يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم إِنَّ زَلزَلَةَ السّاعَةِ شَيءٌ عَظيمٌ (آيت : 1) |
اي انسانؤ! پنهنجي رب جي غضب کان بچو، حقيقت ۾ قيامت جو زلزلو وڏي تباهه ڪندڙ (گهڙي) شيءِ آهي |
يَومَ تَرَونَها تَذهَلُ كُلُّ مُرضِعَةٍ عَمّا أَرضَعَت وَتَضَعُ كُلُّ ذاتِ حَملٍ حَملَها وَتَرَى النّاسَ سُكٰرىٰ وَما هُم بِسُكٰرىٰ وَلٰكِنَّ عَذابَ اللَّهِ شَديدٌ (آيت : 2) |
جنهن ڏينهن توهان ان کي ڏسندؤ، حال هي هوندو جو هرڪا کير پياريندڙ پنهنجي کير پيئندڙ ٻچي کان به غافل هوندي، هر حمل واريءَ جو ڪِري پوندو سندس حمل ۽ تون ڏسندين (اي نبي!) ته ماڻهو بي هوش نظر ايندا ۽ جڏهن ته اهي نشي ۾ نه هوندا، پر الله جو عذاب ئي اهڙو سخت هوندو |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيطٰنٍ مَريدٍ (آيت : 3) |
۽ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بحث ڪندا آهن الله جي باري ۾ سواءِ علم جي ۽ پيروي ڪرڻ لڳندا آهن ماڻهو هر شيطان سرڪش جي |
كُتِبَ عَلَيهِ أَنَّهُ مَن تَوَلّاهُ فَأَنَّهُ يُضِلُّهُ وَيَهديهِ إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 4) |
جڏهن ته (ان شيطان) جي باري ۾ لکيل آهي ته جيڪو هن کي دوست بنائيندو تنهن کي هو گمراهه ڪري ڇڏيندو ۽ دوزخ جي عذاب جو رستو ڏيکاريندو |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِن كُنتُم فى رَيبٍ مِنَ البَعثِ فَإِنّا خَلَقنٰكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُضغَةٍ مُخَلَّقَةٍ وَغَيرِ مُخَلَّقَةٍ لِنُبَيِّنَ لَكُم وَنُقِرُّ فِى الأَرحامِ ما نَشاءُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ نُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ وَمِنكُم مَن يُرَدُّ إِلىٰ أَرذَلِ العُمُرِ لِكَيلا يَعلَمَ مِن بَعدِ عِلمٍ شَيـًٔا وَتَرَى الأَرضَ هامِدَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت وَأَنبَتَت مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 5) |
اي انسانؤ! جيڪڏهن توهان کي ڪو شڪ آهي موت کان پوءِ واري زندگيءَ جي باري ۾ ته توهان کي معلوم هجي ته توهان کي خلقيو ويو آهي مٽيءَ مان، پوءِ نطفي مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ گوشت جي ٻوٽيءَ مان، جيڪا شڪل واري به ٿيندي آهي ۽ بي شڪل به، هي ان لاءِ ٻڌايون پيا توهان کي جيئن حقيقت ظاهر ڪريون، اسان گهرندا آهيون جنهن (نطفي) کي هڪ خاص وقت تائين رحمن (ڳڀيرڻ) ۾ رکون ٿا، پوءِ توهان کي ٻار بڻائي ٻاهر ڪڍون ٿا (پاليون ٿا) پوءِ توهان پنهنجي جوانيءَ کي پهچو ٿا ۽ توهان مان ڪو واپس موٽي گهرايو ويندو آهي ۽ توهان مان ڪو ورايو ويندو آهي بيڪار عمر ڏي ته جيئن سڀڪجهه ڄاڻڻ کان پوءِ وري به ڪجهه ڀي نه ڄاڻي، ۽ تون (اي نبي!) ڏسندو آهين ته زمين سڪل پئي آهي، پوءِ جيئن اسين نازل ڪندا آهيون پاڻي (مينهن وسن ٿا) ته هڪدم اها تازي ٿي کلي پوندي آهي ۽ هر قسم جي سهڻي ساوڪ ڄمائڻ شروع ڪندي آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّهُ يُحىِ المَوتىٰ وَأَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
هي سڀڪجهه انهيءَ ڪري آهي ته الله ئي حق آهي ۽ اهو ئي جيئرو ڪري ٿو مُردن کي ۽ اهو ئي بيشڪ هر شيءِ تي قادر آهي |
وَأَنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَأَنَّ اللَّهَ يَبعَثُ مَن فِى القُبورِ (آيت : 7) |
۽ هي (ان جو دليل آهي) ته بيشڪ قيامت جي گهڙي ايندي آهي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ۽ بيشڪ الله انهن ماڻهن کي اٿاريندو جيڪي قبرن ۾ وڃي پهتا آهن |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 8) |
۽ ڪي ٻيا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪنڌ سيٽي تڪرار ڪندا آهن الله جي باري ۾ بنا ڪنهن علم ۽ بنا ڪنهن هدايت ۽ بنا ڪنهن ڪتاب جي، جيڪو روشني ڏيندڙ هجي |
ثانِىَ عِطفِهِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُ فِى الدُّنيا خِزىٌ وَنُذيقُهُ يَومَ القِيٰمَةِ عَذابَ الحَريقِ (آيت : 9) |
ته جيئن ماڻهن کي گمراهه ڪندا وتن الله جي راهه کان، اهڙي ئي شخص جي لاءِ دنيا ۾ ته خواري آهي ۽ مزو چکائينداسين ان کي قيامت جي ڏينهن عذاب جو (بلڪل) ڀڙڪندڙ باهه جو |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت يَداكَ وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 10) |
هي اهو ئي آهي تنهنجو مستقبل جيڪو تو پنهنجن هٿن سان تيار ڪيو، ۽ بيشڪ الله ته پنهنجن ٻانهن تي (ڪڏهن به) ظلم ڪرڻ وارو نه آهي |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَعبُدُ اللَّهَ عَلىٰ حَرفٍ فَإِن أَصابَهُ خَيرٌ اطمَأَنَّ بِهِ وَإِن أَصابَتهُ فِتنَةٌ انقَلَبَ عَلىٰ وَجهِهِ خَسِرَ الدُّنيا وَالءاخِرَةَ ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 11) |
۽ ڪو اهڙو به آهي ماڻهن مان جيڪو عبادت ڪري ٿو الله جي ڪناري تي رهي، جيڪڏهن فائدو ٿيو ته مطمئن ٿي ويندو آهي (پر) ڪا اچي وئي ان تي مصيبت ته ڦري ويندو آهي بلڪل ئي ابتڙ منهن ڦيري، ۽ اهڙي ماڻهو جي ته دنيا به وئي ته آخرت به وئي، اهو ئي ته آهي (ان جي لاءِ) نقصان ظاهر ظهور |
يَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَضُرُّهُ وَما لا يَنفَعُهُ ذٰلِكَ هُوَ الضَّلٰلُ البَعيدُ (آيت : 12) |
وري (هو) انهن کي پڪاريندو آهي الله کي ڇڏي، جيڪي نه ته کيس ڪو نقصان رسائيندا آهن ۽ نه وري ڪو فائدو، اها ئي ته آهي بلڪل گمراهي جي انتها |
يَدعوا لَمَن ضَرُّهُ أَقرَبُ مِن نَفعِهِ لَبِئسَ المَولىٰ وَلَبِئسَ العَشيرُ (آيت : 13) |
هي ته انهن کي ٿو پڪاري جن جو نقصان انهن جي وڌيڪ ويجهو آهي فائدي کان، تمام بڇڙو آهي انهن جو مولا ۽ تمام برو آهي انهن جو دوست |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 14) |
(انهن جي ابتڙ) الله ضرور داخل ڪندو اهڙن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا، اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، بيشڪ الله جيڪي گهرندو آهي اهو ئي ڪندو آهي |
مَن كانَ يَظُنُّ أَن لَن يَنصُرَهُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ فَليَمدُد بِسَبَبٍ إِلَى السَّماءِ ثُمَّ ليَقطَع فَليَنظُر هَل يُذهِبَنَّ كَيدُهُ ما يَغيظُ (آيت : 15) |
جيڪو به شخص هي گمان رکي ته ڪابه مدد نه ڪندو ان جي الله نه دنيا ۾ ڪا ۽ نه وري آخرت ۾، ان کي کپي ته هڪ رسيءَ وسيلي آسمان تائين پهچي چير ڏئي پوءِ ڏسي ته ڇا سندس تدبير ڪا اهڙي شيءِ رد ڪري ٿي جيڪا کيس پسند ناهي؟ |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَأَنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يُريدُ (آيت : 16) |
۽ اهڙين ئي ڳالهين سان اسان نازل ڪيو قرآن پڌرين نشانين سان، ۽ بيشڪ الله هدايت ڪندو آهي جنهن کي پسند ڪندو آهي |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالصّٰبِـٔينَ وَالنَّصٰرىٰ وَالمَجوسَ وَالَّذينَ أَشرَكوا إِنَّ اللَّهَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 17) |
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي وري يهودي ٿيا يا صابئي ٿيا يا وري نصارا ٿيا ۽ مجوسي ٿيا، ۽ جن به ماڻهن شرڪ ڪيو، بيشڪ الله فيصلو ڪندو سڀني جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن، بيشڪ الله ئي آهي جيڪو هر شيءِ کي نظر ۾ رکي ٿو (پاڻ شاهد آهي) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَسجُدُ لَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ وَالنُّجومُ وَالجِبالُ وَالشَّجَرُ وَالدَّوابُّ وَكَثيرٌ مِنَ النّاسِ وَكَثيرٌ حَقَّ عَلَيهِ العَذابُ وَمَن يُهِنِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُكرِمٍ إِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 18) |
ڇا تون (اي نبي!) ڏسين نٿو ته بيشڪ الله جي سجدي ۾ آهن اهي سڀ شيون جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهن؟ ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ جانور ۽ گهڻا ئي انسان، ۽ گهڻا ئي اهي ماڻهو جيڪي لائق ٿي ويا آهن عذاب جي؟ ۽ جنهن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ الله چاهي تنهن کي به مانَ نه ڏيندو، بيشڪ الله اهو ڪجهه ڪري ٿو جيڪي چاهي ٿو |
هٰذانِ خَصمانِ اختَصَموا فى رَبِّهِم فَالَّذينَ كَفَروا قُطِّعَت لَهُم ثِيابٌ مِن نارٍ يُصَبُّ مِن فَوقِ رُءوسِهِمُ الحَميمُ (آيت : 19) |
هي ٻه ڌريون آهن جن جي وچ ۾ پنهنجي پالڻهار واسطي تڪرار آهي، پوءِ انهن مان اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي انهن جي لاءِ ڪپڙا ڪٽي ٺاهيا ويا آهن باهه جا، وڌو ويندو انهن جي مٿن مٿان ٽهڪندڙ پاڻي |
يُصهَرُ بِهِ ما فى بُطونِهِم وَالجُلودُ (آيت : 20) |
جنهن سان انهن جون کلون ئي نه (پر) پيٽ جا اندريان حصا به ڳري ويندا |
وَلَهُم مَقٰمِعُ مِن حَديدٍ (آيت : 21) |
۽ انهن جي خبر وٺڻ واسطي لوهه جا گرز هوندا |
كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها مِن غَمٍّ أُعيدوا فيها وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 22) |
جڏهن به اهي ارادو ڪندا گهٻرائجي ٻاهر نڪرڻ واسطي دوزخ مان ته وري ان ۾ ڌڪيا ويندا ۽ کين (چيو ويندو)، چکو عذاب سڙڻ جي سزا جو |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 23) |
(ٻئي طرف) بيشڪ الله داخل ڪندو انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا هوندا اهڙن باغن ۾، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، اتي اهي سينگاريا ويندا سونن ڪنگڻن ۽ موتين سان، ۽ انهن جي پوشاڪ پَٽ جي هوندي. |
وَهُدوا إِلَى الطَّيِّبِ مِنَ القَولِ وَهُدوا إِلىٰ صِرٰطِ الحَميدِ (آيت : 24) |
۽ بخشي وئي انهن کي پاڪ ڳالهه قبول ڪرڻ جي هدايت ۽ کين هدايت بخشي وئي (الله جي) ساراهيل صفتن جي |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ الَّذى جَعَلنٰهُ لِلنّاسِ سَواءً العٰكِفُ فيهِ وَالبادِ وَمَن يُرِد فيهِ بِإِلحادٍ بِظُلمٍ نُذِقهُ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 25) |
بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ جيڪي روڪي رهيا آهن الله جي راهه کان (اڄ) ۽ ان احترام واري مسجد جي زيارت کان جنهن کي سڀني ماڻهن واسطي ٺاهيو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهن ۽ ٻاهر ين جو حق برابر آهي (سندن هلت سزا جوڳي آهي) ان مسجد حرام ۾ ظلم جو جيڪو به رستو اختيار ڪندو حق کان هٽڻ جو، ان کي دردناڪ عذاب چکائبو |
وَإِذ بَوَّأنا لِإِبرٰهيمَ مَكانَ البَيتِ أَن لا تُشرِك بى شَيـًٔا وَطَهِّر بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالقائِمينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 26) |
۽ ياد ڪر (اي نبي!) اهو وقت، جڏهن اسان ابراهيم لاءِ هن گهر (خانه ڪعبه) جي جاءِ رٿي هئي، ان هدايت سان ته مون سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪر ۽ پاڪ رک منهنجي گهر کي طواف ڪندڙن ۽ قيام ڪندڙن ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪندڙ واسطي |
وَأَذِّن فِى النّاسِ بِالحَجِّ يَأتوكَ رِجالًا وَعَلىٰ كُلِّ ضامِرٍ يَأتينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَميقٍ (آيت : 27) |
۽ عام اجازت (پڙهو) ڏي ته ماڻهو حج ڪرڻ جي لاءِ تو وٽ اچن اهي ماڻهو ڏوراهين هنڌ کان پيادل اچن يا اُٺن ۽ ڏٻرين ڏاچين تي سوار ٿي اچن |
لِيَشهَدوا مَنٰفِعَ لَهُم وَيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ فى أَيّامٍ مَعلومٰتٍ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا البائِسَ الفَقيرَ (آيت : 28) |
ته جيئن اهي ڏسن فائدا جيڪي هتي انهن لاءِ رکيا ويا آهن ۽ الله جو نالو وٺن مقرر ڏينهن ۾ ان رزق (جي حاصل ڪرڻ) جي حوالي سان ان چوپائي مال تي ڪهڻ وقت، پوءِ ان مان پاڻ به کائو ۽ کارايو تنگ دست محتاج کي |
ثُمَّ ليَقضوا تَفَثَهُم وَليوفوا نُذورَهُم وَليَطَّوَّفوا بِالبَيتِ العَتيقِ (آيت : 29) |
پوءِ پنهنجي گر سر لاهين ۽ پنهنجون مڃتائون پوريون ڪن ۽ طواف ڪن هن قديم گهر جو |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم حُرُمٰتِ اللَّهِ فَهُوَ خَيرٌ لَهُ عِندَ رَبِّهِ وَأُحِلَّت لَكُمُ الأَنعٰمُ إِلّا ما يُتلىٰ عَلَيكُم فَاجتَنِبُوا الرِّجسَ مِنَ الأَوثٰنِ وَاجتَنِبوا قَولَ الزّورِ (آيت : 30) |
هي هو (ڪعبي جي تعمير جو مقصد) ۽ جيڪو لحاظ ڪندو الله جي قائم ڪيل حرمتن جو، ته اهو چڱو ٿيندو خود پنهنجي لاءِ سندس رب وٽ، ۽ حلال ڪيا ويا توهان جي لاءِ توهان جا ڍور جانور، سواءِ انهن شين جي جيڪي توهان کي ٻڌايون ويون آهن، بس بتن جي پليتيءَ کان بچو ۽ پرهيز ڪريو ڪوڙين ڳالهين کان |
حُنَفاءَ لِلَّهِ غَيرَ مُشرِكينَ بِهِ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَكَأَنَّما خَرَّ مِنَ السَّماءِ فَتَخطَفُهُ الطَّيرُ أَو تَهوى بِهِ الرّيحُ فى مَكانٍ سَحيقٍ (آيت : 31) |
هڪ مَنا ٿي رهو ٻانها الله جا، ڪنهن کي به ساڻس شريڪ نه ڪريو، ۽ جيڪو شريڪ ڪندو الله سان، ته اهو ڄڻ ڪِري پيو آسمان تان، يا ته ان کي جهٽي کڻي ويندا پکي يا ته کيس اهڙي هنڌ اڇليندي هوا جتي ان جا ڇيڇڙا به اڏامي ويندا |
ذٰلِكَ وَمَن يُعَظِّم شَعٰئِرَ اللَّهِ فَإِنَّها مِن تَقوَى القُلوبِ (آيت : 32) |
هي آهي اصلي معاملو (ان کي سمجهو) ۽ جيڪو مقرر ڪيل الله جي حدن جو احترام ڪري (عبادت جي نشانين جو) ته اها پرهيزگاري آهي دلين جي |
لَكُم فيها مَنٰفِعُ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّها إِلَى البَيتِ العَتيقِ (آيت : 33) |
توهان کي انهن (هديي جي جانورن) مان مقرر وقت تائين فائدي وٺڻ جو حق آهي، پوءِ انهن جي (قربان ڪرڻ جي جاءِ) ان قديم گهر (بيت الله) وٽ آهي |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا لِيَذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلىٰ ما رَزَقَهُم مِن بَهيمَةِ الأَنعٰمِ فَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَلَهُ أَسلِموا وَبَشِّرِ المُخبِتينَ (آيت : 34) |
۽ هرهڪ امت جي لاءِ اسان قربانيءَ جو قاعدو مقرر ڪيو آهي (جيئن ان امت جا) ماڻهو الله جو نالو وٺن انهن بخش ڪيل جانورن تي (انهن الڳ طريقن ۾ مقصد ساڳيو آهي) پوءِ توهان جو خدا هڪ ئي آهي ۽ ان فرمان جا تابعدار ٿيو، ۽ (اي نبي!) خوشخبري ڏي عاجزي ڪندڙن کي |
الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَالصّٰبِرينَ عَلىٰ ما أَصابَهُم وَالمُقيمِى الصَّلوٰةِ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 35) |
جن جو حال هي آهي جو الله جو ذڪر ٻڌندي ئي ڏڪي وينديون آهن سندن دليون ۽ صبر ڪندا آهن ان مصيبت تي جيڪا مٿن ايندي آهي ۽ قائم ڪندا آهن نماز ۽ جيڪو ڏنو ويو آهي کين رزق، ان مان خرچ ڪندا آهن |
وَالبُدنَ جَعَلنٰها لَكُم مِن شَعٰئِرِ اللَّهِ لَكُم فيها خَيرٌ فَاذكُرُوا اسمَ اللَّهِ عَلَيها صَوافَّ فَإِذا وَجَبَت جُنوبُها فَكُلوا مِنها وَأَطعِمُوا القانِعَ وَالمُعتَرَّ كَذٰلِكَ سَخَّرنٰها لَكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 36) |
۽ (قربانيءَ جي اُٺن کي) اسان توهان جي لاءِ شامل ڪيو شعائر الله ۾ توهان جي لاءِ، انهن ۾ وڏي ڀلائي آهي، پوءِ نالو وٺو الله جو انهن تي قطار ۾ بيهاري، پوءِ جڏهن انهن جون پٺيون زمين تي لڳي وڃن، ته کائو انهن مان پاڻ به ۽ کارايو انهن کي به جيڪي قناعت ڪيو ويٺا آهن ۽ انهن کي به جيڪي پنهنجي حاجت پيش ڪن، تابع ڪيا ويا آهن اهي جانور توهان جي لاءِ جيئن توهان شڪرگذار بنجو |
لَن يَنالَ اللَّهَ لُحومُها وَلا دِماؤُها وَلٰكِن يَنالُهُ التَّقوىٰ مِنكُم كَذٰلِكَ سَخَّرَها لَكُم لِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَبَشِّرِ المُحسِنينَ (آيت : 37) |
نٿا پهچن الله کي انهن جا گوشت ۽ نه وري انهن جا رت، پر پهچندي آهي ان وٽ پرهيزگاري توهان جي، هن انهن کي اهڙيءَ طرح تابع ڪيو آهي توهان جي لاءِ جيئن وڏائي بيان ڪريو الله جي، ان جي بخشيل هدايت تي، ۽ (اي نبي!) خوشخبري ڏي اهڙن ڀلارن ماڻهن کي |
إِنَّ اللَّهَ يُدٰفِعُ عَنِ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ خَوّانٍ كَفورٍ (آيت : 38) |
بيشڪ الله دفاع ڪندو آهي انهن ماڻهن جي طرفان جن ايمان آندو آهي، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري ڪنهن به خيانت ڪندڙ ناشڪري کي |
أُذِنَ لِلَّذينَ يُقٰتَلونَ بِأَنَّهُم ظُلِموا وَإِنَّ اللَّهَ عَلىٰ نَصرِهِم لَقَديرٌ (آيت : 39) |
اجازت ڏني وئي آهي انهن ماڻهن کي، جن جي خلاف جنگ ڪئي پئي وڃي، ڇو ته اهي مظلوم آهن، ۽ بيشڪ الله انهن جي مدد ڪرڻ تي قادر آهي |
الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم بِغَيرِ حَقٍّ إِلّا أَن يَقولوا رَبُّنَا اللَّهُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَهُدِّمَت صَوٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوٰتٌ وَمَسٰجِدُ يُذكَرُ فيهَا اسمُ اللَّهِ كَثيرًا وَلَيَنصُرَنَّ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 40) |
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪڍيا ويا پنهنجي گهرن مان بنا ڪنهن حق جي، قصور فقط اهو هو ته اهي چوندا هئا، اسان جو رب الله آهي، جيڪڏهن هٽائيندو نه رهي ها الله ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ذريعي هڪ ٻئي سان، ته خانقاهون ۽ گرجائون ۽ عبادت گاهون ۽ اهي مسجدون جن ۾ نالو ورتو وڃي ٿو الله جو ڪثرت سان، سڀ ڊاٺيون وڃن ها ۽ الله ضرور مدد ڪندو دين جي مددگارن جي. بيشڪ الله وڏو طاقتور ۽ زبردست آهي |
الَّذينَ إِن مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ أَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ وَأَمَروا بِالمَعروفِ وَنَهَوا عَنِ المُنكَرِ وَلِلَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 41) |
هي اهي ماڻهو آهن جن کي جيڪڏهن اقتدار بخشيون زمين ۾ ته نماز قائم ڪندا ۽ ڏيندا زڪوات ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪندا ۽ روڪيندا برائيءَ کان، ۽ الله جي ئي هٿ ۾ آهي سڀني معاملن جي پڄاڻي |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَثَمودُ (آيت : 42) |
۽ (اي نبي!) جي انهن توکي ڪوڙو چيو آهي ته انهن کان اڳي ڪوڙو چيو قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود |
وَقَومُ إِبرٰهيمَ وَقَومُ لوطٍ (آيت : 43) |
۽ قوم ابراهيم ۽ قوم لوط |
وَأَصحٰبُ مَديَنَ وَكُذِّبَ موسىٰ فَأَملَيتُ لِلكٰفِرينَ ثُمَّ أَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 44) |
۽ انهن مدين وارن به، ۽ ڪوڙو چيو موسيٰ کي، انهن سڀني جن کي پهرين مهلت ڏني حق جي منڪرن کي، پوءِ کين پڪڙيو، هاڻي ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي |
فَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها وَهِىَ ظالِمَةٌ فَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها وَبِئرٍ مُعَطَّلَةٍ وَقَصرٍ مَشيدٍ (آيت : 45) |
ان کان علاوه ڪيتريون ئي وستيون آهن جيڪي ڏوهاري آهن جن کي اسان تباهه ڪيو آهي ۽ اڄ پنهنجن ڇِتن تي ابتيون پيل آهن ۽ ڪيترا ئي کوهه بيڪار ۽ ڪيترا ئي محلات کنڊر بڻيل آهن |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَتَكونَ لَهُم قُلوبٌ يَعقِلونَ بِها أَو ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها فَإِنَّها لا تَعمَى الأَبصٰرُ وَلٰكِن تَعمَى القُلوبُ الَّتى فِى الصُّدورِ (آيت : 46) |
ڇا اهي ماڻهو گهميا ڦريا نه آهن زمين ۾، جو انهن جون دليون سمجهڻ واريون ۽ سندن ڪن ٻڌڻ وارا هجن ها؟ حقيقت هيءَ آهي ته انڌيون ناهن اکيون پر اهي انڌيون دليون هونديون آهن جيڪي سينن ۾ (پيل) آهن |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَن يُخلِفَ اللَّهُ وَعدَهُ وَإِنَّ يَومًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلفِ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 47) |
۽ تڪڙ ڪري رهيا آهن عذاب جي (اچڻ) لاءِ ۽ خلاف نه ويندو الله پنهنجي وعدي جي، پر يقينًا هڪ ڏينهن جيڪو تنهنجي رب وٽ ڳاڻيٽي ۾ هڪ هزار ورهين جي برابر هوندو آهي |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ أَملَيتُ لَها وَهِىَ ظالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذتُها وَإِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 48) |
۽ ڪيتريون ئي وستيون (آهن) جن کي پهرين مهلت ڏني جيڪي ظالم هيون، پوءِ انهن کي پڪڙيو ۽ سڀني کي مون وٽ ئي موٽڻو آهي |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّما أَنا۠ لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 49) |
چؤ (اي نبي!) اي انسانؤ! بيشڪ آئون توهان لاءِ اهو آهيان جيڪو (بري وقت اچڻ کان پهرين) خبردار ڪري ٿو ظاهر ظهور |
فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 50) |
پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ سٺا عمل ڪندا رهندا، انهن جي لاءِ بخشش ۽ روزي عزت واري آهي |
وَالَّذينَ سَعَوا فى ءايٰتِنا مُعٰجِزينَ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 51) |
۽ جيڪي شخص هيٺ ڪَرڻ جي ڪوشش ڪندا اسان جي آيتن کي، اهي يار آهن دوزخ جا |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ وَلا نَبِىٍّ إِلّا إِذا تَمَنّىٰ أَلقَى الشَّيطٰنُ فى أُمنِيَّتِهِ فَيَنسَخُ اللَّهُ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ ثُمَّ يُحكِمُ اللَّهُ ءايٰتِهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 52) |
۽ (اي نبي!) نه موڪليوسين توکان اڳي ڪوبه اهڙو رسول ۽ نه ڪوبه نبي (جنهن سان هي واقعو پيش نه آيو هجي) جڏهن ان آرزو ڪئي، شيطان ان ۾ رنڊڪ وجهڻ لڳي ٿو الله اهي مٽائي ٿو ڇڏي جيڪي هو رنڊڪون وجهي ٿو، محڪم بنائي ٿو الله پنهنجي آيتن کي، ۽ الله ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي |
لِيَجعَلَ ما يُلقِى الشَّيطٰنُ فِتنَةً لِلَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالقاسِيَةِ قُلوبُهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 53) |
(اهو ان ڪري ائين ٿيڻ ڏيندو آهي) جيئن وِڌل خرابي شيطان جي کي فتنو بنائي انهن ماڻهن جي لاءِ، جن جي دلين ۾ (نفاق جي بيماري آهي) ۽ کوٽيون آهن جن جون دليون، ۽ بيشڪ اهي ظالم بغض ۾ تمام گهڻو پري نڪري ويا آهن |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَيُؤمِنوا بِهِ فَتُخبِتَ لَهُ قُلوبُهُم وَإِنَّ اللَّهَ لَهادِ الَّذينَ ءامَنوا إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 54) |
۽ ڄاڻي وٺن اهي ماڻهو جيڪي علم وارا آهن ته اهو ئي حق آهي تنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ان تي ايمان آڻين ۽ جهڪي پون ان جي اڳيان سندن دليون، ۽ بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان آڻين ٿا، سڌي واٽ ڏيکاري ٿو |
وَلا يَزالُ الَّذينَ كَفَروا فى مِريَةٍ مِنهُ حَتّىٰ تَأتِيَهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً أَو يَأتِيَهُم عَذابُ يَومٍ عَقيمٍ (آيت : 55) |
۽ شڪ ۾ پيا رهندا اهي ماڻهو جن انڪار ڪيو آهي، تان جو انهن تي اچي اوچتو پهچندي قيامت جي گهڙي يا اچي ويندو عذاب منحوس ڏينهن |
المُلكُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ يَحكُمُ بَينَهُم فَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 56) |
انهيءَ ڏينهن بادشاهي الله جي هوندي ۽ فيصلو ڪندو اهو انهن جي وچ ۾، پوءِ جيڪي ايمان آڻڻ وارا ۽ عمل سٺا ڪرڻ وارا هوندا سي نعمتن سان ڀريل جنتن ۾ ويندا |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 57) |
۽ جن ماڻهن ڪفر (انڪار) ڪيو ۽ ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي، ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب هوندو |
وَالَّذينَ هاجَروا فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ قُتِلوا أَو ماتوا لَيَرزُقَنَّهُمُ اللَّهُ رِزقًا حَسَنًا وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 58) |
۽ جن ماڻهن هجرت ڪئي الله جي راهه ۾، پوءِ قتل ڪيا ويا يا فوت ٿي ويا، ته رزق ڏيندو الله انهن کي سهڻو رزق، ۽ بيشڪ الله ئي بهترين رزق ڏيندڙ آهي |
لَيُدخِلَنَّهُم مُدخَلًا يَرضَونَهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَعَليمٌ حَليمٌ (آيت : 59) |
اهو کين اهڙي هنڌ رسائيندو جتي پهچي اهي خوش ٿي ويندا، ۽ بيشڪ الله وڏو داناءُ ۽ بُردبار آهي |
ذٰلِكَ وَمَن عاقَبَ بِمِثلِ ما عوقِبَ بِهِ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيهِ لَيَنصُرَنَّهُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 60) |
هي ته آهي انهن جي پڄاڻي ۽ بدلو وٺي اهڙو ئي جهڙو ان سان زيادتي به ڪيل هجي ته ضرور مدد ڪندو ان سان الله، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ ۽ بخشڻهار آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 61) |
اهو ان ڪري ته، بيشڪ الله رات مان ڏينهن ڪڍندڙ ۽ (ساڳيءَ طرح) ڏينهن مان رات کي آڻيندڙ الله آهي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ هُوَ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 62) |
اهو ان ڪري ته بيشڪ الله ئي حق آهي ۽ بيشڪ اهي جن کي سڏيندا آهن الله کي ڇڏي اهي باطل آهن ۽ بيشڪ الله ئي بزرگ آهي مٿانهون |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَتُصبِحُ الأَرضُ مُخضَرَّةً إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 63) |
ڇا توهان ڏسو نٿا ته بيشڪ الله وسائي ٿو آسمان مان پاڻي، جنهن ڪري زمين سرسبز ٿي وڃي ٿي، بيشڪ الله وڏو لطف ڏيندڙ خبردار آهي |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 64) |
سڀڪجهه سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ۽ بيشڪ اهو ئي بي پرواهه ۽ ساراهيل آهي |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى الأَرضِ وَالفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِأَمرِهِ وَيُمسِكُ السَّماءَ أَن تَقَعَ عَلَى الأَرضِ إِلّا بِإِذنِهِ إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 65) |
ڇا توهان اهو ڏسو نٿا ته بيشڪ الله تابع ڪيو آهي سڀ ڪجهه توهان جي لاءِ زمين ۾ ۽ ان ٻيڙيءَ کي قاعدي جو پابند ڪيو جو سندس حڪم سان سمنڊ ۾ هلي ٿي، ۽ اهو ئي قابو ۾ رکيو اچي آسمان کي، جو اهو زمين تي نٿو ڪِري سگهي سواءِ سندس حڪم جي، بيشڪ الله ماڻهن جي حق ۾ وڏو مهربان ٻاجهارو آهي |
وَهُوَ الَّذى أَحياكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ (آيت : 66) |
۽ هو اهو ئي آهي جنهن توهان کي حياتي بخشي، پوءِ اهو ئي موت ڏيندو آهي پوءِ توهان کي جياريندو، هي بلڪل سچ آهي ته انسان حق جو وڏو منڪر آهي |
لِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلنا مَنسَكًا هُم ناسِكوهُ فَلا يُنٰزِعُنَّكَ فِى الأَمرِ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلىٰ هُدًى مُستَقيمٍ (آيت : 67) |
هر امت جي لاءِ اسان مقرر ڪيو آهي عبادت جو طريقو، جنهن جي اها پيروي ڪري ٿي، پوءِ (اي نبي!) هو حجت بازي تو سان نه ڪن هن معاملي ۾، ۽ تون کين پنهنجي رب ڏي دعوت ڏيندو رهه، بيشڪ تون راهه هدايت تي سڌو آهين |
وَإِن جٰدَلوكَ فَقُلِ اللَّهُ أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 68) |
۽ جيڪڏهن اهي تو سان جهيڙو ڪن ته چئي ڇڏ ته، الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو |
اللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 69) |
الله ئي فيصلو ڪندو توهان جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن انهن سڀني ڳالهين جو، جن ۾ توهان اختلاف ڪندا رهيا آهيو |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّماءِ وَالأَرضِ إِنَّ ذٰلِكَ فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 70) |
ڇا توهان نٿا ڄاڻو ته بيشڪ الله ئي سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ آهي؟ بيشڪ اهو سڀڪجهه هڪ ڪتاب ۾ درج آهي، بيشڪ الله جي لاءِ ڪجهه به مشڪل نه آهي |
وَيَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَما لَيسَ لَهُم بِهِ عِلمٌ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 71) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي عبادت ڪن ٿا الله کي ڇڏي انهن جي، جن جي لاءِ ڪابه سَنَد ته هن نازل نه ڪئي آهي، ۽ نه وري اهي ڪوبه علم ئي رکن ٿا انهن جي باري ۾، ۽ انهن ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ناهي |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ تَعرِفُ فى وُجوهِ الَّذينَ كَفَرُوا المُنكَرَ يَكادونَ يَسطونَ بِالَّذينَ يَتلونَ عَلَيهِم ءايٰتِنا قُل أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِن ذٰلِكُمُ النّارُ وَعَدَهَا اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 72) |
۽ جڏهن کين ٻڌايون وينديون آهن اسان جون آيتون بلڪل چٽيون ته تون ڏسندو آهين (اي نبي!) ته انهن حق جي منڪرن جا منهن ئي ڦري وڃن ٿا، ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي ماڻهو اجهو هاڻي ٿا انهن تي ٽٽي پون جيڪي اسان جون آيتون کين ٻڌائڻ وارا آهن، تون چؤ ته ٻڌايان توهان کي ان کان ڪريل شيءِ ڇاهي، اها آهي باهه، الله ان جو وعدو انهن ماڻهن سان ڪيو آهي جيڪي حق جا منڪر آهن، ۽ اها تمام بري جڳهه آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَاستَمِعوا لَهُ إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَن يَخلُقوا ذُبابًا وَلَوِ اجتَمَعوا لَهُ وَإِن يَسلُبهُمُ الذُّبابُ شَيـًٔا لا يَستَنقِذوهُ مِنهُ ضَعُفَ الطّالِبُ وَالمَطلوبُ (آيت : 73) |
اي انسانؤ! هڪ مثال ڏجي ٿو پوءِ اهو غور سان ٻڌو، بيشڪ توهان ماڻهو جن خدائن کي پوڄيو ٿا الله کي ڇڏي، اهي جيڪڏهن چاهين ته سڀ گڏجي به هڪ مَک پيدا ڪرڻ گهرن ته اهي نٿا ڪري سگهن، پر جيڪڏهن انهن کان کسي وڃي مَک ڪا شيءِ ته اهي نٿا ڇڏائي سگهن ان کان، مدد گهرڻ وارا به هيڻا ۽ جن کان گهري وڃي ٿي مدد، اهي به هيڻا |
ما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِنَّ اللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 74) |
انهن ماڻهن الله جو قدر نه سڃاتو جيئن سڃاڻڻ جو حق آهي، بيشڪ الله ئي وڏي قوت ۽ عزت وارو آهي |
اللَّهُ يَصطَفى مِنَ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ النّاسِ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 75) |
الله پنهنجا حڪم موڪلڻ لاءِ ملائڪ ۽ انسانن مان رسول پيغام پهچائڻ وارا چونڊيندو آهي، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 76) |
ڄاڻي ٿو (الله) اهو سڀڪجهه جيڪي انهن جي سامهون آهي ۽ جيڪي انهن کان غائب آهي اهو به، ۽ الله ڏي ئي سمورا معاملا موٽايا وڃن ٿا |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اركَعوا وَاسجُدوا وَاعبُدوا رَبَّكُم وَافعَلُوا الخَيرَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 77) |
اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، رڪوع ۽ سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو پنهنجي رب جي ۽ ڪم ڪريو نيڪيءَ جا، شايد توهان کي ڪاميابي نصيب ٿئي |
وَجٰهِدوا فِى اللَّهِ حَقَّ جِهادِهِ هُوَ اجتَبىٰكُم وَما جَعَلَ عَلَيكُم فِى الدّينِ مِن حَرَجٍ مِلَّةَ أَبيكُم إِبرٰهيمَ هُوَ سَمّىٰكُمُ المُسلِمينَ مِن قَبلُ وَفى هٰذا لِيَكونَ الرَّسولُ شَهيدًا عَلَيكُم وَتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاعتَصِموا بِاللَّهِ هُوَ مَولىٰكُم فَنِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 78) |
۽ جهاد ڪريو الله جي راهه ۾ جيئن حق آهي جهاد جو، ان ئي چونڊي ورتو آهي توهان کي پنهنجي ڪم جي لاءِ، ۽ توهان لاءِ دين ۾ ڪابه تنگي نه رکي آهي، بس قائم رهو پنهنجي پيءُ ابراهيم جي دين تي، ان (الله) توهان جو نالو رکيو ”مسلم“ هو، هن کان اڳي ۽ هن ئي (قرآن) ۾ به توهان جو (نالو اهو ئي آهي) جيئن (هيءُ) رسول شاهد رهي توهان تي ۽ توهان به شاهد رهو ماڻهن تي، پوءِ قائم ڪريو نماز کي ۽ ڏيو زڪوات ۽ (مڪمل طور) الله جا ٿي وڃو، اهو ئي سائين آهي توهان جو، تمام سٺو آهي اهو سائين ۽ تمام وڏو آهي اهو مددگار |