اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي ويو ۽ اُهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن. |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
انهن وٽ جڏهن به سندن پالڻهار وٽان ڪا نئين نصيحت اچي ٿي مگر اُهي ان کي راند رُوند ۾ ئي ٻڌن ٿا. |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
انهن جون دليون غافل آهن. ۽ ظالم ماڻهو لِڪي لِڪي ڳالهيون ڪن ٿا ته : ”هي ته رُڳو اوهان جهڙو هڪ بشر آهي، ڇا پوءِ توهان ڏسي وائسي (ان جي) جادو ۾ ڦاسندئو“؟ |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
(نبي ڪريم ﷺ) چيو ته : ”منهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو جا ڳالهه آسمان ۽ زمين ۾ چئي وڃي ۽ اُهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي“. |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
بلڪه (ايستائين به)چيائون ته: ”اهو (قرآن) پريشان خواب آهن، بلڪه اُهو پاڻ ٺاهيو اٿس، بلڪه اُهو شاعر آهي. (اگر سچو آهي) ته پوءِ اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جيئن پهريان رسول (نشانين سان)موڪليا ويا هئا“. |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
(حالانڪه) انهن کان اڳ ڪنهن به بستي جنهن کي اسان هلاڪ ڪيو ايمان نه آندو هيو ته ڇا اهي ايمان آڻيندا؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ صرف مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو هيو جن ڏانهن اسان وحي ڪندا هئا سين (انسانو!) توهان ذڪر وارن کان پڇو جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو. |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ اسان انهن (نبين) کي اهڙي جسم وارو نه بنايو هيو جو کاڌو نه کائن ۽ نه ئي اُهي (دنيا ۾ ظاهري زندگي ۾) سدائين جيئڻ وارا هئا. |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
پوءِ اسان انهن کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو پوءِ اسان انهن کي ۽ جنهن کي اسان چاهيو نجات بخشي ۽ اسان حد کان لنگهڻ وارن کي برباد ڪري ڇڏيو. |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
بيشڪ اسان اوهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو! |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ ڪيتريون ئي ظالم بستيون هيون جن کي اسان پيڙهي ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سين. |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب (ايندي) محسوس ڪيو ته ان ئي وقت اتان تيزي سان ڀڄڻ لڳا. |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(چيو ويو:) ”جلدي نه ڀڄو ۽ پنهنجي انهن ماڳن مڪانن تي موٽي وڃو جتي اوهان آسودا هئا ته جيئن توهان کان پڇاڻو ڪيو وڃي“. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چيائون: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ظالم هئاسين“. |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
پوءِ اهي ائين ئي پڪاريندا رهيا تانجو اسان کين لابارو ٿيل پوک (۽) اجھايل باهه وانگر ڪيوسين. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي راند جي طور تي نه بنايو آهي. |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
اگر اسان ڪو رانديڪو بنائڻ چاهيون ها ته ان کي پاڻ وٽان ئي بنائي وٺون ها (ڪير هيو اسان کي روڪڻ وارو) جيڪڏهن اسان کي (ائين) ڪرڻو ئي هجي ها. |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
بلڪه اسان حقَ جِي باطلَ مٿان پُوري قُوت سان چوٽَ لڳايون ٿا جو اُهو (حق) ان (باطل) جو مٿو ڦاڙي وجھي ٿو پوءِ اهو (باطل)برباد ٿي وڃي ٿو. ۽ توهان لاءِ انهن (نازيبا) ڳالهين سبب تباهي آهي جيڪي اوهان بنايو ٿا. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ سندس مِلڪَ آهن. ۽ جيڪي (فرشتا) وٽس آهن سي سندس عبادت ڪرڻ کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ٿڪجن ٿا. |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
اهي رات ڏينهن (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ سستي نه ٿا ڪن. |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا انهن ماڻهن جن کي زمين ۾ معبود قرار ڏنو آهي اهي (مُردن کي) زنده ڪري اٿاري سگهندا؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
اگر (آسمان ۽ زمين انهن) ٻنهين ۾ الله کان سواءِ ٻيا معبود هجن ها ته ٻنهين جو نظام بگڙي وڃي ها. پوءِ الله جيڪو عرش جو مالڪ آهي انهن (ڳالهين) کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا. |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
اُهو جو ڪجهه به ڪري ٿو ان کان ان بابت پڇا نه ڪئي ويندي ۽ انهن کان (هر ڳالهه جي) پڇا ڪئي ويندي. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا انهن (مشرڪن) ان جي مقابلي ۾ معبود بنايا آهن؟ چؤ پنهنجو دليل آڻيو. هي (قرآن) انهن ماڻهن جو ذڪر آهي جي مون سان گڏ آهن ۽ انهن جو (به) ذڪر آهي جي مون کان اڳ هئا. بلڪه انهن مان گهڻا حق کي نه ٿا ڄاڻن انڪري اُهي منهن ڦيريندڙ آهن. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
(اي نبي!) اسان تو کان اڳ ڪو به رسول اهڙو نه موڪليو جنهن ڏانهن اسان هي وحي نه ڪئي هجي ته : ”مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ اوهان منهنجي عبادت ڪيو“. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ چيائون ته رحمان پنهنجو اولاد بنايو آهي، اُهو پاڪ آهي. بلڪه اُهي (ملائڪ الله جا) معزز ٻانها آهن. |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
اُهي ڪا ڳالهه (ڪرڻ ۾) ان کان اڳرائي نه ٿا ڪن ۽ اُهي سندس حڪم مطابق عمل ڪن ٿا. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي انهن جي پٺيان آهي ۽ اُهي سفارش رڳو ان جي ڪن ٿا جنهن سان اُهو راضي ٿي ويو ۽ اُهي سندس خوف کان ڊڄندڙ آهن. |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ انهن مان جيڪو به چوي ته الله کان سواءِ آءٌ به هڪ معبود آهيان ته پوءِ ان کي اسان دوزخ جي سزا ڏينداسين. اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون. |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڇا ڪافرن اهو نه ڏٺو ته بيشڪ آسمانَ ۽ زمين سڀ (هڪ اِڪائي جي شڪل ۾ پاڻ ۾) مليل هئا پوءِ اسان انهن کي ڇني جدا ڪيو. ۽ اسان پاڻيءَ مان هر شيءِ کي زندگي ڏني. ڇا پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن. |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ اسان زمين ۾ مضبوط جبل بنايا تان جو اُها انهن (يعني ڌرتي وارن) کي لوڏي نه سگهي ۽ اسان ان ۾ ڪشادا رستا بنايا تان ته اُهي (منزل تي پهچڻ جو) رستو حاصل ڪن. |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو آهي ۽ اُهي ان (ڪائنات) جي نشانين کان مُنهن موڙيندڙ آهن. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ اُهو ئي (الله) آهي جنهن رات ۽ ڏينهن کي پيدا ڪيو ۽ سِجُ ۽ چنڊُ (خلقيائين.) سڀ (ستارا ۽ سيارا) پنهنجي پنهنجي مدار ۾ تَرِي رهيا آهن. |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ اسان تو کان پهريائين ڪنهن انسان کي (دنيا ۾) هميشگي نه ڏني آهي. ته ڇا جيڪڏهن تون (هِتان) انتقال ڪري وڃين ته اُهي هميشه رهڻ وارا آهن؟ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
هر جان کي موت جو مزو چکڻو آهي. ۽ اسان اوهان کي چڱي طرح برائي ۽ ڀلائي سان آزمايون ٿا ۽ توهان اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ. |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن ڪافر تو کي ڏسن ٿا ته تو بابت صرف مسخري ئي ڪن ٿا. (چون ٿا ته:) ”ڇا هي اُهو شخص آهي جيڪو توهان جي معبودن جو (نفرت سان) ذڪري ڪري ٿو“. ۽ اُهي خود رحمان جي ذڪر کان انڪاري آهن. |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
انسان جلد باز پيدا ڪيو ويو آهي. آءٌ جلد اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندس سو اوهان مون سان جلدبازي نه ڪيو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ چون ٿا ته: ”هي (قيامت جو) وعدو ڪڏهن (پورو) ٿيندو جي اوهان سچا آهيو“. |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
هائو جي ڪافر اُهو وقت ڄاڻن ها جڏهن اُهي (جهنم جي) باهه کي نه پنهنجي چهرن کان روڪي سگهندا. ۽ نه پنهنجي پُــــٺِــيُــن کان ۽ نه ئي انهن جي مدد ڪئي ويندي. |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
بلڪه (قيامت) انهن کي اوچتو اچي پهچندي ته انهن کي بدحواس ڪري وجهندي پوءِ نه ان جي موٽائڻ جي طاقت رکندا نه انهن کي مهلت ڏني ويندي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ تو کان اڳ به رسولن سان ٺٺول ڪئي وئي هئي پوءِ انهن مان جيڪي به ٺٺول ڪندا هئا تن کي (عذاب) گهيريو جنهن بابت اُهي ٺٺولون ڪندا هئا. |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
چَـــؤُ ته رات ۽ ڏينهن جو رحمان (جي عذاب) کان اوهان جي نگهباني ڪير ڪري سگھي ٿو؟ بلڪه اُهي پنهنجي پالڻهار جي ياد کان مُنهن موڙيندڙ آهن. |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا انهن جا اسان کان سواءِ ڪي ٻيا معبود آهن؟ جيڪي کين (اسان جي عذاب کان) بچائيندا. اُهي ته خود پنهنجي مدد جي سگهه نه ٿا رکن نه وري اسان جي طرفان کين ڪا رفاقت ميسر هوندي. |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
بلڪه اسان انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو انهن تي ڊگهو عرصو گذري ويو. (۽ اهي سرڪش ٿي ويا) ته ڇا اُهي نه ٿا ڏسن ته اسان (ڪافرن جي) زمين کي سندن حدن کان گهٽائيندا اچون ٿا! ڇا پوءِ به اُهي غالب ٿيندا. |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
چؤ ته: ”آءٌ اوهان کي صرف وحي جي موافق ڊيڄاريان ٿو“. ۽ ٻوڙا سڏ نه ٿا ٻڌن جڏهن به کين ڊيڄاريو وڃي ٿو. |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگارجي طرف کان کين هَلڪي ڦُلڪي تڪليف به ڇُهي ته ضرور چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين“! |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ قيامت جي ڏينهن اسان انصاف جي تارازي رکنداسين پوءِ ڪنهن به جان تي ڪنهن شيءِ جو به ظلم نه ڪيو ويندو. ۽ جيڪڏهن (ڪنهن جو عمل) اَهُـــرِجي داڻي برابر به هوندو ته ان کي به آڻينداسين. ۽ اسان حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ اسان بيشڪ موسى ۽ هارون کي فُرقان (يعني حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪندڙ ڪتاب) ڏنو ۽ روشني ۽ پرهيزگارن لاءِ نصيحت ڏني. |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
(اهي پرهيزگار) جيڪي پنهنجي پالڻهارکان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ اُهي قيامت (جي حساب) کان ڊڄندڙ آهن. |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ هي (قرآن) برڪت وارو ذڪر آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي. ڇا پوءِ اوهان ان جا انڪاري آهيو؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ابراهيم کي سندس (شان موافق) هوشمندي ڏني ۽ اسان سندس حال کان آگاهه هئاسين. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏهن ان پنهنجي پيءُ ۽ سندس قوم کي چيو ته: ”هي ڪهڙيون مُورتيون آهن جن جي (پوڄا مٿان مجاور بنجي) ڄميا ويٺا آهيو“؟ |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
چيائون: ”اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي ڏٺو“. |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
(ابراهيم) چيو: ”بيشڪ اوهان ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا کُلي گمراهي ۾ آهيو“. |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
چيائون: ”ڇا تو اسان وٽ حق آندو آهي؟ يا تون راند (تماشي) گرن مان آهين“. |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
(ابراهيم) چيو: ”بيشڪ اوهان جو مالڪ آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ آءٌ اوهان اڳيان ان ڳالهه تي شاهدي ڏيندڙن مان آهيان. |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ الله جو قسم آءٌ ضرور اوهان جي بُـــتَـــن خلاف رِٿ رٿيندس، جڏهن توهان پُٺي ڦيري ويندؤ ان کان پوءِ“ . (يعني اوهان جي غير موجودگي ۾) |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ (ابراهيم) انهن (بتن) کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو سواءِ وڏي (ٺاڪر) جي تان جو اُهي ان ڏانهن رجوع ڪن. |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
چيائون: ”اسان جي معبودن جو هي حال ڪنهن ڪيو آهي؟ بيشڪ اُهو ضرور ظالمن مان آهي“. |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
چيائون: ”اسان هڪ نوجوان کي انهن جي ڳالهه ڪندي ٻڌو آهي جنهن کي ابراهيم چيو وڃي ٿو“. |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
چيائون: ”ان کي ماڻهن جي نگاهن اڳيان آڻيو شايد اهي به (سندس باري ۾ ڪا) شاهدي ڏين“. |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
چيائون: ”اي ابراهيم! ڇا تو ئي اسان جي معبودن جو هي حال ڪيو آهي؟“ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
(ابراهيم) چيو: ”بلڪه اِهو (ڪم) انهن جي هن وڏي (بت) ڪيو هوندو پوءِ اوهان انهن (بتن) کان پڇي ڏسو جيڪڏهن اُهي ڳالهائي سگهن ٿا“. |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ اُهي پنهنجي ضميرن ڏانهن رجوع ٿيا پوءِ چوڻ لڳا ته : ”ظالم ته توهان ئي آهيو“. |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ انهن (شرم کان) مَٿا جُهڪايا (۽ چيائون) ”تون ته ڄاڻين ٿو ته هي (بت) ڳالهائن نه ٿا“. |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
(ابراهيم) چيو: ”ڇا پوءِ اوهان الله کي ڇڏي انهن (بتن) کي پوڄيو ٿا جيڪي نه توهان کي ڪجهه نفعو ڏئي سگهن ٿا ۽ نه نقصان پهچائي سگهن ٿا. |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
توهان تي تُف آهي ۽ ان (بتن) تي به جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا. ڇا توهان عقل نه ٿا رکو“؟ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
چيائون: ”ان (ابراهيم) کي ساڙيو ۽ پنهنجي معبودن جي مدد ڪيو جيڪڏهن اوهان ڪجهه ڪرڻ وارا آهيو“. |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
اسان چيو: ”اي باهه! تون ابراهيم تي ٿڌي ٿي وڃ ۽ سلامتي واري.“ |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ انهن (ابراهيم) سان هڪ چال چلڻ چاهي پر اسان انهن کي ناڪام ڪيوسين. |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ اسان ان (ابراهيم) کي ۽ لوط کي بچائي (شام جي) ان سرزمين تي آندو جنهن ۾ اسان جهان وارن لاءِ برڪتون رکيون آهن. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽اسان کيس (پُٽ) اسحاق بخشيو. ۽ (پوٽو) يعقوب اضافي بخشيو. اسان انهن سڀني کي صالح بنايو هيو. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اسان انهن کي اڳواڻ بنايو اُهي (ماڻهن کي) اسان جي حڪم سان هدايت ڪندا هئا ۽ اسان انهن ڏانهن چڱن ڪمن ۽ نماز قائم رکڻ ۽ زڪواة ڏيڻ جي وحي ڪئي هئي، ۽ اُهي اسان جا عبادت گذار هئا. |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ اسان لوط کي حڪمت ۽ علم ڏنو ۽ اسان کيس ان ڳوٺ کان بچائي ڪڍيو جتي جا ماڻهو بڇڙا ڪم ڪندا هئا. بيشڪ اُها بيحد بُري نافرمان قوم هئي. |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ اسان ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اُهو نيڪوڪارن مان هيو. |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ نوح (کي به اها نعمت ڏني) ياد ڪر جڏهن ان هن کان اڳ اسان کي سڏيو هيو پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي، پوءِ اسان کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي وڏي ڏک کان نجات ڏني. |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ اسان ان جي مدد ڪئي اهڙي قوم جي مقابلي ۾ جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا هئا. بيشڪ اها بيحد بري قوم هئي پوءِ اسان انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيو. |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سليمان (کي به اها نعمت ڏني ) ياد ڪر جڏهن پوک جي معاملي ۾ فيصلو پئي ڪيائون جڏهن هڪ قوم جون ٻڪريون رات جو ان (پوک) کي ڀيلي ويون هيون ۽ اسان انهن جي فيصلي (عدالت) جو مشاهدو ڪرڻ وارا هئاسين. |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
پوءِ اسان اُهو (صحيح فيصلو) سليمان کي سمجهايو هيو، حالانڪه اسان انهن سڀني کي حُڪم ۽ علم ڏنو هيو ۽ اسان دائود سان گڏ جبلن ۽ پکين کي تابع ڪيو هيو جيڪي تسبيح پڙهندا هئا. ۽ (اُهو سڀ ڪجهه) ڪرڻ وارا اسان هئاسين. |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ اسان ان (دائود) کي توهان جي (فائدي) لاءِ زِرهُن (ڍالُن) بنائڻ جو فن سيکاريو هن لاءِ ته اوهان کي هڪ ٻئي جي لڙائي ۾ (دشمن جي وار کان) بچائي، ڇا پوءِ توهان شڪر گذار آهيو؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سليمان لاءِ تيز هوا کي (تابع ڪيوسين) جا سندس حڪم سان ان سرزمينِ (شام) ڏانهن هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪتون رکيون آهن. ۽ اسان هر شيءِ جا ڄاڻڻ وارا هئاسين. |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ ڪجهه شيطانن (يعني جنن) مان به (سندس تابع ڪياسين) جي ان لاءِ (دريائن ۾) ٽُٻيون هڻندا هئا ۽ ان کان سواءِ ٻيون خدمتون به ڪندا هئا، ۽ اسان سندن نگهبان هئاسين. |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ ايوب (کي علم ۽ حڪمت ڏني سين) ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو: ”بيشڪ مون کي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سڀ رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين“. |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي پوءِ کيس جا تڪليف هئي سا لاٿي سين ۽ اسان کيس صرف سندس اهل و عيال ئي عطا نه ڪيو بلڪه انهن سان گڏ اوترائي ٻيا به ڏنا اها اسان جي طرفان (خاص) رحمت هئي ۽ عبادت گذارن لاءِ نصيحت آهي. |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل (کي به اسان ان نعمت سان نوازيو) اُهي سڀ صبر وارا هئا. |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
اسان انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اُهي نيڪوڪارن مان هئا. |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ مڇي واري (نبي يونس کي به نوازيو) ياد ڪر جڏهن اُهو (قوم تي) ڪاوڙجي هليو پوءِ هي گمان ڪيائين ته اسان ان مٿان هرگز تنگي نه ڪنداسين پوءِ ان (رات، مڇي جي پيٽ ۽ درياء جي تري جي) اونداهين ۾ پڪاريو هي ته: ” تو کان سواءِ ڪو معبود ناهي تون پاڪ آهين، بيشڪ آءٌ ئي (پنهنجي پاڻ تي) زيادتي ڪرڻ وارن مان آهيان“. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس غم مان نجات ڏني. ۽ اهڙي طرح اسان مؤمنن کي نجات ڏيندا آهيون. |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا ( کي به نوازيو) ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀ وارثن کان بهتر وارث آهين“. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي. ۽ اسان کيس يحى (پُٽُ) بخشيو. ۽ اسان سندس واسطي سندس گهروارِي کي به درست (قابلِ اولاد) بنايو. بيشڪ اُهي (سڀ) نيڪي جي ڪمن ۾ جلدي ڪندا هئا ۽ اسان کي اميد ۽ خوف سان سڏيندا هئا. ۽ اسان جي سامهون عاجزي ڪرڻ وارا هئا. |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ اها عورت (بيبي مريم) جنهن پنهنجي پاڪيزگي جي حفاظت ڪئي پوءِ اسان ان ۾ پنهنجي روح سان ڦوڪيو ۽ اسان ان کي ۽ سندس پُٽ (عيسى) کي جهان وارن لاءِ نشاني بنايو. |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
هيءَ اوهان جي امت آهي جا (حقيقت ۾) هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ اوهان جو پالڻهار آهيان پوءِ منهنجي عبادت ڪيو. |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
۽ ماڻهن پاڻ ۾ پنهنجي دين ۾ ڌڙي بندي ڪئي سڀ اسان ڏانهن موٽي اچڻ وارا آهن. |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جو به چڱا عمل ڪري ۽ اُهو مؤمن (به) هجي ته ان جي ڪوشش جي بي قدري ڪونه ڪئي ويندي، ۽ بيشڪ اسان ان جي لکڻ وارا آهيون. |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جنهن ڳوٺ (وارن) کي اسان هلاڪ ڪيو ان جو (دنيا ۾ ) موٽي اچڻ محال آهي. |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
ايستائين جو جڏهن ياجوج ماجوج کوليا ويندا ۽ اُهي هر مٿاهين کان ڊوڙندا ايندا. |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ (قيامت جو) سچو وعدو ويجهو اچي ويندو ته ان ئي وقت انهن ماڻهن جون اکيون کليل رهجي وينديون جن ڪفر ڪيو. (چوندا ته) ”هاءِ اسان جي بربادي! اسان هن کان غفلت ۾ پيل هئاسين بلڪه اسان ظالم هئاسين“. |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
بيشڪ توهان ۽ اُهي (بت) جن جي اوهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا (سڀ) دوزخ جو ٻارڻ آهن توهان ان ۾ داخل ٿيڻ وارا آهيو. |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
اگر اُهي (واقعي) معبود هجن ها ته جهنم ۾ نه گهڙن ها. ۽ اُهي سڀ ان ۾ هميشه رهندا. |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
انهن جون ان ۾ دانهون هونديون ۽ ان ۾ ڪجهه (ٻيو) نه ٻڌي سگهندا. |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن لاءِ اسان جي طرفان اڳ ئي ڀلائي مقرر ٿي چڪي آهي، اُهي ان (جهنم) کان پري هوندا. |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
اُهي ان (دوزخ جي) سَرسَراهَٽَ به نه ٻڌندا، ۽ اُهي انهن (نعمتن) ۾ هميشه رهندا جن جي انهن جي دل خواهش ڪندي. |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
(قيامت جي) وڏي گهٻراهٽ به انهن کي غمزده ڪونه ڪندي ۽ ملائڪ انهن جو استقبال ڪندا. (۽ چوندا) ”هي توهان جو اهو ڏينهن آهي جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو“. |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
ان ڏينهن اسان آسمان کي (ائين) ويڙهينداسين جيئن لکيل ڪاغذن جي دفتر کي ويڙهيو ويندو آهي جيئن اسان (ڪائنات کي) پهريائين پيدا ڪيو هيو اسان وري پيدائش وارو عمل دهرائينداسين. اُهو وعدو اسان تي لازم آهي. بيشڪ اسان اُهو ضرور ڪرڻ وارا آهيون. |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ بيشڪ اسان زبور ۾ نصيحت کان پوءِ هيءُ به لکي ڇڏيو هيو ته: ”بيشڪ زمين جا وارث منهنجا نيڪوڪار ٻانها ٿيندا“. |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
بيشڪ هن (قرآن) ۾ عبادت گذارن لاءِ وڏو پيغام آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ (اي نبي) اسان تو کي نه موڪليو آهي مگر جهانن لاءِ رحمت بنائي. |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
چؤ ته مون ڏانهن ته هي وحي ڪئي وڃي ٿي ته: ”اوهان جو معبود صرف هڪ معبود آهي، پوءِ ڇا توهان اسلام قبولڻ وارا آهيو؟“ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
پوءِ جيڪڏهن ڦِرن ته چؤ: ”مون اوهان (سڀني) کي يڪسان طرح خبروار ڪيو آهي، آءٌ نه ٿو ڄاڻان اُهو (عذاب) ويجهو آهي يا پري جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو. |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ اُهو (الله) ڏاڍيان واري ڳالهه کي به ڄاڻي ٿو ۽ اُهو (به) ڄاڻي ٿو جو اوهان لڪايو ٿا. |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آءٌ (ازخود) نه ٿو ڄاڻان شايد ته (عذاب ۾ دير) اوهان جي حق ۾ آزمائش هجي ۽ هڪ مقرر وقت تائين توهان کي فائدو پهچائڻو هجي“. |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
(نبي ڪريم ﷺ) چيو ته: ”اي منهنجا پروردگار! انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (اي انسانو!) اسان جو پالڻهار وڏو مهربان آهي ان کان مدد طلب ڪئي ويندي آهي ان (ڏکوئيندڙ) ڳالهين تي جيڪي اوهان ڪيو ٿا“. |