يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1) |
اي انسانؤ! پنهجي پروردگار (جي عذاب) کان ڊڄو. يقين رکو ته اچڻ واري گهڙيءَ جو زلزلو هڪڙو وڏو سخت واقعو ٿيندو. |
يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2) |
جنهن ڏينهن اها گهڙي اوهان جي اڳيان اچي ويندي تنهن ڏينهن (ڪنهن کي به ڪنهن جي به خبر ڪانه رهندي) ٿڃ پياريندڙ عورتون پنهنجي ٿڃ پيئندڙ ٻچڙن کي به وساري ڇڏينديون. سڀئي حامله (وقت کان اڳي) پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. ماڻهن کي اوهان اهڙي حال ۾ ڏسندؤ جو ڄڻ ته سچ پچ متوالا ۽ پاڳل بڻجي ويا آهن، هو متوالا يا ديوانا ڪونه هوندا، پر الله جي عذاب جي خوفناڪي وڏي خوفناڪ آهي (جا هنن کي ديوانن وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندي.) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3) |
۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جو الله جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪن اگرچه هنن وٽ علم به ڪونهي، اهي ماڻهو هرهڪ سرڪش شيطان پٺيان لڳي ٿا پون (۽ سندس تابعداري ٿا ڪن) |
كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4) |
شيطان متعلق هيءَ ڳالهه (خدا وٽ) لکجي ويئي آهي ته جيڪو به سندس رفيق ٿيندو تنهن کي هو ضرور گمراهيءَ ۾ وجهندو ۽ جهنم جي عذاب تائين پهچائي ڇڏيندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5) |
اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي هن باري ۾ شڪ آهي ته ماڻهو (ٻيهر) جيئرو ٿي اٿندو ته (هن ڳالهه تي غور ڪيو) اسان توهان کي (ڇا مون) پيدا ڪيو؟ مٽيءَ مان. پوءِ (توهان جي ڄمڻ ۽ پيدا ٿيڻ جو سلسلو ڪهڙيءَ طرح جاري رهيو؟) هن طرح جو پهريائين نطفو ٿو ٿئي. پوءِ علقه (يعني ڄميل رت جو ٽڪرو، ماءُ جي پيٽ ۾) بنجي ٿو پوي. پوءِ وري ڪجهه شڪل وارو ۽ ڪجهه بي شڪل گوشت جو ٽڪرو ٿي ٿو پوي، ۽ اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو ته توهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جا ڪارناما) چٽا ۽ ظاهر ڪري ڇڏيون. پوءِ ڏسو ته، جنهن نطفي متعلق اسان چاهيون ٿا ته (ٻار جي صورت وٺي) تنهن کي عورت جي رحم (يعني ڳهڻ) ۾ هڪ مقرر وقت تائين قرار ڏيون ٿا. پوءِ (جڏهن نطفو سڀني مقرر حالتن مان لنگهي ٿو تڏهن) ٻاراڻي حالت ۾ اوهان کي ٻاهر ڪڍون ٿا. پوءِ توهان کي (هڪٻئي پٺيان) اهڙين حالتن ۾ آڻيون ٿا جو (آخر) پنهنجي جوانيءَ جي عمر کي پهچي ٿا وڃو. پوءِ توهان ۾ ڪو ته اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ کان اڳي ئي) مري ٿو وڃي. ۽ ڪو وري اهڙو ٿو ٿئي جو (ٻڍاپڻ تائين پهچي ٿو ۽) عمر جي نڪمي ۽ ضعيف حالت ڏانهن موٽائي آندو ٿو وڃي (جيئن ٻاراڻي حالت ۾ هو) تان جو علم ۽ عقل وارو درجو حاصل ڪري وري بي سمجهيءَ جي حالت ۾ پئجي ٿو وڃي. ۽ (اوڀڙن جو مثال وٺو) توهان ڏسو ٿا ته زمين سڪي ٺوٺ ٿيل آهي. پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تڏهن جهٽ پٽ لڏڻ ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ هر قسم جا اوڀڙ (گاهه ٻوٽا پوکون وغيره) ڄمي اڀري سهڻو نظارو ڏيکارين ٿا. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
اهو سڀ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله جي هستي هڪ حقيقت آهي ۽ هو بيشڪ مُردن کي زنده ڪري ٿو ڇڏي، ۽ هو هر ڪنهن ڳالهه ۽ ڪم جي قدرت رکي ٿو (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.) |
وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7) |
۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته مقرر گهڙي اچڻي آهي، ۽ ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ۽ پڻ هن ڳالهه جو دليل آهي ته الله تعاليٰ ضرور انهن کي اٿاري کڙو ڪندو، جيڪي قبرن ۾ آهن، (يعني جيڪي مري ويا آهن، سي وري مقرر وقت تي جيئرا ڪيا ويندا، جيئن مينهن پوڻ تي اوڀڙ مقرر وقت تي اڀري نڪرندا آهن). |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8) |
۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ نڪو آهي علم، نڪا اٿن رهنمائي ۽ نڪي ڪو روشن ڪتاب، تنهن هوندي به الله جي باري ۾ جهڳڙا ٿا ڪن. |
ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9) |
۽ هٺ وڏائي سان جهڳڙا ٿا ڪن، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي الله جي راه کان هٽائي گمراهه ڪري ڇڏين. اهڙن ماڻهن لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به خواري خرابي آهي، ۽ قيامت جي ڏينهن به اسان کين باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسين. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10) |
(هر هڪ کي چيو ويندو ته) هي (عذاب) انهيءَ جو نتيجو آهي جو توهان پاڻ پنهنجي هٿن سان اڳيئي مهيا ڪري رکيو هو. ۽ الله تعاليٰ ته پنهنجي بندن لاءِ ڪڏهن به ظالم ٿي نٿو سگهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11) |
۽ (ڏسو) ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو الله جي بندگي ته ڪن ٿا پر دل جي ڄمائي سان نٿا ڪن جيڪڏهن هنن کي ڪو فائدو ٿو پهچي ته دل کي آرام اچين ٿو. پر جيڪڏهن ڪنهن (تڪليف جي) آزمائش ۾ پون ٿا ته پٺي ڏئي پنهنجي (ڪفر جي) حالت ڏي موٽي پون ٿا. هو دنيا ۾ به نامراد ٿين ٿا ۽ اخرت ۾ به. ۽ اهائي ظاهر ظهور نامرادي آهي. |
يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12) |
هو الله کي ڇڏي انهن شين کي (پنهنجي حاجت روائيءَ لاءِ) سڏين ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون نڪي فائدو. اهائي گمراهي آهي جا سڀني کان وڌيڪ اونهي گمراهي آهي. |
يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13) |
اهي اهڙي هستيءَ کي سڏين ٿا جنهن جي نفع کان زياده ان جو نقصان وڌيڪ ويجهو آهي. (نفعو جيڪڏهن کڻي ڏسڻ ۾ به اچي ته به اهو وهمي آهي نه سچو نفعو). بيشڪ بڇڙو آهي (اهڙو) دوست ۽ بڇڙو آهي (اهڙو) ساٿاري. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14) |
جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ٿا ڪن تن کي ضرور الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ پهچائي ڇڏيندو جن جي تَري ۾ نهرون وهي رهيون هونديون. الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (هو مالڪ ۽ مختار آهي) |
مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15) |
جيڪو ماڻهو (نااميد ٿي) اهو خيال ٿو ڪري ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد ڪونه ڪندو، (تنهن لاءِ زندگيءَ جي ڪابه راهه باقي نه رهي) کيس گهرجي ته هڪ رسي ڇت تائين کڻي ان کي ڇت سان ٻڌي ڇڏي ۽ (ان ۾ گردن اٽڪائي زمين کان پنهنجو) لاڳاپو ڇني ڇڏي (يعني ڦاهو کائي مري) پوءِ ڏسي ته انهيءَ تدبير سان سندس غم ۽ غصو دور ٿئي ٿو يا نه! |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16) |
۽ ڏسو اهڙيءَ طرح اسان هي ڪلام روشن دليلن جي شڪل ۾ نازل ڪيو ۽ هن لاءِ نازل ڪيو جو الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (ڪاميابيءَ جي) راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17) |
جن ماڻهن ايمان آندو آهي، (يعني مسلمان آهن) جي يهودي آهن، صابي آهن، نصاريٰ آهن، مجوسي آهن يا مشرڪ آهن، تن سڀني جي باري ۾ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ فيصلو ڪري ڇڏيندو (۽ انهن جي عملن جي حقيقت ظاهر ٿي پوندي) ان کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي. هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18) |
ڇا توهان نٿا ڏسو ته جيڪو به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪو به زمين ۾ آهي، ۽ پڻ سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ، چوپايا جانور سڀ الله جي اڳيان سجدي ۾ جهڪيل آهن، (يعني الله تعاليٰ جيڪا سندن فطرت ڪئي آهي، تنهن موجب عمل ڪري رهيا آهن) ۽ ڪيترائي انسان به (فطرت جي قانون تي رهلي رهيا آهن پر افسوس جو) گهڻائي انسان اهڙا به آهن جن تي عذاب جي حقداري (يا لائقيت) ثابت ٿي چڪي آهي (ڇو ته هنن جا عمل فطرت، عقل ۽ وحي جي خلاف آهن) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي به الله تعاليٰ ذلت ۽ خواريءَ ۾ وجهي تنهن لاءِ ڪوبه ڪونهي جو کيس عزت ڏيڻ وارو هجي. اهو الله جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو ڇڏي. |
هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19) |
(ڏسو) اهي ٻه مخالف (فرقا) آهن جيڪي پنهنجي پروردگار جي باري ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ ڳالهيون ٻڌائين ٿا، انهن مان جيڪي ڪفر جي واٽ وٺن ٿا تن جي لاءِ باهه جا ڪپڙا ماپي ڪتري تيار ڪيا ويندا، ۽ انهن جي مٿن تي ٽهڪندڙ پاڻي پرٽايو ويندو. |
يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20) |
ان (جي ساڙيندڙ گرميءَ) کان جيڪي هنن جي پيٽ ۾ آهي سو کامڻ ۽ جلڻ لڳندو ۽ سندن چمڙيون به جلڻ لڳنديون. |
وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21) |
۽ پڻ هنن کي روڪي جهلڻ لاءِ لوهه جا گرز هوندا. |
كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22) |
جڏهن جڏهن (عذاب جي) ايذاءَ کان بي قرار ٿي ٻاهر نڪرڻ چاهيندا تڏهن انهن (گرزن) سان انهيءَ ئي (عذاب) ۾ کين موٽايو ويندو ۽ (کين چيو ويندو ته هاڻي ڇو ٿا نڪرو؟) ساڙيندڙ عذاب جو مزو ته چکو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23) |
(پر) جيڪو فرقو ايمان ٿو آڻي ۽ عمل به صالح ٿو ڪري تنهن کي يقيناً الله تعاليٰ (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندو جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، انهن کي اتي (باهه جي ڪپڙن بدران) سون جا ڪنگڻ ۽ موتين جا هار پارايا ويندا، ۽ انهن جو لباس اتي ريشمي هوندو. |
وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24) |
انهن کي ڳالهين مان اهڙي ڳالهه جي رهنمائي (واٽ ڏيکارڻ) ملي جا نهايت ئي پاڪيزه آهي ۽ کين راهن مان انهيءَ راهه تي هلايو ويو جنهن جي ساراهه ڪئي ويئي آهي. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25) |
يقيناً جن (مڪي جي) ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا ۽ پڻ مسجد الحرام کان (يعني ڪعبت الله کان روڪين ٿا) جو اسان سڀني انسانن لاءِ (عبادتگاهه) ٺهرايو آهي، پوءِ اهي اتي جا رهاڪو هجن توڙي ٻاهران ايندڙ هجن ٻئي برابر آهن، (سو انهن ڪافرن کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان انهن کي ۽ هر انهيءَ ماڻهو کي) جيڪو ان ۾ ظلم طور حق کان ڦري وڃڻ جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب جو مزو چکائينداسين. |
وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26) |
۽ ڏسو اسان حضرت ابراهيم جي لاءِ ڪعبي واري جاءِ مقرر ڪري ڇڏي (۽ حڪم ڏنو) ته ڪنهن ٻي شيءِ کي مون سان شريڪ نه ڪر، ۽ منهنجو هيءِ گهر انهن ماڻهن لاءِ پاڪ رک جيڪي طواف ڪندڙ هجن، عبادت ۾ سرگرم رهندڙ هجن، ۽ رڪوع ۽ سجدي ۾ جهڪندڙ هجن. |
وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27) |
۽ (پڻ اسان کيس حڪم ڏنو هو ته) ماڻهن ۾ حج جو اعلان (پڙهو) ڏيئي ڇڏ. ماڻهو توڏانهن دنيا جي پري پري وارين واٽن (۽ ملڪن) کان ايندا رهندا، ڪي پيادا ته ڪي قسم قسم جي سوارين تي ايندا جيڪي (اٺ گهوڙي وغيره سفر جي تڪليف کان) ٿڪل هوندا. |
لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28) |
اهي هن لاءِ ايندا ته پنهنجي فائدن وٺڻ واري جاءِ تي اهي حاضر ٿين، ۽ اسان جيڪي پاليل جانور هنن کي رزق طور ڏنا آهن، تن جي قرباني ڪري مقرر ڏينهن ۾ الله جو نالو وٺن. پوءِ قربانيءَ جو گوشت پاڻ به کائو ۽ بکايل فقيرن کي به کارايو. |
ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29) |
پوءِ اهي ماڻهو (يعني حاجي) قرباني ڪرڻ بعد پنهنجي جسم ۽ لباس جي ميرائي لاهي ڇڏين. (يعني احرام لاهي ڇڏين) پڻ پنهنجا نذر پورا ڪن ۽ هن قديم گهر (يعني ڪعبت الله) جي چوڌاري طواف ڪن. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30) |
سو ڏسو (حج جي) ڳالهه ائين ٿي ۽ جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهريل پاڪ رسمن جي عزت ٿو ڪري تنهن جي لاءِ سندس پروردگار وٽ وڏي چڱائي آهي. ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رکو ته) انهن جانورن کان سواءِ جن جي حرام هئڻ جو حڪم قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي، سڀ چوپايا جانور اوهان جي لاءِ حلال ڪيا ويا آهن. پوءِ توهان کي گهرجي ته بتن جي ناپاڪائيءَ کان پاڻ کي بچايو ۽ پڻ ڪوڙ ڳالهائڻ کان پري رهو. |
حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31) |
فقط الله ئي جي لاءِ ٿي رهو. ساڻس ڪنهن به ٻي هستيءَ کي شريڪ نه ڪيو. جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو تنهن جو حال اهڙو سمجهو جو ڄڻ ته ڪو مٿانهينءَ کان اوچتو هيٺ ڪري پيو. پوءِ (جيڪا به شيءِ اهڙيءَ طرح ڪري پوندي تنهن کي يا ته) ڪو پکي (سرڻ وانگر) جهٽڪو ڏيئي کڻي ويندو يا ته هوا جو جهوٽو کيس اڏائي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ۾ اڇلائي ڦٽو ڪندو. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32) |
اها آهي (حقيقت). پوءِ ياد رکو ته جنهن به الله جي نشانين جي عظمت (شان ۽ وڏائي) مڃي تنهن اهڙي ڳالهه مڃي جا حقيقت ۾ دلين جي پرهيزگاريءَ جي ڳالهين منجهان (هڪڙي ڳالهه) آهي. |
لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33) |
انهن (چوپاين جانورن) ۾ هڪ مقرر وقت تائين توهان جي لاءِ (قسم قسم جا) فائدا آهن. پوءِ (انهن کي هن) قديم گهر تائين پهچائي انهن جي قرباني ڪرڻ آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34) |
۽ (ڏسو) هرهڪ امت جي لاءِ اسان عبادت جو ڪوئي نه ڪوئي طريقو مقرر ڪيو هو. انهيءَ لاءِ ته انهن پاليل جانورن کي جي اسان رزق طور (کين) ڏنا آهن، ذبح ڪن ته الله جو نالو وٺن. پوءِ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود اهوئي هڪڙو يگانو معبود آهي، ۽ (جيئن ته ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڪري اوهان کي گهرجي ته) فقط انهيءَ ئي جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪائي رکو. ۽ (اي پيغمبر!) نماڻائي ۽ نيازمندي رکندڙ ٻانهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏيئي ڇڏ. |
الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35) |
انهن (حق جي نيازمندن) کي (به خوشخبري ڏيئي ڇڏ) جن وٽ جيڪڏهن الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته انهن جون دليون ڏڪي ٿيون وڃن. جيڪي هر قسم جي مصيبتن ۾ صبر ڪندڙ آهن، جيڪي نماز درست ڪري پڙهڻ ۾ ڪوشش ڪندڙ آهن، ۽ جيڪي انهيءَ رزق مان جو الله تعاليٰ کين ڏنو آهي، (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندا ٿا رهن. |
وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36) |
۽ (ڏسو، قربانيءَ جي انهن) اٺن کي (جن کي پري پري کان حج جي موقعي تي نيو وڃي ٿو) اسان انهن شين ۾ شمار ڪيو آهي، جي اوهان جي لاءِ الله جي (عبادت جي) نشانين مان آهن. انهن ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي. تنهن ڪري اوهان کي گهرجي ته انهن کي قطارن ۾ بيهاري ذبح ڪرڻ وقت الله جو نالو ياد ڪريو. پوءِ جڏهن هو ڪنهن به پاسي ته ڪري پون (يعني ڪسجي وڃن) تڏهن انهن جي گوشت مان پاڻ به کائو ۽ فقيرن ۽ زيارت ڪندڙ (حاجين) کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي توهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، ته توهان (الله تعاليٰ جي نعمتن جا) شڪرگذار رهو. |
لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37) |
ياد رکو ته، الله تعاليٰ وٽ انهن قربانين جو نڪي گوشت ٿو پهچي ۽ نڪي رت. سندس حضور ۾ جيڪي پهچي ٿو سگهي سو آهي فقط اوهان جي تقويٰ. (يعني اوهان جي دل جي نيڪي) انهن جانورن کي الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح اوهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته الله جي هدايت ۽ رهنمائي تي شڪرگذاري ڪيو ۽ سندس نالي جي وڏائي جو آواز بلند ڪيو ۽ نيڪ عملن ڪندڙن جي لاءِ (خدا وٽ قبوليت جي وڏي) خوشخبري آهي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38) |
جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کي يقيناً الله تعاليٰ (ظالمن جي ظلم ۽ سختين کان) بچائي ٿو. هن ۾ ذرو به شڪ ناهي ته الله تعاليٰ امانت ۾ خيانت ڪندڙن کي، جيڪي خدا جي نعمتن جا بي شڪر آهن، ڪڏهن به پسند نٿو ڪري. |
أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39) |
جن (مؤمنن) جي خلاف ظالمن جنگ جاري رکي آهي تن کي به هاڻي (ساڻن) جنگ ڪرڻ جي رخصت ڏني وڃي ٿي. ڇو ته هنن تي سراسر ظلم ڪيو ٿو وڃي. ۽ الله تعاليٰ بيشڪ هنن (مؤمنن) جي مدد ڪرڻ جي قدرت ۽ طاقت رکي ٿو. |
الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40) |
هي (مؤمن) اهي مظلوم آهن، جيڪي ناحق پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا آهن. (هنن جو ڪوبه ڏوهه ڪونه هو) هو ته فقط چوندا ۽ مڃيندا هئا ته اسان جو پروردگار الله آهي. ۽ ڏسو جيڪڏهن الله تعاليٰ ڪن (نيڪ) ماڻهن جي هٿان ڪن (ظالمن) کي نه روڪيندو رهي ها (۽ هڪ ٽولي کي ٻئي ٽولي تي ظلم ڪرڻ لاءِ ڇوٽ ڇڏي ڏئي ها) ته ڪنهن به قوم جا عبادتگاهه زمين تي سلامت نه رهن ها، نڪي (عيسائين ۽ يهودين جون) خانقاهون ۽ ديوليون نڪي ٻين جا عبادتگاهه ۽ مسجدون، جن (سڀني) ۾ الله تعاليٰ جو گهڻو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. اهي سڀ گهڻو اڳي ڊاٺيون وڃن ها. (ياد رکو ته) جيڪو به الله (جي سچائيءَ) جي حمايت ڪندو تنهن جي الله تعاليٰ به ضرور مدد ڪندو. انهيءَ ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي ته هو يقيناً سڀ ڪا قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي. |
الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41) |
اِهي (مظلوم مسلمان) اُهي آهن جن کي جيڪڏهن اسان زمين ۾ (يعني ملڪ ۾) طاقتور ڪنداسين (يعني سندن حڪومت ٿيندي) ته هو نماز (جو نظام) قائم ڪندا. زڪوات جو انتظام رکندا، نيڪين جو حڪم ڏيندا ۽ برائين کان روڪيندا، ۽ (ياد رکو ته) سڀني ڳالهين جي پچاڙي ۽ نتيجو الله تعاليٰ جي ئي هٿ ۾ آهي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42) |
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اهي (منڪر) توکي ڪوڙو ٺهرائي تنهنجي ڳالهه نٿا مڃن ته (اهو انڪار ڪا نئين ڳالهه ڪانهي) هن کان اڳي به گهڻين ئي قومن پنهنجي پنهنجي وقتن جي رسولن کي ڪوڙو سمجهي نه مڃيو هو، جهڙوڪ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم. |
وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43) |
ابراهيم جي قوم، لوط جي قوم. |
وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44) |
۽ مدين جا ماڻهو- ۽ حضرت موسيٰ کي به ڪوڙو ٺهرايو ويو (اگرچه خود سندس قوم يعني بني اسرائيل کيس ڪوڙو ڪونه ٺهرايو پر فرعون ۽ سندس ماڻهن کيس نه مڃيو) ۽ اسان (هميشه هيئن ڪيو جو) پهريائين منڪرن کي (ڪجهه مدت تائين) مهلت ڏني، پوءِ پڪڙ ڪئي. سو ڏسو ته اسان جو ناراضپو هنن جي لاءِ ڪهڙو نه سخت ٿيو (۽ هو سخت عذابن ۾ مبتلا ٿيا ۽ آخر تباهه ٿيا). |
فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45) |
پوءِ (ڏسو ته) ڪيتريون ئي بستيون جي ظلم ڪندڙ هيون تن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو. اهي اهڙيون ته خراب ٿيون جو پنهنجي ڇتين ڀر ڪري ڍير ٿي پيون. تلاءَ ۽ کوهه بيڪار رهجي ويا، ۽ اونچيون محلاتون کنڊر بنجي پيون. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46) |
پوءِ اهي ماڻهو ملڪن ۾ ڪونه ٿا گهمن ڦرن ڇا جو (اهي کنڊر ڏسي) عبرت وٺن؟ هنن کي دل ۽ دماغ هجي ته جيڪر سمجهن (۽ نصيحت وٺن)، هنن کي ڪن هجن ته جيڪر ٻڌن (۽ سمجهن). پر حقيقت هيءَ آهي ته جڏهن ڪو انڌو ٿو ٿئي ته اکيون ڪونه ٿيون انڌيون ٿين، پر دليون انڌيون ٿي ٿيون پون، جي سينن جي اندر لڪل آهن. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47) |
۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو عذاب جي گهر ڪرڻ ۾ توسان تڪڙ لائي ٿا ڏين (يعني چون ٿا ته جيڪڏهن سچ پچ اسان تي عذاب اچڻو آهي ته ڇو نٿو اچي؟ تون کين چئو ته) الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي (۽ پنهنجو واعدو ضرور پورو ڪندو) پر تنهنجي پروردگار وٽ هڪ ڏينهن ايڏو آهي جيڏو اوهان جي شمار ۾ هڪ هزار سال. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48) |
۽ ڪيترويون ئي بستيون هيون جي ظالم هيون ۽ جن کي اسان (شروعات ۾) ڍر ڏيئي ڇڏي ڏنو. پر پوءِ نيٺ انهن کي پڪڙ ڪئي سون ۽ آخر ته سڀني کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49) |
(اي پيغمبر!) تون اعلان ڪر ته اي انسانو! مان ته فقط (انڪار ۽ شرارت جي نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهيان ۽ چٽيءَ طرح خبردار ڪرڻ ٿو چاهيان. |
فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50) |
پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان ٿا آڻين ۽ نيڪ عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ بخشش آهي ۽ عزت واري روزي آهي. |
وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51) |
(پر) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين جي خلاف مقابلو ڪري ڪامياب ٿيڻ ٿا چاهين سي دوزخي آهن، (انهن جي لاءِ هر طرح جي ڪاميابين ۽ سعادتن کان محرومي آهي.) |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52) |
۽ (اي پيغمبر!) اسان توکان اڳي جيترا به رسول ۽ نبي موڪليا تن سڀني سان هي معاملو ضرور پيش آيو، جو هنن جيئن ئي (اصلاح ۽ سعادت جي) خواهش ڪئي تيئن ئي شيطان هنن جي خواهشن ۾ ڪا نه ڪا فتني جي ڳالهه وجهي ڇڏي. ۽ پوءِ الله تعاليٰ شيطان جي وسوسن وجهڻ وارين ڳالهين جو اثر ميٽي ڇڏيو. ۽ پنهنجي نشانين کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. اهو الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. |
لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
انهيءَ ۾ (هڪ وڏي) مصلحت هيءَ هوندي آهي ته شيطان جا وسوسا انهن ماڻهن لاءِ آزمائش ٿين ٿا جن جون دليون روڳي آهن ۽ (سچائي جي سمجهڻ ۽ قبول ڪرڻ کان) سخت ٿي ويون آهن. ۽ بيشڪ ظالم وڏي اونهي مخالفت ۾ پئجي ويا آهن. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54) |
پڻ ان ۾ هي مصلحت به هوندي آهي ته (اي پيغمبر!) جن ماڻهن کي علم مليو آهي، سي ڄاڻي وٺن ته اهو معاملو في الحقيقت الله جي طرف کان آهي. اهڙيءَ طرح هو ان تي ايمان آڻين ۽ سندن دلين ۾ نماڻائي ۽ نياز پيدا ٿئي. يقيناً الله تعاليٰ ايمان وارن کي (سعادت واري) سڌي واٽ وٺائڻ وارو آهي. |
وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55) |
(ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي هن باري ۾ شڪ آڻيندا رهندا تان جو (فيصلي واري) گهڙي اوچتو اچي مٿن ڪڙڪندي يا ڪنهن منحوس ڏينهن جو عذاب ظهور ۾ اچي ويندو. |
المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56) |
انهيءَ ڏينهن بادشاهي فقط الله جي هوندي. هو انهن سڀني جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ چڱا عمل ڪيا هوندا تن جي لاءِ خوشين ۽ نعمتن وارا باغ هوندا. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57) |
پر جن ماڻهن انڪار ڪيو هوندو، ۽ اسانجون نشانيون ڪوڙيون سمجهيون هونديون تن جي لاءَ خوار خراب ڪندڙ عذاب هوندو. |
وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ هجرت ٿا ڪن ۽ پوءِ لڙائيءَ ۾ قتل ٿا ٿين يا پنهنجي موت مري ٿا وڃن، تن کي الله تعاليٰ ضرور (آخرت ۾) بهترين روزي ڏيندو، ۽ بيشڪ الله ئي آهي جو سڀني کان بهتر روزي بخشيندڙ آهي. |
لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59) |
هو ضرور کين اهڙيءَ جاءِ تي پهچائيندو، جنهن ۾ هو خوش ۽ راضي رهندا. يقيناً هو (سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ پنهنجي ڪمن ۾) وڏو بردبار آهي. |
ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60) |
(بهرحال) حقيقت اها آهي، پوءِ جيڪو به زيادتي (۽ اڳرائي) نٿو ڪري، بلڪ جيتري سختي ان سان ڪئي ويئي آهي، ٺيڪ ٺيڪ اوتري ان جي عيوض ۾ ڪرڻ ٿو چاهي ۽ وري دشمن وڌيڪ زيادتي ڪرڻ لاءِ حملو ٿو ڪري ته پوءِ ضروري آهي ته الله مظلوم جي مدد ڪري. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61) |
۽ اها (صورت حال) هن ڪري ٿي ٿئي جو الله رات کي ڏينهن جي اندر ظاهر ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات جي اندر (يعني حالتن جي بدلجڻ جو قانون جاري آهي) ۽ پڻ هن ڪري جو الله تعاليٰ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62) |
پڻ هن ڪري به جو فقط الله ئي حق آهي ۽ جن هستين کي کانئس سواءِ پڪارين ٿا سي باطل آهن، ۽ وري هن ڪري به ته الله تعاليٰ جي هستي بلند مرتبي واري ۽ وڏي شان واري آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63) |
ڇا توهان هي (نظارو) نه ڏٺو آهي جو الله تعاليٰ آسمان مان مينهن وسائي ٿو ۽ (سڪل) زمين سرسبز ٿي وڃي ٿي. يقين رکو ته الله تعاليٰ وڏو لطف ڪندڙ ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64) |
آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو سڀ سندس ئي آهي ۽ بيشڪ هو بي نياز بي پرواهه (بادشاهه) آهي، ۽ سڀني سهڻين ساراهن جو لائق آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65) |
تو هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا؟ ته ڪهڙيءَ طرح الله تعاليٰ زمين جون سڀ شيون اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيون آهن. (يعني ڪم اچڻ لاءِ تابع ڪري ڏنيون آهن) جهاز کي ڏسو، ڪيئن نه سندس حڪم سان سمنڊ ۾ ترندو هليو وڃي ٿو. وري ڪهڙيءَ طرح هن آسمان کي (يعني سيارن تارن وغيره کي) روڪي جهليو آهي، جو زمين تي ڪونه ٿا ڪرن. جيڪڏهن ڪرندا ته سندس ئي حڪم سان ڪرندا. بيشڪ الله تعاليٰ انسان جي لاءِ ڏاڍو شفيق (مهربان) ۽ وڏي رحمت وارو آهي. |
وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66) |
۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زندگي ڏني. ۽ وري موت ڏئي ٿو ۽ وري (ٻيهر) جيئاري اٿاريندو. بيشڪ انسان وڏو بي شڪر آهي. |
لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67) |
(اي پيغمبر!) اسان هرهڪ امت جي لاءِ (عبادت جو) هڪڙو طريقو ٺهرايو آهي، جنهن تي اها امت عمل ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ماڻهن کي هن معاملي ۾ (يعني اسلام جي عبادت جي طريقن بابت) توسان جهڳڙي ڪرڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي. تون ماڻهن کي پنهنجي پروردگار جي طرف سڏ (ڇو ته اصل دين آهي به خدا پرستي) يقيناً تون هدايت جي سڌي رستي تي هلندڙ آهين. |
وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68) |
جيڪڏهن (انهيءَ هوندي به) ماڻهو توسان جهڳڙو ڪن ته تون کين چئي ڏي ته الله تعاليٰ توهان جا عمل خوب ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69) |
توهان جن ڳالهين بابت هڪ ٻئي سان اختلاف ڪري رهيا آهيو، تن بابت قيامت جي ڏينهن هو اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري حقيقت کي بلڪل ظاهر ڪري ڇڏيندو. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70) |
(اي پيغمبر!) تو کي خبر ناهي ڇا ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي به آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهي اهي سڀ ڳالهيون ڪتاب ۾ لکيل آهن. ائين ڪرڻ الله جي لاءِ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71) |
۽ هي ماڻهو الله کي ڇڏي انهن شين جي پوڄا ٿا ڪن جن متعلق نڪي هن ڪا سند نازل ڪئي آهي، نڪي هنن وٽ ڪا علم جي روشني آهي. ۽ (اهڙن) ظالمن کي مدد جو ڪوبه سهارو نٿو ملي سگهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72) |
۽ جڏهن انهن ماڻهن کي اسان جون روشن آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن جن ماڻهن جي دلين ۾ ڪفر (ويهي ويو) آهي، تن جي منهن تي ناپسندي ڏسي توهان سندن انڪار ۽ نفرت جهٽ سهي ڪري سڃاڻي سگهو ٿا. ائين پيو ڏسجي ته ناراضگيءَ ۾ کامي ٽهڪي هو (آيتن) پڙهڻ وارن تي حملو ڪري ڏيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته، اوهان کي انهيءَ (اندر جي باهه) کان به وڌيڪ خراب حالت جي خبر ٻڌائي ڇڏيان؟ اها آهي ساڙيندڙ باهه (جا اڳتي هلي اوهان کي ساڙيندي) جنهن بابت الله تعاليٰ منڪرن جي لاءِ واعدو ڪري ڇڏيو آهي. اهو ٽڪاڻو يا منزل ڪهڙي نه خراب ٿيندي! |
يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73) |
اي انسانو! اوهان کي هڪڙو مثال ٻڌايو وڃي ٿو. غور سان ٻڌو. الله کان سواءِ جن (هٿرادو ٺاهيل) معبودن کي توهان سڏيو ٿا تن ته هڪ مک به ڪڏهن پيدا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن توهان جا هي سڀ معبود گڏجي زور لڳائين تڏهن به پيدا ڪري نه سگهندا ۽ جيڪڏهن هڪڙي مک انهن کان ڪجهه کسي کڻي وڃي ته هنن ۾ اها به طاقت ڪانهي جو ان کان ڇڏائي وٺن. (ظاهر آهي ته اهي) طلبگار (يعني مشرڪ ۽ بت پرست جيڪي ڪوڙن معبودن جي طلب ٿا رکن) به ضعيف آهن ته (سندن) مطلوب به ضعيف آهن. (يعني پوڄا ڪندڙ به جڏا ۽ محتاج آهن ته سندن معبود به جڏا ۽ عاجز آهن.) |
ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74) |
الله تعاليٰ جي بلند مرتبي جي جيڪا عزت ڪرڻ گهرجي سا اهي (مشرڪ بت پرست) نه ڪري سگهيا. هو ته هر طرح جي قوت رکندڙ ۽ سڀني تي غالب آهي. |
اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75) |
الله تعاليٰ فرشتن مان ڪن کي پيغامن پهچائڻ لاءِ چونڊي پسند ٿو ڪري. ۽ ساڳيءَ طرح ڪن انسانن کي به (پيغامن پهچائڻ لاءِ چونڊي کڻي ٿو جن کي رسول يا پيغمبر ڪوٺجي ٿو) بيشڪ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76) |
هو ڄاڻي ٿو جيڪي به هنن کي (اڳتي هلي) پيش اچڻو آهي، ۽ جيڪي به هنن سان اڳي ٿي گذريو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي آخري ڏوري سندس ئي هٿ ۾ آهي. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77) |
مومنؤ! رڪوع ۾ جهڪو، سجدي ۾ ڪري ڪري پئو، پنهنجي پروردگار جي ٻانهپ ڪيو ۽ نيڪيءَ جا ڪم ڪيو. عجب ناهي ته ائين ڪرڻ سان اوهان ڪامياب ۽ بامراد ٿيندؤ (يعني دنيا ۽ آخرت جون نعمتون حاصل ڪندؤ). |
وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78) |
۽ الله جي راهه ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳايو. ان جي راهه ۾ بي انتها ڪوشش ڪرڻ جو جيڪو حق آهي، سو پوريءَ طرح بجا آڻيو. الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي وڏي فضيلت لاءِ چونڊي کنيو آهي، ۽ توهان جي لاءِ دين ۾ ڪنهن به قسم جي تنگي (يا تڪليف) ڪانه رکي اٿس. توهان کي اهوئي (سنئو سڌو) طريقو ڏسيو ويو آهي، جو توهان جي پيءُ حضرت ابراهيم جو هو. الله تعاليٰ توهان جو نالو مسلم رکيو آهي. اڳوڻن زمانن ۾ به ۽ (قرآن) ۾ به ۽ اهو هن لاءِ ڪيائين ته رسول(ﷺ) اوهان جي لاءِ (حق جو) شاهد ٿئي (يعني حق سيکاري) ۽ توهان وري سڀني انسانن جي لاءِ (حق سيکاريندڙ ٿيو). تنهن ڪري توهان نماز جو نظام قائم ڪيو ۽ زڪوات جو بندوبست رکو. الله جو سهارو مضبوط جهليو. اهوئي اوهان جو ڪارساز آهي. ۽ جنهن جو ڪارساز الله ٿيو، تنهن جو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار! |