قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
تحقيق ڪامياب ٿيا مؤمن . |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
اهي جيڪي پنهنجي نماز ۾ نوڙت ڪندڙ آهن .. |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
۽ اهي جيڪي اجائيءَ ڳالهه کان منهن موڙيندڙ آهن. . |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
۽ اهي جيڪي زڪواة ادا ڪندڙ آهن. . |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
۽ اهي جيڪي پنهنجين اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن. . |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
مگر پنهنجين زالن تي يا انهن تي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا پوءِ بيشڪ اهي ناهن ملامت ڪيل. . |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
پوءِ جنهن خواهش ڪئي سواءِ ان جي پوءِ اهيئي تجاوز ڪندڙ آهن. . |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
۽ اهي جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي عهد جي رعايت ڪندڙ آهن. . |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ اهي جيڪي پنهنجين نمازن جي حفاظت ڪن ٿا. . |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
اهي ئي اهي وارث آهن. . |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جيڪي وارث ٿيندا فردوس جا اهي ان ۾ هميشہ رهندڙ آهن. . |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
۽ البته تحقيق پيدا ڪيوسون انسان کي جوهر مٽيءَ جي مان . |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
تنهن کان پوءِ رکيوسون ان کي منيءَ جو ڦڙو بنائي قرار واريءَ جاءِ ۾ . |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
تنهن کان پوءِ بنايوسين ڦڙي کي رت جو دڳ پوءِ بنايوسين دڳ کي گوشت جو ٽڪرو پوءِ بنايوسين ٽڪري کي هڏا پوءِ ڍڪايوسون هڏن تي گوشت تنهن کان پوءِ پيدا ڪيوسون ان کي پيدائش ٻي پوءِ برڪت وارو آهي الله سهڻو پيدا ڪندڙن مان . |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
تنهن کان پوءِ تحقيق اوهان ان کان بعد البته مرندڙ آهيو . |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
تنهن کان پوءِ يقينًا اوهان قيامت جي ڏينهن اٿاريا ويندؤ. . |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ البته تحقيق پيدا فرماياسون اوهان جي مٿان ست رستا ۽ نه آهيون خلق کان بي خبر . |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ لاٿو اسان آسمان کان پاڻي اندازي سان پوءِ رهايوسون ان کي زمين ۾ ۽ بيشڪ اسان ان کي واپس وٺي وڃڻ تي البته قادر آهيون . |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ پيدا ڪياسون اوهان لاءِ ان سان باغ کجين جا ۽ انگورن جا اوهان لاءِ انهن ۾ ميوا گهڻا آهن ۽ انهن مان کائو ٿا . |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
۽ وڻ نڪري ٿو طور سينا مان ڄمائي ٿو تيل ۾ ٻوڙ کائيندڙن جي لاءِ . |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ بيشڪ اوهان لاءِ چوپاين ۾ البته عبرت آهي پياريون ٿا اوهان کي ان مان جيڪو انهن جي پيٽن (اوهن) ۾ آهي ۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ نفعا گهڻا آهن ۽ انهن مان کائيندا آهيو. . |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي کنيا وڃو ٿا. . ع |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
۽ البته تحقيق موڪليوسون نوح کي ان جي قوم ڏانهن پوءِ فرمايائين ته اي منهنجي قوم! عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان جي لاءِ ڪو معبود ان کان سواءِ ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو؟ . |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
پوءِ چيو سردارن جن ڪفر ڪيو قوم ان جي مان ته ناهي هيءُ مگر بشر اوهان جهڙو ارادو ٿو ڪري هي ته سرداري حاصل ڪري اوهان تي ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته البته لاهي ها ملائڪ نه ٻڌو اسان هيءُ پنهنجن ابن، ڏاڏن پهرين ۾ . |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
ناهي اهو مگر هڪ مرد ان کي جنون آهي پوءِ انتظار ڪيو ان جو هڪ وقت تائين . |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! مدد ڪر منهنجي ان سببان جو ڪوڙو چيائون مون کي . |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
پوءِ وحي ڪيوسون ان ڏانهن ته ٺاهه ٻيڙي اسان جي نگاهن اڳيان ۽ اسان جي وحي سان پوءِ جڏهن ايندو اسان جو امر ۽ اڀاميو تنور پوءِ چاڙهي وهار ان ۾ هرهڪ جوڙو (نر ۽ مادي) ۽ پنهنجو اهل مگر اهو جيڪو اڳ ۾ ٿي ويو ان تي حڪم انهن مان ۽ نه عرض ڪر مون کي انهن جي باري ۾ جن ظلم ڪيو بيشڪ اهي ٻڏل آهن. . |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن چڙهي وهين تون ۽ جيڪي توسان گڏ آهن ٻيڙيءَ تي پوءِ چؤ ته سڀ ساراهه ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن ڇڏايو اسان کي ظالم قوم کان . |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ چؤ تون ته اي منهنجا پالڻهار ! لاهه مون کي برڪت واريءَ جاءِ ۾ ۽ تون ڀلو لاهيندڙ آهين . |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ۽ بيشڪ اسين هئاسين البته آزمائيندڙ . |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
تنهن کان پوءِ پيدا ڪياسون انهن کان بعد ماڻهو ٻيا . |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ موڪليوسين انهن ۾ شاندار رسول انهن مان ته عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان جي لاءِ ڪو معبود ان کان سواءِ ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو؟ . ع |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
۽ چيو سردارن قوم ان جي مان جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون ملڻ آخرت جي کي ۽ نعمت ڏني سون انهن کي حياتيءَ دنيا جي ۾ ته ناهي هي مگر بشر اوهان جهڙو کائي ٿو ان مان جيڪي اوهان کائو ٿا. ۽ پيئي ٿو ان مان جيڪي اوهان پئو ٿا. . |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
۽ البته جيڪڏهن اطاعت ڪئي اوهان انسان پاڻ جهڙي جي ته بلاشڪ اوهان ان وقت البته نقصان وارا آهيو. . |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
ڇا وعدو ڏئي ٿو اوهان کي ته بلاشڪ اوهان جڏهن مرندؤ ۽ ٿي پوندؤ مٽي ۽ هڏا ته بلاشڪ اوهان ڪڍيل آهيو. . |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
پري آهي (بالڪل) پري آهي جيڪو اوهان وعدو ڏنا وڃو ٿا . . |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
ناهي اها مگر حياتي اسان جي دنيا واري مرون ٿا ۽ جيئرا رهون ٿا ۽ ناهيون اسين اٿاريل. . |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
ناهي اهو مگر هڪ مرد جنهن بهتان هنيو الله تي ڪوڙو ۽ ناهيون اسين ان جي لاءِ ايمان آڻيندڙ . |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! مدد ڪر منهنجي ان سببان جو ڪوڙو چيائون مون کي . |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
فرمايائين ته ٿوري عرصي کان ئي البته ڦري ٿيندا پشيمان . |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
پوءِ پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي حق سان پوءِ بنايوسين انهن کي ڪُٽو پوءِ پرانهون هجڻ آهي ظالم قوم جي لاءِ. . |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
تنهن کان پوءِ پيدا ڪيوسين انهن کان بعد جماعتون ٻيون . |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
نه اڳتي ٿيندي ڪا قوم مدي پنهنجي کان ۽ نه پوئتي ٿيندي . |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
تنهن کان پوءِ موڪلياسين رسول پنهنجا لاڳيتا جڏهن به آيو ڪنهن قوم وٽ رسول انهن جو ته ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ پويان موڪلياسون هڪڙا انهن مان ٻين کان ۽ بنايوسون انهن کي آکاڻيون پوءِ پرانهين آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين . |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
تنهن کان پوءِ موڪليوسون موسى ۽ ان جي ڀاءُ هارون کي پنهنجي نشانين ۽ دليل روشن سان . |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن پوءِ تڪبر ڪيائون ۽ هئا قوم پاڻ کي مٿاهون سمجهندڙ . |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
پوءِ چيائون ته ڇا ايمان آڻيون ٻن بشرن پاڻ جهڙن تي؟ ۽ سندن قوم وارا اسان جي اتباع ڪندڙ آهن. . |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
پوءِ ڪوڙو چيائون انهن ٻنهي کي پوءِ هئا هلاڪ ڪيلن مان . |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ البته تحقيق ڏنوسون موسى کي ڪتاب تانته اهي هدايت وارا ٿين . |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ بنايوسون مريم جي پٽ (حضرت عيسى) ۽ ان جي ماءُ کي نشاني ۽ رهڻ جي جاءِ ڏني سون انهن ٻنهي کي سئين قرار واري زمين ۽ رهندڙ پاڻيءَ ڏانهن . ع |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
اي پيغمبرؤ! کائو پاڪ صاف شيون ۽ ڪيو صالح عمل بيشڪ مان جيڪي ڪيو ٿا ڄاڻندڙ آهيان.. |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ بيشڪ هيءُ اوهان جو دين هڪ دين آهي ۽ مان اوهان جو رب آهيان پوءِ مون کان ڊڄو. |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پوءِ ڪيائون ڪم پنهنجو پاڻ ۾ ٽڪرا ٽڪرا هر جماعت ان تي جيڪي ڪجهه انهن وٽ آهي خوش ٿيندڙ آهي. . |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
پوءِ ڇڏ انهن کي نشي انهن جي ۾ هڪ وقت تائين . |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا سمجهن ٿا ته تحقيق جيڪا اسين مدد ڪيون ٿا انهن جي ان سان مال ۽ پٽن سان . |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
جلد ڏيون ٿا انهن کي ڀلايون بلڪ نه ٿا سمجهن. . |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
بيشڪ اهي شخص جيڪي پنهنجي رب جي خوف کان انديشو ڪندڙ آهن . |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ اهي جيڪي پنهنجي رب جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا . |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ اهي جيڪي پنهنجي رب سان شرڪ نه ٿا ڪن . |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ اهي جيڪي ڏيندا آهن اهو جيڪو (سندس واٽ ۾) ڏيندا آهن ۽ دليون انهن جون ڏڪندڙ هونديون آهن ته بيشڪ اهي پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهن . |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اهي جلدي ڪن ٿا ڀلاين ۾ ۽ اهي انهن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آهن . |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
۽ نه ٿا تڪليف ڏيون ڪنهن سرکي مگر ان جي وسعت آهر ۽ اسان وٽ ڪتاب آهي جيڪو ڳالهائي ٿو سچ ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا. . |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
بلڪ دليون انهن جون غفلت ۾ آهن هن کان ۽ انهن جي لاءِ عمل آهن ان کان سواءِ اهي انهن جا ڪندڙ آهن . |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
تانجو جڏهن ورتو اسان آسودن انهن جي کي عذاب سان ان وقت اهي دانهون ڪن پيا . |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
نه دانهون ڪيو اڄ بلاشڪ اوهان اسان جي طرفان نه مدد ڪيا ويندؤ . |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
تحقيق هيون آيتون منهنجون تلاوت ڪيون ٿي ويون اوهان تي پوءِ هيئو کڙين تي ڀڄندا ٿي ويئو. |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
وڏائي ڪندڙ ان سان آکاڻيون کڻندڙ ڇڏي پيا ڏيو. |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ڇا پوءِ نه سوچيائون فرمان کي يا آيو انهن وٽ اهو جيڪو نه آيو ابن ڏاڏن انهن جي اڳين کي . |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا نه سڃاتائون پيغمبرن پنهنجي کي پوءِ اهي ان جي لاءِ انڪاري آهن. . |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا چون ٿا ته ان کي چريائي آهي بلڪ آيو انهن وٽ حق سان ۽ گهڻا انهن مان حق کي نه پسند ڪندڙ آهن. . |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏهن هلي ها حق سڌن انهن جي تي ته البته ويران ٿين ها آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن ۾ آهي بلڪ آندي سون انهن وٽ نصيحت انهن جي پوءِ اهي نصيحت پنهنجيءَ کان منهن موڙيندڙ آهن . |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
ڇا گهرين ٿو انهن کان ڪو اجورو پوءِ اجورو رب تنهنجي جو ڀلو آهي ۽ اهو ڀلو روزي ڏيندڙ آهي. . |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
۽ بيشڪ تون البته سڏين ٿو انهن کي سڌي واٽ ڏانهن . |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
۽ بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي (سڌيءَ) واٽ کان البته پاسيرا آهن . |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
۽ جيڪڏهن رحم ڪيون ها انهن تي ۽ لاهيون ها اهو جيڪو انهن کي ڏک هو ته البته هميشہ رهن ها گمراهيءَ پنهنجيءَ ۾ حيران رهن پيا . |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
۽ البته تحقيق پڪڙيوسون انهن کي عذاب سان پوءِ نه نوڙيا پنهنجي رب جي لاءِ ۽ نه پيا زاري ڪن . |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
تانجو جڏهن کوليوسون انهن تي دروازو ڏاڍي عذاب وارو ته ان وقت اهي ان ۾ نا اميد ٿيندڙ آهن. . ع |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
۽ اهوئي آهي جنهن پيدا ڪيا اوهان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو ٿا شڪر ڪيو . |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
۽ اهو(الله) ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي زمين ۾ ۽ ان ڏانهن ئي اٿاريا ويندؤ . |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
۽ اهوئي آهي جيئرو ٿو ڪري ۽ ماري ٿو ۽ ان جي لاءِ ئي آهي مٽجڻ رات ۽ ڏينهن جو ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو؟ . |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
بلڪ چيائون جيئن چيو پهرين . |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
چيائون ته ڇا جڏهن مرنداسون ۽ ٿي پونداسون مٽي ۽ هڏا ڇا بلاشڪ اسين البته اٿاريل آهيون . |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
البته تحقيق وعدو ڏنا وياسون اسين ۽ ابا ڏاڏا اسان جا هيءُ اڳ ۾ ناهي هيءُ مگر آکاڻيون پهرين جون . |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
فرماءِ ته ڪنهن جي لاءِ آهي زمين ۾ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي جيڪڏهن ڄاڻ رکو ٿا . |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
سگهوئي چوندا الله جي لاءِ، فرماءِ ته ڇا پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو . |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
فرماءِ ته ڪير آهي پالڻهار آسمانن ستن جو ۽ پالڻهار عرش عظيم جو . |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
جلد چوندا ته الله جي لاءِ فرماءِ ته ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو . |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
فرماءِ ته ڪير آهي جو ان جي (قدرتي) هٿ ۾ آهي بادشاهي هر شيءِ جي ۽ اهو پناهه ڏئي ٿو ۽ نه ٿي پناهه ڏني وڃي ان کي جيڪڏهن آهيو جو ڄاڻو ٿا.. |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
جلد چوندا ته الله جي لاءِ فرماءِ ته پوءِ ڪيڏي ٿا جادو ڪيا وڃو . |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
بلڪ آندوسون انهن وٽ حق ۽ بلاشڪ اهي البته ڪوڙا آهن . |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
نه ورتو الله ڪو اولاد ۽ نه آهي ان سان گڏ ڪو معبود ان وقت البته وٺي وڃي ها هر معبود ان کي جنهن کي پيدا ڪيائين ۽ البته مٿي ٿين ها هڪڙا انهن مان ٻين کان پاڪ آهي الله ان کان جيڪو بيان ڪن ٿا . |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
ڄاڻندڙ ڳجهه ۽ ظاهر پوءِ مٿاهون آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا.. ع |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
چؤ ته اي منهنجا پالڻهار! جيڪڏهن ڏيکارين مون کي اهو جيڪو وعدو ڏنا وڃن ٿا . |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
اي منهنجا پالڻهار! پوءِ نه (داخل) ڪر مون کي ظالم قوم ۾ . |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
۽ بيشڪ اسين ان تي جو ڏيکاريون توکي اهو جو وعدو ڏيون ٿا انهن کي البته قدرت رکندڙ آهيون . |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
دفع ڪر ان سان جيڪو سهڻو آهي برائيءَ کي اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون انکي جيڪو بيان ڪن ٿا . |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ چؤ تون اي منهنجا پالڻهار! پناهه گهران ٿو توسان وسوسن شيطانن جي کان . |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
۽ پناهه گهران ٿو توسان اي منهنجا پالڻهار! هن کان جو حاضر ٿين مون وٽ . |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
تانجو جڏهن ايندو هڪڙي انهن جي وٽ موت ته چوندو اي منهنجا پالڻهار! موٽاءِ مون کي . |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
تانته مان ڪيان نيڪ عمل ان ۾ جيڪو ڇڏيو مون هرگز نه بيشڪ اها ڳالهه آهي جيڪا اهو چوندڙ آهي ۽ اڳيان انهن جي هڪ پردو آهي ان ڏينهن تائين جنهن ۾ اٿاريا ويندا. . |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جڏهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ نه آهن نسب انهن ۾ ان ڏينهن ۽ نه هڪ ٻئي کان پڇندا . |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
پوءِ اهو جو ڳرا ٿيندا توراڙا ان جا پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن. . |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جيڪو هلڪا ٿيا توراڙا ان جا پوءِ اهي ئي اهي آهن جن نقصان ۾ وڌو سرن پنهنجن کي جهنم ۾ هميشہ رهندڙ آهن . |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
ساڙيندي منهن انهن جي کي باهه اهي ان ۾ بدشڪل هوندا . |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
ڇا نه هيون آيتون منهنجون تلاوت ڪيون ٿي ويون اوهان تي پوءِ هيئو اوهان انهن کي ڪوڙو ٿي چيُوَ . |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
چيائون ته اي اسان جا پالڻهار! غالب ٿي اسان تي بد بختي اسان جي ۽ هئا سون قوم گمراهه . |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ان مان ڪڍ پوءِ جيڪڏهن وري ڪياسين (گناهه) پوءِ بيشڪ اسين ظالم آهيون. . |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
فرمايائين ته خوار ٿيا پيو هجو ان ۾ ۽ نه ڳالهايو مون سان . |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
بيشڪ هئي جماعت هڪ منهنجي ٻانهن مان چون پيا اي اسان جي پالڻهار اسان ايمان آندو آهي پوءِ بخش ڪر اسان کي ۽ رحم ڪر اسان تي ۽ تون ڀلو رحم ڪندڙ آهين . |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
پوءِ ورتو اوهان انهن کي ٺٺول ڪري تانجو وسارايائون اوهان کان يادگيري منهنجي ۽ انهن تان کلندا هيئو. |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
بلاشڪ مون بدلو ڏنو مون انهن کي اڄ ان سببان جو صبر ڪيائون بلاشڪ اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن . |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
فرمايائين ته ڪيترو رهيئو اوهان زمين ۾ عدد سالن جو . |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
چيائون ته رهياسون ڏينهن يا اڌ ڏينهن پوءِ پڇ ڳڻيندڙن کان . |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
فرمايائين ته نه رهيئو اوهان مگر ٿورو جيڪڏهن تحقيق اوهان ڄاڻو ها . |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا پوءِ سمجهيو اوهان ته تحقيق پيدا ڪيوسون اوهان کي اجايو ۽ بيشڪ اوهان اسان ڏانهن نه موٽايا ويندؤ . |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
پوءِ مٿاهون آهي الله بادشاهه سچو ناهي ڪو معبود سچو مگر اهو رب عرش سڳوري جو . |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جيڪو عبادت ڪندو الله سان گڏ معبود ٻئي جي ناهي ڪو دليل ان لاءِ ان جو پوءِ بيشڪ حساب ان جو رب ان جي وٽ آهي بلاشڪ نه ڪامياب ٿيندا ڪافر . |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
۽ چؤ ته اي منهنجا پالڻهار! بخش ڪر ۽ رحم ڪر ۽ تون ڀلو رحم ڪندڙ آهين. |