اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻھن لاءِ سندن حساب ويجھو ٿيو آھي ۽ اُھي غفلت ۾ (رھي کانئس) منھن موڙيندڙ آھن. |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
سندن پالڻھار وٽان ڪا نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي پر اُن کي (ٺـٺوليءَ وانگر راند) کيڏندي ٻڌندا آھن. |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
سندن دليون وائڙيون آھن، ۽ ظالم ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ته ھي (پيغمبر) اوھان جھڙو ئي ماڻھو آھي، ۽ اوھين ڏسي وائسي جادوءَ کي ڇو ويجھا ويندا آھيو؟ |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
(پيغمبر) چيو ته منھنجو پالڻھار سڀ ڳالھ ڄاڻندڙ آھي (جا) آسمان ۽ زمين ۾ (جتي ھُجي)، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
بلڪ چيائون ته (اھو قرآن) اجايا خيالات آھن بلڪ اُن کي ٺاھ ٺاھيو اٿس بلڪ اُھو شاعر آھي، پوءِ جڳائي ته اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جھڙي طرح پھريان (پيغمبر) موڪليا ويا ھوا. |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
(ھائو) ڪوبه ڳوٺ جنھن کي اڳ ناس ڪيوسون تنھن (جي رھاڪن پنھنجن پيغمبرن تي) ايمان نه آندو ھو، پوءِ ھيءَ ايمان آڻيندا آھن ڇا؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ رڳا مرد موڪلياسون جن ڏانھن وحي ڪيوھوسون (چؤ ته) جيڪڏھن نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو. |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ اُنھن (پيغمبرن) جو جُسو اھڙو نه بڻايوسون جو طعام نه کائين ۽ نه سدائين رھڻ وارا ھوا. |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
وري ساڻن (پنھنجي) انجام کي سچو ڪيوسون پوءِ اُنھن کي ۽ جنھن لاءِ گھريوسون تنھن کي بچايوسون ۽ حد کان لنگھندڙن کي ناس ڪيوسون. |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
بيشڪ اوھان ڏانھن ھڪ ڪتاب نازل ڪيوسون جنھن ۾ اوھان لاءِ نصيحت آھي، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟ |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ ڪيترائي ڳوٺ جو اُھي ظالم ھوا ويران ڪياسون ۽ کانئن پوءِ ٻيو قومون پيدا ڪيون سون. |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ جنھن دم اسان جو عذاب سھي ڪيائون (تنھن دم) اُمالڪ اُتاھون اُٿي ڀڳا ٿي. |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(چيوسون ته) نه ڀڄو ۽ جن (نعمتن) ۾ آسودا ھُيؤ اُنھن ڏانھن ۽ پنھنجن گھرن ڏانھن موٽو ته مانَ اوھان کان پڇيو وڃي. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چوندا رھيا ته اسان لاءِ خرابي آھي بيشڪ اسين ظالم ھئاسون. |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
پوءِ سدائين سندن اھو پڪارڻ ھو تانجو کين لڻيل (۽) وسانيل ڪيوسون. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سا ڪا اسان راند نه بڻائي آھي. |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏھن اسان کي راند بڻائڻ (يعني ٻارن ٻچن) جو ڪو ارادو ھجي ھا ته ضرور اُنکي پاڻ وٽان وٺون ھا (يعني پاڻ جھڙا ڪريون ھا)، جيڪڏھن اسين ڪندڙ ھجون ھا (پر اسين ائين ڪندڙ نه آھيون). |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
بلڪ سچ کي ڪُوڙ تي اُڇليندا آھيون پوءِ اُھو سندن مٿو ڀڃندو آھي پوءِ اُنھيءَ مھل اُھو (ڪوڙ) چٽ ٿيندڙ آھي ۽ جيڪي (الله جون) وصفون اوھين بيان ڪندا آھيو تنھن سببان اوھان لاءِ خرابي آھي. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ جيڪي وٽس آھن سي سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي ٿڪبا آھن. |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
(اُھي) رات جو ۽ ڏينھن جو پاڪائي بيان ڪندا آھن سُست نه ٿيندا آھن. |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
زمين (جي شين) مان اھڙا معبود ورتا اٿن ڇا جو اُھي (مئي کانپوءِ کين) کڙو ڪندا؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏھن آسمان ۽ زمين ۾ الله کانسواءِ (گھڻا) معبود ھجن ھا ته (آسمان ۽ زمين) ٻئي اُجڙن ھا، پوءِ ڪافر جيڪو بيان ڪندا آھن تنھن (ڳالھ) کان عرش جو پالڻھار پاڪ آھي. |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
(الله) جيڪي ڪندو آھي تنھن بابت (اُھو) نه پڇبو ۽ اُنھن کان پڇا ڪبي. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
اُن کانسواءِ (ٻيا) معبود ڇا ورتائون؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته پنھنجو دليل آڻيو، ھي (قرآن) منھنجي سنگت جي نصيحت آھي ۽ (ھي) مون کان اڳ وارن جي نصيحت آھي (يعني توريت ۽ انجيل انھن مان دليل ڏيو) بلڪ انھن مان گھڻا حق کي نه ڄاڻندا آھن اُن ڪري اُھي مُنھن موڙيندڙ آھن. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ توکان اڳ جيڪو (به) پيغمبر موڪليوسون تنھن ڏانھن ھي ئي وحي ڪيوسون ته مون کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ چون ٿا ته الله (پنھنجي لاءِ) اولاد ورتو آھي اُھو پاڪ آھي، بلڪ (ملائڪ الله جا) سڳورا ٻانھا آھن. |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
ڳالھائڻ ۾ اُن کان آڳاٽائي نه ڪندا آھن ۽ سندس حُڪم موجب ڪم ڪندا آھن. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
جيڪي سندن اڳتان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (الله) جنھن کان راضي ٿئي تنھن کان سواءِ ٻئي لاءِ سفارش نه ڪندا آھن ۽ اُھي سندس ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن. |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ منجھائن جيڪو چوي ته آءٌ الله کان سواءِ معبود آھيان تنھن کي دوزخ جي سزا ڏينداسون، ظالمن کي اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون. |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڪافرن نه ڏٺو آھي ڇا ته آسمان ۽ زمين بند ٿيل ھوا؟ پوءِ انھن کي کوليوسون، ۽ سڀڪنھن جيئري شيء کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون، پوءِ ڇونه ايمان آڻيندا آھن؟ |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ زمين ۾ جبل پيدا ڪياسون ته متان کين ڌوڏي ۽ منجھس ويڪريون واٽون بڻايوسون ته مانَ اُھي واٽ لھن. |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ آسمان کي مُحڪم ڇت بڻائي سون، ۽ اُھي اُن جي نشانين کان مُنھن موڙيندڙ آھن. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ بڻايو، سڀڪو (تارو پنھنجي) آسمان ۾ ترندو آھي. |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ توکان اڳ ڪنھن ماڻھوءَ کي سدائين رھڻ وارو نه ڪيوسون، جيڪڏھن تون مُئين ته اُھي سدائين رھڻ وارا آھن. |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکڻ وارو آھي، ۽ اوھان کي مدائي ۽ چڱائي سان جاچڻ طرح پرکيندا آھيون، ۽ اسان ڏانھن موٽائبؤ. |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ جڏھن ڪافر توکي ڏسندا آھن تڏھن توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺندا آھن، (۽ چوندا آھن) ته ھيءُ اُھو آھي ڇا جيڪو اوھان جي معبودن (جي عيبن) جو ذڪر ڪندو آھي، ۽ اُھي الله ياد ڪرڻ کان انڪار ڪندا آھن. |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
ماڻھو اُٻھر مان بڻايو ويو آھي، سگھو پنھنجون نشانيون اوھان کي ڏيکاريندس پوءِ مون کان عذاب جلد نه گھرو. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُھو انجام ڪڏھن ٿيندو؟ |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
جيڪڏھن ڪافر اُن وقت کي ڄاڻن ھا جنھن مھل نڪي پنھنجن منھن ۽ نڪي پنھنجين پٺين کان باھ کي جھلي سگھندا ۽ نڪي کين مدد ڏبي (ته ائين نه چون ھا). |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
بلڪ (اھا گھڙي) وٽن اوچتو ايندي پوءِ کين حيران ڪندي پوءِ نڪي اُھا ٽاري سگھندا ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ توکان اڳ پيغمبرن سان ٺـٺوليون ڪيون ويون پوءِ منجھائن جن ٺـٺوليون ڪيون تن تي اُھو عذاب اُلٽيو جنھن سان ٺـٺوليون ڪندا ھوا. |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته رات ۽ ڏينھن ۾ ٻاجھاري (الله جي عذاب) کان ڪير اوھان جي نگھباني ڪندو آھي، بلڪ اُھي، پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندا آھن. |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
اسان کانسواءِ (بچائڻ وارا) ڪي معبود آھن ڇا جو انھن کي بچائيندا؟ اُھي پاڻ کي به مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي اُھي (ھڪ ٻئي جي مدد سان) اسان (جي عذاب) کان بچندا. |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
بلڪ کين ۽ پيءُ ڏاڏن کي آسودو ڪيوسون تان جو سندن ڄمار ڊگھي ٿي، پوءِ نه ٿا ڏسن ڇا ته (ڪافرن جي) مُلڪ کي اُن جي چوڌاريون (مسلمانن جي غلبي سان) گھٽائيندا آھيون؟ پوءِ اُھي غالب ٿيندا ڇا؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کي وحي سان ئي ڊيڄاريندو آھيان، ۽ جڏھن (ماڻھو) ڊيڄاريا ويندا آھن تڏھن ٻوڙو (ڊيڄارڻ جو) سڏ نه ٻڌندو آھي. |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ٿوروئي کين پھچي ته ضرور چون ته ھيء ارمان اسين ظالم ھواسون. |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ قيامت جي ڏينھن عدل جي ترازي رکندسون پوءِ ڪنھن جيءُ تي ڪجھ ظلم نه ڪبو، ۽ جيڪڏھن عمل اَھر جي داڻي جي تور ھوندو ته به اُن کي آڻينداسون، ۽ اسين حساب ڪندڙ بس آھيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ ۽ ھارون کي نبيريندڙ ڪتاب ۽ انھن پرھيزگارن لاءِ سوجھرو ۽ نصيحت ڏني سون. |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن ۽ اُھي قيامت کان (پڻ) ڊڄندڙ آھن. |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ ھي (قرآن) ھڪ برڪت واري نصيحت آھي جنھن کي نازل ڪيوسون، پوءِ به اوھين ان جا منڪر ٿيندا آھيو ڇا؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ ابراھيم کي اڳي سندس ھدايت ڏني سون ۽ کيس ڄاڻندڙ ھواسين. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ھي ڪھڙيون مورتون آھن جن تي اوھين ويھي عبادت ٿا ڪريو. |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
چيائين ته پنھنجا ابا ڏاڏا اُنھن جا پوڄيندڙ ڏٺاسون. |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
(ابراھيم) چيو ته بيشڪ اوھين پاڻ ۽ اوھان جا ابا ڏاڏا پڌريءَ گمراھيءَ ۾ آھيو. |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
چيائون اسان وٽ سچ آندو اٿئي يا تون راند ڪندڙن مان آھين؟ |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
(ابراھيم) چيو ته بلڪ اوھان جو پالڻھار اُھوئي آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار آھي جنھن اُھي بڻايا آھن، ۽ آءٌ اُن (ڳالھ) تي شاھدي ڏيندڙن مان آھيان. |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ الله جو قسم آھي ته اوھان جي پٺيري ٿي ڦرڻ کانپوءِ اوھان جي بتن جو ضرور ڪو حيلو ڪندس. |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ اُنھن کي سندن وڏي کانسواءِ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائين ته مانَ اھي ڏانھس موٽن. |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
چيائون ته اسان جي بُتن سان ڪنھن ھھڙو حال ڪيو؟ بيشڪ اُھو ظالمن مان آھي. |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
چيائون ته ھڪ جوان کان ٻڌوسون ته سندين گلا ٿي ڪيائين اُن کي ابراھيم سڏيندا آھن. |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
چيائون ته کيس ماڻھن جي اکين اڳيان آڻيو ته مانَ اُھي گواھي ڏين. |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
(جڏھن آندائون تڏھن) چيائون ته اي ابراھيم تو اسان جي بُتن جو ھي حال ڪيو آھي ڇا؟ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
(ابراھيم) چيو ته (نه) ! بلڪ اھو سندن ھن وڏي ڪيو آھي جيڪڏھن ڳالھائن ٿا ته کانئن پڇو. |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ پاڻ ڏانھن (سوچيندڙ ٿي) موٽيا پوءِ (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته بيشڪ اوھين پاڻ بي انصاف آھيو. |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ پنھنجا ڪنڌ اُونڌا ڪيائون، (چيائون) ته بيشڪ ڄاڻندو آھين ته ھي نه ڳالھائيندا آھن. |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
(ابراھيم) چيو ته الله کانسواءِ انھن کي پوڄيندا آھيو ڇا جيڪي اوھان کي نڪي نفعو پھچائيندا آھن ۽ نڪي اوھان کي نقصان پھچائيندا آھن. |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
اوھان کي ۽ جنھن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تنھن کي ڌِڪار ھُجي، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ڇا؟ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
چيائون ته اُن کي ساڙيو ۽ جيڪڏھن اوھين ڪي ڪرڻ گھرو ٿا ته پنھنجن بُتن جو ڀَلو وٺو. |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
(پوءِ باھ ۾ وڌائونس) چيوسون ته اي باھ ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي پؤ. |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ کيس ايذائڻ گھريائون تنھنڪري کين بلڪل ڇيئي وارو ڪيوسون. |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ ابراھيم کي اسحاق بخشيوسون، ۽ يعقوب (جو سندس پوٽو ھو) وڌيڪ (بخشيوسون)، ۽ سڀني کي صالح ڪيوسون. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ اُھي اھڙا امام ڪياسون جو اسان جي حُڪم موجب سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا ۽ انھن ڏانھن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز پڙھڻ ۽ زڪوٰة ڏيڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ اسان جي عبادت ڪندڙ ھوا. |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ لُوط کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون ۽ کيس اھڙي ڳوٺ وارن کان بچايوسون جو مدا ڪم ڪندا ھوا، ڇوته اُھي بڇڙي نافرمان قوم ھوا. |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ کيس پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھو صالحن مان ھو. |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ (اي پيغمبر) نوح (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن (اُنھن پيغمبرن کان) اڳ دُعا گھريائين تڏھن سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي وڏي اوکائيءَ کان بچايو سون. |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ کيس اھڙي قوم تي سوڀارو ڪيوسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، بيشڪ اُھي بڇڙي قوم ھوا تنھنڪري انھن مڙني کي ٻوڙيوسون. |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سليمان (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پوک بابت فيصلو ڪيائون جو ھڪ قوم جي ڌڻ رات جو منجھس ڀيل ڪئي ھئي، ۽ سندن حُڪم ڪرڻ وقت حاضر ھواسون. |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
تڏھن اُھو سليمان کي سمجھايوسون، ۽ ھر ھڪ کي حڪمت ۽ علم ڏنوسون، ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جو (ساڻس) تسبيح چوندا ھوا، ۽ (اسين ايئن) ڪرڻ وارا ھواسون. |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ دائود کي اوھان لاءِ زرھ بڻائڻ ھن لاءِ سيکاري سون ته اوھان کي اوھان جي لڙائي (جي نقصان) کان بچائي، پوءِ اوھين ڪي شڪر ڪندڙ آھيو ڇا؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سُليمان کي تِکو واءُ (تابع ڪري ڏنوسون) جو سندس حُڪم سان اھڙي زمين ڏانھن ھلندو ھو جنھن ۾ برڪت رکي سون، ۽ سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھيون. |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ ديوَن مان ڪي اھڙا (تابع ڪري ڏناسون) جي اُن لاءِ ٽٻندا ھوا ۽ اُن کانسواءِ ٻيو ڪم (به) ڪندا ھوا، ۽ سندن نگھبان ھواسون. |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ (اي پيغمبر) ايوب (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته مون کي ڏُک پھتو آھي ۽ تون (سڀني) کان تمام ٻاجھارو آھين. |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون پوءِ جيڪو کيس ڏک پھتو ھو سو لاٿوسون ۽ سندس گھر وارا کيس (ورائي) ڏناسون ۽ اُنھن جھڙا ساڻن گڏ پنھنجي ٻاجھ وٽان (ڏناسون) ۽ (ته) عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري ھجي. |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي (ياد ڪر)، ھر ھڪ صابرن مان ھو. |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ کين پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ اُھي صالحن مان ھوا. |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ مڇي واري (جي قصي) کي (ياد ڪر) جڏھن ھو (پنھنجي قوم) تي ڪاوڙجي ويو پوءِ (ذوالنون ائين) ڀانيو ته اسان جي مٿس ڪڏھن پڪڙ نه ھلندي پوءِ اونداھين ۾ دانھون ڪيائين ته توکان سواءِ ڪو معبود نه آھي تون پاڪ آھين، آءٌ گنھگارن مان آھيان. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس غم کان بچايوسون، ۽ اھڙي طرح مؤمنن کي بچائيندا آھيون. |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا (جو قصّو ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي ھيڪلو نه ڇڏ ۽ تون چڱو وارث آھين. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ سندس دُعا قبول ڪئي سون ۽ کيس يحيىٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ چڱو ڪيوسون، اُھي چڱاين ۾ آڳاٽائي ڪندا ھوا ۽ اسان کي اُميد ۽ ڀؤ ڪري سڏيندا ھوا، ۽ اسان کان ڊڄندڙ ھوا. |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ (انھيءَ زال جوقصّو ياد ڪر) جنھن پنھنجي اُگھڙ بچائي پوءِ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيوسون ۽ کيس ۽ سندس پٽ کي ساري جڳ لاءِ نشاني ڪئي سون. |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ اِھو اوھان جو دين ھڪ دين آھي، ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري منھنجي عبادت ڪريو. |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
۽ پنھنجي (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽُڪر ٽُڪر ڪيائون، سڀئي مون ڏانھن موٽندڙ آھن. |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن به ھوندو تنھنجي ڪوشش جي بي قدري نه ڪبي، ۽ اسين اُن لاءِ لکندڙ آھيون. |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جنھن ڳوٺ کي ناس ڪيوسون تنھن تي حرام ٿيل آھي ته وري موٽي ايندا اُھي. |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
تان جو جڏھن يَاجُوج ۽ مَاجُوج کي کولبو ۽ اُھي سڀڪنھن دڙي کان ڊوڙندا. |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ (جڏھن) سچو وعدو پھچندو تڏھن اوچتو ئي ڪافرن جو اکيون ٽڙي وينديون، (چوندا ته) ھَيءِ اَرمان بيشڪ ھن (حال) کان بي خبريءَ ۾ ھواسون بلڪ اسين ئي ظالم ھواسون. |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
اوھين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو سي دوزخ جو ٻارڻ آھيو، اُن ۾ اوھين گھڙندڙ آھيو. |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏھن اُھي (بُت) معبود ھجن ھا ته اُن (دوزخ) ۾ نه گھڙن ھا، ۽ مڙيئي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن. |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
منجھس انھن کي رڙيون ھونديون ۽ اُھي منجھس (ڪي) نه ٻڌندا. |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
جن لاءِ اڳي ئي اسان وٽ چڱائي (لکيل) آھي اُھي اُن (دوزخ) کان پري ڪبا. |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
(اُھي) اُن جي ڀڻڪ نه ٻڌندا، ۽ جنھن (عيش) ۾ سندن جيءُ (رھڻ) گھرندو تنھن ۾ اُھي سدائين رھندا. |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
کين تمام وڏو خوف ملول نه ڪندو ۽ کين مَلائڪ گڏبا، (۽ چوندن ته) ھيءُ اُھو ڏينھن آھي جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو. |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
جنھن ڏينھن آسمان کي ڪاغذ جي ويڙھيءَ وانگي ويڙھينداسون، جئن پھريون بڻايوسون (تئن) ان کي وري بڻائينداسون، اھو انجام اسان تي لازم آھي، اسين ڪرڻ وارا آھيون. |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون ته منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا. |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
ھن (قِصّي) ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ (مطلب جي) پورائي آھي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ (اي پيغمبر) توکي خاص جھانن جي رحمت لاءِ موڪليوسون. |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
چؤ ته مون وٽ ھن حُڪم کانسواءِ وحي نه ٿيندو آھي ته ھڪ الله کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ اوھين ڇونه حُڪم مڃيندڙ آھيو؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته اوھان سڀني کي (الله جي حڪم تي) ھڪ جھڙو خبردار ڪيم، ۽ جيڪو اوھان کي انجام ڏنو ويو سو نه ٿو ڄاڻان ته ويجھو آھي يا پري آھي. |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ الله ظاھري ڳالھ (به) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي اوھين لڪائيندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي. |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آءٌ نه ڄاڻندو آھيان ته متان اُھا ٺھرايل (دير) اوھان لاءِ پرک ھجي ۽ ھڪ وقت تائين (اوھان لاءِ) نفعو ھُجي. |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
(پيغمبر) چيو ته اي منھنجا پالڻھار سچو فيصلو ڪر، ۽ اسان جو پالڻھار ٻاجھارو آھي جيڪي اوھين بيان ڪندو آھي تنھن تي کانئس مدد گھري ويندي آھي. |