اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ماڻهن کان سندن حساب وٺڻ وارو وقت ويجهو اچي پھتو آھي پر ھو غفلت ۾ پئجي ڪن لاٽار ڪري رھيا آھن. |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
انهن وٽ جڏھن به سندن پالڻهار جي طرف کان ڪا نئين نصيحت ايندي آھي ته ان کي مذاق طور ٻڌندا آھن. |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
انهن جون دليون غافل آھن، وري ھي ظالم پاڻ ۾ ويھي سُس پُس ڪندي چوندا آھن ته ھي شخص ته صفا توهان جھڙو ئي انسان آھي،ڇا پوءِ به اوھان ڏسي وائسي جادوءَ ۾ ڦاسو ٿا؟ |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
پيغمبر چيو ته منھنجو پالڻھار ته آسمان ۽ زمين جي هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. بيشڪ ھو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي. |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
ھي ماڻهو اھو به چون ٿا ته ھي قرآن ته اجايا خيال آھن، بلڪ ھن پيغمبر خود پنھنجي طرفان ٺاھي ورتا آھن. بلڪ ھي ماڻهو ته شاعر ئي آھي. کيس گهرجي ته اسان وٽ (اسان جي دعوى مطابق) ڪا نشاني آڻي جيئن اڳ ۾ ٻين رسولن کي نشانيون ڏيئي موڪليو ويو ھو. |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
حالانڪه انهن کان اڳ به ڪيترن ئي شھرن کي ايمان نه آڻڻ جي ڪري اسان تباهه ڪري ڇڏيو پوءِ ھي ماڻهو ڪيئن ايمان آڻيندا؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ اسان توکان اڳ به انسانن کي ئي رسول بنائي مٿن وحي موڪليندا ھئاسون، جيڪڏھن توھان کي خبر نه آھي ته ذرا علم وارن کان پڇا ڪريو. |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
اسان ته انهن رسولن کي اھڙو جسم ئي نه ڏنو ھو جيڪو کاڌي کان سواءِ ھلي سگهي ۽ اُھي ھميشه زنده رھڻ وارا به نه ھئا. |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
پوءِ اسان انهن سان ڪيل انجام کي سچو ڪري ڏيکاريو، انهن کي ۽ جن جن کي اسان چاھيو تن کي بچايو. پر حد کان لنگهندڙن کي تباهه ڪري ڇڏيو. |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
(اي انسانو!) بيشڪ اسان توھان ڏي ھڪ ڪتاب موڪليو آھي جنھن ۾ توھان لاءِ ئي نصيحت آھي. پوءِ توھان عقل کان ڪم ڇو نٿا وٺو؟ |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ اسان ڪيترن ئي ظالم شھرن کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻين قومن کي پيدا ڪيو. |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
پوءِ جڏھن انهن (پنھنجي برن عملن جي ڪري) اسان جو عذاب ايندي ڏٺو ته اتان وٺي ڀڄڻ لڳا. |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(اسان کين چيو ته) توھان نه ڀڄو بلڪه پنهنجي گهرن ڏي موٽي وڃو جتي توھان کي ھر قسم جي عيش جو سامان مليل ھو ته جيئن توھان کان پڇاڻو ٿئي. |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
(ھاڻي) ھو چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ ته وڏو ويل ٿي ويو. بيشڪ اسان ئي پنھنجي جَانِيُن تي ظلم ڪندڙ ھئاسين. |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
پوءِ آخر تائين انهن جو اھو ئي روئڻ ھو، ايستائين جو اسان کين لُڻيل وَل وانگر ڪري ڇڏيو ۽ هُو ايئن ٿي ويا جيئن وساميل باهه جو ڪو منظر ھجي. |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
(توھان اھو سمجهي ڇڏيو ته) اسان آسمان، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رھندڙ مخلوق کي کيل تماشي طور نه بنايو آھي. |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جيڪڏھن اسان کي کيل تماشي جو خيال ھجي ھا ۽ واقعي اسان کي ايئن ئي ڪرڻو هو ته اسان پاڻ وٽان ئي اهو ڪري سگهون پيا. (پوءِ سموري مخلوق کي هڪ مضبوط نظام ۾ پيدا ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي هئي؟) |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
۽ اسان ڪوڙ تي سچ جا ڌَڪ ھڻندا رهندا آھيون پوءِ ان جو مٿو چٿجي ويندو آھي ۽ ان ئي وقت اُھو چٽ ٿي ويندو آھي. توھان جيڪو ڪجهه گهڙيو ٿا ان جي ڪري توھان جي لاءِ عذاب آھي. |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آھي اهو ان جو آھي ۽ ان وٽ جيڪا به مخلوق آھي سا ڪڏھن به عبادت کان وڏائي نه ڪندي آھي ۽ نه ئي هُو عبادت کان ٿڪجندي آھي. |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
(بلڪ) هُو رات ڏينھن عبادت ۾ لڳل هوندي آهي ۽ ڪڏھن به ساھي نه پٽيندي آهي. |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا انهن ماڻهن زمين مان اھڙن ماڻهن کي عبادت جي لائق بنايو آھي جيڪي کين جيئرو ڪري اٿاريندا؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪڏھن آسمانن ۽ زمين ۾ اللھ تعالى کان سواءِ ٻيا به ڪير معبود ھجن ھا ته انهن ٻنهي جو نظام فساد جي وَر چڙھي وڃي ھا. ڪافر جيڪو بيان ڪن ٿا تنھن کان عرش جو مالڪ اللھ تعالى پاڪ آھي. |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
اللھ تعالى جيڪو ڪجهه ڪري ٿو ان کان ڪير به پڇاڻو نٿو ڪري سگهي، ھا باقي ماڻهن کان پڇاڻو ضرور ٿيندو. |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا انهن ماڻهن اللھ تعالى کي ڇڏي ٻيا معبود ٺاھي ورتا آھن؟ (اي نبيﷺ! کين) چؤ ته توھان پنھنجو دليل پيش ڪريو. ھي قرآن ته منھنجي ساٿين ۽ اڳ گذري ويل ماڻهن جي لاءِ هڪ نصيحت آھي پر انهن مان گهڻا ماڻهو حق ڳالھ کي سمجهڻ کان سواءِ ئي منھن موڙين ٿا. |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ جيڪي رسول موڪليا ھئا تن سڀني کي اھائي وحي موڪلي وئي ھئي ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي، تنھنڪري منھنجي ئي عبادت ڪريو. |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ ھي ماڻهو چون ٿا ته اللھ تعالى کي اولاد آھي. اُھا ذات (اھڙن رشتن کان) پاڪ آھي (توھان جن کي اولاد سمجهو ٿا) اُھي ته عزت وارا ٻانها آھن. |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
ھي ٻانها اُن (اللھ) جي سامهون ڳالهائڻ ۾ اڳرائي نه ڪندا آھن. ھو صرف ان جي حڪم تي عمل ڪندا آھن. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
ھو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه مخلوق جي سامهون آھي ۽ جيڪو ڪجهه ان کان ڳجهه ۾ آھي. اهي نيڪ ٻانها صرف انهن ماڻهن جي سفارش ڪندا آهن جن کان اللھ تعالى راضي ھجي ۽ ھو خود سندس خوف کان ڊڄندا آھن. |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
۽ انهن ٻانهن مان جيڪو ھي چوندو ته اللھ تعالى کان سواءِ مان به معبود آھيان ته ان کي اسان جھنم جي سزا ڏينداسين. ظالمن کي اسان اھڙي ئي سزا ڏيندا آھيون. |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڇا ڪافرن (تجرباتي طور تي) غور نه ڪيو آهي ته بيشڪ آسمان ۽ زمين ٻئي پاڻ ۾ مليل ھئا، پوءِ اسان انهن ٻنهي کي جدا ڪيو ۽ ھر زنده شيءِ کي اسان پاڻي مان ٺاھيو آھي. ڇا پوءِ به ھو نٿا مڃين؟ |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
اسان زمين ۾ جبل کوڙيا ته جيئن زمين انهن کي لوڏا نه کارائي ۽ ان ۾ ويڪرا رستا بنايا ته جيئن ماڻهو سفر ۾ صحيح رستا اختيار ڪري سگهن. |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ اسان آسمان کي محفوظ ڇت بنايو پوءِ به ھي ماڻهو اهڙين (واضح) نشانين کان منھن موڙين ٿا. |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
اللھ تعالى جي ذات اُھا آھي جنھن رات، ڏينھن، سج ۽ چنڊ بنايا ۽ اھي سڀ شيون پنھنجي پنھنجي دائري ۾ گردش ڪري رهيون آهن. |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
(اي نبيﷺ!) اسان توکان اڳ به ڪنھن انسان کي ھميشه واري زندگي نه ڏني آھي. جيڪڏھن تون وفات ڪري وڃين ته ڇا ھي ماڻهو ھميشه زنده رھندا؟ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
ھر زنده شيءِ کي موت جو مزو چکڻو آھي ۽ اسان توھان کي ڏکن ۽ خوشين جي ذريعي آزمايون ٿا. توھان اڳي پوءِ اسان ڏي ئي موٽايا ويندا. |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
ڪافر جڏھن توکي ڏسندا آھن ته ٽوڪون ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته: ڇا ھي اھو ماڻهو آھي جيڪو توھان جي معبودن جي باري ۾ ڳالھائيندو وتي ٿو ؟ ۽ وري ھي خود اللھ تعالى جي ذڪر جا انڪاري آھن. |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
انسان طبيعت جي لحاظ کان وڏو جلدباز آھي. توھان جلدي نه مچايو. مان توھان کي پنھنجيون نشانيون (وقت اچڻ تي) ڏيکاريندس. |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
ھي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏھن تون سچو آھين ته پوءِ اھو ڪيل وعدو ڪڏھن ايندو؟ |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
ڪاش! جيڪڏھن ڪافرن کي ان وقت جي خبر ھجي ھا جڏھن ھو پنھنجي چھرن ۽ پٺين کي (دوزخ جي) باهه کان هرگز نه بچائي سگهندا ۽ نه ئي کين ڪا مدد ملي سگهندي (ته جيڪر ھي ماڻهو اِھي لفظ هرگز نه چون ھا) |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
بلڪ اھا آفت ته مٿن اچانڪ ايندي ۽ کين وائڙو ڪري ڇڏيندي، ان کي روڪڻ جي کين ذرا به طاقت نه ھوندي ۽ نه ئي کين مھلت ڏني ويندي. |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
(اي نبيﷺ!) توکان اڳ به رسولن سان مذاق ڪيو ويو ھو پوءِ جن به اھو مذاق ڪيو ۽ جنھن شيءِ جي به مذاق ڪئي وئي، سا مٿن اچي قهر بڻجي ڪڙڪي. |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
(اي نبيﷺ!) انهن کي چؤ ته توھان کي رات ۽ ڏينھن جو اللھ تعالى جي پڪڙ کان ڪير ٿو بچائي سگهي؟ پوءِ به ھي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي نصيحت کان منھن موڙين ٿا. |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا انهن جا ڪي معبود آھن جيڪي کين اسان کان بچائي وٺندا. ھي معبود ته پنھنجي مدد نٿا ڪري سگهن ۽ نه ئي هُو پاڻ کي اسان کان بچائي سگهن ٿا. |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
(ڳالھ اصل ۾ ھي آھي ته) اسان انهن کي ۽ انهن جي وڏڙن کي تمام گهڻو مالدار ڪندا رھياسين ۽ کين عمريون به ڊگهيون ڏنيون سين پوءِ به ھي نٿا ڏسن ته زمين (۾ رھندڙن جي حالات) کي اسان مختلف طرفن کان گهٽائيندا رھون ٿا (يعني انهن جي مٿان اميري ۽ غريبي آڻيندا رھون ٿا) پوءِ ڇا ھي ماڻهو غالب ٿيندا؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
کين چؤ ته بيشڪ مان توھان کي وحي جي ذريعي ڊيڄاريان ٿو ۽ جڏھن به انهن کي خبردار ڪيو ويندو آھي ته هو ٻوڙن وانگر ٻڌندا ئي نه آھن. |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
جيڪڏھن انهن تي تنھنجي پالڻھار جي عذاب مان ھلڪو عذاب به ايندو ته هي ضرور چوندا ته ھاءِ اسان جي بربادي! بيشڪ اسان ئي ظالم ھئاسين. |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
قيامت جي ڏينھن اسان انصاف واري تارازي رکنداسين ۽ ڪنھن تي ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ اسان سرنھن جي داڻي برابر به ھر ماڻهوءَ جي عمل کي حاضر ڪنداسين ۽ اسان ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آھيون. |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ اسان موسى ۽ ھارون (ؐ) کي پرھيزگار ماڻهن لاءِ پرک ڪرڻ، روشني ۽ نصيحت تي ٻڌل ڪتاب ڏنو. |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
(پرھيزگار ماڻهو ئي) پنھنجي پالڻھار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا ۽ هو ھر وقت قيامت جي گهڙي جو خوف به رکن ٿا. |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
ھي قرآن ته ھڪ برڪت ڀرئي نصيحت آھي جنھن کي اسان ئي نازل ڪيو آھي ته پوءِ به توھان ان کي مڃڻ کان انڪار ڪندا؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ ھن کان پھريائين اسان ابراھيم ($) کي ھدايت ڏني ۽ کيس چڱي طرح سڃاڻون پيا. |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
جڏھن ھن پنھنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته ھي ڪھڙي قسم جا مجسما آھن جن جي اڳيان توھان عزت سان نوڙي ويھو ٿا؟ |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
انهن (جواب ۾) چيو ته اسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي ڏٺو آهي. |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
ابراھيم ($) چيو، پوءِ ته توھان جا ابا ڏاڏا وڏي گمراھيءَ ۾ پيل ھئا. |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
انهن چيو ته تون اسان کي واقعي سچ ٿو چئين يا ڀوڳن ۾ ٿو چئين. |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
ابراھيم ($) چيو ته: توھان جو اصل ۾ پالڻھار ته اھوئي آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار ۽ انهن جو پيدا ڪندڙ آھي ۽ مان خود ان ڳالھ جي توھان جي سامهون شاھدي ڏيان ٿو. |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
الله تعاليٰ جو قسم! مان توھان جي غيرموجودگي ۾ ضرور انهن (بتن) جي خلاف ڪارروائي ڪندس. |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ موقعو ملڻ تي هڪ وڏي بُت کي ڇڏي هن باقي ٻين سڀني بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو ته جيئن ماڻهو اچي وڏي بت سان رابطو ڪن. |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
مشرڪن چيو ته اسان جي معبودن جو ھي حشر ڪنھن ڪيو آھي؟ بيشڪ اهو ته ڪو وڏو ظالم ماڻهو آھي. |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
انهن (مان ڪن) ماڻهن چيو ته اسان ابراھيم نالي ھڪ نوجوان کي انهن بتن جي باري ۾ ڳالھائيندي ٻڌو آهي. |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
انهن (وڌيڪ) چيو ته چڱو کيس ماڻهن جي سامهون وٺي اچو ته جيئن هُو (اُن تي) شاھدي ڏين. |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
(ابراھيم $ کي آندو ويو) ماڻهن پڇيو ته اي ابراھيم! ڇا تون اسان جي معبودن سان ھي حشر ڪيو آھي؟ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
ابراھيم چيو ته: اھو ڪم ته انهن جي وڏي ئي ڪيو ھوندو. جيڪڏھن ھي ڳالھائين ٿا ته انهن کان ئي پڇا ڪري وٺو. |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
پوءِ پنھنجو پاڻ ڏي سوچيندي چيائون ته بيشڪ توھان ئي ته خود ظالم آھيو. |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پوءِ سندن مٿا شرم وچان جهڪي ويا ۽ ( ابراھيم $ کي) چيائون ته توکي خبر آھي ته ھي بت نه ڳالھائيندا آھن. |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
ابراھيم ($) چيو ته پوءِ به توھان اللھ تعالى کي ڇڏي اھڙن جي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي توھان کي ڪوبه نفعو ۽ نقصان نٿا پھچائي سگهن. |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
حيف آھي! توھان تي ۽ ھنن تي جن جي توھان اللھ تعالى کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا. پوءِ به توھان عقل کان ڪم نٿا وٺو. |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
پوءِ پاڻ ۾ ھڪ آواز ٿي چيائون ته جيڪڏھن توھان کي ڪجهه ڪرڻو آھي ته بس! پنھنجي معبودن کي بچايو ۽ ھن کي باهه ۾ ساڙي ڇڏيو. |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
(انهن واقعي ابراھيم $ کي باهه جي وڏي آڙاهه ۾ اڇلايو پر) اسان حڪم ڪيوسين ته اي باهه! تون ابراھيم $ جي لاءِ ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿيءُ (يعني ايئرڪنڊيشن ٿي وڃ) |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
انهن مشرڪن (ابراھيم $ کي) نقصان پھچائڻ جو ارادو ڪيو پر اسان کين ناڪام بڻايوسين. |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
پوءِ اسان ابراھيم ۽ لوط (ؐ) کي بچائي ان سرزمين ڏانھن وٺي وياسون جتي اسان دنيا وارن لاءِ برڪتون رکيون آھن. |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
اسان (ابراھيم $ کي) اسحاق پُٽ عطا ڪيو ۽ وري ان کان پوءِ يعقوب (پوٽي طور) عطا ڪيو ۽ سڀني کي اسان نيڪوڪار بنايوسين. |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
اسان انهن سڀني کي اڳواڻ بنايو پوءِ ھو اسان جي ھدايت مطابق ماڻهن جي رھنمائي ڪندا ھئا ۽ اسان کين نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ، نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ادا ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ ھو ھميشه اسان جي ئي عبادت ڪندا ھئا. |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
اھڙيءَ طرح اسان لوط ($) کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو هو ۽ کيس اُن شھر مان ڪڍي بچايو جن جا رھندڙ بدڪاريون ڪندا ھئا. بيشڪ اھا تمام بري ۽ وڏي گناھگار قوم ھئي. |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
پوءِ اسان کيس پنھنجي خاص رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ ھو نيڪوڪارن مان ھو. |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ نوح $ جي واقعي کي ياد ڪر. جڏھن ھن انهن (پيغمبرن) کان اڳ دعا گهري ھئي ته اسان سندس دعا کي قبول ڪيو. پوءِ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي وڏي تڪليف کان نجات ڏياري. |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ اسان سندس اھڙي قوم جي مقابلي ۾ مدد ڪئي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. بيشڪ اھا ھڪ بري قوم ھئي. پوءِ اسان انهن سڀني کي (پاڻي ۾ ) غرق ڪري ڇڏيو. |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سليمان (ؐ) جي واقعي کي (به) ياد ڪر. جڏھن ھڪ قوم جي ماڻهن جون ٻڪريون رات جو ٻي قوم جي ماڻهن جو فصل ڀيلائي ويون ته ھو ٻئي ڄڻا فصل ڀيلائڻ واري معاملي جي باري ۾ فيصلو ڪري رھيا ھئا ته اسان جي سندن فيصلي تي نگاهه ھئي. |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
پوءِ ان معاملي جو صحيح فيصلو اسان سليمان ($) کي سمجهايو ۽ اسان ئي انهن ٻنهي کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو ھو ۽ اسان دائود ($) سان گڏ جبلن ۽ پکين کي تابع ڪيوسين ۽ ھو سڀ (دائود $ سان گڏجي ان وانگر ئي) اللھ تعالى جي تسبيح بيان ڪندا هئا. حقيقت ۾ ھي ڪم اسان ئي ڪندڙ ھئاسون. |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
اسان دائود ($) کي توھان جي (فائدي) لاءِ زرھون ٺاھڻ سيکاريون ته جيئن توھان کي ھڪ ٻئي سان ويڙھ ۾ نقصان کان بچائي سگهن. ڇا پوءِ (به) توھان شڪر ڪندڙ آھيو؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سليمان ($) جي لاءِ تيز ھوا کي به تابع ڪري ڇڏيو هو. جيڪا ان جي مرضيءَ مطابق اھڙن علائقن ۾ ھلندي ھئي جتي اسان برڪتون ئي برڪتون رکيون ھيون ۽ اسان ھر شيءِ کان خوب واقف آھيون. |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ (جنن جي جنس) شيطانن مان گهڻن کي اسان سندس تابع ڪري رکيو ھو ته جيئن هُو اُن لاءِ (سمنڊن مان موتي حاصل ڪرڻ خاطر) ٽٻيون ھڻندا رھن ۽ ھو (جن) ان کان علاوه ٻيا به ڪم ڪندا ھئا ۽ سڀني جي نگراني اسان ئي ڪندا ھئاسين. |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
ايوب ($) جي واقعي کي ياد ڪر. جڏھن ھُن پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ته بيشڪ مان سخت تڪليف ۾ آھيان ۽ تون ئي وڏو رحم ڪندڙ ٻاجهارو آھين. |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
پوءِ اسان ئي سندس دُعا کي قبول ڪري تڪليف کي دور ڪيو ۽ کيس اسان ئي ٻيھر ٻار ٻچا ڏنا ۽ پنھنجي رحمت سان (پھرين جي مقابلي ۾) اوتري ٻي اولاد به ڏني ته جيئن عبادت گذار ٻانهن لاءِ ھڪ يادگيرو رھي. |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
اسماعيل، ادريس ۽ ذوالڪفل (ؓ) جي واقعن کي به ياد ڪر. ھي سڀ صبر ڪندڙ (نبي) ھئا. |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
انهن سڀني کي اسان پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪيو. بيشڪ ھو نيڪوڪار ماڻهو ھئا. |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
اُھو وقت به ياد ڪر. جڏھن مڇيءَ وارو (يونس $ پنھنجي قوم کان) ڪاوڙجي نڪتو، کيس اھو ڌيان ۾ ئي نه رھيو ته ڪو مٿس اسان جي طرفان ڪا پڪڙ ٿيندي (پوءِ کيس مڇيءَ جي پيٽ ۾ پھچايو) ھن اتي اونداھين ۾ (اسان کي) سڏيو ته (يا اللھ!) توکان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي، تنھنجي ئي ذات پاڪ آھي بيشڪ مان ئي قصوروار آھيان. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
پوءِ اسان سندس دعا کي قبول ڪيو ۽ ان کي ڏک کان نجات ڏني. اسان اھڙي طرح ئي ايمان وارن کي بچائيندا آھيون. |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا ($) جي واقعي کي ياد ڪر. جڏھن هُن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي بي اولاد نه ڪجانءِ . (حقيقت ۾) تون ئي سڀني وارثن کان بھترين وارث آھين. |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اسان سندس دعا کي قبول ڪيو ۽ سندس گهر واري جي سَنڍ ھجڻ واري بيماري کي ختم ڪري سندس لاءِ تندرست ڪري ڇڏيو ۽ اسان کيس يحى پُٽ عطا ڪيو، بيشڪ ھي سڀ ماڻهو نيڪيءَ جي ڪمن ۾ اڳتي اڳتي ھوندا ھئا ۽ ھميشه اسان کي وڏي چاهه ۽ خوف سان سڏيندا ھئا ۽ ھو سڀ اسان جي اڳيان عاجزي ڪندڙ ماڻهو ھئا. |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ ان (پاڪ) بي بيءَ جي واقعي کي به ياد ڪر. جنھن پنھنجي ننگ (يعني اوگهڙ) جي حفاظت ڪئي. اسان ان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيو پوءِ کيس ۽ سندس پُٽ کي تمام جھان وارن لاءِ ھڪ وڏي نشاني بڻايو. |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ ھي توھان جي امت ئي ھڪ امت آھي ۽ مان ئي توھان سڀني جو پالڻھار آھيان. پوءِ سڀئي منھنجي عبادت ڪندا ڪريو. |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
ماڻهن جي پنھنجي فرقي بازيءَ ئي دين جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا (بھرحال) سڀني کي اسان ڏانھن ئي موٽڻو آھي. |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو ماڻهو مؤمن جي حيثيت ۾ نيڪ عمل ڪندو ته ان جي اُن ڪوشش جي ناقدري نه ڪئي ويندي ۽ اسان ئي سندس ڪوشش کي لکندا وڃون ٿا. |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ جنھن به شھر کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو هجي ته ان جي رھڻ وارن جو وري هن دنيا ۾ موٽڻ بلڪل ناممڪن آھي. |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
ايستائين جو جڏھن ياجوج ماجوج آزاد ڪيا ويندا پوءِ ھو ھر مٿانھين جاين تان لھي ڊوڙندا نڪري ايندا. |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ جڏھن سچو وعدو اچي ويجهو ٿيندو ته ڪافرن جي اکين جا دَوڏا نڪري ايندا ۽ چوندا ته هاءِ اسان برباد ٿي وياسين! اسان ته ھن شيءِ کان غافل ٿي ويٺا ھئاسين ۽ اسان (پنھنجو پاڻ تي) ظلم ڪندڙ ھئاسون. |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
بيشڪ توھان ۽ جن جي اللھ تعالى کان سواءِ ٻين جي پوڄا ڪريو ٿا سي سڀ جھنم جو ٻارڻ آھيو. توھان ضرور ان ۾ داخل ٿيندا. |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جيڪڏھن ھي سچا معبود ھجن ھا ته جھنم ۾ نه وڃن ھا پر (ھاڻي) ھو سڀئي ھميشه ان ۾ رھندا. |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
ھو جھنم ۾ رڙيون ڪندا رھندا، جنھن ڪري ڪير ڪنھن جو آواز نه ٻڌي سگهندو. |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
بيشڪ جنهن لاءِ اسان جي طرفان پهريان کان چڱائي جو فيصلو ٿيل ھوندو ته اھو اُن (جھنم) کان پري ھوندو. |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
جنتي ماڻهو ڪنھن به دوزخي جي ڀُڻڪ به نه ٻڌندا ۽ جنت ۾ هو پنھنجي پسنديدهه نعمتن ۾ ھميشه رھندا. |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
انهن کي وڏي ۾ وڏي گهٻراھٽ به پريشان نه ڪندي. ملائڪ انهن جو استقبال ڪندا ۽ کين چوندا ته ھي اھو ئي ڏينھن آھي جنھن جو توھان سان وعدو ڪيو ويو ھو. |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
(سو اُن ڏينھن جو خيال رکو) جنھن ڏينھن اسان آسمان کي ايئن ويڙھينداسين جيئن لکيل ڪاغذن کي ويڙھي رکبو آھي. جيئن اسان پھريون ڀيرو مخلوق کي پيدا ڪيو ھو سو انهن کي وري ٻيھر پيدا ڪنداسين. اھو اسان جو ڪيل وعدو آھي، جنھن کي اسان ضرور پورو ڪنداسين. |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ ڏسو اسان زبور ۾ نصيحت ڪرڻ کان پوءِ اھو به لکي چڪا آھيون ته (قيامت جي ڏينھن) زمين جا وارث منھنجا نيڪ ٻانها ئي ٿيندا. |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
بيشڪ ھن ڳالھ ۾ عبادت گذار ٻانهن لاءِ ھڪ وڏو پيغام آھي. |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
(اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان توھان کي تمام جھانن جي لاءِ رحمت بنائي موڪليو آھي. |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته مون کي وحي جي ذريعي ٻڌايو ويو آھي ته بيشڪ توھان جو معبود ھڪ ئي آھي. پوءِ ڇا توھان فرمانبردار ٿيڻ لاءِ تيار آھيو؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
ھي ماڻهو جيڪڏھن پٺي ڏين ته کين وڏي واڪي چئي ڇڏ ته مون توھان کي خبردار ڪري ڇڏيو آھي. باقي ان شيءِ جي مون کي ڪابه خبر ناھي جنھن جو توھان سان وعدو ڪيو ويو آھي ته اُھا جلد اچڻ واري آھي يا بعد ۾؟ |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
بيشڪ اللھ تعالى توھان جي ظاھري ۽ لڪيل ڳالھ کي خوب ڄاڻي ٿو. |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
منھنجو خيال آھي ته ان وعدي ۾ دير ٿيڻ به توھان جي لاءِ ھڪ آزمائش آھي ته جيئن توھان کي دنيا جا مزا وٺڻ جو مڪمل موقعو ڏنو وڃي. |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
آخرڪار رسول سڳوري دعا گهري ته: اي منھنجا رب! ھاڻي تون انصاف سان فيصلو ڪري ڇڏ. اي انڪار ڪندڙؤ! توھان جي ٺاھيل ڳالهين جي مقابلي ۾ اسان جو پالڻھار ئي بيحد مهربان ۽ مددگار آھي. |