قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
بيشڪ اهي ايمان وارا ڪامياب ٿي ويا. |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن. |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
جيڪي بيھوده ڳالهين کان پري رهندڙ آهن. |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
جيڪي پنهنجي نفس جي پاڪائي جو خيال رکندڙ آھن. |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
جيڪي پنھنجي شرم گاھن جي حفاظت ڪندڙ آھن. |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
سواءِ پنھنجي گهر وارين يا پنھنجي ٻانھين جي، ڇوته انهن لاءِ کين ڪابه روڪ ٽوڪ (۽ ملامت) نه آھي. |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
پر جيڪي ماڻهو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه چاھيندڙ آھن ته پوءِ اھڙا ماڻهو ئي حد کان لنگهندڙ آھن. |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
جيڪي پنھنجي امانتن ۽ وعدن جو خيال رکندڙ آھن. |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪي پنھنجي نمازن جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ آھن. |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
اھي ئي ماڻهو (اصل ۾) وارث آھن. |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جيڪي فردوس جي باغن جا وارث ٿيندا ۽ ھو انهن ۾ ھميشه رھندا. |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
بيشڪ اسان انسان کي مٽيءَ جي سَت مان پيدا ڪيو. |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
پوءِ کيس نطفي ۾ تبديل ڪري محفوظ جڳھه تي رکيو. |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
وري اُن نطفي کي رت جي دڳ، وري رت جي دِڳ کي گوشت جي ٻوٽيءَ، وري گوشت جي ٻوٽيءَ کي ھڏيءَ ۾ تبديل ڪندا وياسين، وري ھڏين تي گوشت چاڙھيوسين پوءِ ان کي ھڪ نرالي مخلوق ٺاھيوسين. اللھ تعالى جي ذات وڏي برڪت واري ۽ بھترين پيدا ڪندڙ آھي. |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
وري ان کان پوءِ توھان کي ضرور مرڻو آھي. |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
پوءِ توھان کي قيامت جي ڏينھن ضرور اٿاريو ويندو. |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
بيشڪ اسان توھان جي مٿان ست رستا ٺاھيا. ٺاھڻ واري ڪم کان اسان اڻ واقف نه آھيون. |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ اسان آسمان مان مناسب مقدار ۾ پاڻي نازل ڪيو پوءِ ان کي زمين ۾ ئي رھڻ ڏنو ۽ اسان اُن پاڻي کي سُڪائڻ جي طاقت به رکون ٿا. |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ اُن پاڻي جي ذريعي اسان توھان جي لاءِ کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا. انهن ۾ توھان لاءِ (مختلف قسمن جا) گهڻائي ميوا آھن جن کي توھان روزي طور استعمال ڪريو ٿا. |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
ھڪ اھڙو وڻ به آھي جيڪو طور سينآء جي علائقي ۾ ٿئي ٿو (يعني زيتون جو وڻ) ان مان تيل به ملي ٿو ۽ کائڻ لاءِ ٻوڙ طور به ڪم اچي ٿو. |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
بيشڪ توھان لاءِ جانورن ۾ به ھڪ وڏو سبق آھي، انهن جي پيٽن ۾ جيڪو ڪجهه آھي ان مان توھان کي ھڪ شيءِ پياريون ٿا (يعني کير)، انهن جانورن ۾ توھان لاءِ وڏا فائدا رکيل آھن ۽ انهن مان ڪن جو توھان گوشت به کائيندا آھيو. |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن جانورن ۽ ٻيڙين تي سواري به ڪندا آھيو. |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
بيشڪ اسان نوح ($) کي پنھنجي قوم ڏانھن موڪليو. ھن چيو ته: ”اي منھنجي قوم! اللھ تعالى جي عبادت ڪريو. ان کان سواءِ توھان جو ٻيو ڪير به معبود ناھي. پوءِ توھان ڇو نٿا ڊڄو؟“ |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
قوم جي انهن سردارن جن مڃڻ کان انڪار ڪيو تن چيو ته ھي ته رڳو اوھان جھڙو ئي هڪ انسان آھي. جيڪو اوھان تي برتري حاصل ڪرڻ چاھي ٿو. جيڪڏھن اللھ تعالى کي رسول موڪلڻو ھجي ھا ته اسان ڏي فرشتوموڪلي ھا. انسان جي رسول ٿي اچڻ واري ڳالھ ته اسان ڪڏھن پنهنجن ابن ڏاڏن کان به نه ٻڌي آھي. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
ھي ته اُھو ماڻهو ٿو لڳي جنھن ۾ چريائپ جي بيماري ھجي. ٺيڪ آ ڪجهه وقت انتظار ڪري وٺو ته جيئن مٿس چريائپ جو دؤرو ختم ٿي وڃي. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
نوح ($) چيو ته اي منھنجا پالڻھار! ھاڻي تون منھنجي مدد فرماءِ. انهن ماڻهن ته مون کي ڪوڙي ڪرڻ جي حد ڪري ڇڏي آھي. |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
پوءِ اسان کيس وحي ڪئي ته اسان جي نگراني ۽ ھدايت مطابق ٻيڙو ٺاھ ۽ جڏھن به اسان جو حڪم اچي ۽ تنور اڀامي پوي ته تون ان ۾ ھر قسم جي جانورن جو ھڪ ھڪ جوڙو (نر ۽ مادي) ۽ مؤمنن کي ان ۾ سوار ڪجانءِ، باقي جن ماڻهن کي اسان تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهيون انهن کي سوار نه ڪجانءِ ۽ ظالمن جي باري ۾ مون سان ڪجهه به نه ڳالھائجانءِ ڇو جو ھاڻي ھي سڀ غرق ٿيڻ وارا آھن. |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
ٻيڙي تي سوار ٿيڻ کان پوءِ تون ۽ تنھنجا ساٿي (سڀ گڏجي) چؤ ته: سڀ تعريفون اللھ تعالى جي لاءِ آھن جنھن اسان کي ظالم قوم کان نجات ڏياري. |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
اھا به دعا گهرو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي برڪت واري جڳھ تي لاھ، بيشڪ تون ئي بھترين جڳھ تي لاھيندڙ آھين. |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
بيشڪ ھن واقعي ۾ وڏيون نشانيون آھن ۽ اسان اھڙي طريقي سان ئي ماڻهن جي آزمائش ڪندا آھيون. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
انهن کان پوءِ اسان ھڪ ٻي قوم کي پيدا ڪيو. |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ اسان ان ۾ به انهن مان ئي ھڪ رسول سڳورو موڪليو، جنهن کين چيو ته: اللھ تعالى جي عبادت ڪريو ان کان سواءِ توھان جو ٻيو ڪير به معبود نه آھي، پوءِ به توھان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
سندس قوم جي سردارن، جن مڃڻ کان انڪار ڪيو، آخرت جي ڏينھن پيش ٿيڻ کي ڪوڙو ڪيو ۽ جن کي اسان دنيا ۾ مالدار ڪيو تن سڀني (گڏجي) چيو ته: ھي (رسول) ته توھان جھڙو ئي انسان آھي جيڪو توھان کائو ۽ پيئو ٿا ھي به اھو ئي کائي ۽ پيئي ٿو. |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
ھاڻي جيڪڏھن توھان پاڻ جھڙي انسان جي اطاعت قبول ڪئي ته پوءِ توھان وڏي خساري ۾ پئجي ويندا. |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
ھي شخص توھان کي يقين سان چوي ٿو ته جڏھن توھان مري مٽيءَ ۾ ڳري ھڏا ٿي ويندا ته پوءِ توھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو. |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
ناممڪن! ايئن ٿيڻو ئي ناھي! جيڪا ڳالھ هي يقين سان چوي ٿو سا ٿيڻ جھڙي ئي نه آھي. |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
اسان جي زندگي رڳو ھن دنيا واري زندگي آھي. اسان کي ھتي ئي مرڻو ۽ جيئڻو آھي ۽ اسان کي ڪڏھن به ٻيھر جيئرو ڪري ڪونه اٿاريو ويندو. |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
ھي شخص رڳو اللھ تعالى تي ڪوڙ ھڻي ٿو، اسان کيس ڪڏھن به نه مڃينداسين. |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
رسول سڳوري چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! ھنن ماڻهن مون کي ڪوڙو ڪيو آھي سو تون ھاڻي منھنجي مدد فرماءِ. |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
اللھ تعالى فرمايو (فڪر نه ڪر) ھي ماڻهو ٿوري وقت کان پوءِ (پنھنجي ڪيل عمل تي) ضرور پشيمان ٿيندا. |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
آخرڪار انهن کي رَڙِ جي عذاب اچي پڪڙيو پوءِ اسان کين ڪُترِ ڪُترِ ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو. (اھڙي طرح) هڪ ظالم قوم کي (رحمت کان) محروم ڪيو ويو. |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
انهن کان پوءِ اسان ٻين قومن کي پيدا ڪيوسين. |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ڪابه قوم پنھنجي مقرر وقت کان نه ته اڳ ختم ٿيندي آھي ۽ نه ئي پوءِ. |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
اسان لڳاتار پنھنجا رسول (سڳورا) موڪليا، پر جنھن قوم ڏي سندن رسول سڳورو آيو ته انهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو پوءِ اسان (به) کين ھڪ ٻئي پٺيان تباهه ڪندا رھياسين ۽ ٻين جي لاءِ کين تاريخ جي ھڪ ڪھاڻي بڻائي ڇڏي. ايمان نه آڻيندڙ قوم (اللھ تعالى جي رحمت کان) محروم ڪئي وئي. |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
وري اسان موسى ($) ۽ سندس ڀاءُ ھارون ($) کي پنھنجيون نشانيون ۽ مضبوط دليل ڏئي موڪليوسين. |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن (ته جيئن ھي نشانيون ۽ دليل کين ٻڌائين) پر انهن ھي نشانيون ۽ دليل ڏسي وڏائي ڪئي (حقيقت ھي آھي ته) اُھي وڏا سرڪش (۽ مغرور) ماڻهو ھئا. |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
چوڻ لڳا ته ڇا اسان پاڻ جھڙن ٻن ماڻهن تي ايمان آڻيون؟ انهن جي حالت اھا آھي جو انهن جي قوم جا ماڻهو خود اسان وٽ باندي (۽ غلام) بڻيل آھن. |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
اُنھن ماڻهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيو ۽ هو سڀ تباهه ٿيندڙن ۾ شامل ٿي ويا. |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنو ته جيئن ماڻهو ان مان ھدايت وٺن. |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ اسان عيسى ($) ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني بڻايو ۽ ٻنهي کي وھندڙ چشمن واري مٿانھين دَڙي تي سڪون سان رھڻ جي جاءِ ڏني. |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
اي رسول سڳورؤ! پاڪيزه شيون کائو ۽ نيڪ عمل ڪندا رھو. مان توھان جي عمل کان خوب واقف آھيان. |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
بيشڪ ھي توھان جي امت ھڪ ئي امت آھي. مان ئي توھان جو پالڻھار آھيان، سو مون کان ئي ڊڄندا ڪريو. |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پر پوءِ ماڻهن (پنھنجي پنھنجي فائدي لاءِ) دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، سو ھاڻي جنھن ماڻهوءَ کي جيڪو ڪجهه آھي سو ھو ان تي (وڏو) خوش آھي. |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
(اي نبيﷺ!) چڱو، انهن ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ سندن غفلت ۾ ئي رھڻ ڏيو. |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا انهن ماڻهن جي گمان ۾ ھي ويٺو آھي ته اسان کين جيڪو به مال ۽ اولاد ڏيندا وڃون ٿا. |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
ته اها اسان کين ڀلائي پھچائڻ ۾ جلدي ڪريون ٿا؟ (هرگز نه) انهن کي اصل ڳالھ جي سمجهه ئي نه آھي. |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جو خوف رکندڙ آھن. |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
پنھنجي پالڻھار جي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن. |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
پنھنجي پالڻھار سان گڏ ڪنھن کي شريڪ نه ڪندا آھن. |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ ھو جيڪو ڪجهه به (پنھنجي طاقت آھر) پيش ڪندا آھن پر (پوءِ به) ھنن جون دليون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ جي خيال کان ڏڪنديون رھنديون آھن. |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
ھي اُھي ماڻهو آھن جيڪي ڀلائي جي ڪمن ۾ جلدي ڪندا آھن ۽ اڳرائي ڪري نيڪيون حاصل ڪندڙ آھن. |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
اسان ڪنھن به ماڻهوءَ تي سندس طاقت کان وڌيڪ ذميداري نه وجهندا آھيون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جيڪو بلڪل صحيح صحيح ڳالھ ٻڌائيندو آھي ۽ ماڻهن تي تِر جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
پر اھڙن معاملن کان انهن ماڻهن جون دليون بلڪل غفلت ۾ پيل آھن ۽ سندن ڪم به ڀلائين ۾ اڳرائي ڪرڻ وارن جي بلڪل ابتڙ ھوندا آھن پر پوءِ به هو ساڳيا ئي (برا) ڪم ڪندا رھن ٿا. |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
ايستائين جو جڏھن اسان انهن جي مالدار ماڻهن کي عذاب ۾ پڪڙينداسين ته پوءِ هو فوراً دانھون ڪرڻ شروع ڪندا. |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
(پوءِ اسان کين چونداسين ته) ھاڻي دانھون ڪرڻ بند ڪريو (دانھُن ڪرڻ مان ھاڻي ڪھڙو فائدو؟) توھان کي اسان جي طرفان ڪنھن به قسم جي مدد ملڻي ناھي. |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
جڏھن توھان کي منھنجون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون ھيون ته (ٻڌندي ئي) توهان پويان پير ڪري ڀڄندا ھئا. |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
پنھنجي تڪبر ۽ فضول ڳالهين ۾ اچي ھن (قرآن) کي ڇڏي ڀڄندا ھئا. |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ڇا ھنن ماڻهن ڪڏھن قرآن ڏي توجھه نه ڏنو يا ھنن وٽ ڪا اھڙي شيءِ آھي جيڪا ھنن جي ابن ڏاڏن ڏانھن نه آئي ھئي. |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا ھو پنھنجي رسول (سڳوري) کان ڪڏھن واقف ئي نه آھن جو ھُن کان ٽَھي وڃن ٿا. |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا ته ھُن کي چريو ٿا سمجهن (ايئن ھرگز ناھي) ھو ته انهن وٽ سچي ڳالھ کڻي آيو آھي، پر سچي ڳالھ گهڻن ماڻهن کي پسند ئي نه آھي. |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
جيڪڏھن حق جي ڳالھ انهن ماڻهن جي خواھشن جي مطابق ھجي ھا ته آسمانن، زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ موجود آھي تن سڀني جو نظام تباهه ٿي وڃي ھا. بلڪ اسان ته انهن وٽ سندن ڀلائي واري نصيحت آندي آھي. پوءِ ھو پنھنجي ئي نصيحت واري شيءِ کان منھن موڙين ٿا. |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
ڇا تون انهن کان ڪو نذرانو وغيره گهرين ٿو؟ تو وٽ ته اللھ تعالى جو ڏِنو سڀ کان بھتر آھي ۽ ھو بھترين رزق ڏيندڙ آھي. |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
بيشڪ تون انهن کي سڌي رستي ڏي سڏين ٿو. |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
باقي جيڪي ماڻهو آخرت کي مڃين ئي نٿا، سي سڌي رستي کان پاسيرا ٿي ھلڻ گهرن ٿا. |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
جيڪڏھن اسان مٿن رحم ڪريون ۽ مٿن آيل تڪليف کي دور ڪريون ته به ھي ماڻهو پنھنجي سرڪشي ۾ اڃا وڌيڪ مست ٿي رھندا. |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
اسان انهن کي (ننڍن ننڍن) عذابن ۾ پڪڙيوسين پر پوءِ به ھو پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه جهڪيا ۽ نه ئي انهن عاجزي واري راهه ورتي. |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
ها باقي جڏھن اسان مٿن سخت عذاب جو دروازو کوليو ته پوءِ ھو فوراً نااميد ۽ مايوس ٿي ويندا. |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
اُھو (اللھ) ئي آھي جنھن توھان کي ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ سوچڻ جون صلاحيتون عطا ڪيون آهن پر توھان ماڻهو تمام ٿورو شڪر ادا ڪريو ٿا. |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
اھوئي ته آھي جنھن توھان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو، توھان کي ان ڏانھن ئي گڏ ڪيو ويندو. |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
اھوئي آھي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو. رات ۽ ڏينھن جي ڦير گهير ان جي ئي ھٿ ۾ آھي پوءِ توھان ماڻهو عقل کان ڪم ڇو نٿا وٺو؟ |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
بلڪه ھي ماڻهو به اُھي ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي ھنن کان اڳ گذري ويل ماڻهن چيون هيون. |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
چون ٿا ته جڏھن اسان مري وينداسين ۽ مٽيءَ ۾ ڳري ھڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي وري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريو ويندو؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
بيشڪ اسان ۽ اسان جا ابا ڏاڏا به اھڙا ڪيترائي وعدا ٻڌي چڪا آھن ھي ته رڳو پھرين دؤر جون ٺھيل ڪھاڻيون آھن. |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
(اي نبيﷺ!) انهن کي ٻڌاءِ ته جيڪڏھن توھان کي خبر آھي ته پوءِ ٻڌايو ته زمين ۽ ان ۾ موجود شيون ڪنھن جون آھن؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
ھي ضرور چوندا ته اللھ تعالى جون آھن، تون کين چؤ ته پوءِ به توھان نصيحت نٿا وٺو؟ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
تون انهن کان پُڇا ڪر ته ستن آسمانن ۽ عرش عظيم جو مالڪ ڪير آھي؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
ھي جواب ڏيندا ته اللھ تعالى، تون (کين فوراً) چؤ ته پوءِ توھان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
وري تون انهن کان پڇا ڪر ته جيڪڏھن توھان سمجهو ٿا ته ٻڌايو ڀلا ھر شيءِ تي ڪنھن جي حڪومت آھي جيڪو سڀني کي پناهه ڏئي ٿو ۽ ھن جي مقابلي ۾ ڪير به پناهه نٿو ڏيئي سگهي؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
ھو ضرور چوندا ته اللھ تعالى، (ھاڻي) تون انهن کي چؤ ته پوءِ توھان ڪاڏي وڃي جادوءَ جي ڌوڪي ۾ ڦاسي ويا آهيو؟ |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
اسان ته انهن کي (ھر طرح سان) حق ڳالھ پھچائي ڇڏي آهي پر ھي ماڻهو وڏا ڪوڙا آھن. |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
اللھ تعالى ڪنھن کي به پنھنجي اولاد نه ٺاھيو آھي ۽ نه ئي ان سان گڏ ڪو ٻيو معبود آھي، جيڪڏھن ايئن ھجي ھا ته ھر معبود، پنھنجي مخلوق کي پاڻ سان گڏ وٺي ڌار ٿي وڃي ھا ۽ پوءِ ھو ھڪ ٻئي تي چڙھائي ڪن ھا. ھي ماڻهو جيڪي ٺاهه ٺاھين ٿا تن کان اللھ تعالى جي ذات پاڪ آھي. |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
اللھ تعالى جي ذات ڳجهه ۽ ظاھر کي ڄاڻندڙ آھي، ھي ماڻهو جن کي شريڪ سمجهن ٿا ھوءَ انهن سڀني کان مٿانھين ذات آھي. |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
(اي نبيﷺ!) (ھي) دعا گهرندو رهه ته اي منھنجا پالڻھار! جنهن عذاب جي انهن کي ڌمڪي ڏني وڃي ٿي اها جيڪڏھن منھنجي زندگيءَ ۾ انهن (ڪافرن) تي نازل ڪري مون کي ڏيکارين. |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
ته پوءِ پالڻھار! مون کي انهن ظالم ماڻهن ۾ شامل نه ڪجانءِ. |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
بيشڪ اسان انهن (ڪافرن) سان ڪيل وعدو تنھنجي زندگيءَ ۾ آڻڻ جي پوري طاقت رکون ٿا. |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
تون برائي کي بھترين طريقي سان ٽاريندو رهه. اسان انهن ماڻهن جي ٺاھيل ڳالهين کي چڱيءَ طرح سمجهون ٿا. |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ تون ھي به دعا گهرندو رهه ته اي منھنجا پالڻھار! مان شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناهه گهران ٿو. |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
اي منھنجا پالڻھار! انهن (شيطانن) جي مون وٽ اچڻ کان به مان تنھنجي پناهه گهران ٿو. |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
ايستائين جو جڏھن انهن مان ڪنھن کي موت اچي ٿو ته چوي ٿو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي دنيا ۾ واپس موڪل. |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
جنھن دنيا کي مان ڇڏي آيو آھيان، اميد آھي ته ھاڻي مان نيڪ عمل ڪندس. ھرگز نه! اھا ته سندس ھڪڙي خيالي ڳالھ آھي جيڪا ھو چوي ٿو. ھاڻي انهن سڀني جي پٺيان قيامت جي ڏينھن تائين ھڪ پردو اچي ويندو. |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جڏھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته اُن ڏينھن سندن وچ ۾ ڪوبه ڪُڙم قبيلو نه رھندو ۽ نه ئي هو ان ڏينھن پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کان پڇا ڳاڇا ڪري سگهندا. |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
پوءِ ان ڏينھن جنھن جا (نيڪيءَ جا) وزن ڳرا ھوندا اُھي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جنھن جا نيڪيءَ جا پَلڙا (يعني پُڙَ) ھلڪا ھوندا ته بيشڪ اھڙن ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو، ھو ھميشه جھنم ۾ رھندا. |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
باهه انهن جي چھرن کي ساڙي ڇڏيندي ۽ هو ان ۾ بدصورت شڪل ۾ پيا ھوندا. |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
ڇا توھان کي منھنجون آيتون پڙھي نه ٻڌايون وينديون ھيون پوءِ به توھان انهن کي ڪوڙو ڪندا ھئا؟ |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
ھو چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اُن وقت اسان کي نڀاڳ کنيو بيٺو ھو ۽ اسان واقعي گمراهه ماڻهو ھئاسين. |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
(وڌيڪ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ھن جھنم مان ڪڍ. ھاڻي جيڪڏھن اسان آئندهه ايئن ڪيو ته پوءِ اسان وڏا ظالم ھونداسين. |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
اللھ تعالى فرمائيندو ته منھنجي اڳيان ھٽي وڃو. وڃي جھنم ۾ خوار پيا ھجو. مون سان نه ڳالھايو. |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
دنيا ۾ منھنجي ٻانهن مان ھڪ جماعت اھڙي ھئي جيڪا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار! اسان ايمان آندو، اسان کي معاف فرماءِ ۽ اسان تي رحم ڪر . تون ئي رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آھين. |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
توھان ان جماعت تي ٺٺوليون ڪندا ھئا. انهن سان دشمنيءَ توھان کي ھي به وسارائي ڇڏيو هو ته مان به ڪو (اللھ) آھيان ۽ توھان ان تي کلندا رھيا. |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
اڄ مان انهن کي ان صبر جو بدلو ڏنو آهي ته بيشڪ اهي ما ڻهو ڪامياب آهن. |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
اللھ تعالى انهن (ڪافرن) کان پڇندو ته توھان ڌرتيءَ تي ڪيترا سال رھيا هوندا؟ |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
ھو جواب ۾ چوندا ته اسان ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڪجهه حصو رھيا ھونداسين. ڀلا صحيح اندازو لڳائڻ وارن کان ئي پڇا ڪري وٺو. |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
اللھ تعالى فرمائيندو ته توھان (واقعي) ٿورو ئي وقت رھيا آهيو پر جيڪڏھن ان ڳالھ کي پھريائين سمجهي وٺو ھا ته ڇا ٿي پوي ھا؟ |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا توھان ماڻهن اھو سمجهي ڇڏيو ھو ته اسان توھان کي اجايو پيدا ڪيو ۽ توھان کي اسان ڏي ڪڏھن موٽڻو ئي نه ھو؟ |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
بس! اللھ حقيقي بادشاهه جي ذات اقدس تمام گهڻو مٿانھين آھي. ان کان سواءِ ڪير به معبود نه آھي. ھو سڳوري عرش جو مالڪ آھي. |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
جيڪو شخص بغير ڪنھن دليل جي اللھ تعالى کان سواءِ ٻين کي سڏي ٿو ته ان جو حساب سندس پالڻھار وٽ آھي. بيشڪ اھڙا ڪافر ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندا. |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته منھنجا پالڻھار! مون کي معاف فرماءِ، مون تي رحم ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آھين. |