قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
تحقيق مؤمن ڪامياب ٿي ويا. |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
۽ جيڪي بيهودين ڳالهين کان مُنهن موڙيندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪي زڪواة ادا ڪرڻ وارا آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
۽ جيڪي پنهنجي شرمگاهن جي (بدڪاري کان) حفاظت ڪندڙ آهن. |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
سواءِ پنهنجي زالن جي يا انهن ٻانهيُن جي جيڪي سندن هٿن جي (شرعي) ملڪيت آهن پوءِ بيشڪ اُهي ملامت ڪيل نه آهن. |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
پوءِ جو شخص انهن کان سواءِ ڪجهه چاهيندو ته پوءِ اُهي ئي حد کان لنگهڻ وارا آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ عهد انجامن جي پاسداري ڪرڻ وارا آهن. |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا. |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
اهي ئي اُهي وارث آهن. |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جيڪي ميراث ۾ فردوس (بهشت جو اعلى طبقو) ماڻيندا. اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ اسان انسان کي مٽيءَ جي جوهر مان پيدا ڪيو. |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
پوءِ اسان ان کي نطفو بنائي هڪ مضبوط جاءِ (ماءُ جي رِحم) ۾ رکيو. |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
پوءِ اسان نُطفي کي رت جو دِڳُ بنايو، پوءِ اسان ان رت جي دِڳَ کي گوشت جي ٻُوٽي بنايو، پوءِ اسان گوشت مان هڏين جو ڍانچو بنايو، پوءِ اسان هڏين کي گوشت پهرايو، پوءِ اسان ان کي تخليق جي ٻي صورت ۾ نشونما ڏني. پوءِ الله برڪت وارو آهي (جيڪو) سڀني کان سهڻو خلقڻهار آهي. |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
وري بيشڪ اوهان ان (زندگيءَ کان) پوءِ ضرور مرڻ وارا آهيو. |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
پوءِ بيشڪ اوهان قيامت واري ڏينهن (زنده ڪري) اٿاريا ويندؤ. |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ بيشڪ اسان اوهان جي مٿان ست رستا (يعني آسمان) بنايا آهن ۽ اسان (پنهنجي) مخلوق کان بي خبر ناهيون. |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ اسان آسمان مان پاڻي هڪ اندازي سان وسايو، پوءِ اسان ان کي زمين ۾ ٽڪايوسين ۽ بيشڪ اسان ان کي (بخارات جي صورت ۾) کڻي وڃڻ تي قدرت رکندڙ آهيون. |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ اسان اوهان لاءِ ان (پاڻيءَ) ذريعي کجورن ۽ ڊاکن جا باغ بناياسين. اوهان لاءِ (ان زمين) ۾ (ٻيا به) گهڻا ميوا آهن ۽ ان مان اوهان کائو ٿا. |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
۽ هڪ وڻ (زيتون جو پيدا ڪيوسين)جيڪو طور سينا (جبل) مان نڪري ٿو، جيڪو تيل ڪڍندي ڄمي ٿو ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ آهي. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ بيشڪ اوهان لاءِ چوپاين ۾ هڪ عبرت آهي. (جو) جيڪي انهن جي پيٽن ۾ آهي ان مان اوهان کي (کير) پياريون ٿا ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به) گهڻا نفعا آهن ۽ اوهان انهن مان (ڪن کي) کائو ٿا. |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن (چوپاين) تي ۽ ٻيڙين تي اوهان سوار ڪيا وڃو ٿا. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو، ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود ناهي. ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڊڄو“؟ |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
پوءِ سندس قوم جي سردارن مان جن ڪفرڪيو هيو تن چيو ته: ”هي شخص ته صرف اوهان وانگر بشر ئي آهي، چاهي ٿو ته توهان مٿان پنهنجي برتري قائم ڪري. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ملائڪ نازل ڪري ها، اسان ته (اها ڳالهه) پنهنجي اڳين ابن ڏاڏن ۾ (به) نه ٻُڌي. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
اهو ته اهڙو ئي شخص آهي جنهن کي جُنون (جي بيماري) آهي سو توهان کيس هڪ مقرر وقت تائين مُهلت ڏيو“. (شايد ٺيڪ ٿي وڃي) |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
(نوح ) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! منهنجي مدد ڪر ڇو جو انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي“. |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
پوءِ اسان ان ڏانهن وحي موڪلي ته: ”تون اسان جي نگراني ۾ ۽ اسان جي حڪم سان ٻيڙي ٺاهه، پوءِ جڏهن اسان جو حڪمِ (عذاب) پهچي ۽ تنور ٻُنڀ ڏيڻ لڳي ته هر قسم جي جانورن مان هڪ جوڙو (نر ۽ مادي وٺي ٻيڙي ۾) سوار ٿي ۽ پنهنجي گهر وارن کي (به ويهار) سواءِ انهن مان اهڙن جي جن جي خلاف اڳ فيصلو جاري ٿي چڪو آهي، ۽ مون سان انهن جي باري ۾ نه ڳالهاءِ جن ظلم ڪيو، بيشڪ اُهي ٻوڙيا ويندا. |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن تون ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن ٻيڙيءَ تي ٺيڪ طرح ويهي رهو پوءِ چؤ ته : ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي ظالم قوم کان نجات ڏني“. |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ چؤ ته: ”اي پالڻهار! مون کي برڪت واري منزل تي لاهه ۽ بيشڪ تون سڀ کان بهتر منزل مُهيا ڪندڙ آهين“. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
بيشڪ ان (قصي) ۾ نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسان (ٻانهن کي) پَــرکِـــڻَ وارا آهيون. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
وري انهن کان پوءِ اسان هڪ ٻئي دور جي قوم اُٿاري. |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ اسان انهن ۾ (به) انهن مان هڪ رسول موڪليو (ان چيو ته) ”اوهان الله جي عبادت ڪيو ۽ ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڊڄو؟“ |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
۽ ان جي قوم جا اهي سردار جن ڪفر ڪيو هيو ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو چيو هئائون ۽ اسان انهن کي دنياوي زندگي ۾ آسودو به ڪيو هيو تن چيو ته: ”هي ته توهان وانگر ئي هڪ بشر آهي، جيڪي اوهان کائو ٿا ان مان کائي ٿو ۽ جيڪي اوهان پيئو ٿا ان مان پيئي ٿو. |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
۽ جيڪڏهن اوهان پاڻ جهڙي بشر جي فرمانبرداري ڪئي ته پوءِ اوهان ان مهل خساري وارن مان ٿيندؤ. |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
ڇا توهان سان (اِهو) وعدو ڪري ٿو ته جڏهن توهان مري ويندؤ ۽ توهان مٽي ۽ (ڳريل) هڏا بنجي ويندؤ ته توهان (دوبارو زنده ڪري) ڪڍيا ويندؤ. |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
پري آهي (گهڻو) پري آهي (سمجھه کان) اهو وعدو جو اوهان سان ڪيو وڃي ٿو. |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
اها زندگي ڪجهه ناهي سواءِ اسان جي هن دنياوي زندگي جي (جنهن ۾) اسان مرون ٿا ۽ جِيون ٿا ۽ اسان (دوبارو زنده ڪري) نه اٿاريا وينداسين. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
اِهو صرف هڪڙو ماڻهو ئي آهي جنهن الله مٿان ڪوڙو بهتان ٻڌو آهي اسان ان تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
(نبيءَ) چيو: ”اي منهنجا پروردگار! منهنجي مدد ڪر هن ڪري جو انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي“. |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
(الله) فرمايو: ”ٿوري وقت ۾ اُهي پنهنجي ڪئي تي پڇتائيندا“. |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
پوءِ انهن کي سچي وعدي مطابق خوفناڪ آواز پڪڙيو پوءِ اسان کين ريزه ريزه ڪري ڇڏيو، پوءِ ظالم قوم لاءِ (رحمت کان) دوري آهي. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
پوءِ انهن کان پوءِ اسان ٻيون قومون اٿاريون. |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ڪابه امت نه پنهنجي مقرر وقت کان اڳ ختم ٿي ۽ نه اُن کان پوءِ رهي سگھي ٿي. |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
پوءِ اسان پنهنجا رسول هڪ ٻئي پٺيان موڪليا. جڏهن به ڪنهن امت وٽ سندن رسول آيو ته انهن ان کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان هڪڙن کي ٻين پٺيان آندو ۽ اسان کين (هلاڪ ڪري عبرت جون) ڳالهيون بنائي ڇڏيو، پوءِ (رحمت کان) دوري آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان نه ٿا آڻن. |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
پوءِ اسان موسى ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجي نشانين ۽ چِٽن دليلن سان موڪليو. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ ان جي (قومي) سردارن طرف پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ هُيا ئي هٺيلي قوم. |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
پوءِ چيائون ته: ”ڇا اسين هنن ٻنهين پاڻ جهڙن بشرن مٿان ايمان آڻيون؟ حالانڪه انهن جي قوم ته اسان جا مملوڪ ٻانها آهن“. |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
پوءِ انهن هنن ٻنهين کي ڪوڙو چيو پوءِ هلاڪ ٿيلن مان بنجي پيا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب (تورات) ڏنو ته جيئن اُهي هدايت وارا ٿين. |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ اسان مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي نشاني بنايوسين ۽ اسان ٻنهين کي اوچي صاف قرار واري ۽ وهندڙ پاڻي واري جاءِ ۾ پناهه ڏني. |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
اي پيغمبرو! پاڪ شين مان کائو ۽ چڱا عمل ڪيو. بيشڪ اوهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي آءٌ ڄاڻندڙ آهيان. |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ بيشڪ هي اوهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ اوهان (سڀني) جو پالڻهار آهيان پوءِ مون کان ڊڄو. |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پوءِ (ماڻهن) پنهنجي (دين جي) امر کي پاڻ ۾ اختلاف ڪري فرقا فرقا ڪري ڇڏيو. هر فرقو جيڪو (دين جو حصو) وٽن آهي ان سان خوش آهي. |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
سو تون انهن کي سندن غفلت ۾ ڪجهه وقت تائين پيل ڇڏي ڏي. |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا اهي سمجهن ٿا ته اسان جيڪي (دنيا ۾) مال ۽ پُٽن جي ذريعي انهن جي مدد ڪيون ٿا. |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
سو انهن لاءِ ڀلائين ۾ جلدي ڪيون ٿا. (هرگز نه) بلڪه اهي سمجهن نه ٿا. |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي هيبت کان ڊڄن ٿا. |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي آيتن تي ايمان رکن ٿا. |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار سان شرڪ نه ٿا ڪن. |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪي ماڻهو (الله جي راهه ۾ ايترو) ڏين ٿا جيترو ڏئي سگهن ٿا ۽ (پوءِ به) انهن جون دليون ڊڄندڙ آهن هن ڪري ته اُهي پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻ وارا آهن. |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اُهي ماڻهو ڀلاين ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اُهي ان ۾ اڳتي وڌي وڃڻ وارا آهن. |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
۽ اسان ڪنهن شخص کي (شرعي احڪام جي) تڪليف نه ٿا ڏيون مگر ان جي طاقت آهر ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سچ ڳالهائي ٿو ۽ انهن تي ظلم ڪونه ڪيو ويندو. |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
بلڪه انهن جون دليون هِن (قرآن) کان غفلت ۾ پيل آهن ۽ انهن جا ان کان سواءِ ٻيا به (برا) عمل آهن جيڪي اُهي ڪندڙ آهن. |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
تانجو جڏهن اسان انهن جي شاهوڪارن کي عذاب ۾ پڪڙينداسين ان وقت اُهي عاجزي سان دانهون ڪندا. |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
اڄ عاجزي واريون دانهون نه ڪيو. بيشڪ اسان جي طرفان اوهان جي ڪا مدد نه ڪئي ويندي. |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
بيشڪ توهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون تڏهن توهان پنهنجي کُڙين ڀرپوئتي ڀڄندا هيؤ. |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
ان (قرآن) کان وڏائي ڪندي رات جي انڌاري ۾ بيهوده گوئي ڪندا هيؤ. |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ڇا پوءِ انهن هن ڪلام (الاهي) ۾ غور و فڪر نه ڪيو آهي يا انهن وٽ اهڙي شيءِ آئي آهي جيڪا انهن جي اڳين ابن ڏاڏن وٽ نه آئي هئي. |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا انهن پنهنجي رسول کي نه سڃاتو آهي سو (انڪري) اُهي سندس انڪار ڪرڻ وارا آهن. |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا چون ٿا ته ان (رسول کي) جُنون آهي. (ائين هرگز ناهي) بلڪه اُهو وٽن سچ کڻي آيو آهي ۽ انهن مان گهڻا حق کي ناگوار ڀائيندڙ آهن. |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن حق انهن جي سَڌُن جي پيروي ڪري ها ته آسمانَ ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه منجهن آهي سو (سڀ) تباهه ٿي وڃي ها. بلڪه اسان انهن کي سندن نصيحت پهچائي آهي پر اُهي پنهنجي نصيحت کان منهن موڙڻ وارا آهن. |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
ڇا تون انهن کان (تبليغِ دين جي عيوض) ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ پوءِ تنهنجي رب جو اجر سڀ کان بهتر آهي ۽ اُهو (سڀني کان) ڀلو روزي رسان آهي. |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تون انهن کي سڌي راهه ڏانهن سڏين ٿو. |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ويندڙ آهن. |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
۽ جي اسان مٿن رحم ڪيون ۽ جا تڪيلف کين آهي سا لاهي ڇڏيون ته اُهي ڀٽڪندي پنهنجي گمراهي ۾ وڌيڪ پڪا ٿي ويندا. |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
۽ بيشڪ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو پوءِ (به) نه پنهنجي پالڻهار اڳيان جهُڪيا ۽ نه عاجزي اختيار ڪيائون. |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
ايستائين جو جڏهن اسان انهن تي سخت عذاب جو دروازو کولينداسين ته ان مهل اُهي ان ۾ مايوس ٿي ويندا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايون. (ليڪن) اوهان ٿورو شڪر ادا ڪيو ٿا. |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
۽ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي روءِ زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان ان اڳيان گڏ ڪيا ويندؤ. |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
۽ اُهو ئي آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ڏينهن جي ڦيرڦار ڪرڻ ان جي اختيار ۾ آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو. |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
بلڪه (انهن) به ائين چيو جيئن (انهن کان) اڳيان چوندا هئا. |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
چون ٿا ته: ”ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ (ڳريل) هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان (زنده ڪري) اٿاريا وينداسين؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
بيشڪ اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان هن کان اڳ ان جو وعدو ڏنو ويو هيو اُهي ته رڳو اڳين جا افسانا آهن“. |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
چؤ ته ”زمين ۽ جيڪي ڪجھه ان ۾ آهي سو ڪنهن جي ملڪيت آهي (ٻڌايو) جي توهان ڄاڻو ٿا؟“ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
جلدي چوندا ته: ”الله جا آهن“، چؤ: ”پوءِ توهان نصيحت ڇو نه ٿا قبول ڪيو“؟ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
چؤ ته: ”ستن آسمانن جو مالڪ ڪير آهي ۽ وڏي عرش جو مالڪ ڪير آهي“؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
جلدي چوندا: ”الله جا آهن“، چؤ ته: ”پوءِ توهان ڇو نه ٿا ڊڄو“؟ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
چؤ: ”ڪير آهي؟ جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي اُهو پناهه ڏئي ٿو ۽ اُن جي مقابلي ۾ ڪو به پناهه ڏئي نه ٿو سگهي (ٻڌايو) جي توهان ڄاڻو ٿا“؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
جلدي چوندا: ”الله لاءِ آهي“. چؤ: ”پوءِ توهان تي ڪٿان جادو ڪيو ويو آهي“. |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
بلڪه اسان انهن کي حق پهچائي ڇڏيو ۽ بيشڪ اهي ضرور ڪوڙا آهن. |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
الله (پنهنجي لاءِ) ڪو اولاد نه بنايو آهي ۽ نه ئي ان سان گڏ ڪو معبود آهي (اگر ائين هجي ها ته) ان وقت هر معبود پنهنجي بنايل مخلوق کي (جدا) کڻي وڃي ها انهن مان هڪڙا ٻين تي غالب اچي وڃن ها. (۽ نظامِ جهان درهم برهم ٿي وڃي ها) الله ان ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا. |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
اهو لڪل ۽ ظاهر شين کي ڄاڻندڙ آهي پوءِ اُهو انهن شين کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ بنائن ٿا. |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
چؤ: ”اي منهنجا پالڻهار! جنهن عذاب جو انهن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو اهو اگر منهنجي موجودگي ۾ آڻين. |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
ته اي منهنجا پالڻهار مون کي ظالم قوم ۾ شامل نه ڪجانءِ“. |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
۽ بيشڪ اسان تنهنجي اکين جي سامهون ئي ان (عذاب) آڻڻ تي پوري قدرت رکڻ وارا آهيون جنهن جو انهن سان وعدو ڪيون ٿا. |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
برائي کي اهڙي طريقي سان ٽار جيڪو سڀ کان سهڻو هجي. اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي (ڳالهيون) اُهي بيان ڪن ٿا. |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ چؤ: ”اي منهنجا پالڻهار! آءٌ شيطانن جي وسوسن کان تنهنجي پناهه وٺان ٿو. |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
۽ اي منهنجا پالڻهار! تو کان پناهه وٺان ٿو (ان جي جو)اُهي مون وٽ اچن“. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
(اهي باز نه ايندا) ايستائين جو جڏهن انهن مان ڪنهن تي موت ايندو ته چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي (ان دنيا طرف) موٽاءِ. |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
جنهن (دنيا) کي ڇڏي آيو آهيان، ته جيڪر اُتي ڪو چڱو ڪم ڪيان“! ائين هرگز نه ٿيندو. بيشڪ اها رُڳو هڪ ڳالهه هوندي جا (حسرت سان) چوندو. ۽ انهن سڀني (مرڻ وارن) جي پُٺيان کان هڪ پردو آهي ان ڏينهن تائين جو (جنهن ۾ جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي ته پوءِ انهن جي وچ ۾ ان ڏينهن نه مٽي مائٽي رهندي ۽ نه هڪ ٻئي جو حال پڇي سگهندا. |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
پوءِ جنهن جا پُڙ (نيڪين سان) ڳرا ٿي ويا پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جن جا پُـــڙَ هلڪا ٿي ويا ته پوءِ اُهي ئي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو اهي هميشه دوزخ ۾ رهڻ وارا آهن. |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
انهن جي چهرن کي باهه ساڙي ڇڏيندي ۽ اُهي ان ۾ ڏَندَ لَــــڙڪيلَ بدشڪل هوندا. |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
(چيو ويندو:) ”ڇا اوهان (اُهي) نه آهيو جن کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهان انهن کي ڪوڙو چوندا هئا“. |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
چوندا: ”اي اسان جا پروردگار اسان تي اسان جي بدبختي ڇانئجي وئي ۽ اسان واقعي گمراهه قوم هئاسين. |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ان مان ٻاهر ڪڍ پوءِ جيڪڏهن اسان وري (گمراهي ڏانهن) موٽياسين ته پوءِ بيشڪ اسان ظالم هونداسين“. |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
الله فرمائيندو: ”ان ۾ ذلت سان پيل رهو ۽ مون سان نه ڳالهايو“. |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
بيشڪ منهنجي ٻانهن مان هڪ جماعت هئي جي چوندا هئا ته : ”اي اسان جا پالڻهار! اسان ايمان آندو پوءِ اسان جي بخشش فرماءِ ۽ اسان تي رحم فرماءِ ۽ تون سڀني کان ڀلو رحم ڪرڻ وارو آهين“. |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
پوءِ اوهان انهن کي مسخري ڪري ورتو، تانجو ان (اوهان جِي بيهودِي سوچ) اوهان کان منهنجي ياد به وسارائي ڇڏي (ته آءٌ به ڪو آهيان) ۽ اوهان انهن تان کلندا رهيا. |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
بيشڪ مون انهن کي اڄ سندن صبر جو صلو ڏنو آهي جو بيشڪ اُهي مراد ماڻڻ وارا آهن. |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
الله فرمائيندو: ”(ٻڌايو) اوهان زمين ۾ سالن جي ڳاڻيٽي سان گهڻو وقت رهيا؟“ |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
چوندا: ”هڪ ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجهه حصو رهيا هونداسين پوءِ تون ڳڻڻ وارن کان پڇ“. |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
الله فرمائيندو: ”اوهان اتي ٿورڙو ئي رهيا هئا، هائو جي (اهو اُتي) ڄاڻو ها“. |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا پوءِ اوهان سمجهو ٿا ته اسان اوهان کي اجايو پيدا ڪيو آهي؟ ۽ اوهان اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا“. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
پوءِ الله برتر آهي جيڪو حقيقي بادشاهه آهي، ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي، اهو عزت واري عرش جو مالڪ آهي. |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جيڪو الله سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود جي عبادت ڪري جنهن لاءِ ان وٽ ڪو دليل ناهي ته پوءِ ان جو حساب ته صرف سندس پالڻهار وٽ ئي آهي. ڳالهه هي آهي ته ڪافر ڪامياب نه ٿيندا. |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! بخش ڪر ۽ رحم ڪر ۽ تون سڀ کان بهتر رحم ڪرڻ وارو آهين“. |