قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
تَن مؤمنن کي موورهِين، ٿٖئي نَصِيب نجات، |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جي، سَندنِ نِماز ۾ |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
ڀَڄندڙ ڪنان بَڪوات، |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
مَنجھان مال زڪوات، |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
۽ جي سَندِن ننگ ناموس جا، راکا ڏِينهان، رات، |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
مگر گَھرسَندنِ ۽ گوليون، پوءِ اُهي ڇِينڀان ڇُٽل ذات، |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
جَن، تَن ري، ڪئِي ٻِي تات، اُهي لَنگھيل لَڄ، شرم کان. |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
جي واهِي وَٽِن وَٿن جا، پڻ سَندنِ عَهد، اَنجام، |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ جي نگاه سَندنِ نمازن جِي، رَکن صُبح، شام، |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
بيشڪ باغ بهشت جا، وارِث اِهي وَريام، |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
اِهيئـِي مُلڪ مَلِير، سو ماڻِيندا مُدام، اُهي سان آرام، دائـِم داخِل اُن ۾. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
۽ ماڻهو جوڙيو سون مُورهِين، مَنجھان مِٽِيءَ جي سَت، |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
ڦيري ڪيوسون، پوءِ ڦڙو، اُنهيء کي البت، قابو هَنڌ قَرار ۾، ستاڙا ڇھ، ست، |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
ڦيري وَرِي ڦڙي کي، ڪيوسون روڙهو رَت، وَرِي ٻوٽِي ٻَڌل رت کي، ڪيوسون، سِين قُدرت، ٻوٽِي کي ٻِيهار هَڏا، بناياسون ڪِنهن ڀَت، مَڙهيوسون ماس هڏن تي، مُوجِب مَصلحت، وَرِي جوڙيوسونسِ، جوڙي ٻِي، مُوچارِي مُورت،پوءِ اَلله جَلَّ جَلاله، ٿيو بَرکه مَنجھ بَرڪت، سُهڻو هَر صُورت، جُملي جوڙِيندڙن ۾. |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
اِنهيان پوءِ موت جو، اَوهِين سڀ شِڪار، |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
موٽِي مَحشر وار، اَوهِين سَڀ اُٿارِبا. |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ سَت جوڙياسون اَوهان مَٿان، عجب آسمان، ۽ ڪَنان جوڙ جَھان، وٖير نه آهيون وٖيسلا. |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ آب اُتاريوسون اُڀ ڪنان، ڪَٿٖي ساڻ قَدر، جوڙي ڏِنوسون جاءِ تِنهن، بيشڪ ڀُون اَندر، ۽ سَندسِ نِيَڻ کي، نَئـِين سِر، پُهچندڙ آهيون پَڪ سان. |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ آن لئي اُپاياسون اُن اسان، با-غ کَجيون، اَنگُور، پڻ ميوا موڪ مُور، جُڃون ڪَريو جَن مان |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
پڻ وَڻ آهي اُڀرندو، طُور سِينا پار، جو ڪري تيل تيار، ۽ ٻوڙ خاطِر کِيندڙِين |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ چڱو چوپايَنِ ۾، آن لئي، سَبق سُڌير!، پِياريون پيٽ سَندنِ مان، آن کي خالِص کِير، ۽ نفعااوهان لئي اُنهن ۾، ڪيتراڪَثِير،۽ ڪي کائو |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ ڪن تي، پڻ واهڻن تي وِير! مَنجھ سُڪِي ۽ سِير، سائـِين کَڻِي سُوارڪيان. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
۽ نوح سَندسِ نيات ڏي، مُڪوسون مَهندار، چي، قوم پُوڄيو ڪِريم کي، ٻِيو ڌَڻِي، نَه جِنهن ڌار، آخِر ڪِنهن آڌار، ڀَورا! ڀَو نَه ڀانئيو. |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
۽ ڪَهيو سَندسِ قوم مان، جنهن فِرق ڀَڳو فَرمان، هِي نه آهيم مگر مُورهِين، اَوهان جِيئن اِنسان، گُھري اوهان پاڻ تي، مُفت مَٿاهُون مانَ، ۽ اَلله اِرادو جي ڪيو، ته مَلڪ مُڪان مَنَّان، هِي ڪَنِين ٻُڌِيسون ڪانه، پَنهنجي پِيَنِ پِهريَنِ ۾. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
هِي ناهي، مگر مَرد ڪو، جنهن کي لَڳت جِي لَغار، پوءِ ڪَڍوسِ اِنتظار، ڏِسوسِ ڪٖي ڏِينهڙا. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
چَيائـِين، ته مُنهنجِي، مُون ڌَڻِي!، وِهلوڪر واهر، ڪارڻ تِنهن قَهار!، جو مون کي ڪُوڙو ڪوٺِئيون. |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
پوءِ اَسان ڪَيسِ اِلهام، ته جَلدِي ٻيڙِي جوڙ تون، اَسان جي اَکيُنِ اَڳيان، ۽ مُوجِب وَحِي وَريام!، پوءِ جڏهن اَمر اَسان جو آئيو، ۽ اُڌميو تَنُور تَمام، پوءِ هر جوڙيان، ٻَه مَنجھسِ چاڙھ، پڻ سندئـِي عيال اِمام، مگر اُنهن مان، جَن تي، اَڳي لَڳو اِلزام، پڻ آهِن جي اَنڌير تي، تَن لئي، ڪُڇ نَه ڪَلام، آهِن اِهي اَظلام، ڇَر ۾ ڇوليون ٿِـيَئڻا. |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوِ جَڏهن تون ۽ ساٿِي تُنهنجا، ٿيا ٻيڙِي مَنجھ سُوار، ته آهي، شُڪر اَلله جو، چورِيو تند توار، ڪَياسون جِنهن ڪَلتار، آجا ظالِم ذات کان. |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ چَئو، لاهِينمِ لاهو لاھ ۾، سانيمِ! سُهڻي هَنڌ، ۽ خاصو تون خداوند!، لاهِيندڙ لَهرِيُنِ مان. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
آهي عِبرت اُن ۾، جُملي ڪاڻ جھان، ۽ اَسِين اِمتحان، وھ! جو وَٺندڙ آهيون. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
وَرِي جوڙيا سون جُڳ ٻِئا، تِنيان پوءَ تڪرار، |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ مَنجهنِ مُڪو سُون تن منجھان، ڪو مرسل مڻيادار، ته پُوڄيو پَرور هيڪڙو، ٻِيو ڌَڻِي، نه جِنهن ڌار، آخِر ڪِنهن آڌار، ڀورا! ڀَئو نه ڀانيو؟. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
۽ ڪهيو سَندسِ قوم مان، جو ميڙيو ٿيو مُنڪر، ۽ ڪُوڙو ڪوٺيون آخِرت جو، ميلو مَنجھ مَحشر، ۽ ڪيو سون آسودُو اُنهن کي، مَنجھ دُنيا دَم گُذر، هِي ناهي، مگر مُورهِين، اِنسان اَوهان وانگر، کائي جو کائو اَوهين، ۽ پِيئـِي، پيئو جنهِين پَر، |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
ماڻهون پاڻ مِثال جو، جي مَڃيان، سو مُقررّ، آهيو پوءِ آخِر، نِسوري نُقصان ۾. |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
ڇا؟ اوهان کي اَنجام ڏئي، ته جڏهن مَرِي وِيا مُور، ۽ مِٽِي ڀيرِي مِٽِيءَ سان، ۽ هُوندا هَڏچُور، تڏهن، نيٺ آهيو نِڪرڻا، منجھان زمين ضرور، |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
سو ٿِيو ڏُوران ڏُور! جِنهنجا ٻول ٻڌائـِينِيان. |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
جِيئَڻ نَه اسان جو مُورهِين، دُنيا فانِي ڌار، ۽ مَرون جِيون جِنهن ۾، مُقرّر موت ڄمار، ۽ تِهان پوءِ تڪرار، اَسِين نه اُٿڻا آهيون. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
هِن مَرد رڳو اَلله تي، ٺاھيا ڪُوڙ فُتور، ۽ مَڃڻ وارا مُور، اَسِين نه آهيون اُن کي. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
چيائـِين، ته مُنهنجِي، مُون ڌڻي! وَهلو ڪر وَاهر، ڪارڻ تِنهن قهار!، جو مُون کي ڪُوڙو ڪوٺيؤن. |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
چي، ٿيندا ٿورِئَ دير کان، هِيڻا هِيين هور، |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
پوءِ ڌَڪاءُ دهشتناڪ ڪِنهن، وَرتن واجِب تور، پوءِ ڪيو سونِ ڀُڪاڀور، پوءِ بيدِي، بيدادن لئي. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
جوڙياسُون جُڳ ٻِئا، ڪي پَدمِين تَن پُڄاڻ، |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ٽاڻي پَنهنجي کاڻ پاڻ، ڪا اُمّت نه اڳ، نه پوءِ ٿئي. |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
مُڪا سُون مُرسل پَنهنجا، وَرِي وارو وار، جڏهن جنهن جماعت ۾، کڻِي نِياپا نِبار، آيو مُرسل اُنهن جو ته، ڪُوڙو چَيسِ ڪُفار، پوءِ هَلايو سونِ هِڪ ٻئي پُٺيان، پوءِ ڪيوسونِ يادگار، پوءِ لَعنت لڳاتار، جي نه مَڃِين تِنهن ميڙ تي. |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
مُڪو سون مُوسٰى وَرِي، پڻ هارُون هُنجو ڀا، پَنهنجي پَڌرايُن سان، پڻ سَنَد ساڻ صَفا، |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فَسادِي فِرعون ڏي، پڻ اُنِهيءَ جا اُمرا، پوءِ ڀانيؤ پاڻ بَڙا، ۽ هُئا زَبردست ذات ڪا. |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
چي، مَڃون ڪِ ٻن ماڻهوين؟ جي اسان جِيئن اِنسان، ۽ آهي اَسان وَٽ، ذات جَن، گولِي بي گمان، |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
پوءِ ٻِنهِين کي ڪُوڙ ڪوٺيؤن، ٿِيا ناس نِڌان، |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ ڪتاب مُوسٰى مِير تي، اَسان ڪيو اِحسان، ته پَڙهِي پَروڙي مانَ!، وَٺِن وَهِين واٽڙِي. |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ ڪياسون، مريم پُٽ ۽ ماڻسِ ٻئـِي، نِشانِي نِروار، ۽ جِتي جَر ۽ جِئَ قَرار، سو ماڳ ڏِنوسونِ ماٿرِي. |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
کائو پاڪ پيغمبرو!، پڻ ڪريو چڱِي ڪار، جيڪِي ڪريو جَھان ۾، آئون سَڀ سو سَمجھدار، |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ هِي اُمت، اُمت هيڪڙِي، اَوهان جِي اِظهار، ۽ آئون اَنهن جو پالڻهار، پوءِ ڪَنبو مُون قهار کان. |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پوءِ وِراهيؤن پاڻ ۾، سَندنِ يَڪو ڪم ڪار، ڪُوڙن ڪِتابن سان، فِرقا، فِرقا ڌار، هَر اُمّت، جيڪي اُن وٽ، تنهن تي باغ بهار، |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
پوءِ ڇَڏتِنِين تڪرار، وٖيسر سَندنِ ۾، وارڪا. |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا ڀانئـِن ٿا ڀورا؟ ته جيڪِي جَجھو ڏِيونِ ٿا، گھوڙا، ٻيڙا، گھوٽيا، نُور چشم، نورا، |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
سي تمام تڪڙا، تَن مَٿي، ٿاڦيون ٿا ٿورا، نه سَمجھن نِدورا، بَلڪ بيان ڳالھ جو. |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
اُهي، جي ڏَرندڙ ڏِيل ۾، سَندنِ ڌڻِئَ جي ڊاء، |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ سانئـِين جي سُهڃاڻِيَنِ ۾، جي وَڏو رکن ويساھ، |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ ڪَن نه سَندنِ سانِئينءَ سان، ڪو هٿ گَھڙيو هَمراھ، |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ جو ڏِين، سو ڏيئـِي چُڪا، ربَّ سَچي جي راھ، ۽ ڏَرندڙ ڏِيل اُنهن جا، ته سَچ پَچ سَنجھ، صُباح، مُورِهين آهِن موٽڻا، سَندنِ ڌَڻِيءَ جي دَرگاھ، |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اُهي چَڱا چَڱاين ڏي، آهِن ڪندڙ ڪاھ، ۽ اُهي اِنعامون اَلله، مَهند آهِن ماڻڻا. |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
۽ ڪَم نه رکون، ڪنهِن جان تي، مگر جنهن کي پُهچي پاڻ، ۽ ليک اَسان پٽ لوح ۾، چَوي سُچا سُهڃاڻ، ۽ اڳتي اُنهن ساڻ، ظُلم نَه ذري جو ٿِئي. |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
اُٽلو اُنهن جا، هِن کان، ويسر مَنجھ وُجود، ۽ آهن عَمل اُنهن جا، هِن سوا، ٻِيا بي سود، هِي مِڙوئـِي مَردود، ڪوشش ڪندڙ اُن لئي. |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
پوءِ جڏهن جَھلياسون جَنجال ۾، تن مان، زَر۾ زور، ته اِجھو ڍِڪن پِيا ڍور جِيئن، |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
اَڄ نه ڍِڪو اي ڍور! توهان لئي ڪِنهن طور، وَرندو نه اَسانوٽ واهُرو. |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
جڏهن پَڙهبا هُئا مُنهنجا، اوهان تي اُهڃاڻ، پوءِ کُڙيَن ڀَرهُئا کِسڪندا، ٿِي پَڏائـِيندڙ پاڻ، |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
اِنهِئَ آکاڻِئَ ساڻ، پِيا وِڦلندٖي وِهان ئـِيو. |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ڇا نه ڳَرهيون ڳالھ کي؟ يا آين اُها ڳالھ، جا آئـِي ڪِين ڪالھ، سَندنِ مَهندِيَن مائـِٽين. |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا صَحِي سَڃاتؤن ڪِينڪِي، پَنهنجو پَيغمبر پاڻ، تِڏهن تنهن ڪاڻ، آهِن، اِنڪاري اُن ڪنان. |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا چون اِهڙي چال، ته هِن کي، جَھڙپ جِن جِي، بلڪ آندِئين اُنهن وَٽ، صَفا سَچِي ڳالھ، ۽ رکندڙ بُغض بَحال، اَڪثر اُنهن مان، سَچ سان. |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ هُوند سَندنِ سَڌن پُٺيان، جي حق لڳي هيڪار، ته ڀُون يون، اُڀ بَرباد ٿيا، پڻ جيڪي مَنجھنِ جِنسار، اُٽلو آندِيسون اُنهن لئي، سَندنِ سار سَنڀار، پوءِ هِي ڪنان سَندنِ سارِ، مُنهن موڙِيندڙ مورهِين. |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
ياتون ڪو گُھرين تن کان، پورهيو پار پگھار؟، پوءِ پورهيو تُنهنجي پَرور جو، بِهتر بَرقرار، صاحب ربُّ، ستار، ڀلو ڀَتارن ۾ گھڻو. |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
۽ تون سَڏئـِينِ، سَنئينءَ واٽ ڏي، |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
۽ جي نه مَڃِين آخِرت، آهِن اُهي اَلبت، وِنگاوِيندڙ واٽ کان. |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
۽ جي ڪريون ڪَرم اُنهن تي، ۽ الاهيون سڀ لاچار، ته ويتر ويرو تار، اُجهن سَندنِ اَنڌڪار ۾. |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
۽ پَڪ پڪريو سون اُنهن کي، منجھ بارن بارو بار، پوءِ پنَهنجي پاڪ ڌِڻئَ کي، نَه نِوڙيا ڪاروڪار، پڻ زاريون و زار، ڪِين ڪيائون اُن کي. |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
تان اُنهن تي، سَخت عذاب جو، دَرپٽيو سون، جِنهن پَل، ته اِجھو آسر پَل، آهن اُن عَذاب ۾. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ اَ کيون، ڪَن اَوهان جا، جوڙيا جِنهن جبّار، پڻ قَلب برقرار، اوهين ٿورا ٿورا ڳائيو!. |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
۽ اُهو جِنهن اوهان کي جوڙيو، ڀَري ڀُون سارِي، ۽ وَرِي ڪِنهن وارِي، مِڙئي اُن ڏي ميڙبا. |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
۽ اُهو، جو جِياري جَڳه کي، ۽ ماري، سو مُخْتيار، ۽ مَٽاسَٽا، ڏِينهن، رات جِي، اُن جي اِختيار، پوءِ قُدرت جا ڪِرادار، ڪهڙي سبب نه سوچيو؟ |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
بَلڪل بي شُعور، چَون جِيئن اَڳيَن چيو، |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
ته چي، جڏهن مرِي وِياسون ماڳِهين، ۽ مٽِي ٿياسون مُور، ۽ هُونداسون هَڏچُور، اَسِين ڪِيئن اُٿڻا آهيون؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
اَسان ۽ اَسان جي اَبن کي، وِيا اَ ڳي، هِي ٻُڌايا ٻول، ڪونهي اِهوقول، ري آکاڻِيَنِ اَڳِيَن جي. |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
جي صَحِي سَمجھندا آهيو، ته |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
آکِيندا اِظهار، آهي اَلله اهارِ، چئو، پوءِ ڇو پِرايو ڪِين ٿا؟ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
چئو، آهي سَتن اُڀن جو، سائـِين ڪير سُڄاڻ؟ پڻ آگوش عَرش عَظِيم جو، |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
چِٽو چوندا پاڻ، ته آهِن اَلله ڪاڻ، چئو، پوءِ ڇاکان ڀَو نه ڀانيو؟ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
چئو، آهي ڪِنهن جي هَٿ ۾، سڀ شيء جِي سنڀال؟ ۽ اُهو بَچائي، اُن کان، ٻِيو نه بَچائي بَحال، جي صَحِي آهيو سَمجھندا، |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
ته چوندا اِهڙِي چال، ته مِڙئـِي مالِڪ نال، چئو، پوءِ ڪِٿان ڪامِڻ ڪيا وڃو؟ |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
اُٽلو آندوسون اُنهن لئي، صَفا سچو مَذڪُور، ۽ اُهي مُوڙهل مُور، ڪُوڙا آهِن قول ۾. |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
ڌُران پُٽ نه ڌاريو، ڪِنهِين کي ڪَلتار، ۽ سانئـِين، ساڻِس نه اهي ڪو، بِلڪُل ڀائيوار، تڏهين ته سائـِين سَڀ ڪِنهن، جوڙيا جي جِنسار، وِراهي ڌَڻ پَنهنجا، ڪيا ڌارو ڌار، ۽ هِڪڙا ٿِيا ٻِئن تان، مُقرر مَهندار، جيڪي بَڪِين ٿابيڪار، پَرور تِنهن کان پاڪ گھڻو. |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
ڳُجھي ، پَڌرِي ڳالھ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، جَن کي ڀانِئينِ ڀائيوار، اَلله اَعلىٰ اُن ڪنان. |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
چئو، جو چَوِين اُنهن کي، سوجي ڏيکارِينمِ ڏاتار!، |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
پوءِ بِلڪُل نه ڀيرو ڪار، مُون کي ظالم ذات ۾. |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
۽ سوجي توکي ڏيکاريون، جو ٻولايونِ ٻِيهار، ته آهيون اَسِين اِظهار، قادِر اِن ڪم ڪار تي. |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
مَدِي ٽار، اُن سان، چَڱِي جيڪا چال، جي باتيون ڪَن بَطال، اَسِين آگاه اُن ڪنان. |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ چَئو، شيطانن جي شَرکان، آءٌ سانيمِ! تُنهنجِي سام، ۽ پَرور! |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
۽ چَئو، شيطانن جي شَرکان، آءٌ سانيمِ! تُنهنجِي سام، |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
تان موت اُنهن مان، ڪِنهن مَٿي، جڏهن سِرتي ٿيو سُوار، چي، مون کي، موٽِي ماڳه تي، مُنهنجا والِي! وار، |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
تان چڱا ڪريان ڪَم سي، جي تَرڪ ڪَيَمِ تڪرار، سَمجھ ته اِي، اُن اکر جو، ٻوليندڙ ٻِيهار، ۽ آهي پَردو اُنهن پُٺيان، قائـِم برقرار، تان وِيندي اُنهِئَ وار، ته آخِر وَڃن اُٿارِيا. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جَڏهن ڏَنڊ ۾ ڦُوڪبو، پوءِ تَن وِچ، نَسب نه، نيات، ۽ نَه تَڏهن ساڻنِ بات، ته تون ڪير؟ ڪهڙٖي ڪٖيڙ مان؟ |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
پوءِ ڳَرا ٿيا پُڙ جِنهنجا، اُهو آزاد، کان آزار، |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ پُڙ پاساجنهنجا، هَلڪا ٿِيا هيڪار، اُنهن پاڻهِين وِڌو پاڻ کي، هَڙ موڙِي سان، مَنجھ هارِ، اُهي ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ داخِل اُن ۾ دائـِما. |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
مَچ ساڙِيندنِ مُنهنَ کي، ۽ هو مَنجھسِ کُٽا خُوار، |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
ڇا پڙهبيون نه هُيون اوهان تي، مُنهنجيون نِشانيون نِروار؟ پوءِ ڪُوڙ ڪوٺِينداهُئا تنکي؛ |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
ته ٻوليائون ٻِيهار، نِڀاڳ اَسان جو اَسان تي، سانيمِ! ٿيو سُوار، ۽ هُئاسون هَموار، مُورهِين مُوڙهل ميڙڪو. |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
چي، سانيمِ! ڪَڍ اسان کي، هِن ٻارڻ مان ٻِيهار، پوءِ جي اٿُلياسُون ٻِيهار، ته ظالِم ظاهِر آهيون. |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
چي، باندر! رَهو بَند اُن ۾، ۽ ٻوليو مِ ڪِين ٻِيهار، |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
جَيئن تَه سَندمِ سپاهِين مان، هو ڪو ساٿ سَچار، چون، ته مَڃيوسون مُورهِين، سانيمِ! رَبُّ، سَتار، پوءِ آگا ميٽ اَسان جو ن، اَ گلايون اَپار، ۽ بَخشِين بَخشڻهار!، ۽ تون بِهتر بَخشِيندڙن ۾. |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
پوءِ اَوهان بَنايو اُنهن کي، مَسخرِي مَخمور، پوءِ سارڻ مُنهنجو اَوهان کي، ڏِنئون وِساري مُور، ۽ اُن تان وَڏا ٽَهڪ ڏِيو،وَهَسو پِئا وَهلور، |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
اَڄ ڏِنمِ اُنهن کي ڏاتِيون، ڀَري ڀَري ڀَرپُور، جِنهن سبب سَٺـائون سُور، اُهي سوڀارا سَڀِين پَرِين. |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
چي، ڀورا! رَهيا ڀُون ۾، ساريو ته گھڻا سال؟ |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
چي، ڏِينهن، ڪ پل ڏينهن مان، پوءِ پُڇ ڳَڻِيندڙن کان ڳالھ، |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
نه جاٽِيان مگر ٿورڙو، چيائين اِهڙِي چال، پهريون، پويپن حال، جي صَحِي آهيو سَمجھندا. |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا ڀانيان، ته بنايوسون آن کي، بي فائدو بيڪار؟ ۽ آن کي، اَسان پار، موٽائـِبو نه مُورِهين؟ |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
اَلله اَعلىٰ بادشاه، ثابِت آھِ سَدا، جِنهن ڌاران، ڌَڻِي ناھِ ڪو، سُڻندڙ سَڏ، صدا، آهي اُهو خُدا، صاحِب سڳوري عَرش جو. |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جو سَڏي اُن سانئـِينءَ سان، وڪِيل، يا وَزِير، جِنهن بابت اَصل اُن سان، ليکت ناهي لِير، پوءِ ليکو چوکو اُن جو، سانيَسِ وَٽ، سُڌير، ڳالھ اِها ڳَنڀِير، ته مُنڪر نه ڇُٽن مُورهِين. |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
۽ چئو، ته مَرهِينمِ مُون ڌڻي!، ۽ ڪَر مِهر مَٿي مُون، ۽ مَنجھ مِهربانن تون!، مِڙنِيان مِهربان گھڻو. |