اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي ۽ هو آهن جو غفلت ۾ پئجي منهن موڙيو ويٺا آهن |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
وٽن جيڪا به ڪا نئين نصيحت سندن رب وٽان اچي ٿي ته اُن کي (ٽوڪبازيءَ جي انداز ۾) ٻڌندي کيل تماشي ۾ رڌل رهن ٿا |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
دل ته ٻين ئي شغلن ۾ لڳل اٿن ۽ ظالم پاڻ ۾ سس پس ڪن ٿا ته "هيءُ ته توهان جهڙو ئي هڪ بشر آهي، پوءِ ڀلا توهان ڏسي وائسي جادوءَ جي ڦند ۾ ڦاسي ويندؤ ڇا؟" |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
رسول چين: منهنجو رب ته هر ڳالهه کي، اها کڻي آسمان ۾ ڪئي وڃي توڙي زمين ۾ ڄاڻي ٿو. هو ته سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
هو چون ٿا: "اهي ته اجايا خواب آهن، نه نه، اهي سندس پنهنجون گهڙيل ڳالهيون آهن، بلڪه هو ته شاعر آهي، نه ته ڀلا آڻي ڪا نشاني جيئن پراڻي زماني جا رسول نشانين سان گڏ موڪليا ويا هئا". |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
جڏهن ته (ان هوندي به) انهن کان اڳوڻيءَ ڪنهن به آباديءَ جنهن کي اسان تباهه ڪيو هو، ايمان ڪونه آندو هو ته ڇا هاڻي هي ايمان آڻيندا؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ اي نبي! توکان اڳ به اسان انسانن کي ئي رسول بڻائي موڪليو هو، جن تي اسان وحي ڪندا هئاسون. پڇي ڏسو اهلِ ڪتاب کان، جيڪڏهن توهان کي پاڻ کي خبر نه آهي |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
انهن کي به اسان ڪو اهڙو جسم نه ڏنو هو، جو هو نه کائيندا هجن ۽ نه وري ڪو هو سدائين جيئڻ وارا هئا |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
وري ڏسو ته نيٺ هلي اسان انهن سان پنهنجا وعدا به پاڙيا ۽ انهن کي ۽ جنهن کي به گهريوسون بچائي ورتو ۽ حد کان لنگهندڙن کي برباد ڪيوسون |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
اي انسانؤ! اسان توهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب موڪليو آهي، جنهن ۾ توهان لاءِ ئي سمجهاڻي آهي، پوءِ ڀلا ڇو نه ٿا سمجهو؟ |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
ڪيتريون ئي ظالم وسنديون هيون، جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ۽ کانئن پوءِ ڪنهن ٻيءَ قوم کي پيدا ڪيو |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
جڏهن کين اسان جو عذاب محسوس ٿيو ته امالڪ وٺي ڀڄڻ لڳا |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(چيو وينُ ته) "ڀڄو نه، موٽي وڃو پنهنجن ماڳن ۽ عيش جي سامانن ڏانهن، جن ۾ آسودا هيؤ ته مـَـن توهان کان پڇا ڳاڇا ٿئي". |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چوڻ لڳا: "اسان لاءِ وڏي خرابي آهي، بيشڪ اسان گنهگار هئاسون". |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
۽ اُهي ائين ٻاڪاريندا رهيا، ايستائين جو اسان کين (پاڙؤن) لڻيل ٻارِ ۽ وساميل رک نه بڻائي ڇڏيو |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
اسان هن آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجهن آهي، راند روند طور نه بنايو آهي |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏهن اسان ائين ئي ڪو رانديڪو بڻائڻ چاهيون ها ۽ اهوئي ڪم اسان کي ڪرڻو هجي ها ته پاڻ وٽان ئي بڻائي ڇڏيون ها |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
مگر اسان ته باطل تي حق کي هڻندا آهيون، جيڪو ان جو مٿو ڦاڙي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ اهو اتي جو اتي مٽجي ويندو آهي ۽ توهان جي لاءِ تباهي آهي، انهن ڳالهين جي ڪري جيڪي توهان ٺاهيو ٿا |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
آسمانن توڙي زمين ۾ جا به مخلوق آهي، الله جي آهي ۽ جيڪي (ملائڪ) وٽس آهن، اهي نڪي پاڻکي وڏو ڀائيندي سندس عبادت کان ڪنڌ ڪڍائين ٿا ۽ نه وري ڪو ٿڪجن ٿا |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
رات ڏينهن سندس تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ساهي نٿا پٽين |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا آهن سندن بڻايل زمين وارا معبود، اهڙا جو (ڪنهن بيجان ۾ ساهه وجهي) اٿاري کڙو ڪن؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏهن آسمان ۽ زمين ۾ هڪڙي الله کان سواءِ ٻيا به ڪي معبود هجن ها ته (آسمان ۽ زمين) ٻنهي جو چرخو اونڌو ٿي پوي ها. پوءِ پاڪ آهي الله، عرش جو مالڪ انهن ڳالهين کان جيڪي اهي پيا ٿا ٺاهن |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
هو پنهنجي ڪمن بابت (ڪنهن جي به آڏو) جوابدار ناهي ۽ هنن سڀني کان پڇاڻو ٿيندو |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا ان (الله) کي ڇڏي انهن ٻيا معبود بڻايا آهن؟ اي نبي! چوين ته "ڀلا آڻيو پنهنجو ڪو دليل، هيءُ ڪتاب (قرآن) به آڏو اٿوَ، جيڪو منهنجي دور جي ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ۽ اهي ڪتاب به موجود اٿوَ، جن ۾ مون کان اڳ ٿي گذريل ماڻهن لاءِ نصيحت هئي. پر انهن مان اڪثر ماڻهو حقيقت کان اڻڄاڻ آهن. تنهنڪري منهن موڙي ڇڏيو اٿن |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
اسان توکان اڳ جيڪو به رسول پئي موڪليو آهي، تنهن کي اهوئي پئي وحي ڪيو آهي ته مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنڪري توهان منهنجي ئي عبادت ڪريو |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
چون ٿا ته "رحمان جو به اولاد آهي". الله ته پاڪ آهي، اهي (ملائڪ) ته ٻانها آهن، جن کي عزت ڏني وئي آهي |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
اُهي سندس درٻار ۾ ڳالهائڻ ۾ کانئس اڳرائي نه ڪندا آهن ۽ بس سندس حڪم تي ئي پيا هلندا آهن |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
جيڪي ڪجهه سندن سامهون آهي، ان کي به هو ڄاڻي ٿو ته جيڪي سندن اکين کان پري آهي ان کان به واقف آهي، اهي ڪنهن جي به سفارش نه ڪندا آهن، سواءِ ان جي جنهن جي حق ۾ سفارش ٻڌڻ تي الله راضي هجي ۽ هو کانئس ڏڪندا رهن ٿا |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
انهن مان جيڪو چوي ته الله کانسواءِ مان به معبود آهيان ته ان کي اسان جهنم جي سزا ڏينداسون. اسان وٽ ظالمن جو اهوئي بدلو آهي |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڇا اهي ماڻهو جن (نبيءَ جي ڳالهه مڃڻ کان) انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ويچار نٿا ڪن ته اهي آسمانَ ۽ زمين سڀ پاڻ ۾ مليل هئا، پوءِ اسان کين ڌار ڪيو ۽ پاڻيءَ منجهان هر جيئريءَ شيءِ کي اپايوسون؟ ڇا پوءِ اڃان به (اسان جي خالق هجڻ تي) ايمان نه ٿا آڻين؟ |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ اسان زمين ۾ جبل کوڙياسون ته اها انهن سوڌي لڏندي لمندي نه رهي ۽ ان ۾ ڪشادا رستا بڻاياسون ته مــَـن اهي پنهنجو دڳ لهي سگهن |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ اسان آسمان کي هڪ محفوظ ڪيل ڇت بڻايوسون مگر اهي ته ڪائنات جي انهن نشانين ڏي ڪو ڌيان ئي نٿا ڏين |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ اهو الله ئي آهي، جنهن رات ۽ ڏينهن بڻايا ۽ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيائين، سڀئي پيا ٿا هڪ مدار ۾ ترندا وتن |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ اي نبي! لافاني زندگي ته اسان توکان اڳ به ڪنهن انسان لاءِ نه رکي هئي، تون مري وئين ته ڇا اهي ماڻهو هميشه جيئرا رهندا؟ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
هر ساهواري کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ اسان خراب ۽ سٺين حالتن وسيلي پيا ٿا توهان کي آزمائيندا رهون. نيٺ توهان کي اسان ڏانهن ئي موٽڻو آهي |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
(اي نبي) اهي حق جا منڪر جڏهن توکي ڏسن ٿا ته وٺي ٿا توتي ٺٺوليون ڪن. چون ٿا: "ڇا هي آهي اُهو ماڻهو جيڪو توهان جي معبودن جي پچار ٿو ڪري؟" ۽ پاڻ وري رحمان جي ذڪر کان انڪاري آهن. |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
انسان جلد باز مخلوق آهي، اجهو ٿو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريان، مون سان تڪڙ نه ڪريو |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
اهي چون ٿا ته "آخر اهو دڙڪو پورو ڪڏهن ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟" |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
جيڪر انهن ڪافرن کي اهو وقت سُجهي ها، جڏهن جو اهي نڪي پنهنجا منهن باهه کان بچائي سگهندا ۽ نه پنهنجون پٺيون ۽ نه کين ڪٿان ڪا مدد ئي ملندي |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
اها (مصيبت) ته اوچتو ايندن ۽ کين اهڙو ته بدحواس ڪري ڇڏيندي جو نڪي ان کي ٽاري سگهندا ۽ نه وري ڪو گهڙيءَ پلڪ جي ڪا مهلت ئي ملي سگهندن |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
رسولن تي ٺٺوليون توکان اڳ به ٿينديون هيون پر پوءِ ٺٺوليون ڪندڙ انهيءَ ئي ڳالهه جي ٻيڪڙ ۾ اچي ويا، جنهن تي چٿرون ڪندا هئا |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
اي نبي! چوين ته "ڪير اٿوَ جيڪو رات توڙي ڏينهن جو (پهرو ڏئي) توهان کي رحمان کان بچائيندو؟" پر اصل ڳالهه اها آهي ته هي پنهنجي رب جي نصيحت کان منهن موڙيو ويٺا آهن |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا ڀلا سندن ڪي اهڙا معبود آهن، جيڪي اسان جي مقابلي ۾ کين بچائين؟ هو ته نڪي پاڻ پنهنجي ڪا مدد ٿا ڪري سگهن ۽ نه وري اسان کان ٻيو ڪو کين بچائي سگهندو |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
اصل ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي اسان زندگيءَ جو مال متاع ڏيندا وياسون، تانجو کين ڪي ڏينهن پئجي ويا. پوءِ ڀلا نٿا ڏسن ڇا ته اسان زمين کي سندس پاسن کان سوڙهو ڪندا پيا اچون؟ ته پوءِ ڇا اهي زور ٿي ويندا؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
(اي نبي) چوين: "مان ته وحيءَ جي بنياد تي توهان کي خبردار ٿو ڪريان"، پر ٻوڙا ته سڏ ٻڌندا ئي ناهن، جڏهن به کين خبردار ڪيو وڃي |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن تنهنجي رب جي عذاب جي ٻاڦ به انهن کي پهچي ته هوند دانهن نڪري وڃين ته هاءِ اسان جو نڀاڳ، بيشڪ اسان ظالم هئاسون |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
قيامت جي ڏينهن اسان بلڪل صحيح تورڻ واريون تارازيون رکنداسون، پوءِ ڪنهن تي به ڪو ذري برابر ظلم نه ٿيندو، جنهن سرنهن جي داڻي برابر (تمام ٿورڙو) به ڪا ڪمائي ڪئي هوندي ته اها به اسان آڻي موجود ڪنداسون ۽ حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ اسان ڪافي آهيون |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
اڳي اسان موسيٰ ۽ هارون کي فرقان (ڪسوٽي) ۽ روشني ۽ ذڪر (نصيحت نامو) عطا ڪري چڪا آهيون، انهن متقي ماڻهن جي ڀلي لاءِ |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
جيڪي پنهنجي رب کان بنا کيس ڏسڻ جي ئي پيا ڊڄندا آهن ۽ جيڪي (حساب ڪتاب) واري انهيءَ گهڙيءَ کان پيا ڏڪندا آهن |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ هاڻي هيءُ برڪت ڀريو ذڪر (قرآن) اسان (توهان لاءِ ) نازل ڪيو آهي. ڇا پوءِ توهان ان کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهيو؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
ان کان به اڳ اسان ابراهيم کي سندس سچي سمجهه عطا ڪئي هئي ۽ اسان ته کيس چڱيءَ طرح پئي سڃاتو |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
ياد ڪر جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو هو ته "هي ڪهڙيون مورتيون آهن، جن سان توهان دل لڳايو ويٺا آهيو؟" |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
انهن جواب ڏنو: "اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو آهي". |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
هن چين: "توهان به گمراهه آهيو ۽ توهان جا ابا ڏاڏا به پڌريءَ گمراهيءَ ۾ پيل هئا". |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
هنن چيو: "تون سچ ٿو چوين يا ڀوڳ ٿو ڪرين؟" |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
هن جواب ڏنن: "نه، بلڪه حقيقت ۾ توهان جو رب ته اهوئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب آهي، جنهن کين پيدا ڪيو آهي. مان ان ڳالهه جي توهان جي سامهون شاهدي ڏيان ٿو |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ الله جو قسم! مان توهان جي پٺي ڏيڻ کان بعد توهان جي بتن جو علاج ڪندس". |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
ته پوءِ هن کين ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، باقي سندن وڏي کي سو ڇڏي ڏنائين ته جيئن شايد ان ڏانهن رخ ڪن |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
(واپس اچي بتن جو اهو حال ڏسي) چوڻ لڳا: "اسان جي معبودن جو ههڙو حال ڪنهن ڪيو آهي، اهو ته ڪو ڏاڍو ظالم آهي". |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
(انهن مان ڪن) چيو: "اسان هڪڙي نوجوان کي انهن بابت ڳالهائيندي ٻڌو هو، جنهن جو نالو ابراهيم آهي". |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
انهن چيو: "ته پڪڙي اچوس ان کي سڀني ماڻهن جي روبرو ته ڀل ڏسن (ته ڇا ٿا ڪيونس)". |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
(ابراهيم جي اچڻ تي) پڇيائونس: "ٻڌاءِ ابراهيم! اسان جي معبودن سان ههڙي حرڪت تو ڪئي آهي؟" |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
جواب ڏنائين: "بلڪه اهو ڪم ته انهن جي انهيءَ وڏي ڪيو آهي، پڇي ڏسونِ جيڪڏهن ڳالهائيندا آهن". |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
اهو ٻڌي اهي ماڻهو پنهنجي ضمير ڏانهن وريا ۽ (دل ۾) چوڻ لڳا: "حقيقت ۾ ته ظالم توهان ئي آهيو". |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ شرم کان ڪنڌ جهڪائي چيائون: "توکي ته خبر آهي ته اهي ڪونه ڳالهائيندا آهن". |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
ابراهيم چين: "پوءِ ڇا توهان الله کي ڇڏي انهن کي ٿا پوڄيو جيڪي توهان کي نڪي ڪو نفعو ٿا رسائي سگهن ۽ نه نقصان |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
حيف آهي توهان تي به ۽ توهان جي انهن معبودن تي به، جن جي الله کي ڇڏي توهان پيا ٿا پوڄا ڪيو. عقل اٿوَ ئي ڪونه ڇا؟ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
انهن چيو: "وجهوسِ باهه ۾ ۽ پنهنجي معبودن جي مدد ڪريو، جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻو اٿوَ". |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
اسان چيوسون: "اي باهه ٿڌي ٿي وڃ ۽ ابراهيم لاءِ سلامتي بڻجي وڃ." |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
هنن پئي گهريو ته ابراهيم سان برائي ڪن، مگر اسان کين سخت ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ کيس ۽ لوط کي بچائي انهيءَ سرزمين ڏانهن ڪڍي وياسون، جنهن ۾ اسان دنيا وارن لاءِ برڪتون رکيون آهن |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ اسان کيس اسحاق عطا ڪيو ۽ واڌارو يعقوب به ۽ هرهڪ کي نيڪ بخت بنايوسين |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اسان کين اڳواڻ بڻايو، جيڪي اسان جي حڪم هيٺ پيا هدايت ڪندا هئا ۽ اسان کين وحيءَ جي وسيلي نيڪ ڪمن ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪواة ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ هو اسان جي ئي عبادت ڪندڙ هئا |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ لوط کي اسان فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ علم ڏنو ۽ کيس انهيءَ ڳوٺ مان بچائي ٻاهر ڪڍيوسون (جنهن جا رهاڪو) بدڪاريون ڪندا هئا، حقيقت ۾ اها ڏاڍي بڇڙي نافرمان قوم هئي |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ ان کي اسان پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو، هو صالح ماڻهن مان هو |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ نوح کي به اهائي نعمت ڏني هئي. ياد ڪريو! جڏهن انهن سڀني کان اڳ هن اسان کي سڏيو هو، پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس ۽ سندس گهروارن کي وڏي تڪليف مان ڪڍيوسون |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ انهيءَ قوم جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪئي، جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو. هو ڏاڍا بڇڙا ماڻهو هئا، پوءِ اسان سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ انهيءَ نعمت سان اسان دائود ۽ سليمان کي به نوازيو هو، ياد ڪريو اهو وقت جڏهن هو ٻئي ٻنيءَ جي باري ۾ فيصلو ڪري رهيا هئا، جنهن ۾ رات جي وقت ٻين ماڻهن جون ٻڪريون اچي پيون هيون ۽ اسان سندس فيصلي (جي ڪارروائي) کي پاڻ پئي ڏٺو |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
انهيءَ وقت اسان سليمان کي صحيح فيصلي تي پهچڻ جي سمجهه ڏني، توڻي جو فيصلي جي صلاحيت ۽ علم ته اسان ٻنهي کي عطا ڪيو هو. دائود سان گڏ اسان جبلن ۽ پکين کي به تابع بڻايو هيو، جو هو تسبيح ڪندا هئا، اهو ڪم ڪرڻ وارا اسان ئي هئاسون |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ اسان کيس توهان جي فائدي لاءِ زرهون ٺاهڻ جي ڪاريگري سيکاري هئي ته جيئن اها توهان جو هڪ ٻئي جي مارڻ کان بچاءُ ڪري. پوءِ ڇا توهان شڪرانو ادا ڪندڙ آهيو؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سليمان لاءِ اسان تکي هوا کي تابع ڪيو هو، جيڪا اسان جي حڪم سان انهيءَ سرزمين ڏانهن گُهلندي هئي، جنهن ۾ اسان برڪتون وڌيون آهن. اسان ته هر شيءِ کي ڄاڻندڙ هئاسون |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ شيطانن مان اسان ڪيترائي سندس مطيع بنايا هئا، جيڪي هن لاءِ ٽٻي هڻندا هئا ۽ ان کانسواءِ ٻيا ڪم پڻ ڪندا هئا. انهن سڀني تي نگهبان اسان ئي هئاسون |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ اهائي نعمت (اهڙين ئي خوبين جي صورت ۾) اسان ايوب کي ڏني هئي. ياد ڪريو جڏهن هن پنهنجي رب کي سڏيو هو ته "مونکي بيماري وڪوڙي وئي آهي ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين". |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس جيڪا تڪليف هئي سا دور ڪئي ۽ نه رڳو سندس ٻار ٻچا کيس ڏنا، بلڪه انهن سان گڏ اوترا ٻيا به پنهنجي خاص رحمت طور ڏنا ۽ ان ڪري به ته جيئن اهو عبادت ڪندڙن لاءِ هڪڙو سبق ٿئي |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اهائي نعمت اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي به ڏني سون، اهي سڀئي صبر ڪندڙ هئا |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ کين اسان پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو، بيشڪ اهي صالحن مان هئا |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ مڇيءَ واري کي به اسان نوازيو. ياد ڪريو جڏهن هو ڪاوڙجي هليو ويو هو ۽ سمجهيائين پئي ته اسان کيس نه پڄي سگهنداسون. نيٺ هن اونداهين مان پڪاريو: "ناهي ڪو معبود سواءِ تنهنجي، پاڪ آهي تنهنجي ذات، بيشڪ مان ئي قصوروار هوس". |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
تڏهن اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس سخت تڪليف کان ڇوٽڪارو ڏنوسون ۽ ائين ئي اسان مؤمنن کي بچائي وٺندا آهيون |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا، جڏهن هن پنهنجي رب کي پڪاريو هو ته "اي پروردگار! مون کي اڪيلو نه ڇڏجانءِ ۽ ڀلي ۾ ڀلو وارث ته تون ئي آهين". |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيٰ عطا ڪيو ۽ سندس زال کي ان لاءِ ٺيڪ (ڄڻڻ لائق) بڻائي ڇڏيو، اهي ماڻهو نيڪيءَ جي ڪمن ۾ اڳرا رهندا هئا ۽ اسان ۾ اميد رکي ۽ ڊڄندي پيا پڪاريندا هئا ۽ اسان جي آڏو نوڙيل هوندا هئا |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ اها عورت (مريم) جنهن پنهنجي لـڄ جي حفاظت ڪئي هئي، اسان منجهس پنهنجي روح مان ڦوڪيو ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني بڻائي ڇڏيو |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
اها توهان جي امت ته اصل ۾ هڪ ئي امت آهي ۽ مان توهان جو رب آهيان، تنهنڪري توهان منهنجي عبادت ڪريو |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
مگر (ماڻهن ڇا ڪيو جو) انهن پاڻ ۾ پنهنجي دين کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو. سڀني کي اسان ڏانهن ئي موٽڻو آهي |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو نيڪ عمل ڪندو ۽ ايمان وارو هوندو ته سندس ڪم جي ڪابه بي قدري نه ٿيندي ۽ اسان اهو لکندا رهون ٿا |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ اهو ممڪن ئي نه آهي ته جنهن آباديءَ کي اسان تباهه ڪري چڪا هجون سا وري موٽي اچي |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
تان جو جڏهن ياجوج ۽ ماجوج ڇوڙي ڇڏيا ويندا ۽ هو هر مٿانهينءَ کان پيا نڪري پوندا |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ سچي وعدي جي پوري ٿيڻ جو وقت به اچي سڻائو ٿيندو ته پوءِ امالڪ انهن ماڻهن جون اکيون کلي وينديون جن ڪفر ڪيو هو. چوندا: "هاءِ اسان جي بدبختي، اسان ته انهن ڳالهين کان غفلت ۾ پيل هئاسون، بلڪه حقيقت اها آهي ته اسان ڏوهاري هئاسون". |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
بلاشڪ توهان ۽ توهان جا اهي معبود جن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا، جهنم جو ٻارڻ بڻبا، اتي ئي توهان کي وڃڻو آهي |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن اهي سچا پچا معبود هجن ها ته اُتي نه وڃن ها، هاڻي سڀني کي سدائين ان ۾ رهڻو آهي |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
اتي هو پيا دانهون ڪندا ۽ کين ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ايندو |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
باقي جن لاءِ اسان جي طرفان ڀلائيءَ جو اڳواٽ ئي فيصلو ٿيل هوندو، سي ته بيشڪ ان کان پري رکيا ويندا |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
۽ ان جو ته ڪو ٿورو آواز به ڪونه ٻڌندا ۽ هو سدائين پنهنجي دل گهرين شين جي وچ ۾ هوندا |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
اهو بيحد بدحواسيءَ وارو وقت کين پريشان نه ڪندو، هوڏانهن ملائڪ سندن استقبال (۽ آڌرڀاءُ) ڪندا (۽ چوندن ته) هي آهي توهان جو اهو ڏينهن، جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو". |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
اهو ڏينهن جڏهن اسان آسمان کي ائين ويڙهي رکنداسون، جيئن لکيل پنا ويڙهوٽن ۾ ويڙهي رکبا آهن، جيئن اسان شروعات ۾ خلقت جوڙي هئي، ائين ئي ان کي ورائي جوڙينداسون، اهو هڪڙو وعدو آهي ۽ اهو ڪم اسان کي هر حال ۾ ڪرڻو آهي |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ زبور ۾ اسان نصيحت کان پوءِ اهو لکي چڪا آهيون ته زمين جا وارث اسان جا نيڪ ٻانها بڻبا |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
ان ۾ هڪڙي وڏي خبر آهي عبادت ڪندڙ ماڻهن لاءِ |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
اي نبي! اسان ته توکي دنيا وارن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
چوين ته "مون وٽ جيڪا وحي اچي ٿي، اُها اِها آهي ته بس توهان جو معبود فقط هڪڙو آهي. پوءِ ڇا توهان فرمانبردار ٿيندؤ؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
جيڪڏهن ڦرن ته چئي ڇڏين ته "مان توهان کي هڪ جهڙو خبردار ڪيو آهي، باقي اهو مان نٿو ڄاڻان ته جنهن شيءِ جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ويجهو آهي يا پري |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
الله ته اهي ڳالهيون به ڄاڻي ٿو جيڪي ڏاڍيان ڪجن ٿيون ۽ اهي به جيڪي توهان لڪائي ڪريو ٿا |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
مان ته سمجهان ٿو ته شايد اها (دير) توهان لاءِ ڪا آزمائش آهي ۽ توهان کي هڪ خاص وقت تائين مزا ماڻڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي". |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
(نيٺ) رسول چيو ته "اي منهنجا رب! حق سان فيصلو ڪري ڇڏ ۽ اسان جو رب رحمان ئي اسان جي واهر ۽ وسيلو آهي. انهن ڳالهين جي مقابلي ۾ جيڪي توهان ٺاهيو ٿا؟ |