اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن لاءِ سندن حساب (جو وقت) ويجهو ٿيو آهي، ۽ هي اهي آهن جي غفلت ۾ پئجي منهن موڙيندڙ آهن. |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
جڏهن سندن پروردگار جي طرفان وٽن ڪو نئون حڪم اچي ٿو ته رڳو ڪن لاءِ ٻڌن ٿا ۽ (پوءِ ان کي راند) ٿا ڄاڻن. |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
سندن دليون (آخرت جي خيال کان) بلڪل بي خبر آهن ۽ اهي ظالم آهستي آهستي ڪن ۾ سس پس ڪن ٿا ته هي شخص (محمد) ڪا شيءِ نه آهي رڳو اوهان جهڙو آدمي آهي. ته ڇا پوءِ اوهين ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا. |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
(تنهن تي رسول) چيو ته منهنجو پروردگار ڪا به ڳالھ جا آسمان ۽ زمين ۾ ٿئي ٿي، تنهن کي ڄاڻي ٿو. (پوءِ ڇو ڪنن ۾ ڳالهيون ڪريو ٿا؟) ۽ هو ته وڏو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
(تڏهن به اهي منڪر نه مڙيا) پر چوڻ لڳا (هي قرآن ته) پريشان خوابن جو مجموعه آهي. ۽ هن خود پنهنجي من سان ڪوڙ بدوڙ ٺاهيو آهي (پر جيڪڏهن سچو سچو رسول آهي ته) جيئن اڳيان رسول (معجزن سان) موڪليا ويا هئا تئين هي به ڪو معجزو (جهڙو اسان چئون) اسان ڏي آڻي ته سهي. |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
انهن کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ جنهن کي اسان تباھ ڪيو (معجزا ڏسي ڪري به ته) ايمان نه آندو، ته ڇا ايمان آڻيندا؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ (اي رسول) اسان تو کان اڳ به آدمين کي ئي (رسول بنائي) موڪليو هو جو انهن ڏي وحي موڪليندا هئاسون ته جيڪڏهن اوهين پاڻ نه ٿا ڄاڻو ته اهل ذڪر کان پڇيو. |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ اسان انهن (رسولن) جا جسم اهڙا (ته) نه بڻايا هئا جو کاڌو نه کائين ها ۽ نه اهي (دنيا ۾) هميشه رهڻ سهڻ وارا ئي هئا. |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
پوءِ اسان کين (پنهنجي عذاب جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو (۽ جڏهن عذاب اچي پهتو ته) اسان انهن نبين کي ۽ جنهن جنهن کي اسان گهريو تن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگهدڙن کي تباھ ڪيوسين. |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
اسان ته اوهان ماڻهن ڏي اهو ڪتاب (قرآن) موڪليو آهي جنهن ۾ اوهان جو (به) ذڪر (خير) آهي. ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو. |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ اسان ڪيترن ئي ڳوٺن کي جن جي رهڻ وارا سرڪش هئا برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين ماڻهن کي پيدا ڪيوسون. |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
ته جڏهن انهن ماڻهن اسان جي عذاب جي آهٽ ٻڌي ته ان ئي وقت اهي ان کان ڀڄڻ لڳا. |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(اسان چين ته) ڀڄو نه! ۽ ان (ڳوٺ ۾) جتي اوهين آسودا هئا تتي ۽ (پنهنجي) گهرن ڏي موٽو ته جيئن اوهان کان سوال جواب پڇيا وڃن. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
اهي چوڻ لڳا ته هاڻي اسان لاءِ وڏي خرابي آهي بيشڪ اسين ظالم ته ضرور جيئن هئاسون. |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
مطلب ته سندن اها ئي فرياد رهي تان جو کين لڻيل (پوک) وسائي ٿڌو ڪري ڍير ڪيوسون. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي بيڪار نه پيدا ڪيو آهي. |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏهن اسان ڪو کيل بڻائڻ گهرون ها ته ضرور اسان ان کي پنهنجي تجويز سان بنايون ها جيڪڏهن اسان گهرون ها (پر اسان جي شان وٽان نه هو). |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
پر اسين ته سچ کي ڪوڙ (جي سر تي) اڇلايون ٿا ته اهو ڪوڙ جو چيٿاري ڇڏي ٿو. پوءِ ان ئي وقت اهو ميٽجي ٿو وڃي. ۽ اوهان تي افسوس آهي جو اهڙيون (بي بنياد) ڳالهيون ٺاهيو ٿا. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
هوڏانهن جي (فرشتا) آسمان ۽ زمين ۾ آهن سي (سڀ) سندس (بندا) آهن. ۽ جي (فرشتا) سندس سرڪار ۾ آهن نه ته اهي سندس عبادت ڪرڻ کان آڪڙجن ٿا ۽ نه ڪي ٿڪجن ٿا. |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
رات ۽ ڏينهن سندن پاڪائي بيان ڪن ٿا. (۽) ڪڏهن سست نه ٿا ٿين. |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
انهن ماڻهن جي معبود زمين ۾ بڻائي رکيا آهن ڇا! اهي (ماڻهن کي) جياريندا؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏهن (بفرض محال) زمين ۽ آسمان ۾ خدا کانسواءِ ڪي ٻيا معبود هجن ها ته ٻئي ڪڏهن جو تباھ ٿي وڃن ها. ته جي ڳالهيون اهي ماڻهو پنهنجي طرفان (ان جي باري ۾) بنائن ٿا پر جو خدا عرش جو مالڪ آهي سو انهن سڀني عيبن کان پاڪ صاف آهي. |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
جو ڪجھ اهو ڪري ٿو تنهن جي پڇا ڳاڇا ٿي نٿي سگهي (پر) ٻين کان پڇيو ويندو. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا انهن ماڻهن خدا کي ڇڏي ڪي ٻيا معبود بنايا آهن؟ (اي حبيب! کين) چئو ته ڀلا پنهنجو ڪو دليل ته پيش ڪريو، جي منهنجي (زماني ۾) مون سان گڏ آهن تن جو ڪتاب (قرآن) ۽ جي ماڻهو مون کان اڳ هئا تن جا ڪتاب (توريت وغيره) اهي (موجود) آهن (تن ۾ خدا جو شريڪ لکيل ٻڌايو) پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته حق (جي ڳالھ کي) ڄاڻن ئي نه ٿا، (جڏهن هن جي ڳالھ ٿئي ٿي ته) اهي ماڻهو منهن ڦيري ڇڏين ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ اي رسول جڏهن به اسان تو کان اڳ ڪو به رسول موڪليو ته تنهن ڏي اسان اهو ئي وحي موڪليندا رهيا سون ته بس اسان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي، سو منهنجي عبادت ڪريو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ (مڪي وارا) چون ٿا ته خدا فرشتن کي پنهنجي اولاد (ڌيئرون) بڻايو آهي (هوڏانهن) اهو ان (ڳالھ) کان پاڪ صاف آهي. پر (اهي فرشتا خدا جا) معزز بندا آهن. |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
اهي گفتگو ۾ ان کان اڳي نٿا ٿي سگهن. ۽ اهي سندس حڪم تي هلن ٿا. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
جيڪي انهن جي اڳيان ۽ جيڪي انهن جي پويان آهي (غرض سڀ ڪجھ) هو ڄاڻي ٿو، ۽ اهي ان شخص کان سواءِ جنهن کان خدا راضي هجي ڪنهن جي به سفارش نٿا ڪن ۽ اهي پاڻ ان جي خوف کان (هر وقت) ڊڄندڙ آهن. |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ انهن مان جيڪي به هئين چئي ته خدا نه (پر) آءُ معبود آهيان ته اهو (مردود بارگاھ ٿيو) اسين کيس دوزخ جي سزا ڏينداسون ۽ سرڪش کي اسين اهڙي طرح سزا ڏيندا آهيون. |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪافر ٿي ويٺا تن هن ڳالھ تي غور نه ڪيو آهي ڇا! ته آسمان ۽ زمين ٻئي سنڊ (بند) هئا ته اسان ٻنهي کي چيريو (کوليو). ۽ سڀ ڪنهن جيري شيءِ کي پاڻي مان پيدا ڪيوسون. ته ڇا تڏهن به اهي ماڻهو ايمان نه آڻيندا. |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
پڻ اسان ئي زمين ۾ ڳرا جبل پيدا ڪيا ته متان انهن ماڻهن کي زمين ڪنهن طرف نه جهڪائي ۽ ان ۾ ڪشادا رستا بناياسون ته جيئن اهي پنهنجي پنهنجي منزل مقصود تي (سولا) پهچن. |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ اسان آسمان کي ڇت بنايو جا هر طرح محفوظ آهي ۽ اهي ماڻهو سندس آسماني نشانين کان منهن موڙ ڪندڙ آهن. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ اهو ئي اهڙو (قادر مطلق) آهي جنهن رات ۽ ڏينهن، سج ۽ چنڊ کي پيدا ڪيو جي سڀئي هڪ (هڪ) آسمانن ۾ ڦري (ڪري چڪر هڻي) رهيا آهن. |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ (اي رسول!) اسان تو کان اڳ به ڪنهن ماڻهو کي هميشه رهڻ واري زندگي نه ڏني ته ڇا جيڪڏهن تون رحلت ڪندين ته اهي ماڻهو سدائين جيئرا هوندا ڇا! |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
هر نفس، (هڪ نه هڪ ڏينهن) موت جو مزو چکڻ وارو آهي. ۽ اسين اوهان کي چڱيءَ طرح مصيبت ۽ آرام وقت امتحان جي غرض سان آزمايون ٿا. ۽ (نيٺ ته) اسان ڏي ئي موٽايا ويندو. |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ (اي حبيب!) جڏهن تو کي ڪافر ڏسن ٿا ته اهي تو تي رڳي مسخري ڪن ٿا ته ڇا هي اهو ئي حضرت آهي جيڪو اوهان جي معبودن کي (ڌڪار سان) ياد ڪندو آهي. هوڏانهن اهي خود، خدا جي ياد کان انڪار ڪندڙ آهن. (ته انهن جي بيوقوفي تي کلڻ گهرجي) |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
ماڻهو ته وڏو جلد باز پيدا ڪيل آهي آءُ جلد ئي اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاريندس ته اوهين مون کي جلدي ڪرڻ (جي ڌوم) نه مچايو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ (مزي جي ڳالھ ته) چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهو (قيامت جو) وعدو ڪڏهن (پورو) ٿيندو؟ |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
افسوس! جيڪڏهن ڪافر ان وقت جي حالت کان آگاھ هجن !(ته دوزخ جي باھ ۾ بيٺا هوندا) ۽ نه پنهنجن چهرن کان باھ روڪي سگهندا ۽ نه پنهنجن پٺين کان ۽ نه ڪي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي. |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
(قيامت ڪا ٻڌائي ڪو نه ايندي) پر مٿن اوچتو ايندي، ۽ کين پريشان ڪري ڇڏيندي پوءِ ته ان کي ٽارڻ جي مجال ٿيندي ۽ نه کين مهلت ئي ڏني ويندي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ (اي حبيب! رڳو توسان ته نه) تو کان اڳين پيغمبرن سان به مسخريون ڪيو ويون آهن ته انهن پيغمبرن سان مسخريون ڪرڻ وارن کي ان سخت عذاب اچي ورتو جنهن تي کلندا هئا. |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
(اي حبيب!) تون انهن کان پڇ ته خدا (جي عذاب) کان بچائڻ ۾ رات جو يا ڏينهن جو اوهان جو ڪير پهرو ڏئي سگهي ٿو. (ان باري ۾ ڊنا ته نه) الٽو اهي پنهنجي پالڻهار جي ياد کان منهن موڙن ٿا. |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا اسان کان سواءِ سندن ٻيا ڪي معبود آهن جي کين (اسان جي عذاب کان بچائيندا؟ (اهي ڇا بچائي سگهندا؟ اهي خود پنهنجي پاڻ ته مدد ڪري ئي نٿا سگهن ۽ نه (وري) اسان جي عذاب کان کين پناھ ڏني ويندي. |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پر اسان انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهي عمر گذري وئي. ڇا پوءِ اهي نٿا ڏسن ته اسين سموري زمين کي چئجي طرفن کان قبصو ڪندا ۽ کيس فتح ڪندا اچون ٿا. ته ڇا اڃا به اهي (مڪي جا ڪفر) غالب ٿيندا؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
(اي رسول کين) چئو! ته آءُ اوهان کي رڳو وحي جي موافق (عذاب کان) ڊيڄاران ٿو (پر اوهين ڄڻ ته ٻوڙا آهيو) ۽ ٻوڙن کي جڏهن ڊيڄاريو آهي ته اهي سڏ ئي نٿا ٻڌن (ته ڊڄندا ڇا!). |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ (اي رسول!) جيڪڏهن کين تنهنجي پروردگار جي عذاب جي ٿورڙي هوا به لڳي ته يڪدم چوڻ لڳا ته هاءِ افسوس بيشڪ اسين ظالم هئاسون. |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ قيامت جي ڏينهن ته اسين (بندن جا چڱا بڇڙا عمل تورڻ لاءِ) انصاف جون ترازيون رکنداسون ۽ پوءِ ڪنهن تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو . ۽ جيڪڏهن اهر جي داڻي جيترو به (عمل) هوندو ته اسين ان کي به آڻي حاضر ڪنداسون. ۽ اسين ئي حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون کي (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ وارو ڪتاب (توريت) ڏنو ۽ پرهيزگارن لاءِ سراسر نور ۽ نصيحت عطا ڪئي. |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
جيڪي پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا. اهي قيامت (جي عذاب کان به) ڊڄندڙ آهن. |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ (هي قرآن به) هڪ بابرڪت ذڪر آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ته ڇا اوهين ان کي نٿا مڃيو؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته اسان ابراهيم کي شروع کان ئي فهم سليم عطا ڪيو هو ۽ اسان سندس (حال) کان چڱيءَ طرح واقف هئاسون. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏهن ان پنهنجي (رسمي) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته هي مورتيون ڪهڙيون (بلائون) آهن جن جي اڳيان اوهين مجاور ٿيا ويٺا آهيو؟. |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
هنن چيو (اسان کي ٻي ته خبر نه آهي پر) پنهنجن پوڙهن کي اسان هنن جي ئي عبادت ڪندو ڏٺو آهي. |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
(ابراهيم) چين (ته) پڪ اوهين ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا ظاهر گمراهي ۾ آهيو. |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
انهن چيس ڇا تو اسان وٽ حق ڳالھ آندي آهي يا تون (ائين ئي) چريو ڪرين ٿو؟ |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
(ابراهيم) چين (ته چريو نه پر سچي ڳالھ ٿو چوان ته اوهان جا معبود بت نه آهن) پر اوهان جو پالنيدڙ، آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي جنهن انهن کي بڻايو آءُ خود ان ڳالھ جو اوهان جي اڳيان شاهد آهيان. |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ (دل ۾ چيائين) خدا جو قسم ته آءُ اوهان جي پٺ ڦرڻ کان پوءِ ضرور اوهان جي بتن جي چڱي ڳت بڻائيندس. |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
نيٺ (ابراهيم) انهن بتن کي (ٽوڙي) چڪناچور ڪري ڇڏيو پر سندن وڏي بت کي (هن لاءِ ڇڏي ڏنائين) ته جيئن اهي ڪافر (جشن کان موٽي اچي) ان ڏي اچن. |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
(جڏهن ڪافرن ٻڌو ته) چوڻ لڳا، جنهن به اهڙي بي ادبي اسان جي معبود سان ڪئي آهي بيشڪ ان وڏو ظلم ڪيو آهي. |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
(ڪي ماڻهو) چوڻ لڳا، اسين هڪ جوان جنهن کي ماڻهو ابراهيم چون ٿا، هنن بتن بابت (بڇڙا لفظ) چوندي ٻڌا هئا. |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
انهن چيو ته چڱو ان کي سڀني ماڻهن جي سامهون (پڪڙي) وٺي اچو ته جيئن اهو (جو ڪجھ چوي ٿو ته) ماڻهو مٿس شاهد ٿين. |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
(نيٺ ابراهيم آيو ۽ ماڻهن کائنس) پڇيو ته اي ابراهيم! ڇا اسان جي معبودن سان هي حرڪت تو ڪئي آهي؟ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
(ابراهيم) فرمايو بلڪه اها حرڪت انهن بتن جي وڏي (خدا) ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي بت ڳالهائي سگهندا هجن ته انهن کان ئي پڇو! |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ اهي فڪر ۾ پئجي ويا، ته (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا، بيشڪ اوهان ماڻهو ئي ناحق تي آهيو. |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ شرم کان سر جهڪايائون (وڌيڪ چئي نه سگهيا رڳو ايترو چيائون ته اي ابراهيم!) تون ته ڄاڻين ٿو ته هي بت ڳالهائين نٿا (ته انهن کان ڇا پڇون؟) |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
ابراهيم چين ته ڇا پوءِ اوهين الله کان سواءِ اهڙين شين کي پوڄو ٿا جي نه اوهان کي ڪجھ فائدو پهچائين ٿا ۽ نه اوهان کي نقصان رسائي سگهن ٿا. |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
حيف آهي اوهان تي ۽ انهن تي جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا ڇا اوهين ايترو به نه سمجهيو؟ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
(آخر) اهي ماڻهو (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اوهين ڪجھ ڪري سگهو ٿا ته ابراهيم کي باھ ۾ ساڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن خدائن جي مدد ڪريو. |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
(نيٺ هنن ڪافرن ابراهيم کي آڙاھ ۾ وڌو ته) اسان ارشاد ڪيو: اي باھ! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ (آرام) ڏيندڙ ٿي پئو! (جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي) |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ انهن ابراهيم سان فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ته اسان انهن سڀني کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ اسان ئي (ابراهيم) ۽ لوط کي (ظالمن کان) صحيح سالم بچائي ان سرزمين (شام بيت المقدس) ۾ پهچايو جنهن ۾ اسان سموري جهان جي لاءِ طرح طرح جي برڪت عطا ڪئي هئي. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ اسان ئي ابراهيم کي انعام ۾ (اسحاق جهڙو پٽ) ۽ يعقوب (جهڙو پوٽو) عنايت فرمايو. ۽ سڀني کي نيڪ بخت ڪيوسون. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اسان انهن سڀني کي (ماڻهن جو) پيشوا بنايو، جيڪي اسان جي حڪم سان (انهن جي) هدايت ڪنداهئا ۽ کين ڀلائي ڪرڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو وحي ڪيوسون. ۽ اهي سڀئي اسان جي عبادت ڪندڙ هئا. |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ نبوت عطا ڪئي. کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيوسون جيڪي بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اهي بڇڙي نافرمان قوم هئا. |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو سون. واقعي اهو نيڪ بختن مان هو. |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ (اي پيغمبر! لوط کان اڳ به اسان) نوح (کي نبوت عطا ڪئي) جڏهن ان (سان کي) سڏيو ته اسان سندس (دعا) ٻڌي پوءِ کيس ۽ سندس ساٿين کي اسان (طوفان جي) تمام سخت مصيبت کان بچايو. |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ اهڙي قوم جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪئي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. بيشڪ اهي بڇڙي قوم هئا، پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ماريو. |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ (اي رسول! کين) دائود ۽ سليمان (جو واقعو به ياد ڏيار) جڏهن انهن پوک جي باري ۾ فيصلو ٿي ڪيو. جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو ان (پوک) کي ڀيلي ويون ۽ اسان سندن ڳالھ کي ڏسي رهيا هئاسون (ته پاڻ ۾ اختلاف ٿين). |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
ته اسان سليمان کي (ان جو) صحيح فيصلو سمجهايو. ۽ پوءِ (هونئن به) سڀني کي اسان ئي فهم سليم ۽ علم عطا ڪيو پڻ اسان ئي جبلن کي دائود جي وس ۾ ڪيو هو جو انهن سان گڏ (خدا جي) تسبيح ڪندو هو ۽ پکين کي (به سندس تابع ڪيو) ۽ اسان ئي (اهي عجائب) ڪندا هئاسون. |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ اسان ئي کيس اوهان جو جنگي لباس (زره) جو بنائڻ سيکاريو ته جيئن اوهان کي (هڪ ٻئ جي) وار کان بچائي ته ڇا! اوهين (اڃا به) شڪر گذار نه ٿيندا؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
پڻ (اسان ئي) تمام سخت لڳڻ واري هوا کي سليمان جو (تابع) ڪري ڇڏيو هو جا سندس حڪم سا زمين (بيت المقدس) ڏي ويندي هئي، جنهن ۾ اسان طرح طرح جون برڪتون رکيون هيون ۽ اسين ته هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف (هئاسون ۽) آهيون. |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ جنات مان جيڪي (سمنڊ ۾) غوطو هڻي (جواهر) ڪڍڻ وارا هئا ۽ پڻ ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندا هئا (تن کي سليمان جو تابعدار ڪيل هو) ۽ اسان ۽ سندن نگهبان هئاسون (ته ڀڄي نه وڃن) |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ (اي رسول) ايوب (جو قصو به ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ دعا گهري ته (خداوندا) بيماري ته منهنجي (پٺيان) پيئي آهي ۽ تون سڀني رحم ڪرڻ وارن مان گهڻو وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين. |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
اسان سندس جو ڪجھ ڏک درد هئس پري ڪري ڇڏيو ۽ کيس ٻار ٻچا بلڪ ان سان گڏ اوتري ٻي به محض پنهنجي خاص مهرباني سان ۽ عبادت ڪرڻ وارن جي عبرت لاءِ عطا ڪيو. |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ (اي رسول) اسماعيل ۽ ادريس ذوالڪفل (جا واقعا به ياد ڪر) جو هي سڀ صابر بندا هئا. |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
پڻ اسان انهن سڀني کي پنهنجي خاص رحمت ۾ داخل ڪيو بيشڪ اهي سڀ نيڪ انسان هئا. |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ ذوالنون (يونس کي ياد ڪر!) جڏهن ڪاوڙجي هليو ۽ ڄاتائين ته اسين مٿس (روزي) تنگ ڪنداسون (ته اسان کيس مڇي جي پيٽ ۾ پهچائي ڇڏيو) ته بلڪل انڌيري ۾ (گهٻرائجي) چوڻ لڳو: (خداوندا!) تو کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، تون (هر عيب کان) پاڪ صاف آهين، بيشڪ آءُ قصور وار آهيان. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
نيٺ اسان سندس دعا قبول ڪئي پڻ کيس رنج کان نجات ڏياري، ۽ اسان مومنين کي اهڙي طرح نجات ڏيندا آهيون. |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
زڪريا (کي ياد ڪر) جڏهن ان پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي اڪيلو (بي اولاد) نه ڪر! ۽ تون ته سڀني وارثن کان چڱو آهين. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
ته اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيى جهڙو پٽ ڏنوسون ۽ اسان سندس لاءِ ان جي زال کي سنواريو بيشڪ اهي نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ ڊپ سان سڏيندا هئا ۽ اسان جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هئا. |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ (اي رسول) ان بيبي (مريم) کي (به ياد ڪر) جنهن پنهنجي عفت جي حفاظت ڪئي، اسان سندس (پيٽ) ۾ پنهنجي طرفان روح ڦوڪيو پڻ کيس ۽ سندس پٽ (عيسى) کي ساري جهان جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني بنائي. |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ هو اوهان جو دين (اسلام) هڪ دين آهي آءُ اوهان جو پالڻهار آهيان ته منهنجي ئي عبادت ڪريو. |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
۽ انهن پاڻ ۾ (اختلاف ڪري) پنهنجي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو (هوڏانهن) سڀئي اسان ڏي ئي موٽي اچڻ وارا آهن. |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
(تنهن وقت فيصلو ٿي ويندو) ته جو ماڻهو چڱا ڪم ڪندو ۽ اهو ايماندار به هوندو ته ان جي محنت اجائي نه ٿيندي. ۽ بيشڪ اسين سندس عمل لکندا رهون ٿا. |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جنهن به ڳوٺ کي اسان برباد ڪيو ٿي نٿو سگهي جو اهي ماڻهو قيامت جي ڏينهن ڦري گهمي اسان وٽ موٽي نه اچن. |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
تان جو ايترو (عرصو ته ضرور لڳندو) جو جڏهن ياجوج ماجوج (سڪندري ديوار جي قيد کان) آجا ڪيا وڃن ۽ اهي (زمين جي) هر بلنديءَ کان ڊوڙندا نڪري پون. |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ (قيامت جو) سچو وعدو ويجهو اچي ته پوءِ ڪافرن جون اکيون ان ئي وقت پٿرائجي وينديون (۽ چوڻ لڳندا ته) هاءِ افسوس، اسين ته هن (ڏينهن) کان غفلت ۾ ئي (پيا) رهياسون بلڪ (سچ ته هي آهي ته پاڻ تي) اسين پاڻ ظالم هئاسون. |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
(ان ڏينهن چيو ويندو ته اي ڪافرو) اوهين ۽ جن جي اوهين خدا کانسواءِ عبادت ڪندا هئا، سي دوزخ جو ٻارڻ آهن (۽) توهان سڀني کي منجهنس وڃڻو آهي. |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن اهي (سچا) معبود هجن ها ته کين دوزخ ۾ گهڙڻو نه پوي ها. ۽ (هاڻي ته) سڀئي ان ۾ سدائين رهندا. |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
انهن کي ان ۾ دانهون ڪرڻيون پونديون ۽ اهي (پنهنجي رڙين ۾) ڪجھ به نه ٻڌندا. |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
بيشڪ جن لاءِ اسان جي طرفان چڱائي لکي ڇڏڻي آهي اهي دوزخ کان پري ڪيل هوندا. |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
(ايستائين جو) اهي ماڻهو ان جي ڀڻڪ به نه ٻڌندا، ۽ اهي ماڻهو هميشه پنهنجي دل جي مرادن ۾ (مزي سان) رهندا. |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
۽ کين (قيامت جو) وڏي وڏي خوف دهشت ۾ نه آڻيندو ۽ فرشتا انهن سان (خوش ٿي) ملاقات ڪندا (پڻ هيءَ خوش خبري ڏيندن) ته هيءُ ئي اوهان جي (خوشيءَ جو) ڏينهن آهي جنهن جو (دنيا ۾) اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هو. |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
(هي) اهو ڏينهن (هوندو) جڏهن اسين آسمان کي اهڙيءَ طرح ويڙهينداسون جهڙي طرح لکيل ڪاغذن جو انبار ويڙهيو ويندو آهي. جيئن اسان (مخلوقات کي) پهريون ڀيرو پيدا ڪيو تئين ٻيهر پيدا ڪنداسون. (هي اهو) وعدو (آهي جنهن کي ڪرڻ) اسان تي (لازم) آهي. اهو اسان کي ضرور پورو ڪرڻو آهي. |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ بيشڪ اسان ئي نصيحت (تورات) کان پوءِ زبور ۾ لکيو آهي ته سموري زمين جا وارث اسان جا نيڪ بندا ٿيندا. |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
ان ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ عبادت ڪرڻ وارن لاءِ (خدا جي حڪمن جي) تبليغ آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ (اي حبيب) اسان ته تو کي ساري جهان لاءِ رڳو رحمت بنائي موڪليو آهي. |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
(تون چوين ته مون ڏي رڳو هيءُ حڪم موڪليو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو) هڪ خدا آهي. ته ڇا اوهين (سندس) تابعدار بندا بنجو ٿا؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
تنهن هوندي به منهن ڦيرين ته تون چوين ته مون اوهان (سڀني) کي هڪ جهڙو خبردار ڪيو آهي ۽ جنهن (عذاب) جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجهو آهي يا پري آهي. |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ خدا پڌري ڳالھ کي ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کي لڪايو ٿا تنهن کان به چڱيءَ طرح واقف آهي. |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته متان (عذاب جي دير) اوهان لاءِ آزمائش هجي ۽ هڪ وقت تائين فائدي وٺڻ لاءِ هجي. |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
(نيٺ رسول) دعا گهري ته اي منهنجا پالڻهار! تون انصاف سان (منهنجي ۽ ڪافرن جي وڇ ۾) فيصلو ڪر. ۽ اسان جو پاليندڙ وڏو مهربان آهي. جيڪي اوهين بيان ڪريو ٿا تنهن جي مقابلي ۾ ان کان مدد گهري وڃي ٿي. |