يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1) |
اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) قيامت جو زلزلو (ڪا معمولي ڳالھ نه آهي) هڪ تمام (سخت) شيءِ آهي. |
يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2) |
جنهن ڏينهن اوهين ان کي ڏسندو ته هر کير پيارڻ واري (دهشت کان) پنهنجي کير پياڪ (ٻار) کي وساري ڇڏينديءَ سڀ پيٽ واريون زالون (خوف کان) پنهنجا پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. پڻ (گهٻراهٽ ۾ ماڻهو تو کي متوالا معلوم ٿيندا هوڏانهن اهي نشي وارا نه هوندا، پر الله جو عذاب تمام سخت آهي (جو ماڻهو بدحواس ٿيا آهن). |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3) |
۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي بنا سمجھ جي خدا جي باري ۾ (خواھ مخواھ) وڙهن ٿا ۽ سڀ ڪنهن سرڪش شيطان جي پٺيان هلن ٿا. |
كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4) |
جنهن (شيطان) جي باري ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ته جيڪو ساڻس دوستي رکندو تنهن کي هو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب تائين پهچائيندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5) |
اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ ڪنهن ۾ قسم جو شڪ آهي ته بيشڪ اسان اوهان کي (اول) مٽيءَ مان تنهن کان پوءِ نطفي مان وري ڄميل رت مان، وري گوشت جي ٻوٽيءَ جي صورت ڏنل ۽ اڻ صورت ڏنل مان پيدا ڪيو ته اوهان تي (پنهنجي قدرت) ظاهر ڪريون. (ته پوءِ اوهان جو ٻيهر جيئرو ڪري اٿارڻ ڪهڙي وڏي ڳالھ آهي) ۽ اسان زالن جي پيٽ ۾ جنهن (نطفي) کي گهرون ٿا، هڪ مقرر ڪيل مدت تائين ترسايون ٿا وري اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ڪڍون ٿا، وري پاليون ٿا هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني جي زور کي پهچو. ۽ اوهان مان ڪي ته اهڙا آهن جي (پوڙهائپ کان اڳ) مرن ٿا ۽ اوهان مان ڪنهن کي نڪميءَ عمر (ٻڍاپڻ) ڏي ڦيريو وڃي ٿو ته، هن لاءِ ته ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھ به نه ڄاڻي. ۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ سڀ ڪنهن رونق واريءَ جنس جون شيون پيدا ڪري ٿي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
اهي (قدرت جا ڪرشما) هن ڪري (ڏيکاريا وڃن ٿا ته جيئن سمجهو) ته بيشڪ خدا برحق آهي پڻ (هي به) ته بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياري ٿو ۽ يقينا اهو ئي سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. |
وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7) |
۽ يقينا قيامت اچڻ واري آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ بيشڪ جي ماڻهو قبرن ۾ آهن تن کي خدا ٻيهر جياريندو. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8) |
۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جي خدا جي باري ۾ سواءِ ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب (جو کين راھ ڏسي) خدا جي آيتن کان منهن موڙي (خواھ مخواھ) خدا جي باري ۾ لڙڻ (مرڻ) تي تيار آهن. |
ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9) |
هن لاءِ ته (ماڻهن کي) خدا جي راءِ کان ٿيڙين. اهڙي (نابڪار) جي لاءِ دنيا ۾ (به) خواري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن (به) اسين ان کي دوزخ جي عذاب (جو مزو) چکائينداسون. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10) |
(۽ ان وقت کين چونداسون ته) اها سزا انهن ڪرتوتن جي آهي جن کي تنهنجن هٿن اڳ ئي ڪيو هو ۽ بيشڪ خدا بندن تي ڪڏهن به ظلم نٿو ڪري. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11) |
۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو هڪ ڪناري تي (بيهي) الله جي عبادت ڪري ٿو پوءِ جيڪڏهن کيس ڪو فائدو پهچي ٿو ته ان سان فرحت ٿيس. پر جيڪڏهن مٿس ڪا تڪليف پهتي ته (يڪدم) منهن موڙي (ڪفر ڏي ڀڳو) ان دنيا ۽ آخرت (ٻنهي ۾) نقصان ڪيو اهو ئي ظاهر نقصان آهي. |
يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12) |
خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شيءِ کي (حاجت وقت) سڏي ٿو جا نه ان کي نقصان ئي پهچائي سگهي ٿي ۽ ان کي نه فائدو پهچائي سگهي ٿي. اها ئي ته حد درجي جي گمراهي آهي. |
يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13) |
۽ ان کي (حاجت روائي لاءِ) سڏي ٿو جنهن جو نقصان ان جي فائدي کان وڌيڪ ويجهو آهي. بيشڪ اهڙو مالڪ به بڇڙو ۽ اهڙو رفيق به برو آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (تن کي) خدا اهڙن باغن ۾ آڻي داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. بيشڪ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو. |
مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15) |
جيڪو (غصي ۾) هي گمان ڪري ٿو ته خدا دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد نه ڪندو سو آسمان تائين هڪ رسي ڇڪي پوءِ وڍي ڇڏي (ته گهٽي مري وڃي) پوءِ ڏسي ته جا ڳالھ کيس ڪاوڙ ڏياري ٿي تنهن کي سندس تدبير پري ڪري ٿي (يا نه!). |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16) |
۽ اهڙي طرح اسان (قرآن) کي کليل ۽ روش (بڻائي) نازل ڪيو ۽ بيشڪ خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي هدايت ڪري ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17) |
ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ايمان آندو (مسلمان) ۽ يهودي ۽ لامذهب ماڻهو ۽ عيسائي ۽ مجوسي (آتش پرست) ۽ مشرڪ (ڪافر) خدا تن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن (پورو پورو) فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کي ڏسي رهيو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18) |
ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ (ٽڻ) ۽ جانور ڪيترائي ماڻهو خدا کي سجدو ڪن ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا به آهن جن تي (نافرماني سبب) عذاب (جو اچڻ) لازم ٿي چڪو آهي. ۽ جنهن کي خدا خوار ڪري تنهن کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي. بيشڪ خدا جو چاهي ٿو سو ڪري ٿو. |
هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19) |
هي اهي (مومن، ڪافر) ٻه جماعتون پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن جي پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ پاڻ ۾ وڙهن ٿا پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا تيار ڪيا آهن. (اهي کين پهرايا ويندا) ۽ انهن جي مٿن تي (ٽهڪندڙ) گرم پاڻي وڌو ويندو. |
يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20) |
جنهن (جي گرميءَ) سان جو ڪجھ سندن پيٽ ۾ هوندو (آنڊا بڪيون وغيره) ۽ کلون ڳري وينديون. |
وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21) |
۽ انهن (جي مارڻ) لاءِ لوھ جا گرز هوندا. |
كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22) |
جڏهن به گهٻراهٽ جي ڪري ان (دوزخ) مان نڪرڻ گهرندا ته (گرز هڻي) ان ۾ هڪلايا ويندا. ۽ (کين چيو ويندو ته) سڙڻ جي عذاب جو مزو چکيو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي خدا اهڙن (سرسبز) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا، انهن کي اتي سونا ڪنگڻ ۽ موتيءَ (جا هار) پهرايا ويندا ۽ سندن پوشاڪ اتي ريشمي هوندي. |
وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24) |
۽ (اهو هن ڪري جو دنيا ۾) کين سٺي ڳالھ (توحيد جي ڪلمه) جي هدايت ڪئيسون ۽ کين لائق حمد (خدا تعالى) جو رستو ڏيکاريو ويو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25) |
بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ خدا جي راھ کان ۽ ان عزت واريءَ مسجد (مسجد الحرام) کان ماڻهن کي روڪين ٿا جنهن کي اسان ماڻهن لاءِ عبادت گاھ بنائي آهي، اتي رهڻ وارو ۽ ٻاهر وارو (ٻئي) برابر آهن ۽ جو ان ۾ شرارت سان گمراهي جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب چکائينداسون. |
وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26) |
۽ (اي رسول! اهو به وقت ياد ڪر) جڏهن اسان بيت الله جي جاءِ ابراهيم لاءِ ظاهر ڪئي ۽ (کيس چيوسون ته) مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو ۽ منهنجي گهر کي طواف ۽ قيام ۽ رڪوع، سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ صاف رکج! |
وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27) |
۽ ماڻهن ۾ حج جي خبر ڪر. اهي تو وٽ (ڪيئي) پيادا به اچن هر طرح جي (ڏٻرين) سوارين تي به اچن جي پري پنڌ کان اچن ٿيون. |
لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28) |
هن لاءِ ته پنهنجي (دنيا ۽ آخرت جي) فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿين ۽ جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي تنهن تي (ڪهڻ وقت) مقرر ٿيل ڏينهن ۾ الله جو نالو پڙهن، سو ان مان اوهين (قربانيءَ جو گوشت خود به) کائو ۽ بکئي فقير کي به کارايو. |
ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29) |
پوءِ کين گهرجي ته پنهنجي (بدن جي) ميل (مٽي) دور ڪن ۽ پنهنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ قديم (عبادت) گهر (ڪعبه) جو طواف ڪن. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30) |
اهو ئي (حڪم) آهي. پڻ ان کان سواءِ) جو شخص خدا جي عزت ڏنل شين جي تعظيم ڪندو ته اها ان لاءِ سندس پالڻهار وٽ سندس حق ۾ گهڻي چڱي آهي. ۽ چوپايو مال سواءِ ان جي جيڪو اوهان سان بيان ڪيو وڃي ٿو سو سڀ حلال ڪيو ويو آهي، پوءِ اوهين ناپاڪ بتن کان پاسي رهو ۽ لغو (اجائي) ڳالهين راڳ وغيره کان به بچندا رهو. |
حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31) |
خاص الله جا ٿي (رهو) ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ جيڪو خدا سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪندو سو ڄڻ ته آسمان تان ڪريو پوءِ ان کي (يا ته وچ تي ئي پکي يا وري) هوا ان کي ڪنهن پراهين جاءِ وڃي اڇلايو. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32) |
اهو (ياد رکو) ۽ جيڪو خدا جي نشانين جي تعظيم ڪندو ته ڪو شڪ نه آهي ته اها به دلين جي پرهيزگاريءَ سان حاصل ٿئي ٿي. |
لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33) |
۽ (انهن، چوپاين) ۾ هڪ مقرر وقت تائين اوهان لاءِ ڪيئي فائده آهن وري قربانيءَ لاءِ قديم (عبادت) گهر (ڪعبو) آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34) |
۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ اسان قربانيءَ جو طريقو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي، تنهن تي (ذبح وقت) الله جو نالو پڙهن. نيٺ ته اوهان جو معبود هڪ الله آهي سو سندس ئي فرمانبردار ٿيو. ۽ (اي پيغمبر) عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌاءِ. |
الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35) |
جن جون دليون جڏهن خدا جو نالو ورتو وڃي ٿو ته ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن مٿن مصيبت پوي ٿي ته صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز قائم ڪندڙ آهن ۽ جيڪو رزق الله کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا ڪارڻ) خرچ ڪن ٿا. |
وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36) |
۽ قربانيءَ جي (ٿلهن متارن)اٺن کي به اسان اوهان لاءِ خدا جي نشانين مان ڪيو آهي ان ۾ اوهان لاءِ ڪيئي ڀلايون آهن پوءِ (قرباني ڪرڻ وقت) قطار ۾ بيهاري انهن تي الله جو نالو پڙهو. پوءِ جڏهن اهي (وڍجي) پاسن ڀر ڪري پون ته انهن مان اوهين کائو ۽ بي سواليءَ ۽ سواليءَ کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي اوهان جي وس ۾ ڪيو آهي. (ته) من اوهين احسان مڃيو. |
لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37) |
خدا کي نه انهن (قربانين) جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه انهن جو رت پر وٽس اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. خدا انهن جانورن کي (ان لاءِ) اوهان جي وس ۾ ڪيو اٿس ته جيئن اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تئين اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو. ۽ (اي رسول) نيڪي ڪرڻ وارن کي (بهشت جي) خوشخبري ٻڌائي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38) |
بيشڪ خدا ايمان وارن کان (ڪافرن کي) هٽائيندو رهي ٿو. خدا سڀ ڪنهن خيانت ڪندڙ ناشڪر کي ڪڏهن به پسند نٿو ڪري. |
أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39) |
جن (مسلمانن) سان ڪافر جنگ ڪندا رهن ٿا جيئن ته (گهڻو) ستايا ويا تنهن ڪري کين به (جهاد جي) اجازت ڏني ويئي. ۽ خدا ته سندن مدد ڪرڻ تي بلڪل قادر آهي. |
الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40) |
هي اهي (مظلوم) آهن جن (ويچارن کي) هن چوڻ تي ته “اسان جو پالڻهار خدا آهي” ناحق سندن گهرن مان ڪڍيو ويو هو ۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي هڪڙن سان ٻين کي دور دفع نه ڪري ها ته گرجائون ۽ يهودين جون عبادت گاهون ۽ مجوسين جا عبادت خانا ۽ مسجدون جن ۾ خدا جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڊاٺيون وڃن ها. ۽ جيڪي الله جي مدد ڪندا تن جي الله ضرور مدد ڪندو. بيشڪ خدا بلڪل زبردست غالب آهي. |
الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41) |
هي اهي (شخص) آهن جن کي جيڪڏهن اسين روءِ زمين ۾ طاقت ڏينداسون تڏهن (به) اهي پابندي سان نمازون ادا ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جي ڪرڻ جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙين ڳالهين کان (ماڻهن کي) روڪيندا. ۽ (ائين ئي) سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42) |
۽ (اي رسول) جيڪڏهن اهي (ڪافر) تو کي ڪوڙو ٿا چون ته (ڪا وڏي ڳالھ نه آهي) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود وارن. |
وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43) |
۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم. |
وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44) |
۽ مدين وارن (به پنهنجن نبين کي) ڪوڙو چيو. پڻ موسى کي به ڪوڙو ڪيو. تڏهن به مون ڪافرن کي ڍر ڏني (ان کان) پوءِ انهن کي پڪڙيم، ته تو ڏٺو منهنجوعذاب ڪهڙو آهي. |
فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45) |
سو ڪيترن ڳوٺن کي اسان برباد ڪيو ۽ اهي سرڪش هئا پوءِ اهي (ڳوٺ) پنهنجن ڇتن ڀر ڪريل پيا آهن ۽ (ڪيترا) اجڙيل کوھ ۽ (ڪيترائي) مضبوط وڏا وڏا محل (ويران) ٿي ويا. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46) |
پوءِ ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گميا ڦريا نه آهن! ته سندن اهڙيون دليون ٿين جن سان اهي (حق جي ڳالهين کي) سمجهن. يا انهن جا اهڙا ڪن ٿين جن سان (سچين ڳالهين کي) ٻڌن. سو اکيون ته انڌيون نه ٿيون ٿين پردليون جيڪي سينن ۾ آهن سي انڌيون ٿين ٿيون. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47) |
۽ (اي رسول) تو کان عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا ۽ الله پنهنجي وعدي جي ابتڙ ڪڏهن نه ڪندو. بيشڪ (قيامت جو) هڪ ڏينهن تنهنجي پالڻهار وٽ جيڪي اوهين ڳڻيو ٿا سو هڪ هزار ورهين جي برابر آهي. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48) |
۽ ڪيترن ئي ڳوٺن (جي ماڻهن) کي مون ڍر ڏني هوڏانهن اهي سرڪش هئا، نيٺ انهن کي پڪڙيم ۽ (کين) مون ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49) |
(اي رسول!کين) چئو ته اي ماڻهو! آءُ ته اوهان لاءِ رڳو ظاهر (عذاب کان) ڊيڄاريندڙ آهيان. |
فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (آخرت ۾) تن لاءِ بخشش ۽ (جنت جي) عمدي روزي آهي. |
وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي (ڪوڙو ڪرڻ) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، سي ئي دوزخي آهن. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52) |
(اي رسول) اسان ته تو کان اڳ ڪو به رسول يا نبي موڪليو ته ائين ٿيو جو هن کي هيءَ حالت پيش آئي ته جڏهن (تبليغ احڪام جو) ارادو ڪيو ته شيطان سندس ارادي ۾ (ماڻهن کي وسوسو وجهي) خلل ٿي وڌو. پوءِ جو ڪجھ وسوسو شيطان وجهي ٿو تنهن کي خدا مٽائي ٿو. پوءِ پنهنجن حڪمن کي مضبوط ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. |
لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
۽ شيطان جو (وسوسو) وجهي (به) ٿو هن لاءِ ته خدا ان کي انهن ماڻهن لاءِ آزمائش (جو سبب) بڻائي جن جي دلين ۾ (ڪفر جو) مرض آهي ۽ جن جون دليون سخت آهن ۽ بيشڪ (اهي) ظالم (مشرڪ ته) آهن گهريءَ مخالفت ۾ (پيل) آهن. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54) |
(هن لاءِ به) ته جن کي (آسماني ڪتابن جو علم) عطا ڪيل آهي اهي ڄاڻن ته اهو (وحي) بيشڪ تنهنجي پروردگار جي طرفان حق سچ (نازل) ڪيل آهي (اهو خيال ڪري) مٿس اهي ماڻهو ايمان آڻين، پوءِ سندن دليون الله جي سامهون عاجزي ڪن. ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تن کي الله سڌي رستي تي پهچائي ٿو. |
وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55) |
۽ ڪافر ته ان قرآن کان هميشه شڪ ۾ پيا رهندا تان جو قيامت مٿن اوچتو اچي ڪڙڪي يا (هئين چئو ته) انهن تي سخت منحوس ڏينهن جو عذاب نازل ٿئي. |
المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56) |
ان ڏينهن جي حڪومت ته خاص خدا جي لاءِ ئي هوندي. اهو ماڻهن جي وچ ۾ (پيل اختلاف) جو فيصلو ڪندو. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي نعمت وارن (سرسبز) باغن (بهشت) ۾ رهندا. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57) |
۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته اهي ئي (ڪم بخت) آهن جن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58) |
۽ جن ماڻهن خدا جي راھ ۾ ديس ڇڏيو وري شهيد ڪيا ويا يا (فطري موت) مئا خدا انهن کي (آخرت ۾) ضرور عمدي روزي عطا ڪندو. ۽ بيشڪ سڀني روزي ڏيڻ وارن مان الله ئي سڀني کان چڱي روزي ڏيندڙ آهي. |
لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59) |
اهو کين اهڙي هنڌ (بهشت ۾) پهچائيندو جنهن کان هو نهال ٿيندا. ۽ بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ بردبار آهي. |
ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60) |
اهو (ٺيڪ) آهي. ۽ جنهن شخص (پنهنجي دشمن کي) ايترو ئي ستائي جيتري ان کي تڪليف پهچائي وئي آهي، وري ان تي (ٻيهر) زيادتي ڪئي ويئي ته الله ضرور ان مظلوم جي مدد ڪندو، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61) |
اها (مدد) هن ڪري (ڏني ويندي) ته خدا (وڏو قادر آهي اهو ئي ته) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته خدا (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62) |
(پڻ) هن لاءِ (به) ته يقينا الله ئي برحق آهي ۽ ان کانسواءِ جنهن کي (مصيبت وقت) سڏين ٿا (سي سڀ) باطل آهن ۽ (هي به) يقيني (ڳالھ آهي ته) الله ئي (سڀ کان) بلند رتبه بزرگ آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63) |
ڇا تو ايترو به نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو، پوءِ زمين ڦري ساوڪ واري ٿئي ٿي، بيشڪ خدا (بندن تي) وڏو مهربان خبر رکندڙ آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (سو سڀ) سندس آهي ۽ بيشڪ خدا (سڀ کان) بي پرواھ (۽) حمد جي لائق آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65) |
ڇا تو ان تي نظر نه ڪئي ته سموري زمين ۾ جيڪي آهي الله تنهن کي اوهان جي اختيار ۾ ڪيو آهي ۽ ٻيڙين کي (به) جيڪي دريا ۾ سندس حڪم سان هلن ٿيون، اهو ئي آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جهلي ٿو پر جي سندس حڪم هوندو (ته ڪري پوندو). بيشڪ خدا ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. |
وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66) |
پڻ اهو ئي (ته قادر مطلق آهي) جنهن اوهان کي (شروع ۾ ماءُ جي پيٽ ۾) جياريو پوءِ اهو ئي اوهان کي ماريندو، وري اوهان کي (ٻيهر) جيئرو ڪندو. ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان ڏاڍو بيشڪر آهي. |
لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67) |
(اي رسول) اسان سڀ ڪنهن لاءِ هڪ طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن موجب اهي ان تي هلن ٿا پوءِ انهن کي گهرجي ته هن دين (اسلام) ۾ تو سان جهڳڙو نه ڪن ۽ تون پنهنجي پالڻهار ڏي (ماڻهن کي) سڏيندو رھ! بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين. |
وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68) |
۽ جيڪڏهن (اڃا به) ماڻهو تو سان جهڳڙو ڪن ته تون کين چئو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69) |
جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تنهن ۾ خدا قيامت جي ڏينهن اوهان جي وچ ۾ (بلڪل ٺيڪ) فيصلو ڪندو. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70) |
(اي رسول) ڇا تون نٿو ڄاڻين ته جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي تنهن کي بيشڪ خدا ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهي سڀ (ڳالهيون) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل موجود) آهن. ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته اهو (سڀ ڪجھ) خدا لاءِ آسان آهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71) |
۽ اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شيءِ کي پوڄين ٿا جنهن لاءِ خدا ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ انهن جي (حق هئڻ) جي خود کين ڪا خبر نه آهي. ۽ قيامت ۾ ته ظالمن جو ڪو مددگار نه هوندو. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72) |
۽ (اي رسول) جڏهن انهن ڪافرن کي اسان جون آيتون جيڪي ظاهر ۽ روشن آهن پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته سندن منهن ۾ تون، ناراضي (جا آثار) ڏسين ٿو (ايتري تائين جو) جيڪي کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ٿا تن تي حملو نه ڪري ويهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي ان کان به بڇڙي ڳالھ جي خبر ڏيان؟ (چڱو ٻڌو) اهو جهنم آهي. جنهن (۾ وجهڻ جو) خدا ڪافرن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جاءِ آهي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73) |
اي انسانو! هڪ مثال بيان ڪجي ٿو پوءِ ان کي ڪن لڳائي ٻڌو. جن کي اوهين خدا کان سواءِ سڏيو ٿا، سي هڪ مکي به بنائي نه سگهندا جيتوڻيڪ سڀئي ان لاءِ گڏ ٿين ۽ جيڪڏهن مک انهن کان ڪا شيءِ کسي وٺندي ته اها ان کان ڇڏائي نه سگهندا. (مزي جي ڳالھ ته) طالب ۽ مطلوب (پوڄاري ۽ بت) ٻئي هيڻا آهن. |
ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74) |
خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهرجي اهڙو قدر انهن نه ڪيو. بيشڪ خدا ته تمام زبردست غالب آهي. |
اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75) |
خدا فرشتن مان ڪن کي پنهنجا پيغام پهچائڻ لاءِ چونڊيندو آهي ۽ (اهڙي طرح) انسانن مان به، بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي (۽ سڀ) ڏسي ٿو. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76) |
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان (ٿي گذريو) آهي تنهن کي (خدا چڱي طرح) ڄاڻي ٿو، ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77) |
اي ايمان وارو! رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪريو ۽ ڀلائي ڪريو ته من اوهان ڪامياب ٿيو. |
وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78) |
۽ جو حق جهاد ڪرڻ جو آهي خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو ان اوهان کي پسند ڪيو ۽ اوهان تي دين ۾ ڪا سختي نه ڪئي اٿس. اوهان جي پيءُ ابراهيم جي ملت کي (اوهان لاءِ مقرر ڪئي اٿس). ان (خدا) اوهان جو اڳي ئي مسلمان (فرمانبردار) نالو رکيو ۽ هن قرآن ۾ به) (ته جهاد ڪريو) هن لاءِ ته رسول اوهان تي شاهد ٿئي ۽ اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. پوءِ اوهين نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا جي (حڪمن کي ئي) مضبوط جهليو. اهو ئي اوهان جو سرپرست آهي. پوءِ (اهو ڪهڙو) چڱو سرپرست آهي ۽ ڪهڙو چڱو مددگار آهي. |