يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1) |
اي انسانو! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، بيشڪ قيامت جو زلزلو ھڪ وڏو حادثو آھي. |
يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2) |
ان ڏينھن توھان ڏسندا ته ھر کير پيارڻ واري پنھنجي کير پياڪ ٻار کي وساري ڇڏيندي. ھر حمل واريءَ جو حمل ڪري پوندو ۽ ماڻهن کي توھان نشي جي حالت ۾ وڦلندو ڏسندا پر ھو نشي ۾ نه ھوندا. اھو سڀ ڪجهه اللھ تعالى جي سخت عذاب جي ڪري ھوندو. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3) |
ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو سرڪش شيطانن جي پويان لڳي اللھ تعالى جي باري ۾ بغير ڪنھن ڄاڻ جي جهڳڙو ڪن ٿا. |
كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4) |
شيطان جي باري ۾ ته اھو اٽل فيصلو آھي ته جيڪو به ھن سان دوستي رکندو ته ھو ان کي گمراهه ڪري جھنم جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5) |
اي انسانو! جيڪڏھن توھان کي قيامت واري ڏينھن ٻيھر جيئرو ٿي اٿڻ ۾ شڪ آھي (ته ھنن ڳالهين تي غور ڪريو) بيشڪ اسان توھان کي مٽيءَ مان ٺاھي نطفي جي شڪل ۾ آندو، وري ان (نطفي) کي رت جو دِڳ ٺاھيو. وري ان کي گوشت جي ٻوٽيءَ جي شڪل ۾ تبديل ڪري مڪمل به ٺاھيوته وري ڪڏھن (ڪچي حمل جي صورت ۾) اڌو گابرو به ٺاھيو. ھي سڀ ڳالهيون اسان توھان کي پنھنجي قدرت ۽ حڪمت سمجهائڻ خاطر بيان ڪريون ٿا. وري جنھن نطفي کي چاھيون ٿا ان کي ڪجهه عرصو ٻچيداني ۾ محفوظ ڪري رکون ٿا. آخر ۾ اسان توھان کي ٻار جي شڪل ۾ ٻاھر آڻيون ٿا. پوءِ جوانيءَ تائين پھچائڻ لاءِ توھان جي پالنا ڪئي وڃي ٿي ۽ وري ڪن کي اسان موت ڏيون ٿا ته ڪن کي تمام ڊگهي عمر ڏيئي صفا پوڙھو ڪريون ٿا ته جيئن ھو سڃاڻڻ کان پوءِ ڪنھن به شيءِ کي نه سڃاڻي سگهي. ۽ توھان زمين کي صفا غير آباد ڏسو ٿا پوءِ جڏھن اسان مٿس بارش وسائيندا آھيون ته اھا ڦٽي سائي ٿيڻ لڳندي آھي ۽ قسمين قسمين سھڻا سَلا ڪڍندي آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
(اھو سمورو نظام ٻڌائي ٿو ته) اللھ تعالى ئي حقيقي پروردگار آھي. بيشڪ اھوئي مئلن کي جياري ٿو، ۽ بيشڪ اهو ئي ھر شيءِ تي قدرت رکندڙ آھي. |
وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7) |
(تنھنڪري) قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي. بيشڪ اللھ تعالى انهن سڀني کي جيڪي قبرن ۾ آهن، ھڪ ڏينھن وري ٻيھر جيئرو ڪري ضرور اٿاريندو. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8) |
ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو اھڙا به آھن جيڪي بغير علم، بغير ھدايت ۽ بغير روشن ڪتاب (۽ دليل) جي اللھ تعالى جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. |
ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9) |
ھي ماڻهو وڏائي کان ڪنڌ کي موڙو ڏيئي نخرو ڪندا آھن ته جيئن ماڻهن کي اللھ تعالى جي رستي کان ڀٽڪائين. دنيا ۾ انهن لاءِ خواري آھي ۽ اسان کين قيامت جي ڏينھن باهه جي عذاب جو مزو چکائينداسون. |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10) |
(اي وڏائي خور!) ھي عذاب تنھنجي ئي عملن جي ڪري آھي جيڪي تون دنيا ۾ ڪندو ھئين. بيشڪ اللھ تعالى ٻانهن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي. |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11) |
۽ ماڻهن مان ڪو اھڙو به آھي جيڪو غير يقيني طرح اللھ تعالى جي عبادت ڪندو آھي. جڏهن کيس ڀلائي پھچندي آھي ته مطمئن ٿي ويندو آھي ۽ جڏهن تڪليف پھچندي اٿس ته ھو عبادت کان پنھنجو منھن ڦيريندو آھي. ان جي دنيا ۽ آخرت ٻئي چَٽ ٿي ويا (حقيقت ۾) اھو ئي وڏو نقصان آھي. |
يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12) |
ھي ماڻهو اللھ تعالي کي ڇڏي اھڙن کي پڪارين ٿا جيڪي کين نقصان ۽ فائدو نٿا پھچائي سگهن، اھائي ته حد درجي جي گمراھي آھي. |
يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13) |
ھو اھڙن کي سڏيندا آھن جن مان فائدو ته پري رھيو، رڳو نقصان ئي نقصان ملندو آھي. اِھي ئي ته بدترين دوست ۽ بدترين ساٿي آھن. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن کي اللھ تعالى اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون. بيشڪ اللھ تعالى جيڪو چاھيندو آھي اھوئي ڪندو آھي. |
مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15) |
غير يقيني سوچ رکندڙ ماڻهو ھي گمان ڪري ٿو ته اللھ تعالى دنيا ۽ آخرت ۾ ھن (رسول سڳوري) جي مدد نه ڪندو ته پوءِ کيس کپي ته ھو ڪنھن به طريقي سان آسمان تي چڙھي وحيءَ جي سلسلي کي ختم ڪري. پوءِ ڏسي ته کيس ان طريقي سان ڪجهه (دلي) سڪون ملي ٿو يا نه؟ |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16) |
۽ اھڙيءَ طرح ئي اسان قرآن شريف ۾ صاف ۽ چٽيون نشانيون نازل ڪيون آھن ته جيئن ماڻهو ھدايت حاصل ڪن. بيشڪ اللھ تعالى ان ماڻهوءَ کي ھدايت ڏيندو آھي جنھن لاءِ ھو مناسب سمجهندو آھي. |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17) |
بيشڪ اللھ تعالى، مسلمانن، يھودين، صابين(ستارن جي پوڄا ڪندڙن)، نصارن (عيسائين)، مجوسين (باهه جي پوڄا ڪندڙن) ۽ مشرڪن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينھن ئي فيصلو ڪندو. ڇوته هر شيءِ اللھ تعالى جي نظر ۾ آھي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18) |
ڇا توھان نٿا ڏسو ته آسمانن ۽ زمين جي ھر شيءِ، سج، چنڊ، تارا، جبل، وڻ، جانور ۽ گهڻائي انسان اللھ تعالى جي آڏو سجدو ڪن ٿا (۽ جهڪن ٿا) ۽ وري گهڻن ئي ماڻهن تي سجدو نه ڪرڻ جي ڪري عذاب لازم ٿي چڪو آھي. جنھن ماڻهو کي اللھ تعالى جي ذات ذليل ۽ خوار ڪري ان کي ڪير به عزت نٿو ڏيئي سگهي. بيشڪ اللھ تعالى اُھوئي ڪندو آھي جيڪو ھو چاھيندو آھي. |
هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19) |
دنيا ۾ صرف ٻه ڌريون آھن (مسلمان ۽ ڪافر) جن جي وچ ۾ پنھنجي پالڻھار جي باري ۾ جهڳڙو ھلندڙ آھي. ڪافرن جي لاءِ باهه جا لباس تيار ڪيا ويا آهن. انهن جي مٿان ٽچڪيل پاڻي وڌو ويندو. |
يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20) |
جنھن سان نه صرف سندن جسم جون کلون بلڪ پيٽ جا اندريان حصا به ڳري ويندا. |
وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21) |
کين ڪُٽڪو ڏيڻ لاءِ وري لوهه جا ھٿوڙا به ھوندا. |
كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22) |
ھو جڏھن به تڪليف جي ڪري دوزخ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين واپس ان ۾ ڌڪيو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته ساڙيندڙ عذاب جو مزو چکو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اللھ تعالى انهن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وھنديون، اتي کين سونا ڪنگڻ، موتي ۽ ريشمي لباس پارايو ويندو. |
وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24) |
دنيا جي زندگيءَ ۾ کين پاڪيزهه ڳالھ ڏانهن رھنمائي ڪئي وئي هئي ۽ ساراھيل رستي تي ھلايو ويو هو. |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اللھ تعالى جي رستي ۽ مسجد حرام کان روڪين ٿا حالانڪه اسان ان (مسجد حرام) کي سڀني ماڻهن لاءِ ٺاھيو آھي. ان ۾ اُتي رھندڙن (يعني مقامي ماڻھن) ۽ ٻاھران ايندڙن (يعني مسافرن) ٻنهي جا حق برابر آھن پر جيڪو ان (مسجد حرام) ۾ ظلم ۽ زيادتي جو ارادو ڪندو ته ان کي اسان دردناڪ عذاب جو مزو چکائينداسون. |
وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26) |
(اھو وقت ياد ڪريو) جڏھن اسان ابراھيم ($) جي لاءِ بيت اللھ ٺاھڻ جي جاءِ مقرر ڪئي (۽ کيس ھدايت ڪئي) ته مون سان گڏ ڪنھن ٻئي کي شريڪ نه ڪجانءِ ۽ منھنجي گهر کي طواف، قيام، رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ ۽ صاف سٿرو رکجانءِ. |
وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27) |
(وڌيڪ ھي به چيو ته) ماڻهن ۾ حج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏ ته ھو تو وٽ ڏورانھن (۽ پري پري) علائقن مان پنڌ ۽ اُٺن تي چڙھي اچن. |
لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28) |
ته جيئن ھتي حاضر ٿي اھڙا فائدا ڏسن جيڪي انهن لاءِ ھتي موجود آھن ۽ (قرباني جي ڏينھن ۾ اللھ تعالى طرفان عطا ٿيل) جانورن کي اللھ تعالى جو نالو وٺي ذبح ڪريو ۽ انهن جو گوشت خود به کائو ۽ مسڪين محتاج کي به کارايو. |
ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29) |
پوءِ ھو پنھنجي جسم جي صفائي سٿرائي ڪن (يعني وار ڪوڙائين، وھنجن ۽ احرام لاھي عام ڪپڙا پائين) پنھنجي باسن کي پورو ڪن ۽ خانه ڪعبه جو طواف ڪن. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30) |
ھي حڪم آھن. (ھاڻي) جيڪو اللھ تعالى جي مقرر ڪيل عزت وارن شين جو احترام ڪندو ته اللھ تعالى وٽ سندس لاءِ اھا سٺي ڳالھ آھي. توھان لاءِ سڀ جانور حلال آھن سواءِ انهن جي جن جي فهرست توھان کي اڳ ٻڌائي چڪا آھيون. تنھن ڪري بتن جي ناپاڪي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان بچو. |
حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31) |
ھڪ طرفا ٿي اللھ تعالى جا ٿيو . ان سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪريو. جيڪو شخص اللھ تعالى سان شريڪ ڪندو ته ان جو مثال ايئن آھي ڄڻ ته ھو آسمان تان ڪريو، پوءِ کيس يا ته مُردار خور پکي کائي ويندس يا کيس ھوا اھڙي جڳھ تي وڃي ڪيرائيندس جتي ھن جون ٻوٽيون ٻوٽيون ٿي وينديون. |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32) |
ھي حڪم آھن. (ھاڻي) جيڪو اللھ تعالى جي شعائر (يعني عظمتن جي نشانن) جو احترام ڪندو ته بيشڪ اھا شيءِ دل جي پرھيزگاريءَ کي ظاھر ڪري ٿي. |
لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33) |
توھان قرباني جي انهن جانورن مان ڪجهه فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا پر قربان ڪرڻ لاءِ انهن جي جڳھ قديم گهر (يعني خانه ڪعبه) ئي آھي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34) |
۽ اسان ھر امت لاءِ قرباني جو ھڪ طريقو مقرر ڪيو آھي ته جيئن انهن جانورن تي اللھ تعالى جو نالو وٺن جيڪي کين اللھ تعالى عطا ڪيا آھن. بس! توھان جو معبود ھڪ ئي معبود آھي. توھان ان جا ئي فرمانبردار ٿي رھو. (اي نبيﷺ!) عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌايو. |
الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35) |
جن جون دليون اللھ تعالى جي ذڪر کان ڏڪي وڃن ٿيون، ھو تڪليفن تي صبر ڪندڙ، نماز قائم ڪندڙ ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آھي تنھن مان خرچ ڪندڙ آھن. |
وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36) |
قرباني جي اُٺن کي به اسان اوھان جي لاءِ اللھ تعالى جي نشاني طور مقرر ڪيو آھي. توھان جي لاءِ ان ۾ ڀلائي آھي. انهن کي قطار ۾ بيھاري مٿن اللھ تعالى جو نالو وٺي ذبح ڪريو پوءِ جڏھن ھي اُٺ پاسن ڀر ڪرن ته ان جو گوشت پاڻ به کائو، گهرندڙ ۽ نه گهرندڙ ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي به کارايو. اھڙي طرح اسان ئي انهن جانورن کي توھان جي قابو ۾ ڏنو آھي ته جيئن توھان شڪر ادا ڪريو. |
لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37) |
اللھ تعالى وٽ نه ته انهن جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه ئي انهن جو رت پھچي ٿو، بلڪ ان وٽ رڳو توھان جي پرھيزگاري پھچي ٿي. اھڙي طرح ئي انهن جانورن کي توھان جي لاءِ تابع ڪيو آهي ته جيئن توھان ڏسيل ھدايت ۽ رھنمائي مطابق شڪراني طور اللھ تعالى جي ڪبريائي (۽ وڏائي) بيان ڪريو ۽ نيڪوڪار ماڻهن کي خوشخبري ٻڌايو. |
إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38) |
بيشڪ اللھ تعالى ئي مؤمنن کي (ظالمن جي ظلم ۽ سختين کان) بچائيندو. بيشڪ اللھ تعالى ڪنھن به خيانت ڪندڙ ۽ ناشڪري ماڻهو کي پسند نه ڪندو آھي. |
أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39) |
(ھاڻي) انهن ماڻهن کي جنگ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي جن جي خلاف ڪافرن جنگ جو ميدان تپائي رکيو آھي. (اھا اجازت ان ڪري ڏني وڃي ٿي) ڇاڪاڻ جو انهن تي (ڪافرن جي طرفان) ظلم ڪيو ويو آھي. بيشڪ اللھ تعالى سندن مدد ڪرڻ تي طاقت رکي ٿو. |
الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40) |
انهن ماڻهن کي پنھنجي گهرن مان ناحق ان ڪري ڪڍيو ويو آھي جو هو (ويچارا) چون ٿا ته اسان جو پالڻھار اللھ تعالى آھي. جيڪڏھن اللھ تعالى ماڻهن کي ھڪ ٻئي جي ذريعي نه ھٽائي ھا ته خانقاھون، گرجا گهر، يهودي عبادت خانا ۽ مسجدون ضرور ڊاھيون وڃن ھا، جن ۾ اللھ تعالى جو نالو گهڻي ۾ گهڻو ورتو ويندو آھي. اللھ تعالى انهن جي مدد ضرور ڪندو جيڪو ان جي (دين جي) مدد ڪندو. بيشڪ اللھ تعالى زبردست ۽ وڏي طاقت وارو آھي. |
الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41) |
اھڙن (ايمان وارن) ماڻهن کي جيڪڏھن اسان زمين ۾ اقتدار ڏينداسون ته ھو نماز قائم ڪندا، زڪوات ڏيندا، نيڪيءَ جو حڪم ڪندا ۽ براين کان روڪيندا. (بهرحال) سڀني ڪمن جو انجام اللھ تعالى وٽ آھي. |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42) |
جيڪڏھن ھي (مڪي جا ماڻهو) توکي ڪوڙو ڪن ٿا ته اھا ڪا تعجب جي ڳالھ نه آھي. انهن کان پھريائين نوح ($) جي قوم، عاد ۽ ثمود قومون به ته (پنھنجن نبين سڳورن کي) ڪوڙو ڪري چڪيون آھن. |
وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43) |
ابراھيم ۽ لوط (ؐ) جون قومون به (پنھنجن نبين سڳورن کي) ڪوڙو ڪري چڪيون آھن. |
وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44) |
اھڙي طرح مدين وارن به ڪوڙو ڪيو ۽ موسى ($) کي به ڪوڙو ڪيو ويو. پھريائين ته مون انهن سڀني کي وڏي ڍر ڏني پر پوءِ کين پڪڙيو. پوءِ ڏسو ته منھنجو عذاب ڪيڏو نه سخت ھو. |
فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45) |
اسان ڪيترن ئي ظالم شھرن کي تباهه ڪري ڇڏيو. پوءِ ھو شھر پنھنجي ڇتين سميت اونڌا ڪريا پيا آھن، کوه سُڪي ويا ۽ ڪيترائي محل ويران ۽ اجڙيل پيل آھن. |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46) |
ڇا ھي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آھن جو انهن جون اھڙيون دليون ھجن جيڪي سمجهه کان ڪم وٺن، اھڙا ڪن ھجن جن سان (حق ڳالھ کي) ٻُڌي سگهن، بيشڪ اکيون انڌيون نه ھونديون آھن، حقيقت ۾ دليون انڌيون ھونديون آھن جيڪي سينن ۾ موجود آھن. |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47) |
(اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو توکان عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا. حالانڪه اللھ تعالى پنھنجي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آھي. بيشڪ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن توھان جي ڳڻپ جي حساب سان ھڪ ھزار سال جي برابر آھي. |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48) |
مون ڪيترن ئي ظالم شھرن کي ڪافي ڍر ڏني پوءِ کين پڪڙيم ۽ سڀني کي آخرڪار مون ڏانھن ئي ته اچڻو آھي. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته اي انسانو! مان توھان کي پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان. |
فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50) |
پوءِ جنھن ماڻهو ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت جي روزي آھي. |
وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51) |
۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي ھيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اهي سڀ جھنمي آھن. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ جيڪو به رسول ۽ نبي موڪليو ان سان ھي معاملو ضرور پيش آيو جو جيئن ئي ان پنھنجي دل ۾ ڪا خواھش پيدا ڪئي تيئن ئي شيطان ان جي خواھش ۾ فتني جي ڳالھ (۽ رنڊڪ) پيدا ڪري ڇڏي پر اللھ تعالى شيطان جي وڌل فتني جي ڳالهه کي دور ڪري ڇڏيو ۽ (ان جي دل ۾) پنھنجي آيتن کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو. اللھ تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آھي. |
لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
(اللھ تعالى جي اھا مصلحت ھوندي آھي) ته جن جي دلين ۾ جيڪڏهن (منافقت جي) بيماري هجي ۽ انهن جون دليون کوٽيون ھجن تن جي شيطان جي فتني جي ڪري پرک ٿي وڃي. بيشڪ ظالم ماڻهو دشمنيءَ ۾ گهڻو اڳتي لنگهي ويا آھن. |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54) |
اھو ان لاءِ ھوندو آھي ته جيئن علم وارا سمجهي وڃن ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي طرفان اهو ئي حق آھي. پوءِ ھو ان تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون ان جي آڏو جهڪي وڃن. بيشڪ اللھ تعالى ايمان وارن کي ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي. |
وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55) |
۽ ڪافر ته ان وحي کان ھميشه شڪ ۾ ئي پيل ھوندا، جيستائين انهن جي مٿان اچانڪ قيامت جي گهڙي اچي يا مٿن نڀاڳي ڏينھن وارو عذاب اچي. |
المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56) |
اُن ڏينھن اللھ تعالى جي ئي بادشاھي ھوندي، ھُو انهن سڀني جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته پوءِ انهن سڀني لاءِ خوار ڪندڙ عذاب ھوندو. |
وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58) |
جن ماڻهن اللھ تعالى جي راهه ۾ ھجرت ڪئي پوءِ هو قتل ٿي ويا يا وفات ڪري ويا ته اللھ تعالى انهن کي ضرور بھترين رزق عطا ڪندو. بيشڪ اللھ تعالى بھترين رزق عطا ڪندڙ آھي. |
لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59) |
کين پسنديده جڳھن ۾ داخل ڪندو. بيشڪ اللھ تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏو بُردبار آھي. |
ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60) |
اھوئي حڪم آھي ته: جنھن ايترو بدلو ورتو جيتري کيس تڪليف ڏني وئي ھئي پر جيڪڏھن بدلي وٺندڙ تي وري ٻيھر زيادتي ڪئي وڃي ته ان جي اللھ تعالى ضرور مدد ڪندو. بيشڪ اللھ تعالى درگذر ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61) |
اھو ان ڪري آھي ته (دؤر ڦرندو رھي ٿو) اللھ تعالى ئي رات کي ڏينھن ۾ ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. بيشڪ اللھ تعالى ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آھي. |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62) |
اھو ان ڪري به آھي ته اللھ تعالى جي ذات برحق آھي. ان کان سواءِ ھي ماڻهو جنھن کي سڏين ٿا سي سڀ ڪوڙا آھن. بيشڪ اللھ تعالى بلند، برتر ۽ تمام وڏو آھي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ اللھ تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪري ٿو ته زمين ڦُٽي سائي ٿي وڃي ٿي. بيشڪ اللھ تعالى وڏو باريڪ بين ۽ خبر رکندڙ آھي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آھي سو ان جو ئي آھي. بيشڪ اللھ تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آھي. |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65) |
ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ اللھ تعالى زمين جي ھر شيءِ توھان جي تابع ڪئي آھي ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙا ان جي حڪم سان ئي ھلن ٿا ۽ ان ئي آسمان کي اھڙي طريقي سان قابو ۾ رکيو آھي جو ان جي اجازت کان سواءِ ھو زمين تي ڪري نٿو سگهي. بيشڪ اللھ تعالى ماڻهن تي بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آھي. |
وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66) |
اھوئي توھان کي جياري ٿو، وري توھان کي ماريندو. پوءِ وري (ٻيھر)توھان کي جيئرو ڪندو. بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آھي. |
لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67) |
ھر ھڪ امت لاءِ اسان عبادت جو هڪ طريقو مقرر ڪيو آھي، جنھن جي هر امت پيروي ڪري ٿي. پوءِ (اي نبيﷺ!) انهن کي کپي ته ھو توسان هن معاملي ۾ جهڳڙو نه ڪن (پر) تون کين برابر پنھنجي پالڻھار ڏانھن سڏيندو رهه. بيشڪ تون سڌي رستي تي آھين. |
وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68) |
جيڪڏھن پوءِ به ھو توسان جهيڙو ڪن ته کين ايترو چؤ ته توھان جي عمل کي اللھ تعالى خوب ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69) |
اللھ تعالى قيامت جي ڏينھن توھان جي وچ ۾ انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندو جن ۾ توھان پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رھيا آھيو. |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70) |
ڇا توکي خبر نه آھي ته آسمان ۽ زمين جي ھر شيءِ اللھ تعالى جي علم ۾ آھي. بيشڪ اھو سڀ ڪجهه ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي. بيشڪ اھو ڪم اللھ تعالى جي لاءِ انتھائي آسان آھي. |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71) |
ھي ماڻهو اللھ تعالى کان سواءِ ٻين جي پوڄا ڪن ٿا، جن جي لاءِ اللھ تعالى ڪابه سَنَد نه لاٿي آھي ۽ نه ئي ھي ماڻهو ان باري ۾ ڪا ڄاڻ رکن ٿا. (بھرحال) ظالمن جو ڪيربه مددگار نه آھي. |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72) |
جڏھن انهن کي اسان جون آيتون چڱيءَ طرح پڙھي ٻڌايون وڃن ٿيون ته تون ڪافرن کي ڏسندين ته ھو ڪاوڙ مان پنھنجي منھن ۾ گُهنج وجهندا آھن، ۽ ايئن لڳندو آھي ته اجهو ٿا آيتون پڙھي ٻڌائڻ وارن تي حملو ڪن. (اي نبيﷺ!) چؤ ته ڇا مان توھان کي ان کان به وڌيڪ بدترين شيءِ جو ڏس ڏيان؟ اھا آھي باهه، (آيتن جو) انڪار ڪندڙن لاءِ . اللھ تعالى جو اھوئي وعدو آھي ۽ اھا انتھائي بدترين جاءِ آھي. |
يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73) |
اي انسانو! ھڪ مثال بيان ڪيو وڃي ٿو، ان کي غور سان ٻڌو. بيشڪ جيڪي ماڻهو اللھ تعالى کي ڇڏي ٻين کي پڪارين ٿا اهي سڀ ملي ڪري ھڪ مک به پيدا نٿا ڪري سگهن ۽ جيڪڏھن مک انهن کان ڪا شيءِ کسي وٺي ته ھو اُن کان اھا شيءِ ڇڏائي به نٿا سگهن. مدد گهرڻ وارا به ڪمزور ۽ جن کان مدد گهري وڃي ٿي سي به ڪمزور آهن. |
ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74) |
انهن ماڻهن اللھ تعالى جو قدر ئي نه سڃاتو، جيئن ھن ھستيءَ جو قدر سڃاڻڻ جو حق آھي. بيشڪ اللھ تعالى زبردست طاقت وارو آھي. |
اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75) |
اللھ تعالى ئي ملائڪن ۽ انسانن مان پيغام پھچائڻ وارا چونڊيندو آھي. بيشڪ اللھ تعالى ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آھي. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76) |
ھو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه مخلوق جي سامهون آھي ۽ جيڪو ڪجهه مخلوق کان ڳجهو آھي. سڀ جا سڀ معاملا ان ھستيءَ ڏانھن ئي موٽايا وڃن ٿا. |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77) |
اي ايمان وارؤ! رڪوع ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ نيڪي جا ڪم ڪندا رھو ته جيئن توھان ڪامياب ٿي وڃو. |
وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78) |
اللھ تعالى جي راهه ۾ جھاد ڪريو جيئن جھاد ڪرڻ جو حق آھي. ھُن توھان کي پنھنجي ڪم لاءِ چونڊيو آھي ۽ توھان جي مٿان دين ۾ ڪابه سختي نه رکي آھي. پنھنجي ابي ابراھيم ($) جي طريقي تي ھلندا رھو. اللھ تعالى توھان جو نالو اڳ به ”مسلمان“ رکيو ھو ۽ ھن قرآن ۾ به توھان جو ساڳيو ئي نالو آھي ته جيئن توھان جي مٿان رسول شاھد ٿئي ۽ توھان وري ماڻهن تي شاھد ٿيو. نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪندا رھو ۽ اللھ تعالى جي دين (اسلام) تي مضبوط رھو، اُھو ئي توھان جو مالڪ آھي. پوءِ ھو ڪيڏو نه بھترين مالڪ آھي ۽ ڪيڏو نه بھترين مددگار آھي. |