اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن لاءِ سندن حساب ويجهو ٿيو آهي مگر اهي غفلت ۾، منهن موڙي رهيا آهن. |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
سندن ڌڻيءَ وٽان جيڪا به نئين نصيحت وٽن اچي ٿي، ان کي راند ڪندي ٿا ٻڌن. |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
سندن دليون وائڙيون آهن ۽ اهي ظالم سس پس ڪندا آهن ته ”هي (رسول) ته اوهان جهڙو ئي ماڻهو آهي، پوءِ ڇا، ڏسي وائسي پيا جادوءَ ڏي وڃو؟“ |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
(رسول) چيو ته ”منهنجو پالڻهار آسمان خواهه زمين جي سڀ ڳالهه ڄاڻي ٿو ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.“ |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
بلڪ چون ٿا ته ”هي (قرآن) اجايا خيال آهن، بلڪ ٺاهه ٺاهيو اٿس، بلڪه هو شاعر آهي، کيس اسان وٽ ڪا اهڙي نشاني آڻڻ گهرجي، جهڙين سان اڳيان رسول موڪليا ويا هئا.“ |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
”کانئن اڳ جيڪي ڳوٺ ناس ڪيا هئاسون تن به ايمان ڪو نه آندو هو، پوءِ ڀلا هي ڪيئن ايمان آڻيندا؟“ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ توکان اڳ به رڳا مرد رسول بڻاياسون، جن ڏي وحي موڪليوسون، پوءِ جيڪڏهن نه ڄاڻندا هجو_ ته ڪتاب وارن کان پڇو. |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
اسان انهن جو جسم به اهڙو نه بنايو هو، جو طعام نه کائين_ نه اهي سدائين رهڻ وارا هئا. |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
پوءِ ساڻن انجام سچو ڪيوسون ۽ انهن کي خواهه جن کي گهريوسون، تن کي بچايوسون ۽ حد اڪرندڙن کي ناس ڪيوسون. |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
بيشڪ اوهان ڏانهن هي ڪتاب موڪليوسون، جنهن ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي، پوءِ ڇو نٿا پروڙيو؟ |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ ڪيترائي ظلم ڪندڙ ڳوٺ ناس ڪياسون ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيوسون. |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ جنهن مهل اسان جوعذاب سهي ٿي ڪيائون، تڏهن امالڪ اتان ٿي ڀڳا_ |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(چيوسون) ”ڀڄو نه، بلڪ انهن (نعمتن) ڏي موٽو، جن ۾ آسودا هئا، ۽ اوهان جي گهرن ڏانهن، ته مان اوهان کان پڇاڻو وٺجي.“ |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چيائون ”اسان لاءِ خرابي آهي، اسين بيشڪ ظالم هئاسون“ |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
پوءِ تيستائين سندن اها پڪار پئي هلي، جيستائين کين لابارو وڌل ۽ وساڻيل ڪري ڇڏيوسون. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
جيڪي به آسمان ۽ زمين ۽ سندس وچ ۾ آهي سو ڪو اسان کيڏيندي نه بڻايو آهي. |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏهن اسان کي کيل بنائڻ جو ارادو هجي ها، ته جيڪر ان کي پاڻ وٽان بڻايون ها. |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
بلڪ اسين ته سچ کي ڪوڙ سان ٽڪرائيندا آهيون، پوءِ اهو سندس مٿو ڀڃندو آهي ۽ ڪوڙ امالڪ چٽ ٿي ويندو آهي ۽ اوهين جيڪي وصفون بيان ڪندا آهيو تن سبب اوهان لاءِ ويل آهي. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو انهي جو آهي ۽ جيڪي وٽس آهن سي نڪي سندس عبادت کان هٺ ڪندا آهن، نڪي ٿڪبا آهن. |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
هو رات خواهه ڏينهن جو پاڪائي بيان ڪندا آهن ۽ سست نه ٿيندا آهن. |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا هنن زمين مان اهڙن کي بندگيءَ جو لائق بنايو آهي، جي کين وري جياريندا؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏهن آسمان ۽ زمين منجهه الله کانسواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق هجي ها، ته جيڪر ٻئي چٽ ٿين ها_ پوءِ تخت جو ڌڻي الله انهي کان پاڪ آهي، جيڪي هو ٿا بيان ڪن. |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
هو جيڪي ڪري ٿو، ان لاءِ کانئس پڇي نٿو سگهجي، پر انهن کان پڇاڻو وٺبو. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا، هنن ان کانسواءِ ڪي ٻيا بندگيءَ جا لائق بنايا آهن؟ چئو ته پنهنجا دليل پيش ڪريو_ هي ته منهنجي ساٿين لاءِ به نصيحت آهي ۽ مون کان اڳين لاءِ به نصيحت آهي پر منجهائن گهڻا حق کي نٿا ڄاڻن تنهن ڪري منهن ٿا موڙين. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ اسان توکان اڳ جيڪي به رسول موڪليا، تن ڏي اهو ئي وحي موڪليوسون، ته بيشڪ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جو لائق ناهي، ان ڪري منهنجي ئي بندگي ڪريو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ چون ٿا ته ”الله (به ڪن کي) پنهنجو اولاد بڻايو آهي، ”پر هو پاڪ آهي، بلڪ اهي ته سڳورا ٻانها آهن. |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
هو ڳالهائڻ ۾ ڪا به اڳرائي نه ڪندا آهن ۽ سندس حڪم موجب ڪم ڪندا آهن. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
هو سندن اڳيان پويان جيڪي به آهي سو ڄاڻي ٿو ۽ هو فقط انهن لاءِ شفاعت ڪندا آهن جنهن تي (الله جو) راضپو ٿئي ۽ هو سندس ڊپ کان ڊڄندا آهن. |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ انهن مان جيڪو چوندو ته الله کان سواءِ آءُ به بندگيءَ جو لائق آهيان، ته اهڙي کي دوزخ جي سزا ڏينداسون ۽ اسين ظالمن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا آهيون. |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڇا ڪافر اهو نٿا ڏسن، ته آسمان ۽ زمين گڏيل هئا، پوءِ اسان کين جدا ڪيو ۽ اسان پاڻيءَ مان هر ڪا جيئري شيءِ بنائي، پوءِ ڇو نٿا ايمان آڻين؟ |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ اسان زمين ۾ جبل پيدا ڪيا، ته انهن جي ڪري ڌڏي نه سگهي ۽ منجهس ويڪريون واٽون بنايوسون، ته من اهي واٽ لهن. |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ آسمان کي محڪم ڇت بنائي سون_ ته به هو اسان جي نشانين کان منهن پيا موڙين. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ هو اهو آهي، جنهن رات ڏينهن سج ۽ چنڊ بڻايو، هر ڪو هڪ آسمان ۾ پيو تري. |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
۽ توکان اڳ ڪنهن به ماڻهوءَ کي سدا رهندڙ نه ڪيوسون، پوءِ ڀلا جيڪڏهن تون مري وئين، ته هو ڪي سدا رهندا ڇا؟ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
هر شخص موت چکندو ۽ اسين اوهان کي بڇڙائي ۽ چڱائي سان جاچيون پرکيون پيا ۽ اوهين اسان ڏي ئي موٽندا. |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ ڪافر جڏهن به توکي ڏسندا آهن، ته توتي ٺٺوليون پيا ڪندا آهن_ ته ”ڇا، هي آهي جو اوهان جي سائين جو ذڪر ٿو ڪري؟“ ۽ اهي ئي الله جي ذڪر کان انڪار ڪندا آهن. |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
انسان اٻهرو بڻايل آهي- آءُ جلد ئي اوهانکي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندس- ان ڪر ي اٻهرائي نه ڪريو- |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ چون ٿا ته ”جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهو وعدو ڪڏهن ايندو؟“ |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
جيڪڏهن ڪافر انهي کي ڄاڻن ٿا، جڏهن نڪي هو سندن منهن وٽان باهه کي جهلي سگهندا، نڪي سندن پٺين وٽان ۽ کين ڪا به مدد نه ملندي. |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
بلڪ اها گهڙي وٽن اوچتو ايند ي۽ کين حيران بنائيندي، پوءِ نڪي ان کي ٽاري سگهندا ۽ نڪا کين ڪا به مهلت ڏبي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ توکان اڳ به رسولن تي مسخريون ٿيون هيون، پوءِ انهن مان جن مسخريون ڪيون، تن تي اهو عذاب پلٽجي پيو، جنهن بابت مسخريون ڪندا هئا. |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
چئو ان ٻاجهاري الله کان سواءِ رات خواهه ڏينهن ۾ ڪير ٿو اوهان جي نگهباني ڪري؟ بلڪ اهي سندن پالڻهار جي ياد ڪرڻ کان به منهن موڙيندڙ آهن. |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا، اسان کان سواءِ سندن ڪي ٻيا سائين آهن، جي کين بچائين ٿا؟ هو ته پنهنجي پاڻ جي به مدد نه ٿا ڪري سگهن، نڪي هو اسان کان بچي ٿا سگهن. |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
بلڪ اسان انهن (ڪافرن) ۽ سندن وڏن کي آسودو ڪيو، جنهن ڪري عمر سندن اچي ڊگهي ٿي آهي، پر ڇا، هو اهو ڏسن ئي ڪو نه ٿا ته اسين زمين سندس چئني طرفن کان گهٽائيندا پيا اچون؟ پوءِ سندن غلبو رهندو ڇا؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
چئو ته ”آءُ ته رڳو اوهان کي وحي سان ڊيڄاريان ٿو-“ پر جڏهن ماڻهن کي ڊيڄاربو آهي تڏهن ٻوڙا سڏ نه ٻڌندا آهن. |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جيڪڏهن هنن کي تنهنجي ڌڻيءَ جي عذاب مان ٿورو ئي پهچي ته جيڪر ضرور چون ته ”هاءِ افسوس! اسين ظالم هئاسون“ |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ قيامت ڏينهن انصاف جي ساهمي رکنداسون، پوءِ ڪنهن به شخص تي ڪو ظلم نه ڪبو_ ۽ جيڪڏهن (ڪو عمل) اهر جي داڻي آهر هوندو ته به ان کي آڻينداسون ۽ اسين حساب ڪرڻ لاءِ بس آهيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون کي نبيرو ڪندڙ چيز، سوجهرو ۽ انهن نيڪن لاءِ نصيحت ڏني. |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
جيڪي پنهنجي پالڻهار کان پرپٺ ڊڄن ٿا، هو قيامت کان پڻ ڊڄندڙ آهن. |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ هي ته هڪ برڪت واري نصيحت آهي جا لاٿي اٿئون_ ڇا، پوءِ به اوهين ان جا منڪر آهيو؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ابراهيم کي به سندس هدايت ڏني ۽ اسين کيس ڄاڻندڙ هئاسون. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏهن هن سندس پيءُ ۽ قوم کي چيو ته، ”هي مورتون ڇا آهن، جن تي اوهين ٿا ويهي بندگي ڪريو؟“ |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
چيائون ته ”اسان ته پنهنجن وڏن کي سندن بندگي ڪندي ڏٺو.“ |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
چيائين ”بيشڪ اوهين خواهه اوهان جا وڏا صفا گمراهيءَ ۾ آهيو.“ |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
چيائون ”اسان کي سچ ٿو چوين، يا چرچا ٿو ڪرين؟“ |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
چيائين ”بلڪ اوهان جو ڌڻي اهو آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي آهي، جنهن کين بڻايو آهي ۽ آءُ اوهان کي انهي جو اقرار ڪري، ٿو چوان. |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ خدا جو قسم! آءُ اوهان جي پٺ ڦيرڻ بعد اوهان جي بتن لاءِ ضرور ڪا رٿ رٿيندس.“ |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ انهن مان وڏي کان سواءِ ٻين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ته ڀل هو ڏانهس اچن- |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
چيائون ”اسان جي سائين سان هي حال ڪنهن ڪيو؟ اهو ته ڪو ظالم آهي.“ |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
ٻين چيو ”اسان هڪ جوان کي سندن پچار ڪندي ٻڌو هو، جنهن کي ابراهيم ٿا چون!“ |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
چيائون ”ڀلا کيس ماڻهن جي اکين اڳيان آڻيو، ته سڀ انهي جا شاهد بڻجن_“ |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
چيائين ”ابراهيم! ڇا اسان جي سائين سان هي ڪم تو ڪيو آهي؟“ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
چيائين ”بلڪ اهو ڪم ڪيو آهي هن سندن وڏي، پوءِ جيڪڏهن ڳالهائين، ته کانئن پڇو.“ |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
انهي تي هڪ ٻين ڏي مهاڙ ڪيائون ۽ چوڻ لڳا ”بيشڪ اوهين پاڻ ئي بي انصاف آهيو.“ |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ سندن ڪنڌ اونڌا ڪري چيائون ”توکي ته چڱيءَ طرح خبر آهي، ته هي ڪو نه ڳالهائيندا آهن!“ |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
چيائين ”تڏهن اوهين الله کي ڇڏي اهڙن جي ٿا بندگي ڪريو، جي نڪي اوهان کي ڪجهه به فائدو رسائيندا آهن، نڪي نقصان؟ |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
تف هجي اوهان تي ۽ انهن تي، جن جي اوهين الله کانسواءِ بندگي ٿا ڪريو! ڇا اوهان کي عقل آهي ئي ڪونه؟“ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
چوڻ لڳا ”جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته هن کي باهه ۾ وجهو ۽ پنهنجن سائين جي مدد ڪريو.“ |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
اسان چيو ”اي باهه! تون ابراهيم تي ٿڌي ۽ سلامتيءَ واري ٿي!“ |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
هنن کيس ٿي ايذائڻ چاهيو ته اسان وري کين ئي ٽوٽو پائيندڙ بنائي ڇڏيو. |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ ابراهيم ۽ لوط کي اهڙيءَ زمين ڏي بچائي آندوسون، جنهن ۾ جهانن لاءِ سڳورائي ڪئي سون. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ هن کي اسحاق بخشيو سون ۽ يعقوب به وڌيڪ_ ۽ انهن سڀني کي نيڪ بنايوسون. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ کين اهڙا اڳواڻ بناياسون، جي اسان جي حڪم سان سنئين واٽ ڏيکاريندا هئا ۽ هنن ڏانهن چڱن ڪمن ڪرڻ ۽ نماز قائم رکڻ ۽ زڪوات ڏيڻ جو حڪم موڪليوسون ۽ هو اسان جي بندگي ڪندڙ هئا. |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ اسان لوط کي ڏاهپ ۽ علم ڏنا ۽ کيس اهڙي ڳوٺ وارن کان بچايوسون جي برا ڪم ڪندا هئا_ بيشڪ اهي بڇڙي نافرمان قوم هئا. |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ هن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪيوسون، بيشڪ هو نيڪوڪار هو. |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن انهن کان اڳ نوح دعا گهري_ پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس خواهه سندس عيال کي وڏيءَ تڪليف کان ڇڏايوسون. |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ کيس اهڙي قوم تي فتح ڏني سون، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو هو_ بيشڪ اهي بڇڙي قوم هئا، تنهن ڪري انهن سڀني کي ٻوڙي ڇڏيوسون. |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سليمان کي (ياد ڪر) جڏهن هڪ پوک بابت ٿي فيصلو ڪيائون جنهن ۾ هڪ قوم جي ڌڻ رات جو ڀيل ڪئي هئي ۽ اسين سندن فيصلي کي ڏسي رهيا هئاسون. |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
پوءِ اهو سليمان کي سمجهايوسون ۽ سڀني کي ڏاهپ ۽ علم ڏنو سون ۽ دائود کي جبل ۽ پکي تابع ڪري ڏناسون جي پاڪائي بيان ڪندا هئا ۽ اسين ئي ائين ڪرڻ وارا هئاسون. |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ کيس اوهان لاءِ زره بنائڻ سيکاري سون ته اوهان کي تڪليف کان بچائي، پوءِ به توهان شڪر ڪريو ٿا يا نه؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سليمان لاءِ تکو واءُ (تابع ڪيوسون) جو سندس حڪم سان انهي زمين ڏي هلندو هو جنهن ۾ اسان برڪت رکي هئي_ ۽ اسين هر چيز کي ڄاڻون ٿا. |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ شيطانن مان اهڙا (تابع ڪياسون) جي هن لاءِ ٽٻيون هڻندا هئا ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪم به ڪندا هئا ۽ اسين سندن نگهبان هئاسون. |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ ايوب (کي ياد ڪر) جڏهن پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ته ”مون کي ڏاڍي تڪليف پهتي آهي ۽ تون سڀني کان ٻاجهارو آهين.“ |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس جيڪا تڪليف ر سيل هئي سا لاٿي سون ۽ سندس گهر وارا کيس ڏناسون ۽ انهن سان گڏ پنهنجي رحمت سان ٻيا به ڏناسون ته عبادت ڪندڙن لاءِ يادگيري هجي. |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اسماعيل، ادريس ۽ ذوالڪفل (کي ياد ڪر) هو سڀ صبر وارا هئا. |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ اسان کين پنهنجي ٻاجهه ۾ داخل ڪيو، بيشڪ هو نيڪو ڪار هئا. |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ مڇيءَ واري کي (ياد ڪر) جڏهن ڪاوڙ مان ڀرجي هليو، پوءِ ڀانيائين ٿي ته اسين مٿس پڪڙ نه ڪنداسون، پوءِ اونداهين ۾ دانهون ڪيائين ته ”توکان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي، تون پاڪ آهين، بيشڪ آءُ وڏو گنگهار آهيان.“ |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس غم کان ڇڏايوسون ۽ اسين مؤمنن کي ائين بچائيندا آهيون. |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا (کي ياد ڪر) جڏهن سندس پالڻهار کي پڪاريائين ته ”اي رب! تون مون کي اڪيلو نه ڇڏ ۽ تون سڀ کان سٺو وارث آهي.“ |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس يحيٰ بخشيوسون ۽ سندس زال کي سندس لاءِ نيڪ بنايوسون. هو چڱاين ۾ اڳرائي ڪندا هئا_ ۽ اسان کي اميد ۽ ڊپ سان پڪاريندا هئا ۽ اسان کان ڊڄندا هئا_ |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ انهي عورت (کي ياد ڪر) جنهن پنهنجي اوگهڙ بچائي، پوءِ ان ۾ پنهنجي روح مان ڦوڪيوسون ۽ ان ۽ سندس پٽ کي جهانن لاءِ نشاني بڻايوسون. |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ اوهان جو اهو دين هڪ ئي آهي، ۽ آءُ اوهان جو ڌڻي آهيان، ان ڪري منهنجي بندگي ڪريو. |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
هنن سندن (دين جي) ڪمن کي پاڻ ۾ ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو، پر سڀ اسان ڏانهن موٽندا. |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جنهن چڱا ڪم ڪيا ۽ هو مومن به هوندو، ان جي ڪوشش جي بيقدري نه ڪبي ۽ اسين تن لاءِ لکندڙ آهيون. |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽جن ڳوٺن کي ناس ڪيوسون، تن لاءِ وري موٽڻ حرام آهي. |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
تان جو جڏهن ياجوج ماجوج کي کولبو ۽ هو هر ڪنهن دڙي کان ڊوڙندا. |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ سچو وعدو پهچندو، تنهن وقت ڪافرن جون اکيون ٽڙي وينديون (چوندا) افسوس! اسين بيشڪ هن بي خبريءَ ۾ هئاسون، بلڪ اسين ته ظالم هئاسون. |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
اوهين خواهه اهي، جن جي اوهين الله کانسواءِ بندگي ٿا ڪريو سي دوزخ جو ٻارڻ آهيو، اوهين ان ۾ گهڙندا. |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏهن اهي بندگيءَ جا لائق هجن ها ته جيڪر انهي ۾ نه گهڙن ها ۽ سڀ منجهس سدائين هوندا. |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
هو منجهس ڪجهه به نه ٻڌندا. |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
بيشڪ جن لاءِ اسان وٽ اڳيئي چڱائي آهي اهي انهي کان پري ڪبا. |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
اهي سندس ڀڻڪ به نه ٻڌندا ۽ جنهن هنڌ سندن دل چاهيندي تنهن ۾ هو سدائين رهندا. |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
کين وڏي ڊپ جو فڪر نه هوندو ۽ کين ملائڪ ملندا- (چوندن) ”هي اهو ڏينهن آهي ، جنهن جو اوهان کي وعدو ملندو هو.“ |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
ان ڏينهن آسمان کي ائين ويڙهينداسون جيئن لکيل ڳالهين واري ڪاغذ يا پني کي ويڙهبو آهي، جيئن اسان پهريائين خلقڻ شروع ڪيو هو تيئن وري ڪنداسون، اهو اسان جو وعدو آهي ۽ اسين ائين ئي ڪنداسون. |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
اسان زبور ۾ نصيحت کان پوءِ لکيو آهي ته ”منهنجا نيڪ ٻانها زمين جا مالڪ بڻبا“ |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
بيشڪ انهي ۾ عبادت ڪندڙ قوم لاءِ سمجهاڻي آهي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
۽ اسان توکي خاص جهانن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي. |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
چئو ته مون کي فقط اهو ئي وحي ٿئي ٿو ته اوهان لاءِ سائين رڳو هڪ اڪيلو سائين آهي_ پوءِ ڇو نٿا حڪم مڃيندڙ ٿيو؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين ته چئو ته مون اوهان کي هڪجهڙو واقف ڪيو آهي ۽ مون کي خبر ناهي جيڪو وعدو اوهان کي ڏجي ٿو سو ويجهو آهي يا پري آهي. |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ هو ظاهري ڳالهاءُ به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻي ٿو. |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ مون کي خبر ناهي ته متان اها (دير) اوهان لاءِ پرک ۽ ڪجهه وقت تائين فائدو هجي. |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
(رسول) چيو ته ”اي منهنجا پالڻهار! تون سچ سان فيصلو ڪر_ ۽ اسان جو پالڻهار ٻاجهارو آهي_ اوهين جيڪي بيان ٿا ڪريو ان تي کانئس مدد گهري وڃي ٿي.“ |