يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1) |
ماڻهئا! پَنهنجي مالِڪ کان ڪَنبو، ڀَر قهار، ڳَرِي ڳالھ قيام جِي؛ |
يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2) |
ويکِيندسِ جِنهن وار، هردائـِي جنهن ڌاريو، وِساريندِي تِنهن وار، ۽ حَمل ڪيرِين حامِلون، هيبت کان هيڪار، ۽ مَست ڏِسندِين ماڻُهئـِين، مَست نه سي ميخوار، پر سَندِي ربَّ، سَتار، سَزا آهي سَخت گَھڻِي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3) |
۽ ماڻهن مَنجھان آھِ ڪو، ته پُورٖي پتٖي ڌار، خُود خُدا جي ذات ۾، تَڙيل ڪري تڪرار، ۽ هَر شيطان شَرِير پُٺيان، لڳي لڳاتار، |
كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4) |
جِنهن تي انگ اَ ڳــئـِي، لِکيو لِکڻهار، ته جِنهن دوست تنهن کي ڌاريو، ته نِيندسِ نِگوسار، ۽ ڪِنهن آڙاھ جو آزار، سَئون سُهائيندو اُن کي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5) |
اٿيارڻ کان شڪ ۾، جي آهيو اي اِنسان! پوءِ اَوّل اُپايو سُون آن کي، خاڪ مَنجھان خاقان! پوءِ ڌات ڦُڙي، پوءِ ڌِڳ مَنجھان، اُپايوسون عيان، پوءِ ٻُوٽِي ڪُجھ بَنيل، ۽ ڪُجھ نه بَنيل بي گمان، اَسِين اَوهان جي سُڌلئي، ٿا کوليون خُوب بَيان، ۽ ڳَڻيا ڏِينهن ڳِهڻن ۾، آن کي ڏِيون ماڳ مَڪان، اَسِين گُھرون جيترو، کُڻ ٻَڌل سِين خان!، پوءِ ڪَڌون نِيان پيٽ مان، طِفل ناتوان، تان پُهچو پَنهنجي زور کي، ٿِيو جُنگ جوان، ۽ ڪو اَوهان مان اڳه ۾، ٿِئي فوت فلان، ۽ ڪو پُهچي پوڙهپَڻ کي، حال ۾ حيران، تان سُڻي سَمجھي ڪانه، سَمجھ پُڄاڻا، پوءِ وَرِي. ۽ ڏِسين ڀُون بيران، پوءِ جڏهن، آب اُتارِيوسون اُنتي، ته سائـِي سارِي سِيم ٿِي، اُڀاڻِي عيان، ۽ اُڀاڙئين ڪُل اوڀڙِين، مَڃر ٿيا ميدان، |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
اِي سَڀ ساک اُن جِي، ته ثابت آھِ، سُبحان، ۽ مُئا جِيارِيندو مُور سو، جوڙي جِسم جان، پڻ قادِر هَر ڪِنهن ڪَم تي، قدرت تان قربان، |
وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7) |
۽ آهي قيامت اَچڻِي، جِنهن ۾ شَڪ، نه گُمان، ۽ هُو، جي خاڪ ۾ خَيمان، اَلله اُٿارِيندو اُنهن کي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8) |
۽ ڪي، ماڻهن مان، ڪَن مُقابلا، خُود خُدا جي باب، سوا سَمجھ، سوا سُونهپ، ۽ سوا سُونهي ڪِتاب، |
ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9) |
آڏي ڪَنڌ ڪَذاب، تان رولي رَبَّ جي راه کان. هرگز هِن جَھان ۾، هارَ تِنهِين هارِ، ۽ مَزو چکائـِينداسون مُورهِين، مَهندان مَحشر وار، ٻارڻ جو ٻِيهار، ٻارَهو ٻَرندڙ باھ جو. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10) |
آهي، اُن ڪَمن جو، بَدلو هِي بَحال، تُنهنجي هَٿن هَلائيا، اڳي جي اَعمال، ۽ بارِي بَندن نال، ذَرو ظالِم ناھِ ڪِي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11) |
۽ ڪو ماڻهو مَطلب پُٺيان، پُوڄِي پالڻهار، پوءِ رسيسِ سُکه ته اِن لئي، ڪري قلب قرار، ۽ پَنهنجي مُنهن ڀَر مُڙيو، جي آيسِ ڪو آزار، دُنيا ۽ آخرت ٻِنهِين ۾، پاتِي، هَچاري هار، اِهوئـِي اِظهار، ڇِيهو اهي ڇٖيہ جو. |
يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12) |
ڌڻِئَ ڌاران، اُن جٖي، وَڃيو دانهِين دَر، جو ذَرو نه ضَرر، ڏٖيس ڪو، نه نَفعو مَنجھ نَظر، اَ ڳاهِين اَپر، اِئَ گُمراهِي گَس ڪنَان. |
يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13) |
سَڏي سَويرو، جنهن کي، پاڻا ڏِيڻو ڏانُ پوي، نفعي کان، نقصان تنهن، آھِ اوڏيرو، بلڪل بُڇيرو، سو والِي ۽ سو واهرُو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14) |
آندو جن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، اَلله ڏِيندو اُنهن کي، باغ ڀَلا بُستان، جن هيٺان هلن ناليون، عمدو آب رَوان، سَٻاجھو سُبحان، جيڪي گُھري، سو ڪري. |
مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15) |
جو ڀانئي بَدگمان، دُنيا، ۽ آخرت ۾، مَدد اُن کي مُورهِين، قادِر ڏِيندو ڪانه، پوءِ وَر، سو لَٽڪي رَسِيءَ ۾، چَڙهي آسمان. پوءِ وَرِي وَڍي اُن کي، پوءِ نِهاري نِڌان، جنهن جَلايس جان، سو حيلي تِنهن هٽايو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16) |
۽ اِنپر اُتاريو سون اُن کي، نِيشانيون نِروار، صاحب ربُّ، ستار، جِنهن گُھري، تِنهن گَس ڏَسي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17) |
آندو جن ايمان، يا جيڪِي يَهودِي ٿِيا، ۽ صابي سَڏائـِن پاڻ کي، يا مَجُوسِي، نصران، ياقادِر سان ڪَمن ۾، جي ڀيڙا ڀانئـِن ٿان، تَن وِچ ڪندو قيام ڏينهن، صفائـِي سُبحان، نِڪِي نِگھبان، هادِي هَر ڪنهن ڳالھ تي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18) |
نه ڏٺئي؟ ته ڏاتار کي، نَمن ٿا نِبار، جيڪِي اَڀن، زمين ۾، جِنسون ۽ جِنسار، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، پَهن، وَڻ، وڻڪار، مَال ۽ ماڻهن مَنجھان، پڻ ويتر ويرو تار، ثابت سِر گھڻن ٿيو، آتش جو آزار، ۽ تنهن کي مان، نه ڏِيندو مُورهين، جنهن کي، خدا ڪيو خوار، قادِر، ربُّ، ڪلتار، جيڪي گُھري سو ڪري. |
هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19) |
هِي ٻه، دعويدار، جن پَنهنجي پالڻهار ۾، ڌاروڌار دَڙيو، پوءِ ڪيو جن اِنڪار، وَڳا وٖيٽَبا باھِ جا، تَن لاءِ تيار، گَرم سَندنِ سِرن مَٿان، هاربو هيڪار، |
يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20) |
کَلون، آنڊا پيٽ ۾، تنهن سان، ٻارِين ٻِيهار، |
وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21) |
۽ لاڪانِ ٻِي لوھ جٖي مُطرقن جِي مار، |
كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22) |
جَڏهن گھريو ته ڪَڍجن، سي اُن ٻوساٽيان ٻهَار، ته اُٿلائـِبا اُن ۾، دُوڌُو مَنجھ ڌَڌَڪار، ۽ وَٺو ويرو تار، سوا دُساڙٖي باھِ جو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23) |
جَن آندو اِعتبار، ۽ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ڌَڻِي داخِل تَن ڪندو، باغن مَنجھ بهار، جن هيٺان حوض، ناليون، وَهن ويرو تار، مَنجھسِ ڍَڪائبِيَن موتيَن سان، ٻاهِيون سونَ ٻِيهار، ۽ اوڍَڻ اُنهن جو اُن ۾، نَرم پَٽ نِبار، |
وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24) |
۽ ڏَسِي وِيَنِ ڏيھ ۾، جيڪا پاڪ پَچار، پڻ سائـِين ساراهِيَل پار، وِيا چاڙهيا واٽ تي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25) |
ڦِريا، جي فاجِر، پڻ روڪِينِ ربَّ جي راھ کان، پڻ پاڪ مَسجِد کان، جا ما ڻهن ڪَئـِي، ڪئي سون مُقرر، هِڪ جھڙا حَقدار اُن ۾، مُقِيم، مُسافِر، ۽ گُھري زيادتِي ظلم سان، مَنجھسِ جو مُنڪر، سارو سُور اَپر، چوکو چکائـِينداسون اُن کي. |
وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26) |
۽ ڏيکارسون اِبراهِيم کي، واقع گھر، جِنهن وار، ته ڪِنهن کي، نه ڪر مون سان، بلڪل ڀائيوار، ۽ گھر مُنهنجي کي پاڪ رَکه، ڪَنان غير غُبار، طواف ڪندڙن، بِيهندڙن لئي، نيڪ نمازِيُن هارِ، ۽ نَمندڙ نيڪو ڪار، رَکندڙ سِر سُجود ۾. |
وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27) |
۽ حُڪم ڦيراءِ حَج جو، ماڻهن ۾ مَهندار!، ڪي پيادا پارِتو،۽ ڪي اِيندا، اُٺ سوار، ليڙا لاغر زار، اُونهان لَڪ اُڪرِي. |
لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28) |
ڀَلِين ته، سَندنِ ڀَلي تي، ڀيڙا ٿِيَن ڀار، ۽ ڳاڻ ڳَـڻين ڏِينهن ۾، سارِين نام سَتار، ڍڳن، ڍورن مان، تن تي، ڏِنن جي ڏاتار، پوءِ کائو پنهنجي پيٽ ۾، تَنِين مان تڪرار، ۽ کارايو خداهارِ، بُکـئي بي پُهچ کي. |
ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29) |
پوءِ موٽِي لاهِن مَر سَندن، پڻ لاهِن سُکائون صاف، ۽ تهدِل ڪن طواف، ڪعبي گَھر قَدِيم جو. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30) |
اِهو ۽ الله جي، مَنعن جو مُدام، ڪندو جيڪو قَلب سان، اَدب اِحترام، پوءِ اُهو سَندسِ، سائـِينءَ وَٽ، تنهن لئي چڱو تمام، ۽ ڍڳا ڍور حلال ٿيا، اوهان خاطِر عام، مگر پَڙهبا آنتي، هُوندا جي حرام، پوءِ پاسو پَلِيتِيء کان ڪريو، جي جُڙتو جاٽون جام، پڻ ڪوڙٖي کان ڪَلام، پاسي رکو پاڻ کي. |
حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31) |
مُنهن موڙِيندڙ مِڙنيان، هڪڙي پرور پار، ڪندڙ ڪِين اُن سان، ڪِنهن شيءِ کي، شامِل ڪار، ۽ جو شريڪ ڪري، ڪِنهن شيءِ کي، صاحب، ساڻ سَتار، سو اُٿلِي ڪَر، اُڀ مٿان، ڪريو ڪِنهِين ڪِنار، پوءِ ڳِجھن ڳِهيو وِچ ۾، مَڙھ سَندسِ مُردار، يا ڪِنهن پراهِين پار، وَڃِي واء اُڇلائـِيو. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32) |
اُهو ۽ الله جي، سُهڃاڻِيَن سَندو، جيڪو قَدر ڪندو، سو صفايان سِينن جي. |
لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33) |
مُدت مُقرّر آن لئي، نفعا مَنجھن نروار، ڪُسڻ جو قرار، ڪَعبي گَھر قديم ڏي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34) |
۽ ڪَيو سون گَھر قُربانِيَن، هر اُمّت لئي اِظهار، تان تن تي، نام ڌَڻِيءَ جو، وَٺنِ ويرو تار، ڍورن ۽ ڍڳن مان، ڏِنن جي ڏاتار، پوءِ درگاھ اَهنجِي دائــِما، هِڪ درگاھ دِلقرار،پوءِ نَمو کيس نِبار، ڏي ڌيرون، دِل ڀِڄندڙن کي. |
الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35) |
جن وَٽ ڪجي اَلله، ته دليون ڌَڙڪن اُنهن جون، ۽ سَهن، رسينِ سُور، جو، مَنجھ رَبَّ جي راھ، ۽ پَڙهندڙ نمازون پُوريون، هِيڻن جا هَمراھ، ۽ خَرچِين خير خواھ، جيڪِي عطا ڪيو سون اُن منجھان. |
وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36) |
اُهي، اُٺ ۽ پَهرُو، ڪارڻ قُربانِي، اَلله جي نِشانِيَن مان، ڪياسون نِيشانِي، اوهان لاءِ اُن ۾، آهي اِحسانِي، پوءِ جڏهن سارِيو، جَڪڙيلن تي نالو رَبّاني، پوءِ جڏهن پاسا ٺَهرِيَنِ پَٽ تي، ڦَٽڪڻ ڇڏيو فانِي، پوءِ کائو ۽ کارايو، ماڻهن مِهمانِي، ۽ سائـِل زباني، ۽ گَھر ويٺي نه گُھرندڙِين. اِنپر ڪيا سون اَهنجا، تابِع تُورانِي، مَن مڃيو مِهربانِي، ڳايو ڳُڻ اَلله جا. |
لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37) |
پُهچي نه اَلله کي، اُن جو گوشت ۽ نه رَتِي رَت، پَر پُهچيسِ اَوهان کان، سَچائـِي ۽ سَت، اُن کي تابع اوهان جو، بنايو سون اِن ڀَت، تان وَڏائـِي واحِد جِي، چئو چَڱئَ چَلگت، الله پاڪ اوهان کي، سُهايو جنهن صُورت، ۽ هَلي مَلهِي حَضرت!، ڏي ڀَلن کي بِشارتون. |
إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38) |
وِسهِياجي وِينجھار، تن تان، والِي ٽاري وٖيريَن، ڪِنهن خِيانتِي خوار کي، پَرور ڏئي نه پِيار، جو بي شُڪر بَدڪار، کائٖي نه مَڃٖي مُورهِين. |
أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39) |
جَن سان جوٽِي جنگ ويئـِي، موڪل تَن مَنطُور، جَڏهن اڳ ۾ اُنهن سان، ڪيا ويا ڪَلُور، ۽ مَدد سَندن تي مُور ، قادِر آهي ڪرِيم ڌَڻِي، |
الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40) |
جَن کي سَندنِ جاين مان، وِيو ڪڍيو، بي قُصور، ڪِنهِين حق حساب ري، مٿان هِنِ مَذڪُور، ته مالِڪ اَسان جو مُور، اَلله جَلَّ جلالہٗ. جيڪر جَھل جَبَّار، ڪِن سان نه هئي، ڪِن کي، ته مَڙهيون مِڙِئي ڊاٺيون وڃن، پڻ مَسجدون مڻيادار، جَن ۾ گھڻو ياد ڪجي، سُهڻو نام سَتّار، ڪندو ڌڻئَ جي دِين جِي، جو آئـِي ويل وَهار، ته ڏنيدسِ ڏَڍ ڏاتار، اَلله زور زَبر گھڻو. |
الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41) |
جَن کي وَٺايون سون زمين ۾، جيڪر زور ظُهُور، ته پَڙهيؤن صَلوٰة ۽ ڏنئون زڪوٰة، زر زيورن مان ضرور، ۽ چَيؤن چڱائـِي ۽ مَٺيءَ کان، منع ڪيائون مُور، ۽ آخِر سَڀ اُمور، حوالي حق پاڪ جي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42) |
۽ جي ڪوڙ ڪن ڪُلال، ته اڳي اُن ڪنان، قوم نُوح، عاد ثمود جِي، ڪُوڙو ڪوٺيون ڪالھ، |
وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43) |
۽ قوم اِبراهِيم ۽ لُوط جِي، |
وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44) |
پڻ مَدين جا متوال، ۽ ڪوڙو پڻ ڪوٺيو وِيو، مُوسٰى مَنجھ مَقال، پوءِ مُهلت ڏِنيَمِ مُنڪرِين، پوءِ پڪڙيَمِ سي پيمال، پوءِ هو ڪهڙٖي حال، مون کي، نه مَڃڻ جو مُعامَلو. |
فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45) |
۽ ڪَئـِين ڳوٺ ڪيترا، ڪيا سون ناس نِبار، ۽ اُهي هُئا، جنهن حال ۾، هرگز هاڃيڪار، پوءِ اُهي ڊَٺل سَنديَنِ ڇِتين تي، بَرلڳِي بازار، ۽ خالِي کُوھ ڪيترا، جَن تي، ڌَڻ، نه ڌَنار، سُڃاوِئَ وَلهار، ۽ سُڃا مَحل ماڙِيون. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46) |
ڇا، ڌَر نه گُھميا؟، ته دِليون سَندنِ، سَمجھن سماچار، يا ٿِين ڪَن اُنهن جا، جن سان ٻُڌن ڳالھ ٻِيهار، پوءِ اَ کيون نه ٿِيَن اَنڌيون، پر نابِين ٿِيَن نِبار، قَلب سَندا ڪُفار، جي سِينن مَنجھ سَميٽيا. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47) |
۽ اُهي خُود عَذاب لئي، ٿا تَڪڙائـِينءِ تَڪرار، ۽ بلڪل ناهي بَدلائـِڻو، واحِد، پَنهنجي وار، ۽ ڏينهن تُنهنجي ڏاتار وَٽ، هوندو سال هزار، مُوجب جِنهن شمار، اَوهين سالوَن ساريو. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48) |
۽ گھڻائـِي گام، مُهلت ڏِنِي مُون اُنهن کي، ۽ اُهي هُئا جِنهن حال ۾، آزارِيندڙ اظَلام، پوءِ پَڪڙيَمِ تن تمام، ۽ مُونڏي آخِر موٽڻو. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49) |
چئو ماڻهئا! اَوهان ڏي مُور، آئون اِطلاعِي آهيان، ۽ باھ سَنديون ڀَرپُور، کولي ڏِيندڙ خبرون. |
فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50) |
پوءِ آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا، بَخشِش بي گمان، پڻ رِزق سڳورو تَن لئي. |
وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51) |
۽ جي هيڻو اَسان جي، حُڪمن کي، ڪرڻ لئي ڊوڙيا، اُهي ڪُوڙا ۽ ڪوڙهيا، بيشڪ ڀاتِي باھِ جا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52) |
۽ مُرسل نه مُڪو سون، مَهند تُهان، ۽ نه ڪو نَبِي نامدار، مَگر پڙهيائـِين ميڙ ۾، جَڏهن ڪي جُھار، ته اِبلِيس اُن جي ڳالھ، ۾، اُڇليو غير غُبار، پوءِ اُڇليو اِبلِيس جو، سو ڪڍيو وِچان ڪَلتار، اَلله پَنهنجون آيتون، ڪري نِج نِبار، ۽ صاحب سَمجھدار، حِڪمتِي هوشيار گھڻو. |
لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
تان اُڇليو اِبليس جو، ڪري تِنهن ڪَلتار، آزمودو اُنهن لئي، جن جي اَندر ۾ آزار، ۽ ڪَٺڻ قَلب اُنهن جا؛ ۽ هرگز هاڃيڪار، آهِن گِرفتار، وَڏي ڪِنهن وِڏُوڙ ۾. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54) |
۽ جن کي عِلم عَطا ڪيو سون، سي رکن سُڌ سَنڀار، ته ڌُران تُنهنجي ڌڻِي کان، هِي آهي حَقَّ اِظهار، پوءِ مَڃينَسِ مَن سَندنِ، ڪَن عِجز اُنهيءَ هارِ، ۽ سانئـِين سُونهون تن جو، جن آندو اِعتبار، ۽ سنئين سنواٽي واٽ ڏانهن |
وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55) |
۽ ڦِريا جي فُجّار، تِيسِين هَميشه هُئن سي، سَندو شَڪ شِڪار، تان ڪڙڪٖي اَچي اوچتِي، مَٿن مَحشر وار، يا اَچي مَٿنِ آزار، نِپٽ نِدوري ڏِينهن جو. |
المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56) |
اُنهيءَ ڏِينهن اَلله جِي، رائـِي دوهائي، ڪندو اُنهن وِچ ۾، سَڀڪاصَفائـِي، پوءِ مَڃيو جن مُورهِين، ڪيؤن چيتٖي چَڱائـِي، اُهي عَطائـِي، سَدا سُکن جي باغ ۾. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57) |
۽ جي ڦِريا ۽ ڪُوڙا ڪوٺيون، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ آهي اُنهن ڪاڻ، عِزت ناسِ، عذاب ڪو. |
وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58) |
۽ اُهي، جي سانگ سِڌاريا، مَنجھ رَبَّ جي راھ، موٽِي سي مارِيا وِيا، يا ڏِنئون پاڻ پَساھ، اَلله ڏِيندو اُنهن کي، سُهڻو رِزق صُباح، بيشڪ آهي اَلله، رازق سَڀنيان سُهڻو. |
لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59) |
داخِل ڪَندنِ دار ۾، جا وينديَنِ پاڻ وڻِي، ۽ دانا آهي ڌَڻِي، پڻ حِڪمتي هوشيار گھڻو. |
ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60) |
حُڪم اِهو هَموار پوءِ وير جِنهن واريو، جِنهن مُوجب وَرتو، کانِس وِيو، تِهانپوءِ تڪرار، مَٿسِ وڌاڪيو ويو، ته ڏِيندسِ ڏَڍ ڏاتار، بارِي بَخشِيندڙ بار، پڻ معافيون ڏِيندڙ مُلڪ کي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61) |
اُن لئي اِها ڏات، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، رات وِجهي ڏِينهن ۾، ۽ ڏِينهن وِجھي مَنجھ رات، ۽ پرور پاڪ ذات، سُڻندڙ ڏِسندڙ ڏيھ ڌڻِي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62) |
اُهي صَفاسَمجاڻيون، ته ثابِت آهي سَتار، ۽ تِنهن سوا سَڏينِ، جِنهن کي، سو باطِل ۽ بيڪار، ۽ اَلله اُتم اَپار، وَڏِي وَڏائـِي جو ڏَڻِي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63) |
ڇاڏٺئـِي نه؟ تَه ڌاتار، آب اُتاريو اُڀ ڪنان، پوءِ ڦِريي سِيم سائـِي ٿِي، ڀُون بَنِي باغ بهار، مالِڪ ڪَندڙ مُلڪ تي، لُطف لَکه هَزار، پڻ خدا خبردار، هَر حقِيقت حال کان. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64) |
آهِن اُنهي هارِ، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، ۽ غَنِي ربُّ، غفار، سائين ساراهِيل گھڻو. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65) |
ڪِ نهَ وَرتئـِي ڪو ويچار؟ ته اَلله جَلَّ جَلاله، تابِع ڪيا توهان جا، جيڪِي ڀون ۾ بيشمار، پڻ واهِڻ وَهن وَھ ۾، سندس اَمرسان اِظهار، ۽ اُڀ کي ڪِرڻ کان، ڀُون مٿي، جَھلي ٿو جبار، مَگر سَندسِ مرضيءَ سان، سَچ پَچ رَبُّ سَتار، بَديون بخشڻهار، پڻ مِهربان ماڻهن مَٿي. |
وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66) |
۽ جنهن اوهان کي جِياريو، ڏيئـِي جِسم جان، مارِيندان، سو وَرِي، ڪندان خفا خون خان!، وري به وُجودن ۾، وِجھندان ساھ سُبحان، آهي هِي اِنسان، بِلڪُل بي شُڪران ڪو. |
لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67) |
اَسان ئي، هَر اُمّت لئي، ڪيو مَذهب مُقرر، اِهي آهن اُن مَٿي، هَلندڙ پَنهنجِي پَر، پوءِ نه ڪَن اِختلاف ڪو، توسان امر اَندر، ۽ پَنهنجي پالڻهار ڏي، سَڏين سَڀن کي سرور!، آهِين تون اَنور!، صَفا سُونهپ سَنئين مٿي. |
وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68) |
۽ جي تڪرار ڪن توساڻ، پوءِ چِٽو چَئو تن کي، ته سائـِين آهي سُڄاڻ، جيڪِي ڪريو جَھان ۾. |
اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69) |
اَلله اَوهان وِچ، فيصلو ڪندو قِيامت وار، هِڪ ٻِئي سان هيڪار، جنهن ۾ جھڳڙا ٿاڪريو. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70) |
وَرتئـِي ڪو ويچار؟، ته اَلله جَلَّ جَلالهٗ، جيڪِي، اُڀ، زمِين ۾، سڀ جو سَمجھدار، قَلم بَند ڪِتاب ۾، اُهو سَڀ اَذڪار، مالِڪ سِر، مُختيار، اُهو سڀ آسان گھڻو. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71) |
۽ آهِن پوڄِيندا اُن کي، پاڪ ڌڻِيءَ کان ڌار، جَن بابت ڌڻِي دليل ڪو، نه اُتاريو اِظهار، ۽ نه ڪا اُن جِي اُنهن کي، ڪا خاصِي خَبرچار، ۽ هاڃيڪارن هارِ، واهر وَسِيلو ناھِ ڪو. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72) |
۽ جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، پَڌرا اَسانجا پار، ته مَٺيان تَن جي مُنهن ۾، ٿو سُڃاڻِين سَردار!، ڦِريا جي فَرمان کان، تن تي وَرن تڪرار، جي نِيشانيون نِروار، پَڙهن اَسان جون، اُنهن مَٿي. چئو آن کي اِنهيان خراب جِي، ڇا ڏيان خبر چار؟ ته ڦِريا جي فرمان کان، اڳ اُنهن هارِ،سا ٻولِيَنِ رَبَّ ٻِيهار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو! |
يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73) |
ماڻهئا! مِثال ڏِنو وِيو، ٻُڌو سو ٻِيهار، اُهي وَڃيو جَن کي، دانهِينِ، ڌُڻِئَ ڌار، مَک نه بَنائـِينِ مُورهِين، ۽ توڻِي تِهِين هارِ، جَمع جوڙڻ تي ٿِيَنِ، هيڪاندا هَزار، ۽ سَندنِ نَذرنِياز مان، جي مَکه کَسٖي مِقدار، ته سَگهن نه وَٺِي اُن کان، واپس لِکه لَغار، هِڪ جِهڙا هِيڻا ٻَئـِي، مِيون ۽ مَڱڻهار، |
ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74) |
سُڃاتئون نه، حق سُڃاڻڻ جو، صاحب، کي سَتار، ڪَرارو ڪَلتار، جابِر ڪُل جَھان تي. |
اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75) |
الله جَلَّ جَلالَہٗ، آهي ڪندو اِختيار، ڪي مَلڪن، ڪي ماڻهن مان، مُرسل مڻيادار، سُڻندڙ رَبُّ، ستار، ڏِسندڙ ساري ڏيھ کي. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76) |
جيڪِي اڳيان، پويان اُنهن جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ آخِر پَرور پارِ، موٽڻ مِڙئـِي معامِلا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77) |
اي آندو جن ايمان!، نَمو ۽ سِر نائيو، ۽ پُوڄيو پَنهنجي ربَّ کي، جو مالِڪ مِهربان، ۽ نيڪي ڪريو ته، مانَ!، مَن مُرادون ماڻِيو |
وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78) |
۽ جُنبو، جُنبن جِھڙو، راھ ۾ رحمان، اُنهيءَ ڌُئو دُنيا وِچان، آن کي، سِين اِحسان، دانا اَهنجي دِين ۾، تنگِي ڪئـِي ڪا نه، اَهنجي اَبي اِبراهيم جو، دِين دَرجَھان، اُنهيءَ اوهان کي ڪوٺيو، مَهندئـِي مُسلمان، پڻ اوهان کي هِن ۾، ڪوٺيو مَنجھ قُران، تان هُجي گواه اَوهان تي،نَبِي نُورنيشان، ۽ اَوهين شاهِد ماڻهن تي، بِيهو بي گُمان، ۽ پڙهو نمازون پُوريون، ۽ ڏيو ڏکين کي ڏان، چَنبڙي پئو، دل جان سان، ڌڻيءَ، کي ڌيان، آهي اِهو اَوهان جو، مَولىٰ مِهربان، پوءِ سائـِين سو سُبحان، پڻ واهرُو واھ جو! |