قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
بيشڪ ڪاميابي حاصل ڪئي ايمان آڻڻ وارن |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جيڪي پنهنجي نمازن ۾ عاجزي ڪن ٿا |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
۽ جيڪي اجاين ڳالهين کان پري رهن ٿا |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي زڪواة جي طريقي تي عمل ڪن ٿا |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
۽ جيڪي پنهنجن اوگهڙين جي حفاظت ڪن ٿا |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
سواءِ پنهنجي زالن جي ۽ انهن عورتن جي جيڪي سندن ملڪيت ۾ آيل هجن، جو پوءِ ان صورت ۾ مٿن ڪا ملامت ڪانهي |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
باقي جيڪي ان کان اڳتي به ڪجهه طلبن ته اهي حد کان لنگهڻ وارا آهن |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
۽ جيڪي پنهنجين امانتن ۽ وعدن جو خيال ڪن ٿا |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي نگهباني ڪن ٿا |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
اهي ئي ماڻهو اهي وارث آهن |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جيڪي جنت الفردوس جا وارث بڻبا ۽ هو ان ۾ سدائين رهندا |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
اسان انسان کي مٽيءَ جي ســَـت مان بڻايوسون |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
پوءِ کيس هڪڙي محفوظ هنڌ ڳڙندڙ ٽيپي جي شڪل ڏني سون |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
پوءِ ان ٽيپي کي رت جو دڳ بڻايوسين، پوءِ رت جي دڳ کي ماس بڻايوسين، وري ٻوٽيءَ جا هڏا ٺاهياسين، پوءِ هڏن تي گوشت چاڙهيوسين، پوءِ ان کي هڪڙيءَ نياري صورت واري مخلوق بنائي کڙو ڪيوسون، پوءِ برڪت وارو آهي الله، سڀني ٺاهيندڙن کان ڀلو ٺاهيندڙ |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
وري ان کانپوءِ توهان کي ضرور مرڻو آهي |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
وري قيامت جي ڏينهن توهان کي ضرور اٿاريو ويندو |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ توهان جي مٿان اسان ست رستا بنايا، اسان خلقڻ جي ڪم کان بي خبر ته نه هئاسون |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ آسمان مان اسان پوري حساب مطابق هڪڙي خاص مقدار ۾ پاڻي لاٿو ۽ ان کي زمين ۾ رهڻ ڏنوسون ۽ اسان ان کي جيئن به گهرون وهائي سگهون ٿا |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ ان پاڻيءَ وسيلي اسان توهان لاءِ کجين ۽ انگورن جا باغ اُپايا، توهان لاءِ انهن باغن ۾ گهڻا ئي لذيذ ميوا آهن ۽ انهن مان توهان روزي حاصل ڪريو ٿا |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
۽ اهو وڻ به اسان پيدا ڪيو ،جيڪو طور سيناءَ (جبل) کان نڪري ٿو. تيل به کنيو ٿو ڦٽي ته کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ به |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ حقيقت ۾ توهان لاءِ ڍورن ۾ به هڪ سبق آهي، انهن جي پيٽن ۾ جيڪي ڪجهه آهي، انهن مان هڪڙي شيءِ (کير) اسان توهان کي پياريون ٿا، توهان لاءِ انهن ۾ ٻيا به گهڻا ئي فائدا آهن، انهن کي توهان کائو به ٿا |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي توهان کي سوار به ڪيو وڃي ٿو |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو، هن چيو: "اي منهنجي قوم وارؤ! الله جي ٻانهپ ڪريو، هن کان سواءِ توهان لاءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، ڇا پوءِ ڊڄو نٿا؟" |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
سندس قوم جي جن سردارن مڃڻ کان انڪار ڪيو، اُهي چوڻ لڳا ته "اهو شخص ته فقط توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي، انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته توهان کان مٿڀرو ٿي وڃي، الله کي موڪلڻو هجي ها ته ملائڪ موڪلي ها، اها ڳالهه ته اسان ڪڏهن ابي ڏاڏي جي زماني کان ٻڌي ئي ناهي (ته ڪو بشر رسول بڻجي آيو هجي) |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
نه بس هن شخص کي ڪو جنون ٿي پيو آهي، ڪجهه وقت وڌيڪ ڏسو (شايد ٺيڪ ٿي وڃي)". |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
نوح چيو: "اي منهنجا رب! انهن جو مون کي ڪوڙو ڀانئيو آهي، ان تي تون ئي منهنجي ڪا مدد ڪر". |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
اسان مٿس وحي ڪيو ته "اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي وحيءَ مطابق ٻيڙي ٺاهه، پوءِ جڏهن اسان جو حڪم پهچي وڃي ۽ تنور اڀامي ته تون هر قسم جي جانورن مان جوڙو جوڙو ساڻ کڻي ان ۾ سوار ٿي وڃجانءِ ۽ پنهنجي گهر وارن کي به ساڻ کڻجانءِ ، سواءِ انهن جي جن جي خلاف اڳيئي فيصلو ٿي چڪو آهي ۽ ظالمن جي باري ۾ مونکي ڪجهه نه چئجانءِ ، جو اهي هاڻي غرق ٿيڻا آهن |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن تون پنهنجن ساٿين سوڌو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي وڃين ته چئجانءِ ته شڪر آهي انهيءَ الله جو، جنهن اسان کي ظالم ماڻهن کان ڇوٽڪارو ڏنو |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ چئجانءِ ته منهنجا پالڻهار! مون کي ڪنهن برڪت ڀرئي هنڌ لاهجانءِ ۽ تون ئي ڀلي ۾ ڀلي منزل رسائڻ وارو آهين" |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
انهيءَ قصي ۾ وڏيون نشانيون آهن ۽ امتحان لهڻ وارا ته اسان آهيون ئي |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
انهن کان پوءِ اسان ڪن ٻين ماڻهن جو دور آندو |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ انهن ۾ منجهانئن ئي هڪ رسول موڪليوسون ته (کين ان ڳالهه ڏي سڏي ته) الله جي ٻانهپ ڪريو، جنهن کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. ڇا پوءِ ڊڄو نٿا؟ |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
سندس قوم جي جن سردارن مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ آخرت ۾ هلي پيش ٿيڻ کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ جن کي اسان دنيا واري حياتيءَ ۾ آسودو ڪيو هو، اهي چوڻ لڳا: "هيءُ شخص ڪجهه ناهي؟ پر فقط توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي. جيڪو توهان کائو ٿا، اهوئي هيءُ به کائي ٿو، جيڪي توهان پيئو ٿا سو ئي هيءُ به پيئي ٿو |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
پوءِ جي پاڻ جهڙي ئي هڪڙي بشر جي تابعداري ڪندؤ ته پوءِ توهان نقصان وارا ٿيندؤ |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
توهان سان وعدو ٿو ڪري ڇا ته جڏهن توهان مري ويندؤ ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير ٿي ويندؤ ته توهان (قبرن مان) ڪڍيا ويندؤ |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
ٿيڻو ئي ناهي، ڪڏهن به ناهي ٿيڻو، جيڪي جو توهان سان وعدو پيو ڪيو وڃي |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
حياتي ته رڳو اها هن دنيا واري حياتي ئي آهي، اتي ئي اسان کي مرڻو آهي، اتي ئي جيئڻو آهي ۽ اسان ڪڏهن به نه اٿاريا وينداسون |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
اهو شخص ته رڳو الله تي ڪوڙ پيو مڙهي ۽ اسان ڪڏهن به کيس مڃڻ وارا ناهيون". |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
رسول چيو: "اي منهنجا رب! انهن جيڪو مون کي ڪوڙو سڏيو آهي، ان تي هاڻ تون ئي منهنجي ڪا مدد ڪر". |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
جواب ۾ فرمايو ويو: "ڄاڻ آيو اهو وقت، جڏهن اهي پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندا". |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
پوءِ نيٺ بلڪل حق مطابق هڪڙي زبردست ڪڙڪي کين پڪڙيو ۽ اسان کين ڪک پن ڪري ڇڏيو، پوءِ لعنت هجي ظالم قوم تي! |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
وري انهن کان پوءِ اسان ٻين قومن کي پيدا ڪيو |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ڪا به قوم نڪي پنهنجي وقت کان اڳ ۾ ختم ٿي ۽ نه وري ان کان پوءِ باقي رهي سگهي |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
پوءِ وري اسان ساندهه هڪ ٻئي پٺيان پنهنجا رسول موڪليا. جڏهن به ڪنهن قوم وٽ سندن رسول آيو ته انهن کيس ڪوڙو سڏيو ۽ اسان قومن کي هڪٻئي پٺيان تباهه ڪندا وياسون، تان جو کين فقط ڪهاڻيون بڻائي ڇڏيوسين. ڦٽڪار آهي انهن ماڻهن تي جيڪي ايمان نٿا آڻين |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
پوءِ اسان موڪليو موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ چٽي ســَـنــَـدَ سان |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن، مگر هنن وڏائي ڪئي ۽ اهي ڏاڍا هٺيلا ماڻهو هئا |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
چوڻ لڳا: "ڇا اسان پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن تي ايمان آڻيون؟ ۽ (ماڻهو به اهي) جنهن جي قوم اسان جي ٻانهي آهي؟" |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
سو ٻنهي کي ڪوڙو سڏيائون ۽ پوءِ تباهه ٿيندڙن منجهان ٿي ويا |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ موسيٰ کي اسان ڪتاب ڏنو هو، تانته ماڻهو هدايت وٺن |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي اسان هڪ نشاني بنايو ۽ کين مٿانهين زمين تي رهايوسين، جيڪا ڏاڍي آرام واري جاءِ هئي ۽ ان ۾ چشما وهندا هئا |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
اي پيغمبرؤ! کائو پاڪ شيون ۽ ڪم ڪريو ڀلا. توهان جيڪي به ڪريو ٿا، مان ان کي خوب ڄاڻان ٿو |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ هيءَ توهان جي امت ته هڪڙي ئي امت آهي ۽ مان توهان جو رب آهيان، تنهنڪري مون کان ئي ڊڄو |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پر پوءِ ماڻهن پنهنجي دين کي پاڻ منجهه ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، هر ٽولي وٽ جيڪي ڪجهه آهي، انهيءَ ۾ هو مست آهي |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
چڱو ته پوءِ ڇڏي ڏين پنهنجيءَ غفلت ۾ ٻڏل رهن، هڪڙي مقرر وقت تائين |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا اهي سمجهن ٿا ته اسان جو انهن کي مال ۽ اولاد وسيلي وڃون ٿا ڊگهو رسو ڏيندا |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
سو ڄڻ ته انهن کي ڀلايون ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪريون ٿا؟ نه نه، اصل ڳالهه جي ته انهن کي ڪا سمجهه ئي ڪانهي |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي رب جي دهشت کان ڊڄڻ وارا هوندا آهن |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ جيڪي پنهنجي رب جي آيتن تي ايمان آڻيندا آهن |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ جيڪي پنهنجي رب سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪندا آهن |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ ڏيندا آهن، جيڪي ڪجهه ڏيندا آهن ته سندن دليون ان خيال کان ڏڪنديون رهنديون آهن، جو کين پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اهي ئي ڀلاين ڏانهن ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ وارا ۽ اڳرائي ڪري انهن کي هٿ ڪرڻ وارا هوندا آهن |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
اسان ته ڪنهن تي به سندس وِت کان وڌيڪ بار نه وجهندا آهيون ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي جيڪو (هرهڪ جو حال) صحيح صحيح ٻڌائيندو آهي ۽ ماڻهن تي ظلم اصل نه ڪيو ويندو |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
مگر اهي ماڻهو انهيءَ ڳالهه کان بي خبر آهن ۽ سندن ٻيا ڪم به انهيءَ روش کان (جيڪا مٿي ڄاڻائي وئي آهي) هٽيل آهن (هو پنهنجا اهي بڇڙا ڪم ڪندا رهندا) |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
تان جو جڏهن اسان سندن آسودن کي پڪڙينداسون ته پوءِ هو دانهون ڪرڻ لڳندا |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
هاڻي بند ڪريو پنهنجون اهي دانهون، اسان وٽان توهان کي هاڻي ڪابه مدد ملڻي ناهي |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
منهنجون آيتون توهان کي ٻڌايون وينديون هيون ته توهان (رسول جو آواز ٻڌندي ئي) وٺي پوئين پيرين ڀڄڻ لڳندا هيؤ |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
پنهنجي هٺ هوڏ ۾ ان کي ڪا شيءِ ئي نه سمجهندا هيؤ ۽ پنهنجي ڪچهرين ۾ مٿس ڪوڙيون ڳالهيون مڙهيندا هيؤ ۽ اجايون ڳالهيون ڪندا هيؤ |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ته پوءِ انهن ماڻهن هن ڪلام تي ڪڏهن ڪو غور ئي نه ڪيو آهي ڇا؟ يا ان ڪا اهڙي ڳالهه آندي آهي، جا سندن ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي؟ |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا اهي پنهنجي رسول کي سڃاڻن ئي نٿا ڇا، جو (ان کي اوپرو سمجهي) وٺي ٿا کانئس ٽهن؟ |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا چون ٿا ته کيس چريائپ آهي؟ نه نه، بلڪه هن حق آندو آهي ۽ حق ئي انهن مان اڪثر ماڻهن کي پسند ناهي |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن حق سندن خواهشن جي ڪڍ هلي ها ته پوءِ آسمانن ۽ زمين ۽ سندن ساريءَ موجودات جو سرشتو ئي اونڌو ٿي پوي ها، نه، بلڪه اسان ته سندن پنهنجو ئي ذڪر وٽن آندو آهي ۽ هو پنهنجي ئي ذڪر کان ٿا منهن موڙين |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
تون کانئن ڪو اجورو پيو گهرين ڇا؟ تو لاءِ ته تنهنجي رب جو ڏنو ئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ هو بهترين رزاق آهي |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
تون ته انهن کي سڌي رستي ڏانهن پيو سڏين |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
پر جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃن، اهي سڌي واٽ کان پاسيرا هلڻ ٿا چاهن |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
جيڪڏهن اسان مٿن رحم ڪريون ۽ جنهن تڪليف ۾ پيل آهن، اها کانئن هٽائي ڇڏيون ته هو پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ويتر اڳرا ٿي پيا ڀٽڪندا |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
انهن جي حالت ته اها آهي جو اسان کين تڪليف ۾ وڌو، تڏهن به پنهنجي رب آڏو نه جهڪيا ۽ نه وري ٿا ڪا عاجزي اختيار ڪن |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
باقي جڏهن اسان مٿن سخت عذاب جو در کولي ڇڏيو ته پوءِ هڪدم هر ڀلائيءَ کان مايوس نظر ايندا |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
اهو الله ئي ته آهي، جنهن توهان کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت ڏني ۽ سوچڻ لاءِ دليون ڏنيون پر توهان ٿورو ئي ٿا شڪر ڪريو |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
اهوئي آهي، جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ ان ڏانهن ئي توهان گڏ ڪري آندا ويندؤ |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
اهوئي ٿو حياتي ڏئي ۽ اهوئي ٿو موت ڏئي، رات ڏينهن جي ڦيرگهير سندس ئي هٿ وس آهي، پوءِ اهو نٿا سمجهو؟ |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
پر اهي ماڻهو اهوئي چون ٿا، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريل چئي چڪا آهن |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
چون ٿا: "ڇا جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسون ۽ هڏن جو پڃرو وڃي بچنداسون ته وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
اسان به اهي وعدا پئي ٻڌا آهن ۽ اسان کان اڳ اسان جا ابا ڏاڏا به ٻڌندا رهيا هئا، اهي ته مڙئي اڳوڻن جا قصا آهن". |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
(اي نبي) چوين ته ٻڌايو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا، ته هيءَ زمين ۽ منجهس رهندڙ سموري مخلوق ڪنهن جي آهي؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
ضرور چوندا الله جي، چوين ته پوءِ ڇو نٿا هوش ۾ اچو؟ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
پڇين ته ستن آسمانن ۽ عرش عظيم جو مالڪ ڀلا ڪير آهي؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
ضرور چوندا: الله، چؤ، پوءِ ڊڄو ڇو نه ٿا؟ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
چوين: ٻڌايو جيڪڏهن ڄاڻو ٿا، ته هر شيءِ جي حڪومت ڪنهن جي هٿ آهي؟ ۽ اهو ڪير آهي جيڪو پناهه ڏيندو آهي ۽ انهيءَ کان پناهه ڏيڻ وارو ڪوبه ناهي؟" |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
ضرور چوندا: اها ڳالهه ته الله جي لاءِ ئي آهي. چوين ته پوءِ ڪٿان توهان دوکي ۾ پئو ٿا؟ |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
جيڪو حق آهي سو اسان سندن آڏو آندو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهي ماڻهو ڪوڙا آهن |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
نڪي الله ڪنهن کي پنهنجي اولاد بنايو آهي ۽ نه ساڻس گڏ ڪو ٻيو وري معبود آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته هرڪو معبود پنهنجي مخلوق کي ساڻ وٺي ڌار ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هو هڪ ٻئي تي ڪاهه ڪن ها، پاڪ آهي الله، انهن ڳالهين کان جيڪي اهي پيا ٿا گهڙين |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
لڪل توڙي پڌري جو ڄاڻندڙ. هو مٿانهون آهي انهيءَ شرڪ کان، جيڪي اهي ساڻس ڪن ٿا |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
اي نبي ! دعا گهر ته "اي منهنجا رب! جنهن عذاب جو وعدو کين ڏنو پيو وڃي سو جي منهنجي روبرو ظاهر ٿئي |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
ته منهنجا رب مون کي ظالمن ۾ شامل نه ڪجانءِ ". |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
اسان کي ته بيشڪ اها شيءِ تنهنجي اکين آڏو آڻڻ جي به سڀ ڪا طاقت آهي، جنهن جو وعدو اسان کين پيا ٿا ڏيون |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
اي نبي! خرابيءَ کي انهيءَ طريقي سان ٽار، جيڪو ڀلي ۾ ڀلو هجي. توتي جيڪي ٺاهه ٺاهن ٿا، سي اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آهن |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ دعا گهر ته "اي منهنجا رب! مان شيطانن جي وسوسن کان تنهنجي پناهه ٿو وٺان |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
بلڪه مان ته ان ڳالهه کان به تنهنجي پناهه ٿو وٺان ته هو مون وٽ اچن" |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
(اُهي ماڻهو پنهنجيءَ روش کان باز نه ايندا) تان جو جڏهن انهن مان ڪنهن جو موت اچي ويندو ته چوڻ لڳندو ته "اي منهنجا رب! مون کي ان دنيا ۾ موٽائي موڪل |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
جنهن کي مان ڇڏي آيو آهيان ته مان هاڻي نيڪ عمل ڪندس". ڪڏهن به نه، اها ته رڳو هڪ ڳالهه آهي جيڪا هو مڙئي چوي ٿو. انهن سڀني (مرڻ وارن) جي پويان هڪڙو برزخ (اوٽ) آهي، وري جيئرو ڪري اٿارڻ واري ڏينهن تائين |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جيئن ئي صور ڦوڪيو ويندو ته سندن وچ ۾ ڪابه مٽي مائٽي نه رهندي ۽ نڪي هو هڪ ٻئي بابت ڪا پڇا ڪندا |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
ان وقت جن جا پڙ (عمل) ڳورا ٿيندا اهي ئي ڪامياب ٿيندا |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جن جا پــُـڙ هلڪا ٿيندا سي اُهي ماڻهو هوندا، جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو. اهي جهنم ۾ هميشه رهندا |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
باهه سندن منهن جو ماس ساڙي ويندي ۽ سندن ڄاڙيون ٻاهر نڪري اينديون |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
"ڇا توهان اهي ناهيو جو منهنجون آيتون توهان کي ٻڌايون وينديون هيون ته توهان انهن کي ڪوڙو سڏيندا هيؤ؟" |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
هو چوندا: "اي اسان جا رب! اسان تي نڀاڳ چڙهي ويو هو، اسان سچ پچ به گمراهه هئاسون |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
اي اسان جا رب! هاڻي اسان کي هتان ڪڍ، پوءِ جي ائين وري گناهه ڪياسون ته پوءِ بيشڪ ظالم هونداسون". |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
الله جواب ڏيندن: "هٽي وڃو منهنجي آڏو، پيا هجو ان ۾ ۽ مون سان نه ڳالهايو |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
(اهي آهيو نه جو) منهنجن ٻانهن مان جڏهن ڪي چوندا هئا ته "اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو آهي، پوءِ اسان کي معاف ڪر، اسان تي رحم ڪر، تون رحم ڪرڻ ۾ سڀني رحم ڪندڙن کان ڀلو آهين |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
ته توهان انهن کي ٺٺول جو هنڌ بڻايو، تان جو انهن جي باري ۾ ضد توهان کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي ته مان به ڪو آهيان ۽ توهان انهن تي کلندا رهيا |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
اڄ سندن انهيءَ صبر جو ڦل مان کين اهو ڏنو آهي، جو اهي ئي ڪامياب آهن". |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
پوءِ الله کانئن پڇندو: "توهان ڀلا زمين ۾ ڪيترا سال رهيا هيؤ؟" |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
هو چوندا: "ڏينهن يا ان جو به ڪو حصو رهيا هئاسون، ڳڻڻ وارن کان کڻي پڇ". |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
چيو ويندن: "بس، ڪا ٿورڙي ئي گهڙي رهيا هيؤ نه، جيڪر اهو ان وقت ڄاڻو ها |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا توهان ائين کڻي سمجهيو هو ته اسان توهان کي اجايو پيدا ڪيو آهي ۽ توهان کي اسان ڏانهن ڪڏهن موٽڻو ئي ناهي؟" |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
پوءِ مٿي ۽ مٿانهون آهي الله، سچو پچو بادشاهه، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، مالڪ آهي ڀلاري عرش جو |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جيڪو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي سڏيندو، جنهن لاءِ وٽس ڪو دليل ئي ڪونهي ته ان جو حساب ڪتاب سندس رب وٽ آهي. اهڙا ڪافر ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻيندا |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
اي نبي چؤ: "منهنجا رب! خطائون بخش ۽ رحم ڪر، تون رحم ڪرڻ ۾ سڀني رحم ڪندڙن کان ڀلو آهين". |