قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
بيشڪ انهن مؤمنن مراد ماڻي. |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جي سندن نمازن ۾ عاجزي ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
جي واهيات ڳالهه کان پاسو ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
جي زڪوات ادا ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
جي سندن اُگهڙ کي بچائيندڙ آهن. |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
سواءِ سندن زالن يا ٻانهين جي، ته انهين کي مٿن ڪا ڇينڀ ڪانهي. |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
هان جيڪي انهن کان سواءِ ٻين کي طلبيندا، سي ئي حد کان اڪريل آهن- |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
(۽ اهي مؤمن) جي سندن امانتن ۽ انجامن جي سنڀال ڪندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
جي سندن نمازن جي سنڀال ڪندڙ آهن. |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
اهي ئي شخص وارث آهن_ |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جي بهشت جا وارث ٿيندا، اهي منجهس هميشه رهندا- |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
بيشڪ اسان انسان کي مٽيءَ جي ست مان بڻايو. |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
پوءِ کيس ڦڙو ڪري محڪم جاءِ ۾ رکيوسون. |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
پوءِ ڦڙي کي رت جو دڳ جوڙيوسون، وري رت جي دڳ کي ٻوٽي جوڙيوسون، وري ٻوٽيءَ کي هڏا بڻاياسون، هڏن کي گوشت ڍڪايوسون، پوءِ ان کي آخري طرح جوڙيوسون_ پوءِ نهايت ڀلارو آهي الله، جو سڀ کان سٺو خلقيندڙ آهي! |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
پوءِ اوهين پڪ سان انهي کان پوءِ مرندا. |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
وري اوهين پڪ سان قيامت ڏينهن اٿاربا. |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ اسان اوهان مٿان ست آسمان بنايا ۽ اسين بڻائڻ کان بي خبر نه هئاسون. |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ آسمان کان اندازي سان پاڻي موڪليوسون، پوءِ ان کي زمين ۾ هاريوسون ۽ بيشڪ اسين ان کي ورائي نيئڻ جي طاقت رکون ٿا. |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ اسان اوهان لاءِ ان سان کجين ۽ انگورن جا باغ ڄمايا، اوهان لاءِ انهن ۾ گهڻا ميوا آهن ۽ اوهين انهن مان کائو ٿا. |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
۽ اهو وڻ، جو طور سينا مان نڪري ٿو، جو کائيندڙن لاءِ تيل ۽ ٻوڙ ڄمائي ٿو. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ بيشڪ اوهان لاءِ ڍورن ۾ عبرت آهي، سندن پيٽن ۾ جيڪي آهي ان مان اوهان کي پياريون ٿا ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ گهڻا نفعا آهن، انهن مان ڪي کائيندا آهيو. |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي چڙهندا آهيو. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو، پوءِ چيائين ”اي قوم! الله جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ اوهان جو ڪو به سائين ڪونهي، پوءِ اوهين ڇو نٿا ڊڄو؟“ |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
پوءِ سندس قوم جي ڪافر وڏيرن چيو ته ”هي فقط اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهي، جو چاهي ٿو، ته اوهان تي سردار بنجي، جيڪڏهن الله چاهي ها، ته ضرور ڪو ملائڪ موڪلي ها، اسان اهڙي ڳالهه پنهنجي اڳين وڏن ۾ ته ڪانه ٻڌي. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
هي ته رڳو هڪ اهڙو شخص آهي جنهن کي چريائي آهي، پوءِ ڪو وقت کيس جاچيندا رهو.“ |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
چيائين ”اي ڌڻي! هنن مون کي ڪوڙو سمجهيو آهي ان ڪري مون کي مدد ڏي“ |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
پوءِ ڏانهس حڪم موڪليوسون ته ”اسان جي نظر ۽ حڪم موجب ٻيڙي ٺاهه، جڏهن اسان جو حڪم اچي، ۽ تنور اُڀامي، تڏهن منجهس هر ڪنهن جوڙي مان ٻه ٻه چاڙهه ۽ تنهنجي گهر وارا به، سواءِ انهن جي جن بابت (نا س ٿيڻ جو) حڪم ٿي چڪو ۽ ظالمن بابت مون سان گفتگو نه ڪر، جو اهي پڪ سان ٻُڏندا. |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن تون ۽ تنهنجا ساٿي ٻيڙيءَ تي چڙهن، تڏهن چئو ته هر قسم جي واکاڻ انهي الله کي جڳائي ٿي، جنهن اسان کي ظالمن جي قوم کان بچايو.“ |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ چئو ته ”اي ڌڻي! تون مون کي برڪت واري هنڌ لاهه ۽ تون تمام سٺو لاهيندڙ آهين.“ |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
بيشڪ انهي واقعي ۾ نشانيون آهن ۽ اسين آزمائيندڙ ئي آهيون. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
وري انهن کان پوءِ ٻيو جڳ پيدا ڪيوسون. |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ منجهن هڪ رسول منجهائن ئي موڪليوسون ته ”الله جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ اوهان جو ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، پوءِ ڇو نٿا ڊڄو؟“ |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو، آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ سمجهيو ۽ اسان کين دنيا جي حياتيءَ ۾ به آسودو ڪيو هو، تن چيو ته ”هي فقط اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهي، جنهن مان اوهين کائو ٿا، تنهن مان هو به ٿو کائي ۽ جنهن مان اوهين ٿا پيئو، تنهن مان هو به ٿو پيئي. |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جي تابعداري ڪندا، ته تڏهن اوهين ضرور نقصان پائيندؤ. |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
ڇا، هو اوهان سان انجام ٿو ڪري، ته جڏهن اوهين مرندؤ ۽ مٽي ۽ هڏا ٿيندؤ، تڏهن اوهين جيئرا ڪبؤ؟ |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
جنهن جو اوهان کي انجام ٿو ملي، سو پري ۽ بلڪل پري آهي. |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
اسان جي رڳو هيءَ دنيا جي حياتي آهي، (جنهن ۾) مرون ٿا ۽ جيئون ٿا ۽ اسين وري جيئرا نه ٿينداسون. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
هي رڳو هڪ ماڻهو آهي جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو آهي ۽ اسين کيس هر گز ڪونه مڃينداسون.“ |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
چيائين ”منهنجا ڌڻي! مون کي مدد ڏي، جو هو مون کي ڪوڙو ٿا سمجهن.“ |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
فرمايائين ”ٿوري عرصي کانپوءِ ضرور پشيمان ٿيندا.“ |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
پوءِ سچي انجام سبب کين هڪ ڌڪاءُ اچي ورتو ۽ پوءِ کين چورو ڪري ڇڏيوسون_ پوءِ لعنت هجي ظالمن جي قوم تي! |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
انهن کان پوءِ وري ٻيا جڳ خلقياسون. |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ڪا به ٽولي نڪي پنهنجي مقرر وقت کان اڳ ويندي آهي، نڪي اهي دير ڪندا آهن. |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
پوءِ وري پنهنجن رسولن کي لڳو لڳ موڪليوسون- جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ وٽ سندن رسول ٿي آيو ته کيس ڪوڙو ٿي ڄاتائون، پوءِ کين هڪ ٻئي پٺيان (ٿي ختم ڪيوسون) ۽ کين آکاڻيون ٿي بنايوسون، پوءِ لعنت هجي ايمان نه آڻيندڙ قوم تي! |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
پوءِ موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موڪليوسون. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن ته هنن هٺ ڪيو ۽ آڪڙيل قوم هئا. |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
پوءِ چيائون ”ڇا، اسين پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن تي ايمان آڻيون، جن جي قوم اسان جي ٻانهپ ڪري ٿي؟“ |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
پوءِ کين ڪوڙو سمجهيائون، تڏهن ناس ٿيندڙ ٿي ويا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، ته من اهي سنئين واٽ لهن. |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي معجزو بنايوسون ۽ انهن کي اهڙي جاءِ تي پناهه ڏني سون، جا سنيئن ۽ وهندڙ پاڻيءَ واري هئي. |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
(چيوسون ته) ”اي رسولو! پاڪ شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو- پڪ سمجهو ته آءُ اوهان جي ڪمن کي ڄاڻندڙ آهيان. |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ بيشڪ هيءَ اوهان جي امت هڪڙي ئي امت آهي ۽ آءُ اوهان جو ڌڻي آهيان، پوءِ مون کان ڊڄو.“ |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پوءِ (ڪافرن، منافقن) سندن ڪم پاڻ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇني ڇڏيو، هر ڪنهن ٽوليءَ وٽ جيڪي آهي، ان تي پيئي خوش ٿئي. |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
پوءِ کين هڪ حد تائين سندن غفلت ۾ ڇڏي ڏي- |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا، هو ٿا ڀانئين ته اسان جيڪا کين مال ۽ اولاد جي گهڻائي ڏني آهي. |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
سا کين ڪا چڱاين ڏيڻ ۾ جلدي ڪئي آهي؟ بلڪ هنن کي سمجهه ناهي. |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي اهي شخص، جي سندن ڌڻيءَ جي ڊپ کان ڊڄن ٿا. |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ اهي، جي سندن ڌڻيءَ جي آيتن تي ويساهه آڻين ٿا. |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ اهي، جي سندن ڌڻي سان ٻيا ڀائيوار نه بنائيندا آهن. |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ اهي جي (سندس راهه ۾) جيڪو مال ٿا ڏين ۽ سندن قلب انهي ڪري ڏڪندا آهن، ته کين پنهنجي ڌڻيءَ ڏي موٽڻو آهي. |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اهي ئي چڱائي لاءِ جلدي ڪندڙ آهن ۽ اهي ئي انهي لاءِ اڳرائي ڪندڙ آهن. |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
۽ اسين ڪنهن به شخص کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيندا آهيون ۽ اسان وٽ ڪتاب آهي جو سچ ٿو ڳالهائي ۽ هنن تي ظلم نه ڪبو. |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
بلڪه سندن دليون انهي بابت غفلت ۾ آهن ۽ هنن جا انهي کان سواءِ ٻيا به ڪم آهن، جي هو ڪن ٿا. |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
تان جو، جڏهن سندن شاهوڪارن کي عذاب سان پڪڙيندا آهيون، تڏهن هو پيا دانهون ڪندا آهن. |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
(چئبو اٿن) ”اڄ دانهون نه ڪريو، اوهان کي اسان کان ڪا به مدد ڪانه ملندي. |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
بيشڪ اوهان تي منهنجيون آيتون پڙهبيون هيون، تڏهن اوهين پوين پيرن ڀڄندا هئا. |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
ڳالهين ۾ لڳي، آڪڙ جي انهن کي ڇڏي ٿي ڏنوَ.“ |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ڇا ڳالهه کي سوچيائون نٿي؛ يا وٽن ڪا چيز آئي هئي، جا سندن اڳين وڏن وٽ ڪانه آئي هئي؟ |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا سندن رسول کي ڪو نه ٿي سڃاتائون، جو اهي سندس منڪر ٿي پيا؟ |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا چون ٿا ته ”هن کي چريائي آهي“ نه، بلڪ هن وٽن سچ آندو آهي ۽ منجهائن گهڻن کي سچ نٿو وڻي. |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن حق سندن سڌن پٺيان هلي ها، ته جيڪر آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي به منجهن آهي، سي سڀ ڦٽي وڃن ها_ بلڪ اسان ته وٽن سندن لاءِ نصيحت آندي آهي پوءِ اهي پنهنجيءَ نصيحت کان ئي منهن ٿا موڙين. |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
ڇا، تون کانئن ڪو اجورو ٿو گهرين؟ پوءِ اجورو ته تنهنجي رب جو ئي ڀلو آهي ۽ هو ئي سڀ کان سٺو رزق ڏيندڙ آهي. |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ ته کين سنئين واٽ ڏانهن سڏين ٿو. |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
۽ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين، سي سنئين واٽ کان پاسيرا اٿيندڙ آهن. |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
۽ جيڪڏهن مٿن رحم ڪريون ها ۽ کين پهتل تڪليف لاهيون ها، ته به سدائين سندن گمراهيءَ ۾ حيران رهن ها. |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
۽ اسان کين (هلڪي) عذاب سان ورتو، ته به نڪي پنهنجي ڌڻيءَ اڳيان نوڙيا، نڪا عاجزي ڪيائون. |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
تان جو جڏهن اسان مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليو تڏهن اهي انهي ۾ نا اميد ٿيا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ هو اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايون، پر اوهان تمام ٿورو شڪر ڪندا آهيو. |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ انهي ڏانهن وري گڏ ڪيا ويندؤ. |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
۽ هو اهو آهي جو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ هن جو ئي ڪم آهي رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ڪرڻ، پوءِ ڇو نٿا عقل ڪريو؟ |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
بلڪ ائين ئي چون ٿا، جيئن اڳين چيو. |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
چون ٿا ته ”ڇا، جڏهن مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسون تڏهن وري جيئرا ٿي اٿنداسون؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
اهڙا وعدا ته هن کان اڳ اسان خواهه اسان جي وڏن کي به مليل هئا، پر اهي رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن.“ |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
چئو ته ”جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته، (ٻڌايو ته) زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڪنهن جو آهي؟“ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
يڪدم چوندا ”الله جو!“ چئو ”پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟“ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
چئو ته ”ڀلا ستن آسمانن ۽ وڏي عرش جو ڌڻي ڪير آهي؟“ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
يڪدم چوندا ”(اهي) الله جا آهن“ چئو ”پوءِ ڇو نٿا ڊڄو؟“ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
چئو ”ڀلا اهو ڪير آهي، جنهنجي هٿ ۾ هر چيز جي حڪومت آهي، هو پناهه ڏئي ٿو مگر کانئس (ڪنهن کي) پناهه نه ڏيئي سگهبي آهي، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا (ته ٻڌايو) |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
يڪدم چوندا ”الله! چئو ” پوءِ ڪٿان ٿا ٺڳجو؟“ |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
بلڪ اسان وٽن سچ آندو آهي ۽ اهي بيشڪ ڪوڙا آهن. |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
الله نڪي ڪو (پنهنجو) پٽ بنايو آهي ۽ نڪي ساڻس گڏ ڪو ٻيو سائين آهي_ (ائين هجي ها ته) جيڪر هر ڪو سائين پنهنجي خلقيل کي وٺيو وڃي ها ۽ اهي هڪ ٻئي تي ضرور چڙهت ڪن ها_ هو جيڪي بيان ٿا ڪن، تنهن کان الله پاڪ آهي. |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
هو ڳجهو پڌرو سڀ ڄاڻي ٿو، هو انهي کان مٿي آهي، جيڪر هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين. |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
چئو ته ”اي ڌڻي! انهن سان جنهن (عذاب جو) وعدو ڪرين ٿو، سو جيڪڏهن مون کي ڏيکارين. |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
ته اي ڌڻي! تون مون کي ظالمن جي قوم مان نه ڪجئين.“ |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
۽ اسين جيڪو انجام کين ڏيون ٿا، اهو توکي ڏيکارڻ جي بيشڪ طاقت رکون ٿا. |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
پوءِ تون سٺيءَ طرز سان برائيءَ کي ٽار- هو جيڪي ٿا بيان ڪن، سو اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ چئو ته ”اي ڌڻي! آءُ تو وٽ پناهه ٿو گهران شيطانن جي وسوسي کان. |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
۽ اي ڌڻي! آءُ هنن جي پاڻ وٽ اچڻ کان به تو وٽان پناهه گهران ٿو.“ |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
(ڪافر انهي غفلت ۾ هوندا) تان جو جڏهن منجهانئن ڪنهن کي موت ايندو ته چوندو .اي رب! هاڻ مون کي دنيا ۾ وري موٽاءِ. |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
ته جيڪي ڇڏيو اٿم، تنهن ۾ جيڪر چڱا ڪم ڪريان.“ پر ائين هر گز نه ٿيندو_ اها ٺلهي ڳالهه آهي، جا هو ٿو چوي_ ۽ سندن اڳيان ۽ سندن وري جيئڻ جي ڏينهن تائين هڪ پردو رهندو. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪبو، ان ڏينهن نڪي سندن وچ ۾ نسب رهندا ۽ نڪي پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا. |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
پوءِ جنهن جو ترازو ڳرو ٿيندو اهي شخص ئي ڇٽل آهن. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جنهنجو ترازو هلڪو ٿيو، اهي ئي آهن، جن پنهنجي پاڻ کي ٽوٽي ۾ وڌو، اهي هميشه جهنم ۾ رهندا. |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
سندن منهن کي باهه ساڙيندي ۽ اهي منجهس بد شڪل هوندا. |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
(چئبن ته) ”ڇا، اوهان کي منهنجيون آيتون پڙهي ڪو نه ٻڌائيبيون هيون، جو اوهين انهن کي ڪوڙ سمجهندا هئا؟“ |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! اسان تي اسان جو نڀاڳ زور پيو ۽اسين گمراهه قوم ٿي وياسون. |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
اي اسان جا ڌڻي! اسان کي (هيڪر) هتان ڪڍ، پوءِ وري اسين ائين ڪريون ته، برابر اسين ظالم چئباسون!“ |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
فرمائيندو ”انهي ۾ ئي خوار ٿيا پيا هجو ۽ مون سان نه ڳالهايو.“ |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
ڇو ته جڏهن منهنجي ٻانهن مان هڪ ٽولي هئي جا چوندي هئي ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان ايمان آندو تنهن ڪري اسان کي بخش ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون سڀ کان وڌيڪ ٻاجهارو آهين!“ |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
تڏهن اوهين انهن تي مسخريون ڪرڻ لڳا، تان جو انهي اوهان کي منهنجي يادگيري وسارائي ڇڏي ۽ اوهين انهن تي کليا ٿي. |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
بيشڪ اڄ مون انهن کي سندن صبر ڪرڻ سبب چڱو بدلو ڏنو جو اهي مرادون ماڻيندڙ آهن. |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
(الله) فرمائيندو ”اوهين زمين ۾ گهڻا ورهيه رهيا؟“ |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
چوندا ”هڪ ڏينهن يا هڪ ڏينهن جو حصو رهياسون، پوءِ ڳڻيندڙن کان پڇي ڏس.“ |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
فرمائيندو ”جيڪڏهن ڄاڻو ها ته ٿوري دير کان وڌيڪ نه رهيا هئو.“ |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا، اوهين ٿا ڀانيو ته اوهان کي اجايو خلقيو اٿئون ۽ اوهين اسان ڏي نه موٽائبؤ؟ |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
پوءِ تمام مٿاهون آهي الله، سچو بادشاهه، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، هو سڳوري تخت جو ڌڻي آهي. |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي سائينءَ کي سڏيندو، جنهن جووٽس ڪو دليل ڪونهي، ته ان جو حساب سندس ڌڻيءَ وٽ ئي آهي- سچ آهي ته ڪافر ڇوٽڪارو نه پائيندا. |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
۽ چئو ته ”اي ڌڻي! بخش ڪر ۽ رحم ڪر، تون سڀني کان ڀلو ٻاجهارو آهين!“ |