئو پيا جنهن جو توهان کي ڪوبه علم نه هو ۽ توهان ان کي بنهه معمولي ڳالهه سمجهي رهيا هئا، ۽ جڏهن ته اها ئي الله وٽ وڏي ڳالهه هئي |
وَلَولا إِذ سَمِعتُموهُ قُلتُم ما يَكونُ لَنا أَن نَتَكَلَّمَ بِهٰذا سُبحٰنَكَ هٰذا بُهتٰنٌ عَظيمٌ (آيت : 16) |
ڇو نه ان کي ٻڌندي ئي توهان چئي ڏنو ته، اسان کي زبان مان اها ڳالهه ڪڍڻ ئي زيب نٿي ڏئي، سبحان الله! هيءُ ته هڪ تمام وڏو بهتان ئي آهي |
يَعِظُكُمُ اللَّهُ أَن تَعودوا لِمِثلِهِ أَبَدًا إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 17) |
نصيحت ٿو ڪري الله توهان کي ته آئنده اهڙي حرڪت نه ڪندا، اگر توهان مؤمن آهيو |
وَيُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 18) |
۽ پڌري هدايت ڏئي ٿو الله توهان کي، ۽ الله ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
إِنَّ الَّذينَ يُحِبّونَ أَن تَشيعَ الفٰحِشَةُ فِى الَّذينَ ءامَنوا لَهُم عَذابٌ أَليمٌ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 19) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو گُهرن ٿا ته پکڙجي بي حيائي ايمان آڻڻ واري جي ٽولي ۾، اهي سزا ۾ سختي جي لائق آهن دنيا توڙي آخرت ۾، ۽ الله ئي ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ وَأَنَّ اللَّهَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
جي نه هجي ها الله جو فضل توهان تي ۽ رحم ته (جيڪا ڳالهه توهان ۾ عام ٿي، برو نتيجو ڏيکاري ها) بيشڪ الله شفيق ۽ رحيم آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ وَمَن يَتَّبِع خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ فَإِنَّهُ يَأمُرُ بِالفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ ما زَكىٰ مِنكُم مِن أَحَدٍ أَبَدًا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 21) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، نه هلو توهان شيطان جي قدمن تي، ۽ ان جي جيڪو به پيروي ڪري شيطان جي ته اهو ان کي بي حيائي ۽ بدڪاريءَ جو حڪم ڏيندو، جي نه هجي ها الله جو فضل توهان تي، ۽ ان جو رحم ته توهان مان ڪوبه شخص پاڪ ٿي نه ٿي سگهيو ڪڏهن به، پر جنهن کي گهري الله پاڪ ڪري ٿو، الله ته ٻڌندڙ ۽ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي |
وَلا يَأتَلِ أُولُوا الفَضلِ مِنكُم وَالسَّعَةِ أَن يُؤتوا أُولِى القُربىٰ وَالمَسٰكينَ وَالمُهٰجِرينَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَليَعفوا وَليَصفَحوا أَلا تُحِبّونَ أَن يَغفِرَ اللَّهُ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 22) |
۽ توهان مان جيڪي ماڻهو فضل جا صاحب ۽ طاقت رکندڙ آهن، اهي هن ڳالهه جو قسم نه کائي ويهن ته اهي پنهنجي عزيزن ۽ مسڪينن ۽ جن هجرت ڪئي الله جي راهه ۾، انهن جي هو مدد نه ڪندا، انهن کي معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪرڻ گهرجي، ڇا توهان نٿا گهرو ته الله معاف ڪري توهان کي؟ ۽ الله جي صفت اها آهي ته هو غفور ۽ رحيم آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَرمونَ المُحصَنٰتِ الغٰفِلٰتِ المُؤمِنٰتِ لُعِنوا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو تهمتون لڳائن ٿا پاڪدامن بي خبر مؤمن عورتن تي، انهن تي ته لعنت ڪئي وئي آهي دنيا ۽ آخرت ۾، ۽ انهن جي لاءِ ئي تمام وڏو عذاب آهي |
يَومَ تَشهَدُ عَلَيهِم أَلسِنَتُهُم وَأَيديهِم وَأَرجُلُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 24) |
اهي ان ڏينهن کي نه وسارين جڏهن انهن جون پنهنجون زبانون ۽ سندن هٿ شاهدي ڏيندا ته اهي ڇا ڪندا رهيا آهن |
يَومَئِذٍ يُوَفّيهِمُ اللَّهُ دينَهُمُ الحَقَّ وَيَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ المُبينُ (آيت : 25) |
ان ڏينهن کين پورو پورو بدلو ڏيندو الله جنهن جا اهي حقدار آهن ۽ کين معلوم ٿي ويندو ته بيشڪ الله ئي حق آهي، سچ کي سچ ڪري ڏيکارڻ وارو |
الخَبيثٰتُ لِلخَبيثينَ وَالخَبيثونَ لِلخَبيثٰتِ وَالطَّيِّبٰتُ لِلطَّيِّبينَ وَالطَّيِّبونَ لِلطَّيِّبٰتِ أُولٰئِكَ مُبَرَّءونَ مِمّا يَقولونَ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 26) |
خبيث (خراب) عورتون خبيث مردن لاءِ ۽ خبيث مرد خبيث عورتن جي لاءِ، ۽ پاڪيزه عورتون پاڪيزه مردن جي لاءِ ۽ پاڪيزه مرد پاڪيزه عورتن جي لاءِ، انهن جو دامن پاڪ آهي انهن ڳالهين کان جو ٺاهڻ وارا ٺاهين ٿا، انهن جي مغفرت ئي آهي سٺو رزق |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ بُيوتِكُم حَتّىٰ تَستَأنِسوا وَتُسَلِّموا عَلىٰ أَهلِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! داخل نه ٿيو پنهنجي گهرن کان سواءِ ٻين جي گهرن ۾ جيستائين (انهن) گهر وارن جي رضا حاصل نه ڪريو ۽ جيتر سلام نه چئو انهن تي، هي طريقو توهان جي لاءِ بهتر آهي، اميد ته توهان ان جو خيال رکندؤ |
فَإِن لَم تَجِدوا فيها أَحَدًا فَلا تَدخُلوها حَتّىٰ يُؤذَنَ لَكُم وَإِن قيلَ لَكُمُ ارجِعوا فَارجِعوا هُوَ أَزكىٰ لَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 28) |
پوءِ جي اتي ڪير نه هجي ته داخل نه ٿيو جيستائين اجازت نه ڏني وڃي داخل ٿيڻ جي توهان کي، ۽ جي چيو وڃي توهان کي ته موٽي وڃو، ته واپس هليا وڃو، اهو پاڪيزه طريقو آهي توهان لاءِ، ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَدخُلوا بُيوتًا غَيرَ مَسكونَةٍ فيها مَتٰعٌ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تُبدونَ وَما تَكتُمونَ (آيت : 29) |
البته انهيءَ ۾ توهان تي ڪو گناهه ناهي جو اهڙن گهرن ۾ داخل ٿيو جن ۾ ڪو ماڻهو رهي نٿو ۽ جنهن ۾ توهان جي فائدي جي ڪا ڳالهه هجي، ۽ الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ظاهر ڪريو ۽ لڪايو ٿا |
قُل لِلمُؤمِنينَ يَغُضّوا مِن أَبصٰرِهِم وَيَحفَظوا فُروجَهُم ذٰلِكَ أَزكىٰ لَهُم إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 30) |
اي نبي! چؤ مؤمن مردن کي ته بچائي رکن پنهنجن نظرن کي ۽ حفاظت ڪن پنهنجن اوگهڙن جي، هي وڌيڪ پاڪيزه طريقو آهي انهن جي لاءِ، بيشڪ الله وڌيڪ باخبر آهي ان کان جيڪي هو ڪن ٿا |
وَقُل لِلمُؤمِنٰتِ يَغضُضنَ مِن أَبصٰرِهِنَّ وَيَحفَظنَ فُروجَهُنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا ما ظَهَرَ مِنها وَليَضرِبنَ بِخُمُرِهِنَّ عَلىٰ جُيوبِهِنَّ وَلا يُبدينَ زينَتَهُنَّ إِلّا لِبُعولَتِهِنَّ أَو ءابائِهِنَّ أَو ءاباءِ بُعولَتِهِنَّ أَو أَبنائِهِنَّ أَو أَبناءِ بُعولَتِهِنَّ أَو إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى إِخوٰنِهِنَّ أَو بَنى أَخَوٰتِهِنَّ أَو نِسائِهِنَّ أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ أَوِ التّٰبِعينَ غَيرِ أُولِى الإِربَةِ مِنَ الرِّجالِ أَوِ الطِّفلِ الَّذينَ لَم يَظهَروا عَلىٰ عَورٰتِ النِّساءِ وَلا يَضرِبنَ بِأَرجُلِهِنَّ لِيُعلَمَ ما يُخفينَ مِن زينَتِهِنَّ وَتوبوا إِلَى اللَّهِ جَميعًا أَيُّهَ المُؤمِنونَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 31) |
۽ اي نبي! چؤ مؤمن عورتون بچائي رکن پنهنجين نظرن کي ۽ حفاظت ڪن پنهنجين اوگهڙن جي، ۽ نه ڏيکارين پنهنجو هار سينگار، سواءِ ان جي جيڪو خود ظاهر ٿي پوي ۽ لاهي ڇڏين پنهنجن چادرن جا پلاند پنهنجي سينن تي، ۽ ظاهر نه ڪن پنهنجي هار سينگار کي سواءِ پنهنجي مڙسن جي سامهون يا پنهنجن پيئن يا پنهنجن سهرن يا پنهنجن پٽن يا پنهنجي مڙسن جي پٽن يا پنهنجن ڀائرن يا پنهنجن ڀائٽين يا پنهنجن ڀاڻيجن يا پنهنجن مسلمان عورتن جي اڳيان يا انهن جا هٿ جن (غلامن) جا مالڪ ٿيا آهن، يا خدمتگار مرد جن کي عورتن ڏي خيال نه آهي يا اهي ٻار جيڪي اڃا عورتن جي اوگهڙن تي واقف نه ٿيا هجن، ۽ نه پنهنجا پير زمين تي هڻن، ان لاءِ ته ڄاتو وڃي سندن سينگار جيڪو لڪائين ٿيون، اي ايمان وارؤ! الله جي آڏو گڏجي توبهه ڪريو، من توهين ڪامياب ٿي وڃو |
وَأَنكِحُوا الأَيٰمىٰ مِنكُم وَالصّٰلِحينَ مِن عِبادِكُم وَإِمائِكُم إِن يَكونوا فُقَراءَ يُغنِهِمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 32) |
۽ نڪاح ڪريو توهين پاڻ مان رنڙن ۽ پنهنجن ٻانهن ۽ ٻانهين مان نيڪ بختن کي پرڻايو، جي اهي غريب هوندا ته کين آسودو ڪندو الله پنهنجي فضل سان، ۽ الله وسعت وارو ڄاڻندڙ آهي |
وَليَستَعفِفِ الَّذينَ لا يَجِدونَ نِكاحًا حَتّىٰ يُغنِيَهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَالَّذينَ يَبتَغونَ الكِتٰبَ مِمّا مَلَكَت أَيمٰنُكُم فَكاتِبوهُم إِن عَلِمتُم فيهِم خَيرًا وَءاتوهُم مِن مالِ اللَّهِ الَّذى ءاتىٰكُم وَلا تُكرِهوا فَتَيٰتِكُم عَلَى البِغاءِ إِن أَرَدنَ تَحَصُّنًا لِتَبتَغوا عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَمَن يُكرِههُنَّ فَإِنَّ اللَّهَ مِن بَعدِ إِكرٰهِهِنَّ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 33) |
۽ جن ماڻهن کي موقعو نه ملي نڪاح ڪرڻ جو، ته اهي پاڪدامني اختيار ڪن جيستائين الله کين غني ڪري پنهنجي فضل سان، ۽ توهان جي غلامن مان جيڪي مڪاتبت (لکپڙهه) سان مال ڏئي آزادي گهرن تن ۾ جي اوهين ڪا ڀلائي ڄاڻو ته کين کليل آزادي ڏيو ۽ کين ان مال مان ڏيو جيڪو توهان کي الله ڏنو آهي ۽ توهان جون ٻانهيون جيڪي پاڪدامن رهڻ (نڪاح ڪرڻ) گهرن ته دنيا جي حياتيءَ جي سامان حاصل ڪرڻ لاءِ انهن کي زنا تي مجبور نه ڪريو ۽ جيڪو کين مجبور ڪندو ته سندن مجبوري بعد به الله انهن کي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَمَثَلًا مِنَ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 34) |
۽ تحقيق (اي مسلمانؤ!) اسان نازل ڪيون آهن توهان تي صاف صاف هدايت واريون آيتون ۽ مثال انهن قومن جا عبرتناڪ جيڪي توهان کان اڳي ٿي گذريون آهن ۽ نصيحتون ڪيون آهن جيڪي ڊڄڻ وارا آهن |
اللَّهُ نورُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ مَثَلُ نورِهِ كَمِشكوٰةٍ فيها مِصباحٌ المِصباحُ فى زُجاجَةٍ الزُّجاجَةُ كَأَنَّها كَوكَبٌ دُرِّىٌّ يوقَدُ مِن شَجَرَةٍ مُبٰرَكَةٍ زَيتونَةٍ لا شَرقِيَّةٍ وَلا غَربِيَّةٍ يَكادُ زَيتُها يُضيءُ وَلَو لَم تَمسَسهُ نارٌ نورٌ عَلىٰ نورٍ يَهدِى اللَّهُ لِنورِهِ مَن يَشاءُ وَيَضرِبُ اللَّهُ الأَمثٰلَ لِلنّاسِ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 35) |
الله نور آهي آسمانن ۽ زمين جو، سندس مثال نور جو ائين آهي جيئن هڪ ڏيئو هڪ فانوس ۾ هجي، فانوس ائين آهي جيئن موتي وانگر هڪ چمڪندڙ تارو ۽ اهو ڏيئو هڪ اهڙي مبارڪ وڻ جي زيتون جي تيل سان روشن ڪيو ويندو هجي، اهو مشرقي آهي نه مغربي، ويجهو آهي جنهن جو تيل خود بخود ٻرندڙ هجي چاهي نه لڳي ان کي باهه، روشنيءَ جا سڀ سبب گڏ ٿيل هجن، هدايت ڪري ٿو الله پنهنجي نور سان جنهن کي گهري ۽ سمجهائي ٿو الله مثال سان هر ڳالهه ماڻهن کي، ۽ الله هر شيءِ کان پوريءَ طرح واقف آهي |
فى بُيوتٍ أَذِنَ اللَّهُ أَن تُرفَعَ وَيُذكَرَ فيهَا اسمُهُ يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ (آيت : 36) |
(اهي نور وارا) اهڙن گهرن (مسجدن) ۾ ملن ٿا جن کي بلند ڪرڻ جو الله حڪم ڏنو آهي پنهنجي ياد ڪرڻ جو، ان ۾ اهڙا ماڻهو سندس تسبيح ڪن ٿا صبح ۽ شام |
رِجالٌ لا تُلهيهِم تِجٰرَةٌ وَلا بَيعٌ عَن ذِكرِ اللَّهِ وَإِقامِ الصَّلوٰةِ وَإيتاءِ الزَّكوٰةِ يَخافونَ يَومًا تَتَقَلَّبُ فيهِ القُلوبُ وَالأَبصٰرُ (آيت : 37) |
انهن ماڻهن کي غافل نٿي ڪري تجارت، سودو وڻج واپار ياد ڪرڻ الله جي ذڪر ڪرڻ سان ۽ قائم ڪرڻ نماز ۽ ڏيڻ زڪوات سان، اهي ڊڄندا رهن ٿا ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن ابتي دل ٿيڻ ۽ اکيون پٿرائجڻ جي نوبت اچي ٿي |
لِيَجزِيَهُمُ اللَّهُ أَحسَنَ ما عَمِلوا وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 38) |
(اهو ڪجهه ان لاءِ ڪن ٿا) جيئن الله سندن بهترين عملن جي جزا انهن کي ڏئي ۽ وڌيڪ پنهنجي فضل سان کين نوازي، ۽ الله جنهن کي گهري ٿو ان کي بنا ڪنهن حساب جي ڏئي ٿو |
وَالَّذينَ كَفَروا أَعمٰلُهُم كَسَرابٍ بِقيعَةٍ يَحسَبُهُ الظَّمـٔانُ ماءً حَتّىٰ إِذا جاءَهُ لَم يَجِدهُ شَيـًٔا وَوَجَدَ اللَّهَ عِندَهُ فَوَفّىٰهُ حِسابَهُ وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 39) |
(ان جي ابتڙ) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن جي عملن جو مثال ائين آهي جيئن رڻ پٽ ۾ رڃ، جنهن کي سمجهي ٿو اڃايل پاڻي، جڏهن هو اتي پهتو ته ڪجهه نه ڏٺائين، (ڪابه نه مليس شيءِ) پر اتي به هن الله کي موجود ڏٺو، جنهن سندس حساب پورو چڪتو ڪيو، ۽ الله کي ته دير ئي نٿي لڳي حساب وٺندي |
أَو كَظُلُمٰتٍ فى بَحرٍ لُجِّىٍّ يَغشىٰهُ مَوجٌ مِن فَوقِهِ مَوجٌ مِن فَوقِهِ سَحابٌ ظُلُمٰتٌ بَعضُها فَوقَ بَعضٍ إِذا أَخرَجَ يَدَهُ لَم يَكَد يَرىٰها وَمَن لَم يَجعَلِ اللَّهُ لَهُ نورًا فَما لَهُ مِن نورٍ (آيت : 40) |
يا ان جو مثال ائين آهي ته اونداهي اونهي سمنڊ ۾، ان جي مٿان هڪ لهر ڇانيل آهي، ان جي مٿان ٻي لهر ۽ ان جي مٿان وري ڪڪر، اوندهه ئي اوندهه هڪ ٻئي مٿان ڇانيل آهي، جڏهن ماڻهو پنهنجو هٿ ڪڍي ته ان کي به نه ڏسي سگهي، جنهن کي نه ٿو بخشي الله (ڪوبه) نور ته پوءِ ان لاءِ ڪو نور ناهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُسَبِّحُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالطَّيرُ صٰفّٰتٍ كُلٌّ قَد عَلِمَ صَلاتَهُ وَتَسبيحَهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِما يَفعَلونَ (آيت : 41) |
ڇا توهان ڏسو نٿا ته بيشڪ الله جي تسبيح ڪري رهيا آهن اهي سڀ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهي پکي پر پکيڙي اڏامن پيا، هرهڪ پنهنجي نماز ۽ تسبيح جو طريقو ڄاڻي ٿو، ۽ الله سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي هي ڪجهه ڪن ٿا |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 42) |
۽ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ ان الله ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يُزجى سَحابًا ثُمَّ يُؤَلِّفُ بَينَهُ ثُمَّ يَجعَلُهُ رُكامًا فَتَرَى الوَدقَ يَخرُجُ مِن خِلٰلِهِ وَيُنَزِّلُ مِنَ السَّماءِ مِن جِبالٍ فيها مِن بَرَدٍ فَيُصيبُ بِهِ مَن يَشاءُ وَيَصرِفُهُ عَن مَن يَشاءُ يَكادُ سَنا بَرقِهِ يَذهَبُ بِالأَبصٰرِ (آيت : 43) |
ڇا توهان نٿا ڏسو ته بيشڪ الله آهستي آهستي ڪڪرن کي هلائي ٿو پوءِ ملائي ٿو ان جي ٽڪرن کي، پوءِ وري انهن کي گڏ ڪري گهاٽو جهڙ بڻائي ٿو، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته ان جي وچان برسات جون ڦڙيون ٽمن ٿيون آسمان مان جبلن تي، جيڪي اوچا آهن، انهن تي ڳڙا وسائي ٿو، پوءِ جنهن کي چاهي ٿو ان کي نقصان رسائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ان کي بچائي ٿو، ان جي وڄ جي چمڪ نظرن کي بي نظر ڪري ٿي |
يُقَلِّبُ اللَّهُ الَّيلَ وَالنَّهارَ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 44) |
۽ ڦيرائي رهيو آهي الله رات ۽ ڏينهن کي، بيشڪ ان ۾ ئي وڏو سبق آهي اکين وارن جي لاءِ |
وَاللَّهُ خَلَقَ كُلَّ دابَّةٍ مِن ماءٍ فَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ بَطنِهِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ رِجلَينِ وَمِنهُم مَن يَمشى عَلىٰ أَربَعٍ يَخلُقُ اللَّهُ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 45) |
۽ الله ئي خلقيو آهي مڙني جاندارن کي هڪ قسم جي پاڻيءَ مان، انهن مان ڪو هلي ٿو پيٽ ڀر، ته ڪو انهن مان هلي ٿو ٻن ٽنگن تي، ۽ انهن مان ڪو وري هلي ٿو چئن ٽنگن تي، پيدا ٿو ڪري الله جيڪي هو چاهي ٿو، بيشڪ الله ئي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو |
لَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ مُبَيِّنٰتٍ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 46) |
اسان نازل ڪيون آهن آيتون ٻڌائڻ واريون بلڪل صاف صاف، ۽ الله ئي رهنمائي ڪري ٿو جنهن کي چاهي ان کي سڌي راهه ڏي |
وَيَقولونَ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِالرَّسولِ وَأَطَعنا ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَما أُولٰئِكَ بِالمُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ هي ماڻهو چون ٿا ته ايمان آندوسين الله تي، ۽ رسول تي ۽ اطاعت قبول ڪئي، پر منهن موڙي ٿو هڪڙو ٽولو (اطاعت کان) انهن مان ان کان پوءِ به، ۽ اهڙا ئي ماڻهو هرگز هرگز مؤمن نه آهن |
وَإِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم إِذا فَريقٌ مِنهُم مُعرِضونَ (آيت : 48) |
۽ جڏهن انهن کي سڏيو وڃي ٿو الله ۽ ان جي رسول جي طرف جيئن رسول سندن مقدمي جو فيصلو ڪري ته هڪ ٽولو انهن مان لنوائي ٿو وڃي |
وَإِن يَكُن لَهُمُ الحَقُّ يَأتوا إِلَيهِ مُذعِنينَ (آيت : 49) |
پر جيڪڏهن انهن جي طرف حق هوندو آهي ته اهي رسول وٽ ڏاڍا فرمانبردار بڻجي اچن ٿا |
أَفى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَمِ ارتابوا أَم يَخافونَ أَن يَحيفَ اللَّهُ عَلَيهِم وَرَسولُهُ بَل أُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 50) |
ڇا انهن جي دلين کي منافقت جو مرض لڳل آهي يا اهي شڪ ۾ پيل آهن يا خوف آهي انهن کي ته الله ۽ ان جو رسول انهن تي ظلم ڪندا، پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهي پاڻ ماڻهو ظالم آهن |
إِنَّما كانَ قَولَ المُؤمِنينَ إِذا دُعوا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم أَن يَقولوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 51) |
بيشڪ اهو ڪم آهي ايمان آڻڻ وارن جو ته جڏهن انهن کي سڏيو وڃي الله ۽ ان جي رسول ڏي ته جيئن رسول انهن جي مقدمي جو فيصلو ڪري ته اهي چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ اطاعت ڪئي، ۽ اهڙا ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَخشَ اللَّهَ وَيَتَّقهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي اطاعت ڪن الله ۽ سندس رسول جي ۽ ڊڄن الله کان ۽ بچن سندس نافرمانيءَ کان ته اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن أَمَرتَهُم لَيَخرُجُنَّ قُل لا تُقسِموا طاعَةٌ مَعروفَةٌ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 53) |
۽ وڏا قسم کڻي الله جي نالي جا (منافق) چون ٿا ته توهان اسان کي حڪم ڏيو ته نڪري پئون پنهنجن گهرن کان، کين چؤ، قسم نه کائو توهان جي اطاعت جو حال معلوم آهي، بيشڪ الله توهان جي ڪرتوتن کان بي خبر نه آهي |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيهِ ما حُمِّلَ وَعَلَيكُم ما حُمِّلتُم وَإِن تُطيعوهُ تَهتَدوا وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 54) |
چؤ (اي نبي!) مطيع ٿيو الله جا ۽ تابع بڻجي رهو رسول جا، پر جي توهان منهن ڦيريو ته ڄاڻي وٺو ته جيڪو بار ان تي رکيل آهي، ان جو ذميوار اهو آهي ۽ جنهن فرض جو بار توهان تي آهي، ان جا ذميوار توهان آهيو، اطاعت ڪندؤ ته پاڻ هدايت ماڻيندؤ، نه ته رسول جي ذميواري ان کان وڌيڪ ناهي ته صاف صاف حڪم پهچائي ڏئي |
وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَيَستَخلِفَنَّهُم فِى الأَرضِ كَمَا استَخلَفَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَلَيُمَكِّنَنَّ لَهُم دينَهُمُ الَّذِى ارتَضىٰ لَهُم وَلَيُبَدِّلَنَّهُم مِن بَعدِ خَوفِهِم أَمنًا يَعبُدونَنى لا يُشرِكونَ بى شَيـًٔا وَمَن كَفَرَ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 55) |
وعدو ڪيو آهي الله توهان مان انهن ماڻهن سان جيڪي ايمان آڻين ۽ نيڪ ڪم ڪن، ته هو انهن کي اهڙيءَ طرح خليفو بنائي زمين ۾ جيئن اڳي گذريل ماڻهن کي بڻائي چڪو آهي، ۽ مضبوط بنائيندو انهن جي لاءِ سندن دين کي، جيئن ان پسند ڪيو آهي سندن حق ۾، ۽ انهن جي موجوده حالت جيڪا خوف واري آهي، ان کي بدلائيندو امن ۾، ته اهي منهنجي بندگي ڪن، ڪنهن کي به مون سان شريڪ نه ڪن ۽ جيڪو به ڪفر ڪري ان کان پوءِ، ته اهڙا ئي ماڻهو فاسق آهن |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 56) |
۽ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيو زڪوات ۽ اطاعت ڪريو رسول جي، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا مُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَلَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 57) |
ان غلط فهميءَ ۾ نه رهو ته جيڪي ماڻهو ڪفر ڪري رهيا آهن ته اهي عاجز ڪري ڇڏيندا الله کي زمين ۾، انهن جو ٺڪاڻو ته دوزخ ئي آهي، ۽ اها ڏاڍي بڇڙي جاءِ آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِيَستَـٔذِنكُمُ الَّذينَ مَلَكَت أَيمٰنُكُم وَالَّذينَ لَم يَبلُغُوا الحُلُمَ مِنكُم ثَلٰثَ مَرّٰتٍ مِن قَبلِ صَلوٰةِ الفَجرِ وَحينَ تَضَعونَ ثِيابَكُم مِنَ الظَّهيرَةِ وَمِن بَعدِ صَلوٰةِ العِشاءِ ثَلٰثُ عَورٰتٍ لَكُم لَيسَ عَلَيكُم وَلا عَلَيهِم جُناحٌ بَعدَهُنَّ طَوّٰفونَ عَلَيكُم بَعضُكُم عَلىٰ بَعضٍ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 58) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، توهان جا ٻانها ٻانهيون، جن جا توهان مالڪ آهيو، ۽ اهي جيڪي اڃا عقل کي نه پهتا آهن ٻار اهي توهان کان ٽن وقتن تي اجازت وٺي پوءِ اندر اچن، پهرين فجر جي نماز کان (اڳي) ۽ منجهند جو جڏهن توهان ڪپڙا لاهي رکندا آهيو ۽ بعد از نمازِ عشاء (رات جي نماز کان پوءِ)، اهي ٽي وقت توهان جي لاءِ پردي جا آهن، ان کان پوءِ هو بنا اجازت اچن ته نه توهان تي ڪو گناهه آهي ۽ نه انهن تي. توهان کي هڪ ٻئي وٽ هر هر ئي اچڻو پوي ٿو، اهڙيءَ طرح واضح ڪري ٿو الله توهان جي لاءِ پنهنجا حڪم، ۽ الله ئي ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي |
وَإِذا بَلَغَ الأَطفٰلُ مِنكُمُ الحُلُمَ فَليَستَـٔذِنوا كَمَا استَـٔذَنَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 59) |
۽ جڏهن عقل جي حد کي پهچن توهان جا ٻار، انهن کي گهرجي ته اهڙيءَ طرح اجازت وٺي اچن، جهڙيءَ طرح انهن جا وڏا اجازت وٺندا رهيا آهن، اهڙيءَ طرح بيان ڪري ٿو الله توهان تي پنهنجون آيتون، ۽ الله ئي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي |
وَالقَوٰعِدُ مِنَ النِّساءِ الّٰتى لا يَرجونَ نِكاحًا فَلَيسَ عَلَيهِنَّ جُناحٌ أَن يَضَعنَ ثِيابَهُنَّ غَيرَ مُتَبَرِّجٰتٍ بِزينَةٍ وَأَن يَستَعفِفنَ خَيرٌ لَهُنَّ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 60) |
۽ جواني گذاري ويٺيون آهن جيڪي عورتون ناهن اهي اميدوار نڪاح جون، انهن تي ڪوبه گناهه ناهي اگر اهي پنهنجون چادرون لاهي ڇڏين، پر شرط اهو آهي ته نمائش ڪندڙ نه هجن پنهنجي زينت جو، پر تڏهن به اهي حياداري اختيار ڪن ته انهن لاءِ چڱو آهي، ۽ الله ئي سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَلا عَلىٰ أَنفُسِكُم أَن تَأكُلوا مِن بُيوتِكُم أَو بُيوتِ ءابائِكُم أَو بُيوتِ أُمَّهٰتِكُم أَو بُيوتِ إِخوٰنِكُم أَو بُيوتِ أَخَوٰتِكُم أَو بُيوتِ أَعمٰمِكُم أَو بُيوتِ عَمّٰتِكُم أَو بُيوتِ أَخوٰلِكُم أَو بُيوتِ خٰلٰتِكُم أَو ما مَلَكتُم مَفاتِحَهُ أَو صَديقِكُم لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَأكُلوا جَميعًا أَو أَشتاتًا فَإِذا دَخَلتُم بُيوتًا فَسَلِّموا عَلىٰ أَنفُسِكُم تَحِيَّةً مِن عِندِ اللَّهِ مُبٰرَكَةً طَيِّبَةً كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 61) |
ڪابه ناهي ان انڌي تي جَهل ۽ نه آهي ڪنهن منڊي تي روڪ (ته کائن ڪنهن جي گهر مان) ۽ نه وري ڪنهن مريض تي آهي روڪ ٽوڪ ۽ نه توهان لاءِ ڪو نقصان آهي ته کائو پنهنجي گهرن مان يا پنهنجي انهن گهرن ابن ڏاڏن جي مان يا پنهنجي ماءُ ناني جي گهرن مان يا گهرن ڀائرن جي مان يا پنهنجي ڀينرن جي گهرن مان يا گهرن پنهنجي چاچن جي گهرن يا پنهنجي ڦڦين جي گهرن مان يا پنهنجي مامن جي گهرن مان يا پنهنجي ماسين جي مان يا جن گهرن جي ڪنجين جا مالڪ آهيو يا پنهنجي دوستن جي گهرن مان کائو، توهان تي ڪوبه گناهه ناهي ته توهين گڏجي کائو يا ڌار ڌار ٿي، ۽ جڏهن داخل ٿيو ڪنهن گهر ۾ ته سلام ڪريو پنهنجي ماڻهن تي، خير جي دعا مقرر آهي طرفان الله جي برڪت واري پاڪيزه، اهڙيءَ طرح بيان ڪري ٿو الله توهان جي لاءِ آيتون جيئن توهان سمجهه کان ڪم وٺو |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِذا كانوا مَعَهُ عَلىٰ أَمرٍ جامِعٍ لَم يَذهَبوا حَتّىٰ يَستَـٔذِنوهُ إِنَّ الَّذينَ يَستَـٔذِنونَكَ أُولٰئِكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِذَا استَـٔذَنوكَ لِبَعضِ شَأنِهِم فَأذَن لِمَن شِئتَ مِنهُم وَاستَغفِر لَهُمُ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 62) |
بيشڪ مؤمن ته اهي ئي آهن جيڪي دل سان مڃين الله ۽ سندس رسول کي ۽ جڏهن ڪنهن گڏيل ڪم لاءِ رسول سان گڏ هجن ته نه وڃن سندس اجازت وٺڻ کان سواءِ، بيشڪ جيڪي ماڻهو (اي نبي!) توکان اجازت وٺن ٿا اهي ئي ماڻهو مڃڻ وارا آهن الله ۽ گهرن رسول کي، ۽ جڏهن توکان اجازت گهرن پنهنجي ڪنهن ڪم جي لاءِ ته جنهن کي گهرين تنهن کي اجازت ڏين ۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ الله کان مغفرت گهرندا ڪريو، بيشڪ الله غفور ۽ رحيم آهي |
لا تَجعَلوا دُعاءَ الرَّسولِ بَينَكُم كَدُعاءِ بَعضِكُم بَعضًا قَد يَعلَمُ اللَّهُ الَّذينَ يَتَسَلَّلونَ مِنكُم لِواذًا فَليَحذَرِ الَّذينَ يُخالِفونَ عَن أَمرِهِ أَن تُصيبَهُم فِتنَةٌ أَو يُصيبَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 63) |
نه سڏيو مسلمانو! سڏڻ رسول کي پنهنجن سڏن وانگر، جيئن هڪ ٻئي کي سڏيندا آهيو، ڄاڻي ٿو الله انهن ماڻهن کي (چڱيءَ طرح) جيڪي توهان مان کسڪي وڃن ٿا هڪ ٻئي جي اوٽ وٺي، ڊڄڻ گهرجي رسول جي حڪمت جي مخالفت ڪرڻ وارن کي، ته اهي ڪنهن فتني ۾ گرفتار ٿي نه وڃن يا انهن تي اچي وڃي ڪو دردناڪ عذاب |
أَلا إِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قَد يَعلَمُ ما أَنتُم عَلَيهِ وَيَومَ يُرجَعونَ إِلَيهِ فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 64) |
خبردار رهو، بيشڪ سڀ ڪجهه الله جي لاءِ ئي آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ڄاڻي ٿو الله توهان جنهن راهه تي به آهيو، ۽ جنهن ڏينهن ماڻهو ان ڏي موٽايا ويندا، اهو ئي ٻڌائيندو انهن کي ته اهي ڇا ڇا ڪري آيا آهن ۽ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو |