اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن کي ٿيو مُور، اوڏو حساب اُنهن جو، ۽ هُوَ غَفلت ۾ غَرقُور، مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان. |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
نه اَچينِ سائـِين سَندنِ کان، نَئـِين پاڪ پَچار، ته نَه ٻُڌائونِس ٻِيهار، مگر رَهن راند ۾. |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
آهِن هِيان اُنهن جا، بازِيُن مَنجھ بَحال، ۽ ڳُجھيون ڳرهيون ڳالهيون، جَن جاڙون ڪيون جال، ته هِي مُرسل ناهي، مگر ماڻهوءَ پان مِثال، پوءِ اَ کـئـِين ڏِسِي اَحوال، ڪِيئَن مَڃِيندا مَنڊ کي؟ |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
چي، ڳالهيون اُڀ، زَمين جون، سَمجهي سَندمِ سَتار، ۽ آهي اِهو اِظهار، سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو. |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
بلڪ ڀَلي باب، چيؤَن، ته خالِي خواب خيال، پاڻ اُن کي اُٽلندو، بَنائـِين بَحال، بَلڪ شاعِر آھِ هِي، ٻَڌنڌڙ بَيت بَطال، پوءِ آڻي اَسان جي، اڳيان، ڪا نِيشانِي نِهال، وِيا مُڪا جِنهن مِثال، پيغمبر پِهريان. |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
اُنهن کان اڳ ڳوٺ جِنهن، آندو نَه اِيمان، ڪيوسون تِنهن تعبان، پوءِ اُهي ڪِيئن اَچن اِيمان تي؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ نه موڪلياسون مَهند تُهان، مَگر مَرد مُور، وَحِي ڪريون ٿا، تن کي، پاران پاڪ حُضور، نه پونِيان پاڻ پَرُوڙ، ته پُڇو پوءِ، پَڙهِينِ کان. |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ نه بنايو سونِ بُت رڳا، ته طلبِـين نه طعام، ۽ جِيئڻا نَه هُئا جھان ۾، دائـِم ۽ مُدام، |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
پوءِ پُورا پاريا سون پَنهنجا، اُنهن ساڻ اَنجام، آجو ڪيوسون اُنهن کي، پڻ جي وَڻيا سون وَريام، ۽ تباھ، تَلف تمام، ڪيوسون ڪا ڍوڙن کي. |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
اُتاريون سون اَوهان تي، ڪِتاب پاڪ، قُرآن، جِنهن ۾، آهي اَوهان جي، ڀَلي جو بيان، پوءِ سَندو، دل ڌِيان، عاقل! اُن کي ڇو نه ڏِيو؟ |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ گُم ڪياسون گام ڪَئـِين، جي هُئا هاڃيڪار، ۽ ٻِي ڪا قوم ٻِيهار، پيدا ڪئـِي سون، تن پُئان. |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ عذاب اَسان جو جڏهن، پروڙيون پاڻ، ته اِجھو ڀَڄن پِئااُن کان، |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
مَ ڀَڄو ڇَڏي پاڻ، موٽو تنهن مَتاع ڏي، جن ۾ ڪيان عيش اَڄاڻ!، ۽ موٽِي مَحل پَنهنجا، وَساريو بِه وَٿاڻ، حاضر آن کان هاڻ، وَٺبو پُڇاڻو پَڪ سان. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چي، هَي اَسان جي حال کي!، هُئاسُون هاڃيڪار، |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
تِيستائــِين تَن جِي، پَئـِي ٿي، اِيْءَ پڪار، تان ڪيوسون بَرقرار، ڳاهِيل اَن جِيئن، اُنهن کي. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ اُڀ، ڀون، ڪِ جيڪِي اُنهن ۾، جوڙون ۽ جِنسار، راند نه بَناياسون، |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
راند جو، جي وَرتون وِيچار، ته پِهرِين ڪيوسون، پاڻ وٽان، اُن کي اِختيار، ناهي اَسان جِي ڪار، بازيگريون بازار جون. |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
بَلڪ سَٽيون سَچ کي، باطِل سِر بيڪار، پوءِ مَٿو ڀَڃِيسِ مُورهِين، پوءِ وَڃڻو تِنهِين وار، ۽ حيف اوهان جي هارِ، جيڪِي وَراڻيو وات سِين. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
۽ مِڙئـِي مِلڪ اُن جِي، اُڀ ۽ ڀون اَندر، ۽ جيڪِي آهن اُن وَٽ، حُضور ۾ حاضِر، اُن جي عِبادت کان، تِر نه ڪن تَڪبر، ۽ نه ٿَڪن ڪندي ڪِيرتون؛ |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
سانِجھي، صُبح ساجھر، وَاکاڻِين وٖيتر، سُسْت نه ٿِيَن ساراھ ۾. |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا پَنهنجا، جوڙيؤن پاڻهِين، ڌَڻِي مَنجھان ڌُوڙ، اِهو ڪارو ڪُوڙ، ته هُو جِيارِين جَڏن کي. |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
هُوندا، هُئا اُنهن ٻِنهِين ۾، ڪي داتا ڌڻِي ڌار، ته بِلڪُل ٿيا برباد ٻئـِي، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، پوءِ پَرور تِنيان پاڪ گھڻو، جيڪي ڪَهن ڪُفار، جو آهي عَرش عَظِيم جو، قادِر ڪَلنگِيدار، |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
پُڇي نه سَگھٖي ڪو اُن کي، جيڪِي ڪري ڪَلتار، ۽ اُنهن ٻِين کان ٻِيهار، وَٺبو پُڇاڻو پَڪ سان. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڪِ سائـِين ٻيا سُبحان ري، مقرر ڪيائون مُور؟ چئو، آڻيو حُجت اَوهان جِي، ظاهر ڪا ضرور، مُون سان گڏ، يا مَهندين جو، مِڙئـِي هِي مَذڪور، بلڪ گھڻن کي، تَن مَنجھان حق جِي، پُورِي نه پَرُور، مُنهن موڙِيندڙ مَغرور، اُهي آهن، تڏهن اَلله کان. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ مُڪو سون نَه، مَهند تُهان، ڪِنهن اُمت ڏي اِمام، مگر اُن ڏي موڪليون، اِهوئـِي اِلهام، ته ڪونهي سائـِين ڪير ٻِيو، مگر آئون مُدام، پوءِ ڇَڏي خيال خام، هرگز پُوڄِيو، مون هيڪ کي. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
چي، ڌڻي خُود ڌاريو، وِياءُ ڪو وَريام! آهي پاڪائـِي اُن کي، ڪنان اِن اِلزام، بلڪل بندا اُن جا، نِرمل نيڪ نام، |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
اڳرا ٿِي اُن ڪنان، ڪُڇن ڪو نه ڪلام، ۽ ڪَن اُنهيءَ جي اَمر جي، تَعميلات تمام، |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
اڳيان، پويان اُنهن جي، مالِڪ ڄاڻي مام، ڪِنهن جا ٿِيَن ڪِين ڪِي، حامِي هَڻِي هام، مگر تنهن لئي، جهن کان ٿيو، راضي ربُّ اَنام، ۽ ڊِڄندر هونِ هَمام، خود خدا جي خوف ۾. |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ جيڪو چوندو تن مَنجھان، ته آئون ڌڻي، تُهان ڌار، ته اَجر ڏِينداسون اُن کي، ڄيرو سَڀ ڄمار، اِنپر پُورا پار، ڏاڍن ڏِيندا آهيون. |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
اُهي جن اِنڪار ڪيو، ڇا ورتئون نه هِي وِيچار؟ ته ڀونيون، اُڀ بند هئا، ويڇو نه تن وِچ وار، اَسان ڪيو اُنهن کي، ڦوڙي ڦاڙون ڦاڙ، ۽ جِياريون سون جَر مَنجهان، جِيرَا سڀ جنسار، پوءِ اِهي ڪِنهن آڌار، وِسهن ڪِين ويسلا؟ |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ جَڙياسون زمين ۾، ڏاڍا ڪي ڏُونگر، تان نه چُري تن سان، پڻ اِنهيء جي اَندر، لَڪ بَنايا سون لوڪ لئي، واٽون مَٿي وَر، ته سُونهنِ سَربسر، گھمِي، پَنهنجي گام ڏي. |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ اُڀ بَنايو سون ڀُون مَٿان، ڀِت ري، ڏاڍِي ڇِت، ۽ اِنڪارِي اِت، اُهي اسان جي، اُهڃاڻن کان. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ اُهو، سو جِنهن جوڙيا، ڏينهن راتيون، مِهر، ماھ، جِيئن دَنِگي مَنجھ دَرياھ، اُهي سَڀ ترن، تِئين اُڀ ۾. |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ ڪنهن ماڻهؤَ کي، مهند تُهان، بقابخشِي سون ڪانه، پوءِ تون جي لَڏئـِين لوڪ مان، مُرسل مِهربان!، پوءِ ڪِ هميشه هوندا، اِهي جِيئرا مَنجھ جھان؟ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
وَٺندڙ مَزو موت جو، جانِي! هر ڪا جان، سُک ۽ ڏُ ک سان وٺنداسون، اَهنجو امتحان، ۽ مِڙئي ڇڏي مَڪان، اُهي اسان ڏي موٽندا. |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ جي ڪِريا مَنجھ ڪُفران، توکي جڏهن تن ڏِٺو، ته توکي بِنہ بنايون، کِل تَماشو خان! سو هِي، جو پَنهنجي پُوڄڻ تان، ڪري باب بيان؟ ۽ سارڻ کان سُبحان، اِهي مُنڪر آهن مُورِهين. |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
اُٻهر مان اِنسان کي، پيداڪيو وِيو پاڻ، جلد پَسائينداسون پنهنجا، اوهان کي اُهڃاڻ، پوءِ اِنهي لاءِ اَڄاڻ! اَصل اُٻهرا ڪِيمِ ٿيو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
چي، جي صفا سچا آهيو، ته ڪڏهن اِهو قرار؟ |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
هُوند ڄاڻِن حال سو، واري نه سَگھنِ، جنهن وار، پَنهنجي مُنهن، پُٺين تان، چِڻنگن، کي چوڌار، پڻ سَندنِ سار سَنڀار، لڙِي لَهندو ڪونه ڪو. |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
اُٽلو اِينديَنِ اوچتِي، پوءِ نِينديَنِ سُڌ سنڀار، پوءِ ٽارڻ سَندِي تِنهنجي، طاقت نه، تَن تڪرار، ۽ اُهي حِيلاڪن هزار، تبه مُهلت مِلنديَنِ ڪانه ڪا. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ توکان مَهنديَن مُرسلن تان ٿيو مسخريون مُور، جيڪي وِهسيا، مَنجھانِ وَهلور، تِنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيان. |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
چئو، آن کي بَچائي ڪير ٿو، ڏينهن، رات ڪنان ڏاتار؟، بلڪ سَندنِ سائـِينءَ جي، ڪنان پِرت پيار، جو سَدا لهي سار، هِي مُنهن موڙِيندڙ، اُن ڪنان. |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا آهن، ڪي اُنهن جا، اِهڙا پُوڄ، پِير؟ ته اَسان جي عذاب کان، ڦِرن اَڏ فقير، هُو مُرڳو مَدد پنهنجِي، ڪري نه سَگھن ڪبِير، ۽ ويجھو نه اَچينِ ڪو وِير، اَسان پڪڙِيندي، اُنهن کي. |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
اُٽلو اَسان اُنهن کي، نفعا ڏِنا نِروار، پڻ اُنهن جي اَبن ڏاڍن کي، پوءِ وَڏِي ٿَين ڄَمار، پوءِ اِهي اِنهيءَ ڳالھ جو، وَٺن نه وِيچار، ته اَسين اَچون زمين تي، حُڪم ڪريون هيڪار، پوءِ ٽوڙيون ٽُڪرا اُن جي، طرفن مان تڪرار، پوءِ ڇا اِهي آوار، ڪِ ڏاڍا آهن ڏيھ ۾؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
چئو، آئون اوهان کي وَحِيءَ سان، ٿو ڏيِان خوف کَرد، ۽ ڪُوڪُون، ڪَن ڳرو، نه ٻُڌي، جڏهن ٻاڪار جي. |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ تُنهنجي آگي جي عذاب مان، جڏهن لڳينِ لَغار، ته وو، وو! چونِ تِنهن وار ۾، زاريون زارو زار، ته هُئاسون هاڃيڪار، هَي هَي! اسان جي حال کي! |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ سَامُهيون ساهِمِيون عَدل جون، مَنڊبيون محشر وار، پوءِ ڪَس نه ڏِبو ڪِنهن ڪَس کي، ليکي مَنجھ لَغار، ۽ مَرتور اَهْر هُجي، آڻِينداسون اِظهار، ۽ اَسِين بَس اِظهار، ليکو وٺندڙ لوڪ کان. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ ڏِنوسون مُوسٰى، هارون کي، فصل سان فُرقان، سوجھرو ۽ نيڪ صلاح، نيڪن لئي نِڌان، |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
پَرپُٺ پَنهنجي ربَّ کان، خوف رکن، جي خان، ۽ اُهي جِھڄندڙ اَندرجان، مَحشر وارِيءَ، مَهل کان. |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ هِي مُبارڪ مَذڪُور، اَسان اُتاريو اُن کي. پوءِ ڇامُنڪر مُور، اوهِين آهيو اُن ڪنان؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ ڏِنِي سون اِبراهِيم کي، سَندسِ سُونهپ صاف، ۽ انهِئَ جا واصاف، معلوم هُئاسون مُنڍ کان. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
سَندسِ پِيءَ ۽ پَنٿ کي، جڏهن چيائـِين اِهڙِي چال، ته آهن آساميون ڪهڙيون؟ هي مورتون مثال، |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
چي، پاتاسون پِيءَ پنهنجا، سَندنِ، پُوڄاري پئمال، |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
چي ڀُل پَڌرِي ۾ بحال، اوهين، ۽ اَبا اوهان جا. |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
چي، اَسان وٽ آئـِين تُون،کَڻِي سَچ سُڌير!، يا آهِين تون اَمِير!، خالِي کيڏارين مان. |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
چيائـِين اِهڙي چال، ته آگو آهي اوهان جو، جو آگو اَڀن ۽ ڀُون جو، جوڙيَن جَلَّ جلال! ۽ آئون مٿي اِن ڳالھ، سَچن ساکِين مان آهيان. |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ قسم آهي الله جو، ته اَهنجي بُتن لئي ڀورا! صَحِي سِٽِيندسِ سِٽ ڪا، ناقِص ندورا! جِنهن پُڄاڻا پُٺ ڏِنيان، ڇِڊا ٿِيا ڇورا!، |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ اُنهن مان، وڏي بُت بِنان، ڀَڃِي ڪَئـِين ڀورا، تان ليٽن مَن لورا، ڏانهسِ، ته ڏوھ هِن ڪيو. |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
چي، سانيَنِ ساڻ اسان جي، جِنهن ڪيو هِي ڪَلُور، اُهو آزارِيندڙن مان، ظالِم آهي ضَرور، |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
چي، اِبراهيم نالي سان، ڪو مَرد ٻوڌوسون مُور، جو آهي ڪَڍندو، اِنهن مَنجھان، ڪچا ۽ قُصور، |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
چي، ماڻهن مَهندان آڻيو، وَهلوسو وَهلور، ته حاضِر مَنجھ حُضور، شاهِد بِيهنسِ سامهان. |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
چي، هي ڪِ ابراهيم! ڪئـِي، سانَينِ اسان جي ساڻ؟ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
چي، بلڪ بَڙٖي اُنهن جي، ڪيو هِي ڪَلياڻ، پوءِ، پُڇو کِيَنِ پاڻ، جي ڳالهائـِن، ڪا ڳالهڙِي. |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ وَرِيا پنهنجون پاڻ ڏي، سوچيؤن مَنجھ سَرِير، پوءِ شرمايا شرِير، ته چي، آهيو سَڀ انڌير تي. |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ اُونڌا سَندنِ ڪَنڌن تي، پيا اُٿِلي پاڻ، ته اَٿئـِي سُڌ سڄاڻ!، ته هِي ڳالهَائـِن حرف ڪو. |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
چي، پوءِ ڪِيئَن پُوڄيو اُن کي، سوا ربَّ سُبحان، جي پَٽئَ ڪُجھ به، نَه پُهچائـِينيان، نفعو يا نُقصان، |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
پوءِ حيف اوهان جي حال کي، پڻ جي پُوڄيو ٿان، ڌاران ڌڻِي دَيّانَ، پوءِ ڌاريو ڇو نه ڌيان ڪو؟ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
چي، چاڙهيو چِيہ هِن کي، پڻ پَنهنجي سانَينِ ساڻ، ڪَريو حِمايت هان، جي ڪرڻو اوهان کي، ڪم ڪو. |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
پوءِ اُتوسون، ته اِبراهِيم تي، ٿِي باھ! ٿَڌِي ۽ هِيرَ، |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ سَٽيائون سِٽ اُن لئي، ڪا ڳَرِي ڳالھ ڳنڀِـير، پوءِ ڪيو سونِ اَخِير، هارئـِيندڙن مان هَڏهِين. |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ ڪيو سون اُن ۽ لُوط کي، آجو اُنهِيء پار، جِنهن ڀُون ۾، وِڌِي سون، بَرڪتون، وڻ ٽڻ وِئ وَلهار، مُلڪ مَلِير، ملهار، آباد ڪارڻ عالمِين. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ اِسحاق ڏِنوسون اُن کي، پڻ زياده يَعقُوب، ۽ ڪياسون خاصا خُوب، صالِحن مان سَڀئـِي. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اَسان ڪيو اُنهن کي، اُمّت لئي اِمام، اَسان جي اَمر سان، ڪن هدايت هَمام، ۽ ڪيوسون نيڪ ڪمن جو، اُنهن ڏي اِلهام، ۽ پڙهن نماز، ڏين زڪوٰة، خير خدا جي نام، ۽ تابِعدار تمام اصلين هُئا اَسان جا. |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
پڻ لائق لُوط، اُنهن کي، اسان ڪيو اِمداد، دانهِيَن وِچ داد ڪرڻ، عِلم ۽ اِرشاد، ۽ ڪيو سون گُمراه گام کان، اُنهِئ کي آزاد، جي ڪندا هُئا ڪيتريون، بُڇڙايون بيداد، هُئا بِنہ برباد، قوم ڪِنِي ڪا ڍوڙڪا. |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ پَنهنجي رَحمت راڄ ۾، جوڙيسُونسِ جاءِ، هو، سو روشن راءِ، صالِحن سَندي ساٿ مان. |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ اَ ڳي ذِڪر نُوح جو ، جڏهن ڪيائين سَڏ سُوال، پوءِ اَ گھايو سون اُن جو، پڻ بَچايو سُون بَحال، اُن کي، ۽ سَندسِ عَيال، وَڏي گوڙ گَھمسان کان. |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ اُن کي ڪافِر قوم کان، مَدد ڏِنِيسون مُور، جَن اَسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪُوڙ فتور، پوءِ ڪَياسون ڪُل غرقور، ڏاڍِي ڪِنِي قوم هُئا. |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سُليمان جڏهن، نِياءُ ٿي نِبـيريو، بابت ڀيل ٻَنِيءَ جي، جِنهن ۾ ڪيو زِيان، پَهرُن، ڪنهن پَهر جي، شب ۾ بِنَا شَبان، ۽ شاهِد بي گمان، اَسِين هوئاسون، سَندنِ حڪم تي. |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
سَمجھايو سون سُليمان کي، سو مسئلو مَذڪور، ۽ شاهِي ۽ شُعور، ڪيو سون عَطا ڪُل کي. ۽ ڪياسون دائود لئي، ڦيري مَنجھ فَرمان، پَهڻ، پَکي پڙهندا هُئا، ساڻِس گَڏ سُبحان، ۽ اِهڙائـِي اِحسان، اَسِين ڪَندڙ آهيون. |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ سيکاريونسِ صنعت زِره جِي، اَمن اوهان جي نال، ته آن کي، اَهنجي جَنگ کان، بَچائي بَحال، پوءِ ڀانئـِڻ وارا ڀال، اَوهِين ڪِ اُن جاآهيو؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ تابِع ڪيوسون واءُ تِکو، سَچي سُليمان ڪاڻ، هَلندو ڀُون ڀَلِئَ ڏي هو، اَمر اُن جي ساڻ، جنهن ڀون کي برڪت سان، پُرڪيو سون پاڻ، ۽ اَسِين سُرت سُڄاڻ، اهيون هَر شيءِ جي حال کان. |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ شيطانن مان شوخ ڪي، ٽُٻِيون هَڻنِ، تنهن هارِ، ۽ اُنهِيء سوا سَوِين ٻِيا، ڪندا هُئا ڪم ڪارِ، ۽ پُورا پَهريدار، اسِين هُئاسون اُنهن مٿي. |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ اَيُوب سَندسِ آگي کي، جڏهن ساري ڪيو سَڏ، ته پُهتِم حَرج هَڏ، ۽ تون سَڀنيان سَٻاجھو گھڻو. |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ سُئوسون سَڏ اُنهِئَ جو، سَڀ لاٿو سونسِ سُور، ۽ اَهل سَندسِ ٻيو اُن جيترو، موٽِي ڏِنوسونِس مُور، بَخشش پاران پَنهنجي، ڀيڙِي تن ڀَرپُور، ۽ مَرسو هُجي مَذڪور، پُرجھڻ ڪاڻ پُوڄارئيِن. |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اسماعيل، اِدرِيس ۽ ذَوالڪِفل، سَڀئـِي هُئا صابِر، |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ ڪياسون پَنهنجي ڪَرم ۾، ڀيڙابرابر، اِهي اَڪابِر، هُئا صالِحن سَندي، ساٿ مان. |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ مَڇِئَ وارو، وار جِنهن، نِڪتو خَفي ٿِي خان، ڀانئـِين ته بَندش اُن تي، اَسِين ڪنداسون ڪانه، پوءِ اُونداهِين ۾ اُن ڪيو، فَرياد و فِغان، ته تو ڌاران، ڌڻِي ناھ ڪو، توکي سڀ ڪو چَئي سُبحان، آهيان آئون عيان، بيدِل بيدادن مَنجھان. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ اَسان ڪَئـِي اُن جِي، مَعذرت مَنظور، ۽ آجو ڪيو سون اُن کي، مَنجھان غم غرقور، ۽ مُؤمنن کي مُور، اِنپر آجو ٿا ڪريون. |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ جڏهن ڪيو زڪريا، سائـِينءَ سَندسِ کي سَڏ، مُون هيڪلو ڇَڏمَ هَڏ، تون وارث سَڀنِي ۾ واھ جو! |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اَ گھائـِي سون اُن جِي دُعا مَنجھ دَرٻار، ۽ يَحيٰ بَخشيوسون اُن کي، پڻ نيڪ ڪَئـِي سونِس نار، سي ڪَندا سَعيو، سيگھ هئا، نيڪيُن مَنجھ نِبار، ۽ اَسان کي اُميد، خوف ۾، هُئا زاريون ڪندا زار، ۽ هُئا اَسان جي هارِ، ڏاڍو ڏَرندڙ ڏِيل ۾. |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
پوءِ مَريم ڌِيءَ عِمران جي، جنهن سَندسِ سِيل سَنڀاليو، پوءِ مَنجھسِ ڦوڪِي سون، مِهرسان پاران پَنهنجي جان، اُن ۽ اُن جي لال کي، جو عيسٰى عالِيشان، ڪيو سون نيڪ نيشان، جُڳا جُڳ جَڳن لاءِ. |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
هِي اُمّت اَوهان جِي هيڪڙي، آئون سَڀن جو سائين، پوءِ ڪَريو مُون هيڪ جِي، شيوا سدائـِين، |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
۽ پوءِ پٰنهنجو ڪَم پاڻ ۾، وِرڇيؤن وِچانئـِين، آخِر سڀ آئـِين، مُون ڏي آهيو موٽڻا. |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جِنهن چَڱا ڪَم ڪيا، ۽ اُهي آهن اِيماندار، پوءِ سَندسِ سَعيي صاف جي، ناهي ڪا ناڪار، ۽ اُنهئَ جا ڪم ڪار، اَسِين لِکندڙ آهيون. |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جو ڳوٺ ڪيوسون ناس، آهي حرام اُن تي، ته تُنهنجي گَھرن پاس، موٽِي اَچن ماڳ تي. |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
تان ياجُوج ۽ ماجُوج کي، جڏهن مِلي ڇيٽِي، ۽ هر لَڪَ مَٿان ليٽِي، پَکڙن هَر ڪِنهن پار ۾. |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ ويجھو ٿيو واعِدو، بَرحق بَرقرار، پوءِ اِجھو اکيون اُنهن جون، کيريون ۽ خُوار، ڦِريا جي فَرمان کان؛ وَراڻيؤن تِنهن وار، حيف اَسان کي، ته هِن کان هُئاسون، غَفلت ۾ غار، ظالِم زِيان ڪار، اُٽلو اَسِين آهيون. |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
اَوهِين پاڻ، ڪِ جيڪي پُوڄيو، ٻِيا داتا، ڌڻئَ ڌار، آهيو ٻارڻ آگ جو، پُوڄ، توڻِي پينار، آهيو اَچڻا اُن ۾، ڀيڙا ڀائيوار، |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جي سَچ پَچ سائـِين، سي هُئا، نه آيا اُنهِئ پار، ۽ سدا ساڪِن اُن ۾، |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
چيخون سَندنِ چوڌار، ۽ نَه ٻُڌنِ مَنجھسِ ٻاڪار، هاوِي سَندي هُل کان. |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
سُک ثابِت جَن لئي، مَهند اَسان کان مُور، اُهي اُن کان ڏُور، |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
ٻِڙڪ نه ٻُڌن اُن جِي، جيڪي گُھرن جِئَ تن جا، آمان، اَنب اَنگور، تن ميون ۾ مَعمور، سَدا آهِن سَنرا. |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
وَڏو واقِعو اُنهن کي، نه وِجھي مَنجھ وِيچار، ۽ مِلن مَلائـِڪ اُنهن سان، ته هِي اُهائـِي وار، جِنهن جا قول قَرار، ڏِبا هُئا، هُن ڏيھ ۾. |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
اَسين ويڙهيون اُڀ، جِنهن وار، ويڙهڻ وَرق ڪتاب جو، موٽائـِيندسون مُورِهين، جِيئن اَ ڳ جوڙياسون جِنسار، اَسان تي، ٻول ٻِيهار، اَسِين قادِر هَرڪم ڪارتي. |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ لِکي ڪيوسون فيصلو، ظاهر مَنجھ زَبور، پُڃاڻا پَلچار جي، مُقرّر مَذڪُور، ته ڀُون جا، بندا نيڪ مون، مالِڪ ٿيندا مُور، |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
اُن ۾ آهي ضَرُور، پُهچ پُوڄارِي پَهر لئي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ تون نه مُڪو سون مُور، مگر پَنهنجِي مِهر ڪري، جُملي جھانن لئي اوڏا، توڻِي ڏُور، |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
چئو، مُونڏي، نه وَڃي وَحِي موڪليو، مگر هي مَذڪور، ته اَهنجو نَه هِڪ اَلله ري، واهرُو ٻئو وَهلور!، پوءِ اَوهين ڪِ اَهڳور!، تَهدِل تابِع آهيو؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
پوءِ پُٺ ڏِنائون، پاڻ جي، پوءِ چئو اِهڙِي چال، ته آن کي ڪيو اِعلان مُون، برابر بَحال، ۽ نَه ڄاڻا آهي اوڏڙو، ڪِ آڏا اُن کي سال، اوهان کي، اَڄ ڪالھ، جو ٻول ٻولايو ٿو وَڃي. |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
پاڻ پروڙي پَڌرو، پڻ ڳُجِھي ڪريو جاڳالھ، |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آئون ته ڄاڻا ڪُجھ نٿو، ته متان اي مَتوال!ان ۾ امتحان ڪو، آهي، اوهان نال، ۽ هِي متاع، مال، عيال، تائين وقت وِصال جي. |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
چي، نِياءُ سچونبير تون، سانيم سدا سَرڪار!، ۽ سائين اَسان سَڀن جو، هِڪ، ڏينهن جو ڏاتار، سو مولى مَددگار، توهان جي تڪرار ۾. |