قَد أَفلَحَ المُؤمِنونَ (آيت : 1) |
بيشڪ نجات حاصل ڪئي ايمان آڻڻ وارن |
الَّذينَ هُم فى صَلاتِهِم خٰشِعونَ (آيت : 2) |
جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندا آهن |
وَالَّذينَ هُم عَنِ اللَّغوِ مُعرِضونَ (آيت : 3) |
اجاين ڳالهين کان پري رهندا آهن |
وَالَّذينَ هُم لِلزَّكوٰةِ فٰعِلونَ (آيت : 4) |
جيڪي زڪوات جي طريقي تي عمل ڪندا آهن |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 5) |
۽ پنهنجي اوگهڙ جي حفاظت ڪندا آهن |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 6) |
سواءِ پنهنجين زالن جي ۽ انهن عورتن جي جيڪي سندن ٻانهيون آهن انهن تي (محفوظ نه رکڻ ۾) ملامت جوڳا نه آهن |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 7) |
البته جيڪي ان کان علاوه ٻيو گهرن اهي ئي زيادتي ڪرڻ وارا آهن |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 8) |
۽ پنهنجن امانتن جو ۽ پنهنجي عهد ۽ انجام جو لحاظ رکندا آهن |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلَوٰتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 9) |
۽ اهي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا آهن |
أُولٰئِكَ هُمُ الوٰرِثونَ (آيت : 10) |
اهي ئي ماڻهو وارث آهن |
الَّذينَ يَرِثونَ الفِردَوسَ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 11) |
جيڪي ورثي فردوس کي لهندا، ۽ هميشه ئي ان ۾ رهندا |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن سُلٰلَةٍ مِن طينٍ (آيت : 12) |
۽ اسان خلقيو انسان کي ست مٽيءَ جي مان |
ثُمَّ جَعَلنٰهُ نُطفَةً فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 13) |
وري رکيو هڪ ٽپڪندڙ بوند کي هڪ خاص هنڌ محفوظ ڪري |
ثُمَّ خَلَقنَا النُّطفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقنَا العَلَقَةَ مُضغَةً فَخَلَقنَا المُضغَةَ عِظٰمًا فَكَسَونَا العِظٰمَ لَحمًا ثُمَّ أَنشَأنٰهُ خَلقًا ءاخَرَ فَتَبارَكَ اللَّهُ أَحسَنُ الخٰلِقينَ (آيت : 14) |
وري ان بوند کي هڪ دڳ جي شڪل ڏني سين، وري ان دڳ کي ٻوٽي بڻايو، وري ان ٻوٽيءَ جا هڏا ٺاهياسين، پوءِ انهن هڏن تي گوشت چاڙهيو، پوءِ بيهاريو ان ٻي (نئين) مخلوق کي ٺاهي، پوءِ الله ئي وڏو برڪت وارو سڀني کان سٺو ڪاريگر آهي |
ثُمَّ إِنَّكُم بَعدَ ذٰلِكَ لَمَيِّتونَ (آيت : 15) |
وري ان کان پوءِ توهان کي ضرور مرڻو آهي |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ تُبعَثونَ (آيت : 16) |
پوءِ توهان ضرور قيامت جي ڏينهن اٿاريا ويندؤ |
وَلَقَد خَلَقنا فَوقَكُم سَبعَ طَرائِقَ وَما كُنّا عَنِ الخَلقِ غٰفِلينَ (آيت : 17) |
۽ بيشڪ اسان ٺاهيا توهان جي مٿان ست رستا ۽ بناوٽ جي انهيءَ ڪم کان اسان ڪي اڻڄاڻ ڪونه هئاسين |
وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَسكَنّٰهُ فِى الأَرضِ وَإِنّا عَلىٰ ذَهابٍ بِهِ لَقٰدِرونَ (آيت : 18) |
۽ نازل ڪيوسين آسمان مان پاڻي خاص پوري مقدار ۾ ۽ ان کي بيهاريو زمين ۾، ۽ اسان جيئن وڻي تيئن غائب ڪري ٿا سگهون |
فَأَنشَأنا لَكُم بِهِ جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ لَكُم فيها فَوٰكِهُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 19) |
پوءِ ان پاڻيءَ سان توهان جي لاءِ اسان باغ پيدا ڪيا کجين ۽ انگورن جا، توهان جي لاءِ انهن باغن ۾ لذيذ ڪيترا ميوا آهن جن سان توهان روزي حاصل ڪندا آهيو |
وَشَجَرَةً تَخرُجُ مِن طورِ سَيناءَ تَنبُتُ بِالدُّهنِ وَصِبغٍ لِلءاكِلينَ (آيت : 20) |
۽ اهو وڻ به اسان پيدا ڪيو آهي جيڪو طور سينا مان نڪرندو آهي تيل کڻي ڄمندو آهي ۽ ڳنڌڻ (ڀاڄي) آهي کائڻ وارن لاءِ |
وَإِنَّ لَكُم فِى الأَنعٰمِ لَعِبرَةً نُسقيكُم مِمّا فى بُطونِها وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ كَثيرَةٌ وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 21) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته جانورن ۾ به سبق آهي توهان جي لاءِ. جيڪي ڪجهه آهي انهن جي پيٽن ۾ انهيءَ مان هڪ شيءِ (کير) توهان کي پياريون ٿا ۽ ٻيا به ڪيترا ئي فائدا آهن ۽ انهن کي توهان کائيندا آهيو |
وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 22) |
۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي توهان سواري به ڪندا آهيو |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 23) |
۽ موڪليو اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن، هن چيو، ”اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي، ان کان سواءِ توهان جو ڪوبه خدا نه آهي، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟“ |
فَقالَ المَلَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يُريدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيكُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً ما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 24) |
سندس قوم جي جن سردارن مڃڻ کان انڪار ڪيو، چوڻ لڳا، هي شخص ڪجهه نه آهي پر توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي، سندس مقصد هي آهي ته مٿاهون رهي توهان تي، ۽ اگر موڪلڻو هجي ها الله کي ته موڪلي ها ملائڪ (فرشتو). ۽ اها ڳالهه ته اسان ڪڏهن به ابن ڏاڏن جي وقتن ۾ ٻڌي نه هئي (ته بشر رسول ٿي اچي) |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ بِهِ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصوا بِهِ حَتّىٰ حينٍ (آيت : 25) |
اهو ڪجهه به نه آهي بس هن شخص ۾ ٿوري چريائي اچي وئي آهي ٿورو وقت اڃا ڏسو (شايد فرق اچي) |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 26) |
نوح چيو، پالڻهار! انهن ماڻهن مون کي ڪوڙو چيو آهي هاڻي تون منهنجي مدد ڪر |
فَأَوحَينا إِلَيهِ أَنِ اصنَعِ الفُلكَ بِأَعيُنِنا وَوَحيِنا فَإِذا جاءَ أَمرُنا وَفارَ التَّنّورُ فَاسلُك فيها مِن كُلٍّ زَوجَينِ اثنَينِ وَأَهلَكَ إِلّا مَن سَبَقَ عَلَيهِ القَولُ مِنهُم وَلا تُخٰطِبنى فِى الَّذينَ ظَلَموا إِنَّهُم مُغرَقونَ (آيت : 27) |
پوءِ اسان ان تي وحي موڪليو، هڪ ٻيڙي تيار ڪر اسان جي نگرانيءَ ۾ ۽ اسان جي وحي مطابق، پوءِ جڏهن اسان جو حڪم اچي وڃي ۽ تنور اُڀامي پوي، تڏهن کڻجان هر قسم جي جانورن مان هڪ هڪ جوڙو ۽ سوار ٿي ان ۾ ۽ پنهنجي اهل عيال کي به ساڻ کڻ سواءِ انهن جي جن جي خلاف فيصلو آهي ۽ نه چئجانءِ ظالمن جي باري ۾ ڪجهه، اهي هاڻي ٻڏڻ وارا آهن |
فَإِذَا استَوَيتَ أَنتَ وَمَن مَعَكَ عَلَى الفُلكِ فَقُلِ الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى نَجّىٰنا مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 28) |
پوءِ جڏهن تون سوار ٿي وڃين ساٿين سان ٻيڙيءَ تي، تڏهن تون چئجان، شڪر آهي هر تعريف جي لائق الله آهي، جنهن ڇوٽڪارو ڏنو اسان کي هن ظالم قوم کان |
وَقُل رَبِّ أَنزِلنى مُنزَلًا مُبارَكًا وَأَنتَ خَيرُ المُنزِلينَ (آيت : 29) |
۽ چئجانءِ، اي منهنجا پالڻهار! مون کي لاهه برڪت واري هنڌ ۽ تون ئي بهترين هنڌ ڏيڻ وارو آهين |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ وَإِن كُنّا لَمُبتَلينَ (آيت : 30) |
بيشڪ هن قصي ۾ وڏيون نشانيون آهن ۽ آزمائش ته اسان ڪندا ئي آهيون |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 31) |
انهيءَ کان پوءِ اسان اٿاريو هڪ ٻئي دور جي قوم کي آخرڪار |
فَأَرسَلنا فيهِم رَسولًا مِنهُم أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 32) |
پوءِ موڪليوسين انهن ۾ هڪ رسول انهيءَ (قوم) مان جنهن کين دعوت ڏني ته بندگي ڪريو الله جي، توهان جو ان خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ الَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِلِقاءِ الءاخِرَةِ وَأَترَفنٰهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ما هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم يَأكُلُ مِمّا تَأكُلونَ مِنهُ وَيَشرَبُ مِمّا تَشرَبونَ (آيت : 33) |
۽ سندس قوم جي سردارن پڻ (پنهنجي قوم سميت) انڪار ڪيو ۽ ڪوڙو چيو آخرت جي حاضري کي، ۽ جن کي اسان آسودو ڪيو هو دنيا جي حياتيءَ ۾ سي چوڻ لڳا، ”هي شخص ته ڪجهه ناهي سواءِ توهان جهڙو هڪ انسان، جيڪي توهان کائو ٿا هو اهو کائي ٿو ۽ جيڪي توهان پيئو ٿا هو به پئي ٿو |
وَلَئِن أَطَعتُم بَشَرًا مِثلَكُم إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 34) |
۽ هاڻي جي توهان اطاعت ڪئي پاڻ جهڙي انسان جي ته يقينًا توهان گهاٽي ۾ ئي رهندؤ |
أَيَعِدُكُم أَنَّكُم إِذا مِتُّم وَكُنتُم تُرابًا وَعِظٰمًا أَنَّكُم مُخرَجونَ (آيت : 35) |
هي توهان کي ٻڌائي ٿو ته جڏهن توهان مري خاڪ ٿي ويندا تڏهن توهان جو (هڏائون پڃرو) وري (قبرن مان ڪڍي) اٿاري جيئرو ڪيو ويندو |
هَيهاتَ هَيهاتَ لِما توعَدونَ (آيت : 36) |
پري، بلڪل پري آهي اهو وعدو جيڪو توهان سان ڪيو پيو وڃي |
إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 37) |
زندگي ته ڪجهه به ناهي بس اها ئي حياتي دنيا جي، اتي ئي اسان کي مرڻو ۽ جيئڻو آهي ۽ اسان هرگز وري جيئرا ٿي نه اٿاريا وينداسين |
إِن هُوَ إِلّا رَجُلٌ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا وَما نَحنُ لَهُ بِمُؤمِنينَ (آيت : 38) |
هي شخص ته ٺاهي رهيو آهي الله تي ڪوڙ، ۽ اسين کيس ڪڏهن به مڃڻ وارا نه آهيون |
قالَ رَبِّ انصُرنى بِما كَذَّبونِ (آيت : 39) |
رسول چيو، پالڻهار! منهنجي مدد فرماءِ، انهن مون کي ڪوڙو چيو آهي |
قالَ عَمّا قَليلٍ لَيُصبِحُنَّ نٰدِمينَ (آيت : 40) |
ارشاد ٿيو ويجهو آهي اهو وقت جڏهن هي پڇتائيندا پنهنجي ڪِئي تي |
فَأَخَذَتهُمُ الصَّيحَةُ بِالحَقِّ فَجَعَلنٰهُم غُثاءً فَبُعدًا لِلقَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
نيٺ کين پڪڙيو سين ٺيڪ حق مطابق هڪ وڏي ٺڪاءُ سان، پوءِ اسان کين ڪچرو بنائي اڇليو پري ظالم قوم کي |
ثُمَّ أَنشَأنا مِن بَعدِهِم قُرونًا ءاخَرينَ (آيت : 42) |
وري اسان ٻيهر اٿاريون انهن کان پوءِ ٻيون قومون |
ما تَسبِقُ مِن أُمَّةٍ أَجَلَها وَما يَستَـٔخِرونَ (آيت : 43) |
ڪابه قوم پنهنجي وقت کان اڳي ختم نه ٿي ۽ نه وري پوءِ ان کان ترسي سگهي |
ثُمَّ أَرسَلنا رُسُلَنا تَترا كُلَّ ما جاءَ أُمَّةً رَسولُها كَذَّبوهُ فَأَتبَعنا بَعضَهُم بَعضًا وَجَعَلنٰهُم أَحاديثَ فَبُعدًا لِقَومٍ لا يُؤمِنونَ (آيت : 44) |
ان کان پوءِ اسان موڪليا پنهنجا رسول هڪ ٻئي پٺيان، جنهن قوم وٽ به ڪو رسول آيو ته ان کيس ڪوڙو چيو، ۽ اسان به هڪ ٻئي پٺيان هڪ هڪ قوم کي ناس ڪندا وياسين آخر کين هڪ ڪهاڻي بڻائي ڇڏيو، لعنتي آهن اهي جيڪي ايمان نٿا آڻين |
ثُمَّ أَرسَلنا موسىٰ وَأَخاهُ هٰرونَ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 45) |
پوءِ اسان موڪليو موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ هارون کي پنهنجين نشانين ۽ پڌري سَنَدَ سان |
إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا عالينَ (آيت : 46) |
فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، پر انهن وڏائي ڪئي ۽ اها هٺيلي قوم هئي |
فَقالوا أَنُؤمِنُ لِبَشَرَينِ مِثلِنا وَقَومُهُما لَنا عٰبِدونَ (آيت : 47) |
هو چوڻ لڳا، ڇا پاڻ جهڙن ٻن ماڻهن تي ايمان آڻيون ۽ ماڻهو به اهي جن جي قوم اسان جي غلام آهي |
فَكَذَّبوهُما فَكانوا مِنَ المُهلَكينَ (آيت : 48) |
۽ پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو چيو ۽ هلاڪ ٿيڻ وارن سان وڃي مليا |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ عطا ڪيوسين موسيٰ کي ڪتاب ته جيئن ماڻهو ان مان رهنمائي وٺن |
وَجَعَلنَا ابنَ مَريَمَ وَأُمَّهُ ءايَةً وَءاوَينٰهُما إِلىٰ رَبوَةٍ ذاتِ قَرارٍ وَمَعينٍ (آيت : 50) |
۽ بنايوسين مريم جي پٽ ۽ سندس ماءُ کي هڪ نشاني، ۽ انهن کي هڪ مٿانهين وهندڙ پاڻي (چشمن) واري هنڌ تي رکيوسين جيڪا اطمينان بخش جاءِ هئي |
يٰأَيُّهَا الرُّسُلُ كُلوا مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَاعمَلوا صٰلِحًا إِنّى بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 51) |
اي پيغمبر! کائو (هي) پاڪ شيون ۽ عمل سُٺا ڪريو، بيشڪ توهان جيڪي ڪندا آهيو ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو |
وَإِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاتَّقونِ (آيت : 52) |
۽ بيشڪ هيءَ توهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آئون توهان جو رب آهيان بس فقط مون کان ئي ڊڄو |
فَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم زُبُرًا كُلُّ حِزبٍ بِما لَدَيهِم فَرِحونَ (آيت : 53) |
پر ماڻهن ٽڪر ٽڪر ڪري ورتو پنهنجي دين کي، هر ٽولي وٽ جيڪي ڪجهه آهي ان ۾ ئي اها مگن آهي |
فَذَرهُم فى غَمرَتِهِم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 54) |
پر چڱو انهن کي ڇڏ، ته پنهنجي غفلت ۾ خاص وقت تائين ٻڏل رهن |
أَيَحسَبونَ أَنَّما نُمِدُّهُم بِهِ مِن مالٍ وَبَنينَ (آيت : 55) |
ڇا اهي سمجهن ٿا ته اسان کين جنهن مال ۽ اولاد سان مدد ڏيندا ٿا وڃون |
نُسارِعُ لَهُم فِى الخَيرٰتِ بَل لا يَشعُرونَ (آيت : 56) |
ڄڻ ته انهن کي ڀلايون ڏيڻ ۾ سرگرم آهيون، نه! اصل معاملي جو کين شعور ڪونهي |
إِنَّ الَّذينَ هُم مِن خَشيَةِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 57) |
حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو ڊڄڻ وارا آهن پنهنجي رب کان، دهشت ۾ |
وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِ رَبِّهِم يُؤمِنونَ (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا |
وَالَّذينَ هُم بِرَبِّهِم لا يُشرِكونَ (آيت : 59) |
۽ جيڪي پنهنجي رب سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿا ڪن |
وَالَّذينَ يُؤتونَ ما ءاتَوا وَقُلوبُهُم وَجِلَةٌ أَنَّهُم إِلىٰ رَبِّهِم رٰجِعونَ (آيت : 60) |
۽ جن جو حال هي آهي ته ڏيندا آهن جو ڪجهه به ته سندن دليون ڏڪنديون رهنديون آهن ته اسان کي پنهنجي رب ڏي موٽڻو آهي |
أُولٰئِكَ يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَهُم لَها سٰبِقونَ (آيت : 61) |
اهي ئي ڊوڙندڙ آهن اڳ ۾ ڀلاين ڏانهن ۽ اهي آهن حاصل ڪرڻ وارن مان |
وَلا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها وَلَدَينا كِتٰبٌ يَنطِقُ بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 62) |
۽ نٿا ڏيون تڪليف ڪنهن کي به سندس سهپ کان وڌيڪ ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جيڪو ٻڌائي ٿو (هرهڪ جو حال) پورو ۽ ڪنهن تي ڪنهن به طرح ظلم نه ڪيو ويندو |
بَل قُلوبُهُم فى غَمرَةٍ مِن هٰذا وَلَهُم أَعمٰلٌ مِن دونِ ذٰلِكَ هُم لَها عٰمِلونَ (آيت : 63) |
پر سندن دليون ان معاملي کان غفلت ۾ آهن (بي خبر آهن) ۽ انهن جا عمل به ان طريقي کان مختلف آهن (جن جو ذڪر مٿي ڪيل آهي) اهي پنهنجا ڪرتوت ساڳيا ڪندا رهندا |
حَتّىٰ إِذا أَخَذنا مُترَفيهِم بِالعَذابِ إِذا هُم يَجـَٔرونَ (آيت : 64) |
تانجو جڏهن کين پڪڙي وٺنداسين سندن عياشين جي ڪري عذاب ۾ ته پوءِ اهي رنڀڻ شروع ڪندا |
لا تَجـَٔرُوا اليَومَ إِنَّكُم مِنّا لا تُنصَرونَ (آيت : 65) |
هاڻي بند ڪريو اهي دانهون ڪوڪون اڄ، هاڻي يقينًا اسان وٽان ڪابه توهان کي مدد نه ملندي |
قَد كانَت ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم تَنكِصونَ (آيت : 66) |
توهان کي منهنجون آيتون ٻڌايون وينديون هيون (ته رسول جو آواز ٻڌندي ئي) پوئين پيرين ڀڄي ويندا هئا |
مُستَكبِرينَ بِهِ سٰمِرًا تَهجُرونَ (آيت : 67) |
پنهنجي آڪڙ ۾، ان کي خيال ۾ ئي نه آڻيندا هئا (اوطاقن ۾) بڪواس ڪندا هئا |
أَفَلَم يَدَّبَّرُوا القَولَ أَم جاءَهُم ما لَم يَأتِ ءاباءَهُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 68) |
ته ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن به هن ڪلام تي غور نه ڪيو؟ يا هن ڪا اهڙي ڳالهه آندي جيڪا ڪانه آئي هئي سندن ابن ڏاڏن وٽ اڳي به؟ |
أَم لَم يَعرِفوا رَسولَهُم فَهُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 69) |
يا اهي ڪڏهن به واقف ڪونه هئا پنهنجي رسول کان (اڻ ڄاتل شخص هئڻ ڪري) ان جو انڪار ڪن ٿا؟ |
أَم يَقولونَ بِهِ جِنَّةٌ بَل جاءَهُم بِالحَقِّ وَأَكثَرُهُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 70) |
يا هي ڳالهه چون ٿا ته هو چريو آهي؟ نه، پر هن آندو آهي حق (انهن وٽ) ۽ انهن جي اڪثريت کي هي اڻ وڻندڙ ۽ ناپسند آهي |
وَلَوِ اتَّبَعَ الحَقُّ أَهواءَهُم لَفَسَدَتِ السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ وَمَن فيهِنَّ بَل أَتَينٰهُم بِذِكرِهِم فَهُم عَن ذِكرِهِم مُعرِضونَ (آيت : 71) |
۽ جي هلندڙ هجي ها حق سندن سڌن جي پٺيان ته هيٺ مٿي ٿي وڃي ها آسمانن ۽ زمين جو نظام سڄو ئي، نه، پر اسان ئي ڏنو آهي کين پنهنجو ذڪر، ۽ اهي پنهنجي ئي ذڪر کان مُڙي رهيا آهن |
أَم تَسـَٔلُهُم خَرجًا فَخَراجُ رَبِّكَ خَيرٌ وَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 72) |
ڇا تون انهن کان ڪو اجورو گهرين ٿو؟ تنهنجي لاءِ تنهنجي رب جو ڏنو سٺو آهي، ۽ اهو ئي سٺو رزق ڏيندڙ آهي |
وَإِنَّكَ لَتَدعوهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 73) |
۽ تون بيشڪ کين سڏي رهيو آهين سڌي راهه ڏانهن |
وَإِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ عَنِ الصِّرٰطِ لَنٰكِبونَ (آيت : 74) |
پر حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين آخرت تي، سي ئي سڌي راهه کان ٽيڙا ٿي هلن ٿا |
وَلَو رَحِمنٰهُم وَكَشَفنا ما بِهِم مِن ضُرٍّ لَلَجّوا فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 75) |
۽ جي اسان انهن تي رحم ڪريون ۽ لاهيون سندن تڪليف، جنهن ۾ اهي ورتل آهن اڄ ڪلهه، ته اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ بلڪل ئي ڀٽڪي وڃن |
وَلَقَد أَخَذنٰهُم بِالعَذابِ فَمَا استَكانوا لِرَبِّهِم وَما يَتَضَرَّعونَ (آيت : 76) |
۽ انهن جو حال هي آهي جو اسان کين تڪليف ۾ وڌو پوءِ به اهي پنهنجي رب جي آڏو جهڪيا ڪونه، ۽ نه وري عاجزي اختيار ڪن ٿا |
حَتّىٰ إِذا فَتَحنا عَلَيهِم بابًا ذا عَذابٍ شَديدٍ إِذا هُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 77) |
پر جڏهن نوبت اتي پهچندي ته اسان مٿن کوليون دروازو عذاب سخت جو، ته اوچتو توهان ڏسندؤ ته اهي هن ڀرلائي کان مايوس آهن |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 78) |
اهو (الله) ئي آهي جنهن ڏنيون توهان کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جون قوتون ۽ سوچڻ جي لاءِ دليون، پر توهان ماڻهو ٿورا ئي شڪرگذار رهو ٿا |
وَهُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 79) |
۽ اهو ئي آهي (الله) جنهن توهان کي پکيڙيو زمين ۾ ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندؤ |
وَهُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ وَلَهُ اختِلٰفُ الَّيلِ وَالنَّهارِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 80) |
۽ اهو ئي آهي (الله) جيڪو حياتي بخشي ٿو ۽ موت ڏئي ٿو ۽ گردش رات ۽ ڏينهن جي ان جي قبضي ۾ آهي، ڇا اها ڳالهه توهان کي سمجهه ۾ نٿي اچي؟ |
بَل قالوا مِثلَ ما قالَ الأَوَّلونَ (آيت : 81) |
پر اهي ماڻهو اهي ئي ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي انهن جا اڳيان ڪري ويا آهن |
قالوا أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 82) |
اهي چون ٿا، ڇا اسان جڏهن مري مِٽي ٿي وينداسين ۽ هڏين جو پڃرو رهنداسين ته اسان کي وري جياري اٿاريو ويندو؟ |
لَقَد وُعِدنا نَحنُ وَءاباؤُنا هٰذا مِن قَبلُ إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 83) |
اسان به اهي گهڻا وعدا ٻڌا آهن ۽ اسان جا ابا ڏاڏا به اهي ئي اسان کان اڳي ٻڌندا رهيا آهن، اهي ته اصل ۾ پراڻا قصا آهن اڳين جا |
قُل لِمَنِ الأَرضُ وَمَن فيها إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 84) |
انهن کي چؤ (اي نبي!) ٻڌايو اها زمين ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي اها ڪنهن جي آهي، جي توهان ڄاڻو ٿا؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 85) |
اهي ضرور چوندا ته الله جي، چؤ (اي رسول!) پوءِ توهان هوش ۾ ڇو نٿا اچو؟ |
قُل مَن رَبُّ السَّمٰوٰتِ السَّبعِ وَرَبُّ العَرشِ العَظيمِ (آيت : 86) |
انهن کان پڇ (اي نبي) ڪير رب آهي ستن آسمانن جو ۽ ڪير رب (مالڪ) آهي عرش عظيم جو؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 87) |
اهي ضرور چوندا ته الله، چؤ پوءِ توهان آخر ڊڄو ڇو نٿا؟ |
قُل مَن بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ يُجيرُ وَلا يُجارُ عَلَيهِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 88) |
انهن کي چؤ، ٻڌايو جي توهان ڄاڻو ٿا، ته هر شيءِ تي اقتدار ڪنهن جو آهي؟ ۽ ڪير آهي جيڪو پناهه ڏئي ٿو ان جي مقابلي ۾، جي توهان ڄاڻو ٿا؟ |
سَيَقولونَ لِلَّهِ قُل فَأَنّىٰ تُسحَرونَ (آيت : 89) |
اهي ضرور چوندا ته الله لاءِ ئي اها ڳالهه آهي، پوءِ چؤ ته ڪٿان کان دوکو ٿئي ٿو توهان کي؟ |
بَل أَتَينٰهُم بِالحَقِّ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 90) |
پر اها ڳالهه ته کين حق سان ڏني آهي، ۽ بيشڪ اهي ئي ماڻهو ڪوڙا آهن |
مَا اتَّخَذَ اللَّهُ مِن وَلَدٍ وَما كانَ مَعَهُ مِن إِلٰهٍ إِذًا لَذَهَبَ كُلُّ إِلٰهٍ بِما خَلَقَ وَلَعَلا بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 91) |
ناهي بڻايو الله ڪنهن کي پنهنجو پٽ ۽ ڪو ٻيو گڏ ناهي ان خدا سان، جي ائين هجي ها ته هر خدا پنهنجي مخلوق کي وٺي ڌار ٿي وڃي ها ۽ اهي هڪ ٻئي تي چڙهت ڪن ها، پاڪ آهي الله انهن ڳالهين کان جيڪي اهي ماڻهو ٺاهين ٿا |
عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 92) |
(هو) ڳجهه ڄاڻندڙ ۽ ظاهر جي خبر رکندڙ آهي مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو تجويز ڪن ٿا |
قُل رَبِّ إِمّا تُرِيَنّى ما يوعَدونَ (آيت : 93) |
اي نبي! دعا ڪر ته پالڻهار! جنهن عذاب جي کين ڌمڪي ڏني پئي وڃي |
رَبِّ فَلا تَجعَلنى فِى القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 94) |
سو جي منهنجي هوندي آڻين ته منهنجا رب! مون کي انهن ظالم ماڻهن ۾ شامل نه ڪجان |
وَإِنّا عَلىٰ أَن نُرِيَكَ ما نَعِدُهُم لَقٰدِرونَ (آيت : 95) |
۽ حقيقت هيءَ آهي ته اسان توهان جي اکين آڏو اها شيءِ آڻڻ جي قدرت آهي جنهن جي ڌمڪي کين ڏني آهي |
ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ السَّيِّئَةَ نَحنُ أَعلَمُ بِما يَصِفونَ (آيت : 96) |
اي نبي! برائي کي ان سان ٽار جيڪو سٺو طريقو هجي، اسان کي معلوم آهي ته اهي ماڻهو توتي ڳالهيون ٺاهين ٿا |
وَقُل رَبِّ أَعوذُ بِكَ مِن هَمَزٰتِ الشَّيٰطينِ (آيت : 97) |
۽ دعا ڪر ته، اي پالڻهار! آئون پناهه گهران ٿو توکان انهن وسوسن جي جيڪي شيطانن کان آهن |
وَأَعوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحضُرونِ (آيت : 98) |
پر اي منهنجا رب! آئون ان کان به ته تنهنجي پناهه گهران ٿو جو اهي مون وٽ اچن |
حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ رَبِّ ارجِعونِ (آيت : 99) |
(اهي پنهنجي ڪرتوتن کان نه مڙندا) تانجو ڪنهن جو موت اچي، پوءِ چوندو، رب! مون کي واپس دنيا ۾ آڻ جيڪا ڇڏي اٿم |
لَعَلّى أَعمَلُ صٰلِحًا فيما تَرَكتُ كَلّا إِنَّها كَلِمَةٌ هُوَ قائِلُها وَمِن وَرائِهِم بَرزَخٌ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 100) |
اميد ته هاڻي عمل سٺا ڪندس. هرگز نه، اها ته بس هڪ ڳالهه آهي جيڪا هو بڪي رهيو آهي، هاڻي انهن سڀني (مرڻ وارن) جي پويان هڪ پردو اوٽ آهي ٻي حياتي جي ڏينهن تائين |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ فَلا أَنسابَ بَينَهُم يَومَئِذٍ وَلا يَتَساءَلونَ (آيت : 101) |
پوءِ جيئن ئي ڦوڪيو ويندو صور کي ته پوءِ انهن جي وچ ۾ ڪابه مِٽي مائٽي نه رهندي ۽ نه وري اهي هڪ ٻئي کي پڇندا |
فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 102) |
ان وقت جن جا پڙ ڳرا هوندا (اعمال جي حساب سان) اهي ئي (حقيقي) ڪاميابي ڏسندا |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فى جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 103) |
۽ جن جا پڙ هلڪا هوندا (عملن ۾) سي اهي ئي ماڻهو هوندا جن گهاٽي ۾ وڌو هوندو پنهنجو پاڻ کي، اهي ته هميشه جي لاءِ دوزخ ۾ هوندا |
تَلفَحُ وُجوهَهُمُ النّارُ وَهُم فيها كٰلِحونَ (آيت : 104) |
سڀني جي چهرن جي کلَ چٽي ويندي باهه، ۽ سندن ڄاڙيون ٻاهر نڪري اينديون |
أَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَكُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 105) |
ڇا توهان اهي ماڻهو نه آهيو جن کي منهنجون آيتون ٻڌايون وينديون هيون ته توهان انهن کي ڪوڙو چوندا هئا |
قالوا رَبَّنا غَلَبَت عَلَينا شِقوَتُنا وَكُنّا قَومًا ضالّينَ (آيت : 106) |
اهي چوندا، ”اي اسان جا رب! اسان جي بدبختي اسان تي ڇانئجي وئي هئي، اسين واقعي گمراهي ۾ هئاسين |
رَبَّنا أَخرِجنا مِنها فَإِن عُدنا فَإِنّا ظٰلِمونَ (آيت : 107) |
اي اسان جا پالڻهار! هاڻي ڪڍ اسان کي هتان، اهڙو ڪم وري ڪيوسين ته بيشڪ ظالم هونداسين |
قالَ اخسَـٔوا فيها وَلا تُكَلِّمونِ (آيت : 108) |
الله جواب ڏيندو، ٽري وڃو منهنجي اڳيان، انهيءَ ۾ پيا رهو مون سان نه ڳالهايو |
إِنَّهُ كانَ فَريقٌ مِن عِبادى يَقولونَ رَبَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 109) |
بيشڪ توهان اهي ئي ماڻهو آهيو جو منهنجا بندا جڏهن چوندا هئا ته پالڻهار! اسان ايمان آندو پوءِ معاف ڪر اسان کي ۽ رحم ڪر اسان تي ۽ تون ئي سڀني کان سٺو رحم ڪندڙ آهين |
فَاتَّخَذتُموهُم سِخرِيًّا حَتّىٰ أَنسَوكُم ذِكرى وَكُنتُم مِنهُم تَضحَكونَ (آيت : 110) |
ته توهان انهن تي ٺٺوليون ڪندا هئا، ايستائين جو توهان جي ضد توهان کان هي وسارايو ته آئون به ڪو آهيان ۽ توهان سندن مذاق اڏائيندا هئا |
إِنّى جَزَيتُهُمُ اليَومَ بِما صَبَروا أَنَّهُم هُمُ الفائِزونَ (آيت : 111) |
اسان کين انهيءَ جو ڦل ڏنو آهي اڄ اهي پنهنجي صبر جي ڪري ئي ڪاميابي تي فائز آهن |
قٰلَ كَم لَبِثتُم فِى الأَرضِ عَدَدَ سِنينَ (آيت : 112) |
پوءِ الله انهن کان پڇندو، ٻڌايو زمين ۾ توهان ڪيترا ورهيه رهيؤ؟ |
قالوا لَبِثنا يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ فَسـَٔلِ العادّينَ (آيت : 113) |
اهي چوندا، اسان اتي هڪ ڏينهن يا ان جو به ڪو حصو اتي رهياسين، ڳڻيندڙن کان پڇي وٺو |
قٰلَ إِن لَبِثتُم إِلّا قَليلًا لَو أَنَّكُم كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 114) |
ارشاد ٿيندو، ٿوري دير ئي ترسيا آهيو نه، ڪاش اهو توهان ان وقت ڄاڻي وٺو ها |
أَفَحَسِبتُم أَنَّما خَلَقنٰكُم عَبَثًا وَأَنَّكُم إِلَينا لا تُرجَعونَ (آيت : 115) |
ڇا توهان هي سمجهيو هو ته اسان توهان کي بس اجايو ئي پيدا ڪيو آهي ۽ نه وري توهان کي اسان ڏي موٽڻو ئي آهي |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ رَبُّ العَرشِ الكَريمِ (آيت : 116) |
پوءِ بلند ۽ مٿاهون آهي الله، بادشاهه آهي حقيقي، ڪوبه خدا ان کان سواءِ ناهي، عزت واري عرش جو هو مالڪ آهي |
وَمَن يَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا بُرهٰنَ لَهُ بِهِ فَإِنَّما حِسابُهُ عِندَ رَبِّهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 117) |
۽ جيڪو به گڏ سڏي ٿو ڪنهن کي الله کان سواءِ، جنهن لاءِ هن وٽ ڪو دليل به ناهي، ته ان جو حساب سندس رب وٽ آهي، بيشڪ اهڙا ڪافر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا |
وَقُل رَبِّ اغفِر وَارحَم وَأَنتَ خَيرُ الرّٰحِمينَ (آيت : 118) |
اي نبي! چؤ ته رب منهنجا! معاف ڪر ۽ رحم فرماءِ ۽ تون ئي سڀني ٻاجهارن کان سٺو رحم ڪندڙ آهين |