اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن (مشرڪن) جو حساب قريب آهي ۽ اهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
نٿو اچي انهن وٽ ڪو حصو قرآن ڪريم جو مگر اهي ان کي ٻڌن ٿا ۽ اهي ان سان مذاق ڪن ٿا |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
انهن جون دليون غافل آهن، ۽ ظالم ڳجھيون ڳالهيون ڪري چوڻ لڳا ته ناهي هيءُ (پيغمبر) مگر توهان جهڙو بشر، ڇا پوءِ توهان ڏسڻ جي باوجود جادو وٽ وڃو ٿا |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
توهان فرمايو منهنجو رب هر ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جيڪا آسمان ۽ زمين ۾ آهي، ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
ڪڏهن اهي چون ٿا ته (اهو قرآن) پريشان خواب آهن، ڪڏهن چون ٿا ته ان کي پاڻ ڪريمن ٺاهيو آهي، ڪڏهن چون ٿا ته اهو شاعر آهي، پوءِ ڀلي ته اهي ڪا نشاني آڻن جيئنڪِ پهريان پيغمبر (معجزن سان) موڪليا ويا |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
انهن کان اڳ وارن ڳوٺاڻن به (معجزا ڏسي) ايمان نه آندائون (پوءِ) اسان انهي کي هلاڪ ڪيو، ڇا پوءِ اهي ايمان آڻيندا (قطعاً نه) |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ توهان کان اڳ ۾ نه موڪليا اسان مگر مرد جن ڏانهن وحي موڪلي ويندي هئي پوءِ توهان اهلِ ڪتاب جي عالمن کان معلوم ڪريو جيڪڏهن توهان نٿا ڄاڻو |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ انهن جو اسان اهو جسم نه بنايو جيڪي طعام نه کائن ۽ نه اسان انهن کي اهڙو بنايو جيڪي هميشه رهندڙ هجن |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
ان کان پوءِ اسان پنهنجو وعدو سچو ڪيو، پوءِ اسان انهن کي نجات ڏني ۽ انهن ماڻهن کي به نجات ڏني جن کي اسان چاهيو ۽ اسان اسراف ڪندڙن کي هلاڪ ڪيو |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
تحقيق اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم نازل فرمايو جنهن ۾ توهان جو ذڪر آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا جيڪي ظالم هئا ۽ اسان انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ انهن جڏهن اسان جو عذاب محسوس ڪيو ته ان وقت اهي (عذاب الاهي کان) ڀڄڻ لڳا |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
توهان نه ڀڄو ۽ توهان انهن نعمتن ڏانهن موٽي وڃو جيڪي توهان کي ڏنيون ويون ۽ پنهنجي گھرن ڏانهن موٽي وڃو ته شايد توهان کان پڇيو وڃي |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
انهن چيو هاءِ اسان کي افسوس آهي بيشڪ اسين ظالم هئاسين |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
پوءِ اهي هميشه ايئن چوندا رهندا، ايستائين جو اسان انهن کي لوڻيل پوک (۽) باه وانگر اُجھائي ڇڏينداسين |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ اسان آسمان ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي ڪجھه پيدا ڪيو آهي اهو لعب (بيڪار) ڪري پيدا نه ڪيو آهي |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏهن اسين راند روند چاهيون ها ته پنهنجي شان وٽان پاڻ ڪريون ها، جيڪڏهن اسين ايئن ڪرڻ چاهيون ها |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
بلڪِ اسين حق کي باطل تي اڇلايون ٿا، پوءِ اهو ان جو ميڄالو ڪڍي ٿو، پوءِ ان وقت باطل تباه ٿيندڙ آهي، ۽ توهان لاءِ ويل آهي، جيڪو ڪجھه توهان الله ڏانهن منسوب ڪريو ٿا |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
۽ الله تعالى لاءِ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ ملائڪ مقرب الله تعالى جي عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ اهي نٿا ٿڪجن |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
رات ۽ ڏينهن الله تعالى جي تسبيح پڙهن ٿا (۽) اهي سستي نٿا ڪن |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا انهن زمين مان معبود بنايا آهن ته اهي ڪجھه پيدا ڪن ٿا |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏهن (بالفرض) زمين ۽ آسمان ۾ الله تعالى کانسواءِ ٻيو معبود هجي ها ته ضرور زمين آسمان ۾ فساد برپا ٿئي ها، پوءِ عرشِ عظيم جو رب پاڪ آهي انهن ڳالهين کان جيڪي اهي چون ٿا |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
جيڪو ڪجھه الله ڪري ٿو ان کان نٿو پڇيو وڃي ۽ انهن کان سوال پڇيو ويندو |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا انهن الله تعالى کانسواءِ معبود بنايا آهن، رسولِ عربي توهان (انهن کي) فرمايو ته توهان پنهنجا دليل آڻيو، هيءُ منهنجي امت جو ذڪر آهي ۽ اڳين امتن جو ذڪر آهي، بلڪِ انهن مان گھڻا حق کي نٿا ڄاڻن، پوءِ اهي مُنهن موڙيندڙ آهن |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ اسان توهان کان اڳ ۾ ڪو رسول نه موڪليو مگر انهيءَ ڏانهن اسان وحي موڪلي ته اسان کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي پوءِ توهان (فقط) منهنجي عبادت ڪريو |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ اهي چون ٿا ته رحمان پنهنجي لاءِ پٽ بنايو آهي. الله تعالى انهيءَ کان پاڪ آهي، بلڪِ ملائڪ سندس مڪرم بندا آهن |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
جيڪي الله تعالى جي حڪم کان اڳرائي نٿا ڪن ۽ اهي الله جي حڪم جي تعميل ڪن ٿا |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
الله تعالى انهن جا اڳيان ۽ پويان احوال ڄاڻي ٿو ۽ اهي نٿا شفاعت ڪن، مگر انهيءَ لاءِ جنهنکي الله تعالى پسند ڪيو ۽ اهي الله تعالى جي خوف کان سخت ڊڄندڙ آهن |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ انهن (ملائڪن) مان جيڪو چوي ته آئون الله کانسواءِ معبود آهيان، پوءِ اسين ان کي جهنم جي جزا ڏينداسين، اسين ظالمن کي اهڙي طرح جزا ڏيندا آهيون |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڇا ڪافر نٿا ڄاڻن ته بيشڪ آسمان ۽ زمينون (پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان) مليل هئا پوءِ اسان انهن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪيو ۽ اسان هر جاندار شيءِ کي پاڻي مان پيدا ڪيو، ڇا پوءِ اهي ايمان نٿا آڻن |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ اسان زمين ۾ جبل پيدا ڪيا ته متان زمين انهن کي لوڏي ۽ اسان انهيءَ ۾ ڪشادا رستا پيدا ڪيا ته من اهي پنهنجي منزلن تي پهچن |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو، ۽ اهي (ڪافر) رب جي نشانين کان مُنهن موڙيندڙ آهن |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ الله تعالى اهو آهي جنهن رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيا، هر هڪ پنهنجي فلڪ (دائري) ۾ آرام سان هلن ٿا |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ توهان کان اڳ ۾ ڪنهن انسان کي اسان (هن دنيا ۾) هميشه نه رهايو آهي، ڇا پوءِ توهان وصال ڪندا ۽ اهي (ڪافر) هميشه رهندڙ آهن |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
هر هڪ نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، ۽ اسين توهان کي خير ۽ شر سان چڱيءَ طرح آزمايون ٿا، ۽ توهان (سڀئي) اسان ڏانهن موٽايا ويندا |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ توهان کي جڏهن اهي ڪافر ڏسن ٿا ته اهي توهان سان مذاق ڪن ٿا (چون ٿا) ڇا هي اهو شخص آهي جيڪو اسان جي بتن جا عيب ڪڍي ٿو، ۽ اهي رحمان جي ذڪر کان انڪار ڪندڙ آهن |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
انسان کي تڪڙ مان پيدا ڪيو ويو، اسين جلدي توهان کي عذاب ڏيکارينداسين پوءِ توهان تڪڙ نه ڪريو |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ اهي چون ٿا ته وعدو (عذاب جو) ڪڏهن ايندو، جيڪڏهن توهان (رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام) سچا آهيو |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
جيڪڏهن اهي ڪافر اهو وقت ڄاڻن ها جڏهن اهي پنهنجي مُنهن ۽ پنهنجي پُٺن تان باه لاهي نه سگھندا ۽ نه ئي انهن جي مدد ڪئي ويندي |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
بلڪِ انهن وٽ (عذاب) اوچتو ايندو پوءِ (عذاب) انهن کي حيران ڪري ڇڏيندو، پوءِ نه ان جي موٽائڻ جي طاقت رکي سگھندا ۽ نه ئي کين مهلت ڏني ويندي |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ توهان کان اڳين پيغمبرن تي به مذاق ڪئي وئي، پوءِ (نيٺ) انهن تي اهو عذاب نازل ٿيو جنهن جي اهي مذاق ڪندا هئا |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
رسولِ عربي توهان فرلايو ته رحمان کانسواءِ ٻيو ڪير آهي جيڪو توهان جي رات ۽ ڏينهن حفاظت ڪري ٿو، بلڪِ اهي پنهنجي رب جي ذڪر کان مُنهن موڙيندڙ آهن |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا انهن جا (اسان کان سواءِ) ڪي معبود آهن جيڪي انهن کي اسان کان بچائي سگھن، اهي ته پنهنجي وجودن جي حفاظت نٿا ڪري سگھن ۽ نه ئي اهي اسان جي عذاب کان پاڻ کي بچائي سگھن ٿا |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
بلڪِ اسان انهن جي ۽ انهن جي وڏن جي عمرين جو اندازو مقرر ڪيو، ايستائين جو انهن جون عمريون وڏيون ٿيون، ڇا اهي نٿا ڏسن ته بيشڪ اسين زمين کي ان جي ڪنارن کان کُٽايون پيا (مطلب ته رسولِ عربيءَ کي فتح ڏيون پيا) ڇا پوءِ اهي غالب آهن |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کي وحي رباني سان ڊيڄاريان ٿو، ۽ ٻوڙا (اهي ڪافر) ڪجھه نٿا ٻڌن، جڏهن انهن کي ڊيڄاريو وڃي ٿو |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن انهن وٽ توهان جي رب جي طرفان ڪو معمولي عذاب پهچي ته اهي ضرور چوندا هاءِ افسوس بيشڪ اسين ظالم هئاسين |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ قيامت جي ڏينهن اسين انصاف واري ترازو رکنداسين، پوءِ ڪنهن ماڻهوءَ تي ظلم نه ڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن آهر جي داڻي جيترو به عمل ڪيل هوندو ته اسين ان کي حاضر ڪنداسين ۽ اسين حساب ڪرڻ لاءِ ڪافي آهيون |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون کي تورات عطا ڪيو ۽ ان ۾ پرهيزگارن لاءِ روشني ۽ نصيحت هئي |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب کان اڻ ڏٺي خوف ڪن ٿا ۽ اهي قيامت کان سخت ڊڄندڙ آهن |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ هي قرآن ڪريم وڏي برڪت وارو آهي جيڪو اسان رسولِ عربي تي نازل فرمايو آهي، ڇا پوءِ توهان ان جا انڪاري آهيو |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان (حضرت) ابراهيم کي (جوان ٿيڻ کان) اڳ ۾ هدايت عطا ڪئي ۽ اسان کي ان جي صلاحيت جو علم هو |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏهن ابراهيم پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته هي ڪهڙا بت آهن جن جي توهان هميشه عبادت ڪريو ٿا |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
انهن چيو اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي ڏٺو |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
(حضرت) ابراهيم چيو بيشڪ توهان ۽ توهان جا پيءُ ڏاڏا صاف گمراهي ۾ آهيو |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
انهن چيو ڇا تو اسان وٽ حق آندو آهي يا تون مذاق ڪندڙن مان آهين |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
ابراهيم چيو بلڪِ توهان جو رب، آسمانن ۽ زمينن جو رب آهي جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ آئون ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندڙ آهيان |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ مون کي الله جو قسم آهي ته آئون توهان جي بتن لاءِ توهان جي وڃڻ کان پوءِ ضرور منصوبه بندي ڪندس |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ ابراهيم وڏي بت کانسواءِ ٻين بتن کي ڀڃي ڀورا ڪيو ته من اهي وڏي بت ڏانهن موٽن |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
انهن چيو هيءُ ڪم اسان جي معبودن سان ڪنهن ڪيو آهي، بيشڪ اهو ظالمن مان آهي |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
ڪن چيو اسان ٻڌو هو ته هڪ نوجوان انهن کي گھٽ وڌ ڳالهائيندو هو، ان کي ابراهيم چيو وڃي ٿو |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
انهن چيو پوءِ ان کي ماڻهن جي روبرو آڻيو ته من اهي گواهي ڏين |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
ماڻهن چيو (اي ابراهيم) ڇا تو پاڻ اسان جي معبودن سان هي ڪم ڪيو آهي |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
ابراهيم چيو بلڪِ اهو ڪم انهن سان سندن هن وڏي (بت) ڪيو آهي، پوءِ توهان انهن کان پڇو، جيڪڏهن اهي ڳالهائي سگھن ٿا |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ اهي پاڻ سمجھي ويا پوءِ اهي (پنهنجو پاڻ کي) چوڻ لڳا ته بيشڪ توهان ئي ظالم آهيو |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
ان کان پوءِ انهيءَ ڳالهه تان ڦري ويا. (۽ چوڻ لڳا) بيشڪ توکي (اي ابراهيم) معلوم آهي ته اهي ڳالهائي نٿا سگھن |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
ابراهيم چيو ڇا توهان الله کان سواءِ انهن (بتن) جي عبادت ڪريو ٿا جيڪي توهان کي ڪو نفعو ۽ ڪو نقصان نٿا پهچائي سگھن |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
توهان کي حيف هجي ڪهڙي سببان توهان الله تعالى کان سواءِ (بتن جي) عبادت ڪريو ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
انهن چيو ابراهيم کي باه ۾ ساڙيو ۽ توهان مدد وٺو پنهنجي معبودن جي جيڪڏهن توهان ايئن ڪندڙ آهيو |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
اسان فرمايو اي باه، تون ٿڌي ٿي وڃ ۽ تون ابراهيم تي سلامتي ڪر |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ انهن ابراهيم لاءِِ بُرائي چاهي ٿي، پوءِ اسان انهن کي ناڪام بنايو |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ اسان ان کي ۽ (حضرت) لوط کي ان زمين (شام) ڏانهن نجات ڏني جنهن ۾ اسان جهان وارن لاءِ برڪت پيدا ڪئي |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ اسان (حضرت) ابراهيم کي اسحاق (پٽ) عطا ڪيو، ۽ يعقوب (پوٽو) زياده ڪري عطا ڪيو، ۽ سڀني کي اسان صالح بنايو |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اسان انهن کي پيشوا بنايو، اهي اسان جي حڪم مطابق ماڻهن کي هدايت ڪندا هئا ۽ اسان انهن ڏانهن چڱن ڪمن جي ۽ نماز پڙهڻ جي ۽ زڪوات ڏيڻ جي وحي موڪلي، ۽ (اهي) اسان جي عبادت ڪندا هئا |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ (حضرت) لوط کي اسان حڪمت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اسان ان کي ان ڳوٺ مان نجات ڏني جيڪي برايون ڪندا هئا، بيشڪ اها قوم برائي ڪندڙ گنهگار هئي |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ اسان لوط کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ اهو صالحين مان هو |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ (حضرت) نوح کي اسان حڪمت ۽ علم عطا ڪيو انهيءَ کان اڳ ۾ نوح پنهنجي رب کي پڪاريو، پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي پوءِ اسان ان کي ۽ سندس اهل کي سختيءَ کان نجات ڏني |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ جنهن قوم اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو (انهن جي مقابلي ۾) اسان نوح جي مدد ڪئي، بيشڪ اهي خراب ماڻهو هئا. پوءِ اسان انهن سڀني کي غرق ڪيو |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ توهان (حضرت) داؤد ۽ سليمان جو ذڪر ڪريو جنهن وقت اهي هڪ پوک بابت فيصلو ڪري رهيا هئا، جنهن پوک ۾ هڪ قوم جي ٻڪرين رات جي وقت ڀيل ڪئي، ۽ اسين انهن جي فيصلي وقت موجود هئاسين |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
پوءِ اسان (صحيح فيصلو) (حضرت) سليمان کي سمجھايو، ۽ ٻنهي کي اسان حڪمت ۽ علم عطا ڪيو، ۽ اسان داؤد لاءِ جبل ۽ پکي مسخر بنايا جيڪي تسبيح پڙهندا هئا، ۽ اهي اسان جا ڪم هئا |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ اسان (حضرت) داؤد کي توهان جي لاءِ زرهن ٺاهڻ جو هنر سيکاريو، ان لاءِ ته توهان کي اهي (زرهون) حملي کان بچائن، ته ڇا پوءِ توهان (اڃان به) شڪرگذار نه ٿيندا. |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ اسان تيز هوا کي (حضرت) سليمان لاءِ مسخر بنايو جيڪا سندس حڪم سان ان زمين ڏانهن هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪت رکي آهي، ۽ اسان هر شيءِ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهيون |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ ڪجھه جِنّ اهڙا هئا جيڪي (حضرت) سليمان لاءِ ٽٻيون هڻي درياءَ مان (موتي) ڪڍندا هئا ۽ ڪي جِن ان کانسواءِ ٻيا به ڪم ڪندا هئا، ۽ اسين انهن لاءِ محافظ هئاسين |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ توهان (حضرت) ايوب جو ذڪر ڪريو جنهن وقت ان پنهنجي رب کي پڪاريو ته بيشڪ مون کي سخت تڪليف پهتي آهي ۽ تون ارحم الراحمين آهين |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ اسان (حضرت) ايوب جي دعا قبول ڪئي، پوءِ اسان سندس جيڪا به تڪليف هئي، سا دور ڪئي، ۽ اسان ان کي سندس ٻار ٻچا عطا ڪيا ۽ ايترا ٻيا به عطا ڪيا، اها اسان جي طرفان رحمت هئي ۽ اها نصيحت هئي عبادت ڪندڙن لاءِ |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ توهان (حضرت) اسماعيل ۽ (حضرت) ادريس ۽ (حضرت) ذوالڪفل جو ذڪر ڪريو، اهي سڀئي صبر ڪندڙن مان هئا |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ اسان انهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيو بيشڪ اهي صالحين مان هئا |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ توهان (حضرت) يونس جو ذڪر ڪريو، جڏهن پاڻ ڪاوڙ مان نڪتو پوءِ ان کي يقين هو ته اسين سندس مٿان ڪابه تنگي نه ڪنداسين پوءِ ان اسان کي اونداهين ۾ پڪاريو ته توکان سواءِ ڪوبه معبود ناهي، تون نهايت پاڪ آهين، بيشڪ آئون ظالمن مان آهيان |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ اسان ان جي دعا قبول ڪئي ۽ اسان ان کي غم مان نجات ڏني، ۽ اهڙي طرح اسين مؤمنن کي نجات ڏيون ٿا |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ توهان (حضرت) زڪريا جو ذڪر ڪريو جنهن وقت ان پنهنجي رب کي پڪاريو، ته اي منهنجا رب تون مون کي (اولاد کان سواءِ) اڪيلو ڪري نه ڇڏ ۽ تون بهترين وارث آهين |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اسان سندس اها دعا قبول ڪئي ۽ ان کي يحييٰ (پٽ) عطا ڪيو ۽ اسان ان جي گھر واري ۾ صلاحيت پيدا ڪئي، بيشڪ اهي سڀئي چڱاين ۾ تڪڙ ڪندا هئا ۽ اسان کي رغبت ۽ خوف سان پڪاريندا هئا، ۽ اهي اسان کان خوف ڪندڙ هئا |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ توهان بيبي مريم جو ذڪر ڪريو جيڪا پاڪ دامن هئي، پوءِ اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ اسان ان کي ۽ ان جي پٽ (حضرت عيسيٰ) کي جهانن وارن لاءِ نشاني بنايو |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ توهان جو هي دين هڪڙو دين آهي ۽ آئون توهان جو هڪ رب آهيان پوءِ توهان فقط منهنجي عبادت ڪريو |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
۽ انهن (يهودين) دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو، سڀئي اسان ڏانهن موٽندڙ آهن |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪري ٿو ۽ اهو مؤمن آهي، پوءِ سندس عمل رائگان نه ويندو ۽ بيشڪ اسين سندس عمل لکندڙ آهيون |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جن ڳوٺاڻن کي اسان هلاڪ ڪيو انهن لاءِ نا ممڪن آهي جو تحقيق اهي وري موٽي اچن |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
ايستائين جو جڏهن ياجوج ۽ ماجوج (ٻن قبيلن جا نالا آهن) کوليا ويندا ۽ اهي هر بلندي کان (هيٺائين ڏانهن فوراً) پکڙجي ويندا |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ سچو وعدو (قيامت جو) ويجھو آهي پوءِ ان وقت ڪافرن جون اکيون پٽجي وينديون، (پوءِ اهي چوندا) هاءِ. افسوس، بيشڪ اسين (دنيا ۾) انهيءَ کان بي خبر هئاسين بلڪِ اسين ته ظالم هئاسين |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
بيشڪ توهان الله تعالى کانسواءِ جن بتن جي عبادت ڪندا هئا اهي سڀ جهنم جو ٻارڻ ٿيندا، توهان ان دوزخ ۾ ڪرندڙ آهيو |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن اهي بت معبود هجن ها ته دوزخ ۾ نه ڪرن ها، ۽ سڀئي (ڪافر ۽ بت) دوزخ ۾ هميشه رهندا |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
انهن جون جهنم ۾ دانهون هونديون ۽ اهي انهيءَ ۾ ٻڌي نه سگھندا |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
بيشڪ جن ماڻهن لاءِ اسان جي طرفان ڀلائي لکجي وئي آهي، اهي جهنم کان گھڻو پري هوندا |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
اهي ان (جهنم) جو ڀڻڪوبه نه ٻڌندا، ۽ اهي پنهنجي پسنديده نعمتن ۾هميشه رهندا |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
انهن کي وڏو ڌماڪو (اسرافيل جي ڦوڪ) به پريشان نه ڪندو ۽ ملائڪ سندن استقبال ڪندا، هي اهو ڏينهن آهي جنهن جو توهان کي وعدو ڏنو ويو هو |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
ان ڏينهن اسين آسمان کي اهڙي طرح ويڙهينداسين جيئن ڪاغذ کي ڪتاب ۾ ويڙهيو ويندو آهي، جيئن اسان پهرئين دفعي ان کي پيدا ڪيو اهڙي طرح اسين ان کي موٽائينداسين، اسان جو اهو وعدو آهي، بيشڪ اسين ايئن ڪندڙ آهيون |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ بيشڪ اسان زبور ۾ ذڪر کان پوءِ لکيو آهي ته بيشڪ زمين جا وارث منهنجا صالح ٻانها ٿيندا |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
بيشڪ قرآن ڪريم اُمتِ محمديه لاءِ ڪافي آهي |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ نه موڪليو اسان توهان کي اي رسولِ عربي مگر سڀني جهانن لاءِ رحمت ڪري |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
توهان فرمايو مون ڏانهن وحي موڪلي وئي آهي ته توهان جو معبود فقط هڪ الله آهي. پوءِ ڇا توهان سمورا مسلمان ٿيو ٿا ؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
پوءِ جيڪڏهن اهي مُنهن موڙين پوءِ توهان فرمايو مون توهان کي صاف اعلان ڪري ٻڌايو آهي، ۽ آئون پنهنجي اندازي سان نٿو ڄاڻان ته قيامت ويجهي آهي يا پري آهي، جنهنجو توهان کي وعدو ڏنو ويو آهي |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ الله تعالى ظاهري ڳالهه کي ڄاڻي ٿو ۽ اها ڳالهه ڄاڻي ٿو جيڪا توهان (دل ۾) لڪايو ٿا |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آئون پنهنجي اندازي سان نٿو ڄاڻان ته متان اهي توهان لاءِ آزمائش ۽ ڪجھه وقت جو سامان هجي |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
رسولِ عربي عرض ڪيو اي منهنجا رب تون حق سان فيصلو ڪر، ۽ اسان جو رب رحمان آهي، جنهن جي مدد گھرجي ٿي، انهن ڳالهين لاءِ جيڪي توهان چئو ٿا |