قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
البت اهي ايمان وارا ڪامياب ٿيا. |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
۽ جيڪي بيهوده ڳالهين کان منهن موڙيندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن، |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
۽ جيڪي (پنهنجين) اگهڙن کي (حرام کان) بچائيندڙ آهن، |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
پر پنهجين زالن ۽ پنهنجين (خريد ڪيل) ٻانهين کانسواءِ، انهن تي ڪو به الزام مڙهي نه ٿو سگهجي. |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ڪنهين ٻئي طريقي سان شهوت پرستي جي) آرزو ڪندا ته اهڙا ئي ماڻهو حد کان وڌي وڃڻ وارا آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
۽ جي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام جو لحاظ رکن ٿا. |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪي پنهنجين نمازن جي پابندي ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
(آدم جي اولاد ۾) اهي ئي ماڻهو سچا وارث آهن. |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جيڪي بهشت برين جو حصو وٺندا. (۽) اهي ئي انسان ان ۾ هميشه (جيئرا) رهندا. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
۽ اسان انسان کي آلي مٽيءَ جي جوهر مان پيدا ڪيو. |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
پوءِ اسان ان کي هڪ جڳھ (عورت جي رحم) ۾ نطفو بڻائي رکيو. |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
پوءِ اسان ئي نطفي کي ڄميل رت بنايو پوءِ اسان ئي ان ڄميل رت مان گوشت جو لوٿڙو بنايو پوءِ اسان ئي لوٿڙي جون هڏيون بنايون پوءِ اسان ئي هڏين کي گوشت چاڙهيو پو اسان ئي ان کي (روح وجهي) هڪ ٻي صورت ۾ پيدا ڪيو ته (سبحان الله) خدا بابرڪت آهي جو سڀني کان چڱو بنائيندڙ آهي. |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
وري ان کان پوءِ بيشڪ اوهان سڀني کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) مرڻو آهي. |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
تنهن کان پوءِ قيامت جي ڏينهن اوهين سڀئي قبرن مان اٿاريا ويندا. |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ اسان ئي اوهان جي (مٿان تھ تي تھ) ست آسمان بنايا ۽ اسين مخلوق کان بي خبر نه آهيون. |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
پڻ اسان ئي آسمان مان هڪ اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ ان کي زمين ۾ (مصلحت موجب) ٽڪايوسون ۽ بيشڪ ان (پاڻيءَ) کي غائب ڪرڻ جي قدرت رکندڙ آهيون. |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ اسان ان پاڻي سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪيا، جو ان مان اوهان جي لاءِ (طرح طرح) جا گهڻا ئي ميوا (پيدا ٿين) ٿا انهن مان ڪن کي اوهين کائو ٿا. |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
۽ (اسان ئي زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيو) جو طور سينا جبل ۾ (گهڻو ئي) پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان تيل به نڪري ٿو پڻ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ به آهي. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ بيشڪ اوهان جي لاءِ چوپاين ۾ به عبرت آهي. ۽ (مٽي گاھ) جو ڪجھ انهن جي پيٽ ۾ آهن ان مان اسين اوهان کي (کير) پياريون ٿا ۽ جانورن ۾ ته اوهان لاءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن پڻ انهن مان ڪيترن کي اوهين کائو ٿا. |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن جانورن ۽ ٻيڙين تي چڙهي چڙهي گهمو به ٿا. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
۽ اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر بنائي موڪليو ته (نوح کين) چيو اي منهنجي قوم خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي، ته ڇا اوهين (ان کان) نه ٿا ڊڄو؟ |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
ته سندس قوم جي سردارن مان جيڪي ڪافر هئا تن چيو ته هي به ته رڳو اوهان جهڙو ماڻهو آهي (پر) هي اوهان تي بزرگي حاصل ڪرڻ گهري ٿو. ۽ جيڪڏهن خدا (پيغمبر ئي موڪلڻ) گهري ها ته ملائڪن کي نازل ڪري ها (ڀائي) اسان ته اهڙي ڳالھ پنهنجن اڳين ابن ڏاڏن ۾ (ٿيندي) نه ٻڌي. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
هو ته رڳو هڪ (عام) آدمي آهي جنهن کي چريائي ورتو آهي. مطلب ته اوهين هڪ (خاص) وقت تائين (سندس نتيجي جو) انتظار ڪريو. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
نوح (اهي ڳالهيون ٻڌي) دعا گهري: اي منهنجا پالڻهار! منهنجي مدد ڪر! هن ڪري جو هنن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي. |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
ته اسان نوح ڏي وحي موڪليو ته تون اسان جي سامهون ۽ اسان جي حڪم موجب ٻيڙي بنائي! پوءِ جڏهن اسان جو عذاب اچي ۽ تنور (مان پاڻي) اڀامي ته تون ان ۾ هر قسم (جي جانورن مان نر ۽ مادي) جوڙو جوڙو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي وهار، پر انهن مان جنهن لاءِ (غرق ٿيڻ جو) اڳ ۾ ئي اسان جو حڪم ٿي چڪو آهي (تن کي نه چاڙھ) ۽ جن ماڻهن (اسان جي حڪم کان) سرڪشي ڪئي آهي تن جي باري ۾ مون کي ڪجھ نه ڇئج! ڇو ته اهي پڪ ٻڏڻ وارا آهن. |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن سي به ٻيڙي تي چڙهي وڃو ته پوءِ چئو ته سڀ حمد ۽ واکاڻ جو لائق خدا ئي آهي جنهن اسان کي ماڻهن کان بچايو. |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ دعا گهر ته اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي (وڻراھ ۽ پاڻيءَ واري) برڪت ڀري جڳھ لاهج! ۽ تون ته سڀني لاهيندڙن کان چڱو آهين. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
بيشڪ ان ۾ اسان جي قدرت جون ڪيئي نشانيون آهن ۽ اسان کي ته رڳو سندن امتحان وٺڻو هو. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
وري انهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئيءَ قوم (ثمود) کي پيدا ڪيو. |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ انهن ۾ مان (صالح کي) رسول بنائي موڪليو (ته ان هنن کي چيو) ته خدا جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو به معبود نه آهي. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
۽ سند قوم مان ڪي سردار جي ڪافر هئا ۽ (ڏينهن) قيامت جي حاضرءَ جا منڪر هئا، پڻ دنيا جي (فاني) حياتيءَ ۾ جن کي اسان آسودو ڪيو هو، پاڻ ۾ چوڻ لڳا (اڙي!) هي ته رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي جيڪي شيون اوهين کائو ٿا سي هي به کائي ٿو ۽ جيڪي شيون پيو ٿا سي هي به پئي ٿو. |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
۽ جيڪڏهن پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو چيو مڃيندو ته اوهين ضرور نقصان وارا ٿيندو. |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
ڇا هي شخص اوهان سان وعدو ڪري ٿو ته جڏهن اوهين مرندو ۽ (مري) رڳو مٽي ۽ هڏيون (ٿي) پوندو ته اوهين (وري جيئرا ٿي قبرن مان) ڪڍيا ويندو. |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
هيءَ هيءَ اڙي! جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو (بلڪل عقل کان) ٻاهر ۽ (قياس کان) پري آهي. |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
(اڙي ڇا جو ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻ) رڳو اها ئي دنيا جي زندگي آهي. اسين مرون ٿا ۽ جيئون ٿا اسان کي (ٻيهر) جيئرو ڪري ڪين اٿاريو ويندو. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
هي (صالح) اهو شخص آهي جنهن خدا تي ڪوڙ ٺاهيو آهي ۽ اسين ته ڪڏهن به ان کي مڃڻ وارا نه آهيون. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
(اها حالت ڏسي) صالح دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! جيئن ته انهن مون کي ڪوڙو ڪيو آهي تون منهنجي مدد ڪر. |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
خدا فرمايو: (ٿورو ترس) جلد ئي اهي ماڻهو پشيمان ٿيندا. |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
پوءِ انهن کي حقيقتا سخت (دهشتناڪ) هڪل پڪڙيو ته اسان کين گند (جو ڍير) بنائي ڇڏيو. بس ظالمن تي (خدا جي) لعنت آهي. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
وري انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون. |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ڪا به امت پنهنجي مقرر وقت کان نه اڳي وڃي سگهي ٿي ۽ نه (ان کان) پٺتي رهي سگهي ٿي. |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
وري اسان لڳاتار هڪ ٻئي پٺيان پنهنجا رسول موڪليا (پر) جڏهن به ڪنهن قوم وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو ڪيو ته اسان به (اڳي پوءِ) هڪ ٻئي پٺيان (هلاڪ) ڪندا رهياسون پڻ اسان انهن کي (برباد ڪري) افسانو ڪيوسون. پوءِ جيڪا قوم ايمان نه ٿي آڻي تن تي (به) خدا جي لعنت آهي. |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
وري اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان (رسول بنائي) موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ سندس درٻار جي اميرن ڏي، ته انهن وڏائي ڪئي ۽ هئا ئي سرڪش. |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
ماڻهو پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته اسين پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن کي مڃيون هوڏانهن (انهن جي پوري) قوم وارا اسان جي خدمت ڪندڙ آهن. |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
مطلب انهن ٻنهين کي ڪوڙو ڪيو نيٺ اهي برباد ڪيا ويا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) هن ڪري ڏنو (ته) من اهي رستي تي اچن. |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ اسان مريم جي پٽ (عيسى) ۽ سندس ماءُ کي (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون ۽ انهن کي رهڻ جي قابل ۽ وهندڙ چشمي واري وهندڙ پاڻيءَ واريءَ مٿاهينءَ زمين تي رهياسون. |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
۽ (منهنجو حڪم عام هو) اي (منهنجا) پيغمبرو! (پاڪ ۽) صاف شيون کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو (ڇو ته) اوهين جيڪي ڪريو ٿا آءُ تنهن کان بخوبي واقف آهيان. |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ بيشڪ هيءُ اوهان جو دين (اسلام) هڪڙو ئي دين آهي ۽ آءُ اوهان جو پالڻهار آهيان، پوءِ مون کا ئي ڊڄو. |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پوءِ ماڻهن پنهنجي ان ڪم (۾ اختلاف ڪري) ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. ان ۾ جنهن گروھ وٽ جو ڪجھ ان وٽ آهي تنهن سان ئي خوش آهي. |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
پوءِ (اي رسول) تون انهن کي سندن غفلت ۾ هڪ وقت تائين (پيل) ڇڏي ڏي. |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا اهي ماڻهو خيال ڪن ٿا ته جو مال ۽ اولاد اسين انهن کي ڏيون ٿا، |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
ته اسين انهن سان ڀلايون ڪرڻ ۾ جلدي ڪريون ٿا (ائين نه آهي) پر اهي نٿا سمجهن. |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي پروردگار جي دهشت کان ڊڄندا رهن ٿا، |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي (قدرت جي) نشانين تي ايمان رکن ٿا، |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ جيڪي پنهنجي پالڻهار سان (ڪنهن کي) شريڪ نه ٿا ڪن. |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي سرنديءَ آهي خدا جي واٽ ۾ ڏين ٿا ۽ (پوءِ به) سندن دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري جو انهن کي پنهنجي پالڻهار جي بارگاھ ۾ موٽڻو آهي، (الائي ڇا ٿئي!) |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اهي ڀلائين ڪرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي انهن (ڀلائين) ڏي (ٻين کان) اڳي وڌي رهيا آهن. |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
۽ اسان ته ڪنهين شخص کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف ڏيندائي نه آهيون. پڻ اسان وٽ ته (ماڻهن جي اعمال جو) ڪتاب آهي جيڪو بلڪل سچو حال ٻڌائي ٿو ۽ انهن جي (ذري جيتري به) حق تلفي نه ڪئي ويندي. |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
بلڪ انهن جون دليون ان کان غفلت ۾ پيون آهن پڻ ان کان سواءِ سندن ڪيئي عمل آهن جن کي اهي ڪندا رهن ٿا. (۽ مڙن نٿا) |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
ايستائين جو جڏهن اسان سندن آسودن کي عذاب ۾ پڪڙينداسون ته اهي ماڻهو واويلا ڪرڻ لڳندا. |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
(تنهن وقت چيو ويندو ته) اڄ هاءِ گهوڙا نه ڪريو، اوهان کي هاڻي اسان جي طرف کان مدد نه ٿي ملي سگهي. |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
جڏهن اسان جون آيتون اوهان جي اڳيان پڙهيون وينديون هيون ته انهن کان پيرين ڦري ويندا هئا. |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
(۽) اوهين آڪڙ ڪندي قصو (ڪهاڻي) چوندي ان کي ڇڏي ڏيندا هئا. |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ته ڇا انهن ماڻهن (اسان جي) ڳالھ (قرآن) تي غور نه ڪيو؟ يا انهن وٽ ڪا اهڙي نئين ڳالھ آئي جيڪا انهن جي ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي؟ |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
ڇا انهن ماڻهن پنهنجي رسولن کي ئي ڪين سڃاتو جو جنهن ڪري سندس انڪار ڪري ويٺا. |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا چون ٿا ته ان کي چريائي ورتو آهي (هرگز کيس چريائيءَ نه ورتو) پر اهو ته انهن وٽ حق جي ڳالھ وٺي آيو آهي. پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو سچي ڳالھ کان ڪراهت رکندڙ آهن. |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن حق سچ سندن نفساني خواهشن جي پيروي ڪري ها ته سڀ آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ۾ آهي (سڀئي) برباد ٿي وڃن ها. پر اسين ته سندن ڳالهيون (جبرائيل جي ذريعي) وٽن موڪليون ته اهي ماڻهو پنهنجين ئي ڳالهين کان منهن موڙين ٿا. |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
(اي رسول) ڇا تون انهن کان (پنهنجيءَ رسالت) جي ڪجھ اجرت گهرين ٿو، ته تنهنجي پروردگار جي اجرت ان کان گهڻو چڱي آهي پڻ اهو ته سڀ کان بهتر روزي ڏيڻ وارو آهي. |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
۽ تون بيشڪ انهن کي سڌي راھ ڏي سڏيندڙ آهين. |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
۽ هن ۾ شڪ نه آهي ته جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا رکن سي سڌي راھ کان ٿڙيل آهن. |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
۽ جيڪڏهن اسين انهن تي ترس کائون ۽ جي تڪليفون کين (ڪفر ڪرڻ جي ڪري) پهچي رهي آهيون تن کي ٽاري ڇڏيون ته پڪ اهي ماڻهو اڃان به پنهنجي وڏائي (۽ بي پرواهيءَ) تي ڄميا رهن ۽ ڀٽڪندا وتن. |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
۽ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو تڏهين به اهي ماڻهو نه تنهنجي پروردگار جي اڳيان جهڪيا ۽ نه عاجزيءَ سان ٻاڏايون. |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
ايتري قدر جو جڏهن اسان انهن جي اڳيان هڪ سخت عذاب جو دروازو کوليو ته پوءِ يڪدم اهي نااميد ٿي ويهي رهيا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
هوڏانهن هو اهو (مهربان خدا) آهي جنهن اوهان جي لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دل (جهڙا بي بها عضوا) پيدا ڪيا (پر) اوهين آهيو ئي تمام گهٽ شڪر ڪرڻ وارا. |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان کي سموري زمين ۾ (هر جڳھ) ڦهلائي ڇڏيو ۽ وري هڪ ڏينهن) اوهين سڀئي ان جي اڳيان گڏ ڪيا ويندو. |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
۽ هو اهو (خدا) آهي جيڪو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو پڻ رات ڏينهن کي بدلائيڻ به سندس اختيار ۾ آهي. ته ڇا اوهين ايترو به نه ٿا ڄاڻو؟ |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
(انهن سچين ڳالهين کي ڇا سمجهندا) پر جيڪي اڳلا ماڻهو چوندا آيا ساڳي ڳالھ هي به چوڻ لڳا، |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
ته جڏهن اسين مري وينداسون ۽ (مري) مٽيءَ ۽ هڏيون ٿينداسون ته ڇا وري ٻيهر (قبرن مان جيئرا ڪري) ڪڍيا وينداسون؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
ان جو وعدو ته اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان به (ڪيئي ڀيرا) ڪيو ويو آهي، هي ته رڳو اڳين ماڻهن جا ڏٽا آهن. |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
(اي حبيب! کين) چئو ته ڀلا جيڪڏهن اوهين ماڻهو ڪجھ ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو) هيءَ زمين ۽ جيڪي ان ۾ آهي، ڪنهن جو آهي؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
اهي يڪدم جواب ڏيندا ته خدا جو. تون چوين ته ڇا اوهين اڃا به غور نه ڪندا؟ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
(اي رسول) تون (انهن کان) پڇ ته ستن آسمانن جو مالڪ ۽ (هيڏي) وڏي عرش جو مالڪ ڪير آهي؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
ته يڪدم جواب ڏيندا ته (سڀ ڪجھ) خدا جو ئي آهي. هاڻي کين چئو ته ڇا اوهين اڃا به ان کان نه ڊڄندا؟ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
(اي رسول) تون (انهن کان) پڇ ته ڀلا جيڪڏهن اوهين ڪجھ ڄاڻو ٿا ته (ٻڌايو ته) اهو ڪير آهي جنهن جي اختيار ۾ هر شيءِ جي شهنشاهيت آهي، اهو (جنهن کي گهري ٿو) پناھ ڏئي ٿو ۽ سندس (عذاب) کان پناھ نه ٿي ڏيئي سگهجي. |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
ته اهي ماڻهو يڪدم چوڻ لڳندا ته (سڀ اختيار) خدا کي ئي آهي. هاڻي کين چئو ته اوهان تي جادو ڪٿي ڪيو ويندو آهي. |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
ڳالھ هيءَ آهي ته اسان انهن تائين سچي ڳالھ پهچائي ڇڏي ۽ اهي ماڻهو پڪ ڪوڙا آهن. |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
نه خدا ڪنهين کي پنهنجو پٽ بڻايو آهي ۽ نه ان سان گڏ ڪو ٻيو خدا ئي آهي (جيڪڏهن ائين هجي ها ته) پوءِ هر خدا پنهنجيءَ پنهنجيءَ مخلوق کي وٺي وٺي ڦرندو وتي ها ۽ پڪ هڪڙو ٻئي تي چڙهائي ڪري ها (۽ وڏي جنگ ٿئي ها) جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (خدا بابت) ڳالهائن ٿا تنهن کان خدا بلڪل پاڪ پاڪيزه آهي. |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
اهو لڪل ۽ ظاهر (سڀني) کان چڱيءَ طرح واقف آهي مطلب ته اهو سندن شرڪ کان (بلڪل پاڪ ۽) بلند آهي. |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
(اي حبيب!) تون دعا گهر ته اي منهنجا پالڻهار جنهن (عذاب) جو تو انهن سان واعدو ڪيو آهي، جيڪڏهن شايد تون مون کي ڏيکارين. |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
ته پروردگار مون کي انهن ظالمن سان گڏ نه ڪج! |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
۽ (اي حبيب!) اسين پڪ ان ڳالھ تي قادر آهيون ته جنهن (عذاب) جو اسان انهن سان وعدو ڪيو ڪريون ٿا تو کي ڏيکاريون. |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
۽ بڇڙي ڳالھ جي جواب ۾ اهڙي ڳالھ چئو جا تمام چڱي هجي. اهي ماڻهو جو ڪجھ (تنهنجي لاءِ) چون ٿا تنهن کي اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا. |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
پڻ (هيءَ به) دعا گهر ته اي منهنجا پروردگار! آءُ شيطان جي وسوسن کان تنهنجي پناھ گهران ٿو |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
۽ اي منهنجا پالڻهار هن (ڳالھ) کان به تنهنجي پناھ گهران ٿو ته ڪو شيطان مون وٽ اچن. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
(۽ ڪافر ته ڪڏهين به نه مڃيندا) تان جو انهن مان ڪنهن وٽ موت آيو ته چوڻ لڳا: پروردگارا! تون مون کي (هڪ ڀيرو) هن جاءِ (دنيا) ۾ جنهن کي آءُ ڇڏي آيو آهيان وري واپس ڪر! |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
ته آءُ (هاڻي) سٺا سٺا ڪم ڪريان (کين چئبو ته) هرگز نه. اها هڪ بيڪار ڳالھ آهي جنهن جي اهو بڪواس ڪري رهيو آهي. ۽ انهن جي (مرڻ کان) پوءِ برزخ جو (زمانو) آهي (جنهن ۾) ان ڏينهن تائين جو ٻيو ڀيرو قبرن مان اٿاريا ويندا. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جڏهن صور ڦوڪي ويندي ته ان ڏينهن ماڻهن جون نه قرابتداريون رهنديون ۽ نه هڪ ٻئي جي ڳالھ پڇندا. |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
پوءِ جن جي نيڪين جا پڙ ڳرا هوندا ته اهي ئي شخص ڪامياب هوندا. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جن جي (نيڪين) جا پڙ هلڪا هوندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پپنهنجو پاڻ نقصان ڪيو (۽) هميشه دوزخ ۾ رهندا. |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
دوزخ جي باھ سندن منهن بگاڙي ڇڏيندي ۽ اهي ان ۾ بدشڪل هوندا. |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
(تنهن وقت اسين پڇنداسون ته) ڇا اوهان جي اڳيان منهنجيون آيتون ڪين پڙهيون ويون هيون؟ (پڪ پڙهيون ويون هيون) ته اوهين انهن کي ڪوڙ سمجهندا هئا. |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
اهي جواب ۾ چوندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان تي اسان جي بدبختي زور پئجي ويئي ۽ اسين گمراھ ماڻهو هئاسون. |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
اي رب! اسان کي (هاڻي) ڪنهين طرح دوزخ ما ڪڍ! پوءِ جيڪڏهن وري ائين ڪريون ته پوءِ اسين قصور وارا آهيون. |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
(خدا) فرمائيندو: پري ٿيو! هن ۾ (اوهان کي رهڻو پوندو) ۽ (بس!) مون سان ڳالهايو به نه. |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
منهنجن بندن مان هڪ گروھ اهڙو به هو جيڪو (سانده) هي دعا ڪندو رهندو هو ته اي اسان جا پروردگار اسان ايمان آندو ته تون اسان کي بخش! ۽ اسان تي رحم فرمائي جو تون سڀني رحم ڪرڻ وارن کان چڱو آهين. |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
ته اوهان ماڻهن انهن تي چٿرون ڪيون تان جو (ڄڻ ته) انهن ماڻهن اوهان کان منهنجي ياد وسارائي ڇڏي ۽ اوهين انهن تي سدائين کلندا رهيا. |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
مون اڄ انهن کي سندن صبر جو سٺو عوض ڏنو جو اهي ئي ماڻهو پنهنجي مراد کي (چڱيءَ طرح) پهچڻ وارا آهن. |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
(وري انهن کان خدا) پڇندو ته (نيٺ) اوهين زمين تي ڪيترا سال رهيو؟ |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
اهي چوندا (ڇا جا سال) اسين ته رڳو هڪ ڏينهن رهياسون يا هڪ ڏينهن کان به گهٽ، تون شمار ڪرڻ وارن کان پڇي ڏس! |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
(خدا فرمائيندو: بيشڪ اوهين (زمين ۾) گهڻو گهٽ رهيو! ڪاش اوهين (ايتري ڳالھ به دنيا ۾) سمجهندا هجو ها. |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ته ڇا اوهين اهو خيال ڪيو ٿا ته اسان اوهان کي (ائين ئي) بيڪار پيدا ڪيو ۽ هي ته اوهين اسان جي حضور ۾ موٽايا نه ويندو. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
ته خدا جيڪو سچو شهنشاھ (هر ڳالھ کان) برتر اعلى آهي. جنهن کان سواءِ ڪو (به) معبود نه آهي. اهو ئي عزت واري عرش جو مالڪ آهي. |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جو شخص خدا سان گڏ ٻي جي عبادت ڪندو، ان وٽ هن جي لاءِ ڪا ثابتي نه آهي، هن جو حساب (ڪتاب) هن جي پروردگار وٽ آهي. (ياد رکو) بيشڪ ڪافر ڪامياب نه ٿيندا. |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
۽ (اي رسول) تون چئو: پروردگار! تون (منهنجي امت کي) معاف ڪر! ۽ رحم فرمائي! ۽ تون سڀئي رحم ڪندڙن کان چڱو آهين. |