يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1) |
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، بيشڪ قيامت جو ڌڌڪو وڏي چيز آهي. |
يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2) |
جنهن ڏينهن ان کي ڏسندؤ، تڏهن هر ڪا کير پياريندڙ پنهنجي ٻچي کي وساري ڇڏيندي ۽ هر ڪا پيٽ واري سندس پيٽ ڪيرائي ڇڏيندي ۽ تون ماڻهن کي نشي ۾ ڏسندين، مگر هو نشي ۾ نه هوندا، پر خدا جو عذاب سخت هوندو. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3) |
۽ ماڻهن مان ڪو الله بابت بي سمجهيءَ سان بحث ڪندو آهي ۽ هو ڪنهن تڙيل شيطان پٺيان لڳندو آهي. |
كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4) |
جنهن بابت لازم ڪيل آهي ته جيڪو ساڻس محبت رکندو تنهن کي هو پڪ گمراهه ڪندو ۽ کيس دوزخ جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5) |
اي انسانو! جيڪڏهن اوهين وري جيئري ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهيو ته (سوچيو ته) اسان اوهان کي مٽيءَ مان بنايو، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ گوشت جي ٻوٽي مان سڄو بنايل ۽ اڌو گابرو بنايل، ته اوهان کي چٽيءَ طرح ٻڌايون ۽ جنهن لاءِ چاهيندا آهيون تنهن کي وقت مقرر تائين ڳڀيرڻين ۾ ٽڪائيندا آهيون، پوءِ اوهان کي ٻار ڪري ڪڍندا آهيون ته پنهنجي جواني کي پهچو، ۽ اوهان مان ڪو مري ويندو آهي ۽ اوهان مان ڪنهن کي خراب عمر ڏي موٽائبو آهي، ته ڄاڻپ بعد به ڪجهه نه ڄاڻي، ۽ زمين کي ڏسندو آهين، ته غير آباد آهي پوءِ جڏهن مٿس پاڻي وسائيندا آهيون ته تازي ٿيڻ ۽ وڌڻ لڳندي آهي ۽ طرح طرح جا سٺا اوڀڙ اڀاڙيندي آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
اهو (بيان) هن لاءِ آهي ته الله ئي سچو آهي، اهو ئي مئن کي جيئاري ٿو، اهو ئي هر ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي. |
وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7) |
۽ قيامت اچڻي آهي، جنهن ۾ ڪوشڪ ڪونهي ۽ الله تعاليٰ قبرن وارن کي اٿاريندو. (_) ماڻهن مان ڪو سواءِ ڪنهن علم ۽ هدايت ۽ پڌري ڪتاب جي ڪنڌ کي موڙي، الله بابت بحث ڪندو آهي ته الله جي واٽ کان گمراهه ڪري_ ان لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت ڏينهن کيس ساڙيندڙ عذاب چکائينداسون. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8) |
ماڻهن مان ڪو سواءِ ڪنهن علم ۽ هدايت ۽ پڌري ڪتاب جي الله بابت بحث ڪندو آهي. |
ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9) |
ڪنڌ موڙي ته (جيئن) الله جي واٽ کان گمراهه ڪري_ ان لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ قيامت ڏينهن کيس ساڙيندڙ عذاب چکائينداسون |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10) |
اهو تنهنجي اڳ ڪيل هٿن جي ڪيتن سبب آهي ۽ هي ته الله ٻانهن تي ظلم نه ڪندڙ آهي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11) |
۽ ماڻهن مان ڪو الله جي عبادت پاسيرو رهي ٿو ڪري، پوءِ جي کيس فائدو ٿو رسي ته عبادت تي دلجاءِ ڪندو آهي، پر جي ڪا تڪليف رسندي اٿس ته منهن ڦيرائي ڇڏيندو آهي، هن دنيا خواهه آخرت ۾ نقصان پاتو_ اهو ته صفا نقصان پائڻ آهي. |
يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12) |
هو الله کي ڇڏي اهڙي کي ٿو پڪاري، جو نڪي کيس نقصان رسائي نه فائدو_ اها ته بلڪل پراهين گمراهي آهي. |
يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13) |
هو انهي کي ٿو سڏي، جنهن جو نقصان سندس فائدي کان وڌيڪ ويجهو آهي، بيشڪ سائين به بڇڙو ۽ همراهه به بڇڙو! |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن هيٺان نهرون وهندڙ هونديون_ بيشڪ الله جيڪو به ارادو ڪري ٿو سو پورو ڪري ٿو. |
مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15) |
جيڪو گمان ٿو ڪري ته الله کيس دنيا خواهه آخرت ۾ مدد نه ڪندو، ان کي گهرجي ته آسمان ڏانهن رسيءَ سان چڙهي، وري ان کي ٽوڙي ڇڏي، پوءِ ڏسي ته جنهن ڳالهه کان ڪاوڙ آيس سا سندس انهي حيلي سان ويئي هلي يا نه! |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16) |
۽ اهڙيءَ طرح اسان هن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري موڪليو آهي ۽ بيشڪ الله جنهن کي گهري تنهن کي هدايت ڪري ٿو. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17) |
بيشڪ مؤمن ۽ يهودي، ستاره پرست ۽ نصارا ۽ مجوس ۽ مشرڪ، انهن سڀني وچ ۾ الله قيامت ڏينهن پڪ سان نبيرو ڪندو_ بيشڪ الله هر ڪنهن چيز کي ڏسي ٿو. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18) |
تونه ڏٺو ته جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ ۽ ماڻهن مان گهڻا الله کي سجدو ڪن ٿا ۽ گهڻن تي عذاب نازل ٿيل آهي ۽ جنهن کي الله خوار ڪري ٿو ان کي ڪو به مان ڏيندڙ ڪونهي- بيشڪ الله کي جيڪي وڻي ٿو سو ڪري ٿو.(سجدو) |
هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19) |
هي ٻه جهڳڙالو سندن پالڻهار بابت جهڳڙو ٿا ڪن؛ پوءِ جيڪي کيس مڃڻ کان انڪار ڪندڙ آهن، تن لاءِ باهه جا ڪپڙا ورڇبا_ سندن مٿان ٽهڪندڙ پاڻي هاربو. |
يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20) |
ان سان سندن پيٽ ۾ جيڪي به هوندو، سو ۽ کلون ڳاربا. |
وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21) |
۽ کين عذاب ڏيڻ لاءِ لوهه جا گرز هوندا. |
كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22) |
جڏهن به هو ڏک سبب ان مان نڪرڻ چاهيندا، ته وري به منجهن موٽائبا ۽ (چئبن) ”سڙڻ جو عذاب چکو_“ |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن هيٺان نهرون وهندڙ آهن، انهن کي منجهس سون جا زيور ۽ موتي پارائبا ۽ سندن پوشاڪ منجهس ريشم جي هوندي. |
وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24) |
۽ هنن کي چڱيءَ ڳالهه ڏي رستو ڏيکاريل هو ۽ هو واکاڻيل رستي لاءِ هئا. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي الله جي رستي ۽ عزت واريءَ مسجد کان روڪيو، جا اسان ماڻهن لاءِ بڻائي جنهن ۾ شهر جا خواهه ٻهراڙيءَ جا هڪ جهڙا آهن ۽ جيڪو منجهس ظلم سان اڳرائي جو ارادو ڪندو، ان کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون. |
وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26) |
(۽ ياد ڪر) جڏهن ابراهيم لاءِ بيت الله جو هنڌ مقرر ڪيوسون ته مون ساڻ ڪنهن کي به شريڪ نه ڪر ۽ منهنجي بيت کي طواف ڪندڙن ۽ (نماز ۾) بيهندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک. |
وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27) |
۽ ماڻهن ۾ حج جو پڙهو ڏي، ته هو تو ڏانهن پيادا خواهه ڏٻرن اٺن تي چڙهي ايندا، جو سڀني ڏورانهن رستن کان ايندا. |
لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28) |
هن لاءِ ته پنهنجا فائدا ڏسن ۽ کين جيڪا جانورن جي روزي مليل آهي، تنهن تي مقرر ڏينهن ۾ الله جو نالو ياد ڪن_ پوءِ انهي مان (پاڻ به) کائو ۽ تڪليف ۾ پيل محتاجن کي به کارايو. |
ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29) |
پوءِ گهرجين ته پنهنجو مر لاهين ۽ پنهنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ هن قديمي جاءِ (ڪعبي) جو طواف ڪن. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30) |
اهو آهي (حڪم) ۽ جيڪو الله جي قائم ڪيل عزت جي هنڌن جو ادب ڪندو، ان لاءِ اهو سندس پالڻهار وٽ ڀلو آهي ۽ اوهان لاءِ سڀ ڍور حلال آهن سواءِ انهن جي، جيڪي اوهان کي پڙهي ٻڌايل آهن_ تنهن ڪري بتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالهاءَ کان به پاسو ڪريو. |
حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31) |
الله ڏي هڪ طرفا ٿيو، ان سان شريڪ نه ڪيو_ ۽ جيڪو الله سان ڀائيوار ٿو بنائي اهو ڄڻ ته آسمان مان ڪريو، پوءِ کيس پکي جهٽي ويا، يا کيس واءُ وڃي پرانهين هنڌ اڇليو. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32) |
اهو آهي حڪم ۽ جيڪو الله جي مقرر ڪيل نشانين جو ادب ڪري، ته بيشڪ اهو دلين جي نيڪ هجڻ جو ڪم آهي. |
لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33) |
اوهان لاءِ مقرر وقت تائين انهن (ڍورن) ۾ فائدا آهن، پوءِ سندن ٺڪاڻو قديم جاءِ (ڪعبي) ڏي آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34) |
۽ هر ڪنهن امت لاءِ طريقا مقرر ڪياسون ته کين مليل ڍورن جي روزي تي الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوهان جو سائين هڪ ئي سائين آهي، ان ڪري اُن اڳيان سر جهڪايو ۽ عاجزي ڪندڙن کي مبارڪ ڏي. |
الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35) |
جن وٽ جڏهن الله کي ياد ڪبو آهي ته سندن دليون لرزنديون آهن ۽ کين تڪليفن پهچڻ تي صبر ڪندا آهن ۽ نماز قائم رکندڙ آهن ۽ کين مليل رزق مان خرچ ڪندا آهن. |
وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36) |
۽ قربانيءَ جي اٺن کي اوهان لاءِ الله جي نشانين مان ڪيوسون، انهن ۾ اوهان لاءِ چڱائي آهي_ پوءِ کين قطار ڪري مٿن الله جو نالو ياد ڪريو_ پوءِ جڏهن پاسي ڀر ڪرن، تڏهن پاڻ به منجهانئن کائو ۽ سوال نه ڪندڙ خواهه سوال ڪندڙن کي کارايو، ان طرح اوهان کي اهي تابع ڪري ڏناسون، ته من اوهين شڪر ڪريو. |
لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37) |
الله کي نڪو انهن جو گوشت ٿو پهچي، نڪو سندن رت، پر هن کي پهچي ٿي اوهان جي نيڪي_ ان طر ح اهي اوهان کي تابع ڪري ڏنائين ته اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو جو هن اوهان کي واٽ ڏيکاري ۽ چڱائي ڪندڙن کي مبارڪ ڏي. |
إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38) |
بيشڪ الله مؤمنن کان (دشمن) ٽاري ٿو_ بيشڪ الله کي خيانتي، بي شڪرا پسند نه آهن. |
أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39) |
جن سان ويڙهه ٿي ٿئي، تن کي به (وڙهڻ جي) موڪل ڏجي ٿي، جو انهن تي ظلم ٿيل آهي ۽ بيشڪ الله کي کين مدد ڏيڻ جي سگهه آهي. |
الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40) |
جن کي سندن ڳوٺن مان ناحق ڪڍيو ويو آهي، جو هنن رڳو ائين چيو ته ”اسان جو پالڻهار الله آهي“ ۽ جيڪڏهن الله هڪڙن کي ٻين سان دفع نه ڪري ته جيڪر ڪيتريون ئي خانگاهون، گرجائون، ڪليسائون ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گهڻو ياد ڪجي ٿو، ضرور ڊاٺيون وڃن ها، ۽ جيڪو الله جي مدد ڪندو آهي، تنهن کي الله ضرور مدد ڪري ٿو_ بيشڪ الله طاقت وارو، غالب آهي. |
الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41) |
انهن کي جيڪڏهن زمين ۾ حاڪم ڪبو ته نماز پڙهندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا ۽ براين کان روڪ ڪندا ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي ته الله جي وس آهي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42) |
۽ جيڪڏهن هو توکي ڪوڙو ٿا سمجهن ته انهن کان اڳ نوح ۽ عاد ۽ ثمود جي قوم به ائين ڪوڙ ٿي سمجهيو. |
وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43) |
۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم. |
وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44) |
۽ مدين وارن به، ۽ موسيٰ کي به ڪوڙو سمجهيو ويو هو، پوءِ مون ڪافرن کي ڪجهه ڍر ڏني، پوءِ کين پڪڙيم_ پوءِ منهنجي سزا ڪهڙي نه (سخت) هئي! |
فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45) |
پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آهن جن کي ظالم هجڻ سبب اسان تباهه ڪيو، هاڻي اهي پنهنجن ڇتين تي ڪريل آهن_ ۽ ڪيترائي کوهه ڦٽا پيا آهن ۽ ماڙيون سڃيون پيل آهن. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46) |
پوءِ ڇا، ملڪ ۾ نه گهميا آهن، جو کين (اهڙا) قلب هجن، جن سان پروڙين، يا اهڙا ڪن، جن سان ٻڌن؟ پوءِ بيشڪ انهن جون اکيون انڌيون ته نه آهن، مگر جيڪي دليون سندن سينن ۾ آهن سي انڌيون آهن. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47) |
۽ توکان عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪندا آهن پر الله پنهنجي وعدي کي هر گز نه ڦيرائيندو آهي ۽ بيشڪ هڪ ڏينهن تنهنجي ڌڻي وٽ اوهان جي ڳاڻيٽي جي هزار ورهين برابر آهي. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48) |
۽ ڪيترا ڳوٺ هئا جي ظالم هئا، انهن کي مهلت ڏنم پوءِ کين پڪڙ ڪيم ۽ مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49) |
چئو ته اي انسانو! آءُ فقط اوهان کي چٽيءَ طرح ڊيڄاريندڙ آهيان. |
فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آهي. |
وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51) |
۽ جيڪي اسان جي آيتن کي هيڻي ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، سي دوزخي آهن. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52) |
۽ توکان اڳ جيڪو به رسول ۽ نبي موڪليوسين تنهن جڏهن ڪا انساني سڌ ڪئي تڏهن شيطان سندس سڌ ۾ (رنڊڪ) ٿي وڌي، پوءِ جيڪي شيطان وڌو سو الله ڊاهيندو رهيو، پوءِ وري الله پنهنجي آيتن کي محڪم ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ، دانائي وارو آهي. |
لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
اهو هن لاءِ ته شيطان جيڪا حرڪت ڪري، تنهن ساڻ انهن شخصن جي آزمائش ڪري، جن جي دلين ۾ بيماري آهي ۽ سندن دليون سخت آهن ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽاڙي ۾ آهن. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54) |
۽ اهو هن لاءِ، ته جن کي علم مليل آهي سي ڄاڻن ته بيشڪ اهو تنهنجي ڌڻي وٽان سچ آهي، پوءِ انهي تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون انهي لاءِ عاجزي ڪن ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سنئين واٽ ڏي رستو ڏيکاريندڙ آهي. |
وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55) |
۽ ڪافر سدائين انهي بابت شڪ ۾ هوندا، جيسين اوچتو وٽن قيامت پهچي، يا وٽن نڀاڳي ڏينهن جو عذاب پهچي. |
المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56) |
انهي ڏينهن الله جي ئي بادشاهي آهي، جو سندن وچ ۾ فيصلو ڪندو_ پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي نعمت وارن باغن ۾ هوندا. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57) |
۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، اهڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي. |
وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58) |
۽ جن الله جي راهه ۾ وطن ڇڏيو، پوءِ ماراڻا يا مري ويا تن کي الله سٺو رزق ڏيندو ۽ بيشڪ الله سڀ کان سٺو رزق ڏيندڙ آهي. |
لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59) |
هو کين ضرور انهي هنڌ ۾ داخل ڪندو جيڪو کين پسند ايندو ۽ بيشڪ الله ڄاڻندڙ، ڌيرج وارو آهي. |
ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60) |
(حڪم) اهو آهي ۽ جنهن کي جيتري تڪليف مليل آهي، اهو اوتري ئي تڪليف ڏئي_ وري جي ان تي وڌيڪ ايذاءَ ڪري ته الله ايذايل کي مدد ڏيندو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61) |
اهو هن ڪري، جو الله رات کي ڏينهن ۾ وجهندو آهي ۽ ڏينهن کي رات ۾ وجهندو آهي ۽ (انهي ڪري) جو الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62) |
اها (مدد) انهي ڪري، جو فقط الله ئي برحق آهي ۽ ته الله کانسواءِ جن کي ٿا سڏين، سو باطل آهي ۽ ته الله ئي مٿاهون ۽ سڀ کان وڏو آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63) |
ڇا تو نه ڏٺو آهي، ته الله آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ زمين ڦري ساوڪ واري ٿيندي آهي، بيشڪ الله لطف ڪندڙ، خبر رکندڙ آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64) |
جيڪي به آسمانن ۾ آهي، خواهه زمين ۾ آهي، سو الله جو آهي_ ۽ بيشڪ الله ته بيپرواهه، واکاڻيل آهي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65) |
ڇا، تو اهو ڪو نه ڏٺو ته جيڪي زمين ۾ آهي، سو الله اوهان جي تابع ڪيو آهي ۽ ٻيڙيون درياءَ ۾ سندن حڪم سان هلنديون آهن ۽ آسمان کي روڪي ٿو ته سندس حڪم کان سواءِ زمين تي نه ڪري_ بيشڪ الله ماڻهن تي بخشڻهار ۽ مهربان آهي. |
وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66) |
۽ هو ئي اهو آهي جنهن اوهان کي جياريو، وري اوهان کي ماريندو، وري اوهان کي جيئاريندو، بيشڪ انسان بيشڪر آهي. |
لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67) |
هر ڪنهن امت لاءِ اسان هڪ شريعت بنائي جنهن تي هوعمل ٿا ڪن، پوءِ کين کپي ته توسان هن ڪم ۾ تڪرار نه ڪن ۽ تون پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن سڏيندو رهه، بيشڪ سنئينءَ راهه تي آهين_ |
وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68) |
جيڪڏهن توسان جهيڙو ڪن ته چوينِ ته جيڪي اوهين ٿا ڪريو، تنهن کي الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69) |
جنهن بابت اوهين تڪرار ٿا ڪريو، تنهن جو الله قيامت ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70) |
ڇا تون نٿو ڄاڻين ته جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله ڄاڻي ٿو؟ بيشڪ اهو ڪتاب ۾ آهي_ بيشڪ اهو الله لاءِ تمام سولو آهي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71) |
۽ هو الله کانسواءِ انهن جي بندگي ٿا ڪن، جن لاءِ هن ڪا به سند ڪا نه لاٿي آهي ۽ انهن کي به، جن بابت کين ڪو به علم ڪو نه آهي، ظالمن لاءِ ڪو به مددگار ڪونهي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72) |
جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون، ته تون ڪافرن جي منهن ۾ ناراضپو معلوم ڪندو آهين، هو انهي کي ويجها هوندا آهن ته جيڪي کين اسان جو آيتون پڙهي ٻڌائين ٿا تن تي ڪاهي پون، چوينِ ته ”ڇا اوهان کي انهي کان وڌيڪ بڇڙيءَ چيز جي خبر ڏيان؟ اها آهي باهه! جنهن جو الله ڪافرن کي وعدو ڏنو آهي ۽ اهو بڇڙو ٺڪاڻو آهي.“ |
يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73) |
اي انسانو! هڪ مثال ٿو بيان ڪجي، سو ٻُڌو، بيشڪ اوهين الله کان سواءِ جن کي ٿا سڏيو، سي هر گز هڪ مک به پيدا نٿا ڪري سگهن، کڻي سڀ اچي ان لاءِ گڏ ٿين ۽ جيڪڏهن مک انهن کان ڪا چيز کسي وٺي، ته اهي انهي کان اها ڇڏائي نٿا سگهن، پوڄ ۽ پوڄارا ٻئي هيڻا آهن! |
ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74) |
هنن الله جو اهو قدر نه ڪيو جيڪو سندس ڪرڻ گهرجي- بيشڪ الله طاقت وارو ۽ غالب آهي. |
اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75) |
الله ملائڪن ۽ ماڻهن مان حڪم رسائيندڙ چونڊيندڙ آهي- بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76) |
جيڪي به سندن اڳيان آهي خواهه جيڪي سندن پويان آهي، سو ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪم الله ڏي موٽن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77) |
اي مؤمنو! رڪوع ڪريو، سجدو ڪريو، اوهان جي ڌڻيءَ جي بندگي ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو، ته من اوهين ڇوٽڪارو لهو. |
وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78) |
۽ الله لاءِ اهڙي ڪوشش ڪريو، جهڙي ڪوشش ڪرڻ کپي، هن توهان کي چونڊيو آهي ۽ هُن، دين ۾ اوهان لاءِ ڪا به تنگي ڪا نه ڪئي آهي_ اوهان جي ابي ابراهيم جو ئي دين آهي_ هن انهي کان اڳ خواهه (قرآن) ۾ اوهان جو نالو مسلمان رکيو ته رسول اوهان تي شاهد هجي ۽ اوهين ماڻهن تي شاهد هجو_ اهو ئي اوهان جو سائين آهي، پوءِ ڪهڙو نه سٺو سائين ۽ سٺو مددگار آهي! |