اقتَرَبَ لِلنّاسِ حِسابُهُم وَهُم فى غَفلَةٍ مُعرِضونَ (آيت : 1) |
ويجهو اچي ويو آهي ماڻهن جي حساب جو وقت، ۽ اهي ته غفلت ۾ منهن ڦيريل آهن |
ما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِن رَبِّهِم مُحدَثٍ إِلَّا استَمَعوهُ وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 2) |
انهن وٽ اچي ٿي جيڪا تازي نصيحت سندن رب جي طرفان، ان کي تڪليف سان ٻڌن ٿا پر اهي (وري به) وندر ۾ رڌل رهن ٿا |
لاهِيَةً قُلوبُهُم وَأَسَرُّوا النَّجوَى الَّذينَ ظَلَموا هَل هٰذا إِلّا بَشَرٌ مِثلُكُم أَفَتَأتونَ السِّحرَ وَأَنتُم تُبصِرونَ (آيت : 3) |
سندن دليون ٻين ئي فڪرن ۾ غرق آهن، ۽ اهي پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا آهن ظالم، ته هي شخص توهان جهڙو هڪ بشر ئي ته آهي، پوءِ ڇا توهان اکين سان ڏسندي به جادو جي ڦندي ۾ ڦاسندؤ؟ |
قالَ رَبّى يَعلَمُ القَولَ فِى السَّماءِ وَالأَرضِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 4) |
(رسول چيو) منهنجو رب هر ان ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جيڪا آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڪئي وڃي، ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
بَل قالوا أَضغٰثُ أَحلٰمٍ بَلِ افتَرىٰهُ بَل هُوَ شاعِرٌ فَليَأتِنا بِـٔايَةٍ كَما أُرسِلَ الأَوَّلونَ (آيت : 5) |
پر هو چون ٿا، هي ته اجايا خواب آهن، پر هي (ڪتاب) ان جو پنهنجو ٺاهيل آهي، پر هي هڪ شاعر آهي، يا ته هي آڻي ڪا نشاني جهڙيءَ طرح اڳي آيل رسول نشانين سان موڪليا ويا هئا |
ما ءامَنَت قَبلَهُم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَفَهُم يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
جڏهن ته انهن کان اڳي ڪابه وستي، جنهن کي هلاڪ ڪيو ويو (ايمان نه آندو) ڇا هاڻي اهي ايمان آڻيندا؟ |
وَما أَرسَلنا قَبلَكَ إِلّا رِجالًا نوحى إِلَيهِم فَسـَٔلوا أَهلَ الذِّكرِ إِن كُنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 7) |
۽ (اي نبي!) اسان موڪليو توکان اڳي انسانن کي رسول بڻائي، جن تي اسين وحي ڪندا هئاسين، پڇي ڏسو اهلِ ڪتاب کان، جي توهان ماڻهو علم نٿا رکو |
وَما جَعَلنٰهُم جَسَدًا لا يَأكُلونَ الطَّعامَ وَما كانوا خٰلِدينَ (آيت : 8) |
۽ نه ڏنو هو انهن رسولن کي اهڙو جسم جو اهي کائيندا ئي نه هجن ڪي طعام ۽ نه اهي سدائين رهڻ وارا ئي هئا |
ثُمَّ صَدَقنٰهُمُ الوَعدَ فَأَنجَينٰهُم وَمَن نَشاءُ وَأَهلَكنَا المُسرِفينَ (آيت : 9) |
پوءِ ڏسو اسان انهن سان پورا ڪيا وعدا، پوءِ بچايوسين انهن کي جن کي گهريوسين ۽ هلاڪ ڪيوسين انهن کي جيڪي حد لنگهي ويندڙ هئا |
لَقَد أَنزَلنا إِلَيكُم كِتٰبًا فيهِ ذِكرُكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 10) |
انسانؤ! اسان نازل ڪيو آهي اهڙو ڪتاب توهان ڏي جنهن ۾ توهان جو ئي ذڪر آهي، ڇا توهان سمجهو نٿا؟ |
وَكَم قَصَمنا مِن قَريَةٍ كانَت ظالِمَةً وَأَنشَأنا بَعدَها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 11) |
۽ ڪيتريون ئي اهڙيون وستيون اسان نيست نابود ڪيون جيڪي ظالم هيون ۽ اٿاريوسين انهن کان پوءِ ڪنهن ٻيءَ قوم کي |
فَلَمّا أَحَسّوا بَأسَنا إِذا هُم مِنها يَركُضونَ (آيت : 12) |
جڏهن انهن کي محسوس ٿيو اسان جو عذاب، ته اهي اتان ڀڄڻ لڳا هئا |
لا تَركُضوا وَارجِعوا إِلىٰ ما أُترِفتُم فيهِ وَمَسٰكِنِكُم لَعَلَّكُم تُسـَٔلونَ (آيت : 13) |
(چيو ويو) ڀڄو نه، وڃو پنهنجن انهن گهرن ڏانهن ۽ عيش جي انهن سامانن ۾ جن ۾ توهان کي سُڪون هو، شايد توهان کان پڇيو وڃي |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 14) |
چوڻ لڳا، هاءِ اسان جو نڀاڳ، بيشڪ اسان خطاوار هئاسين |
فَما زالَت تِلكَ دَعوىٰهُم حَتّىٰ جَعَلنٰهُم حَصيدًا خٰمِدينَ (آيت : 15) |
اهي اهو ئي پڪاريندا رهيا، تان جو اسان انهن کي لڻيل (گاهه) ڪري ڇڏيو، انهن ۾ حياتيءَ جو ذرو به نه رهيو |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 16) |
۽ اسان نه ٺاهيو آهي هن آسمان ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪي آهي ڪو راند خاطر |
لَو أَرَدنا أَن نَتَّخِذَ لَهوًا لَاتَّخَذنٰهُ مِن لَدُنّا إِن كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 17) |
جي اسان جو ارادو اهو ئي هجي ها (رانديڪي بنائڻ جو) ته اهو اسان سڀڪجهه پاڻ وٽان ئي ڪري وٺون ها |
بَل نَقذِفُ بِالحَقِّ عَلَى البٰطِلِ فَيَدمَغُهُ فَإِذا هُوَ زاهِقٌ وَلَكُمُ الوَيلُ مِمّا تَصِفونَ (آيت : 18) |
پر اسان ته ڌڪ هڻندا آهيون حق جو باطل تي، جيڪو چٿي ڇڏي ان جو مٿو ۽ اهو جلد مٽجي ويندو آهي، ۽ توهان جي لاءِ تباهي آ انهن ڳالهين جي ڪري جيڪي توهان ٺاهيو ٿا |
وَلَهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَمَن عِندَهُ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَلا يَستَحسِرونَ (آيت : 19) |
۽ هر شيءِ الله جي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي ۽ جيڪي (فرشتا) ان وٽ آهن سي تڪبر نه ڪندا آهن سندس عبادت ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ٿڪبا نه آهن |
يُسَبِّحونَ الَّيلَ وَالنَّهارَ لا يَفتُرونَ (آيت : 20) |
بيان ڪن ٿا پاڪائي رات ۽ ڏينهن، ساهي نه کڻندا آهن |
أَمِ اتَّخَذوا ءالِهَةً مِنَ الأَرضِ هُم يُنشِرونَ (آيت : 21) |
ڇا انهن جا ٺاهيل خدا زمين ۾ اهڙا آهن جو (بي جان کي جان بخشي) اٿاري بيهارين؟ |
لَو كانَ فيهِما ءالِهَةٌ إِلَّا اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبحٰنَ اللَّهِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 22) |
جيڪر ٻيا به اهڙا خدا هجن ها الله کان سواءِ ته سڄو نظام (زمين آسمان جو) خراب ٿي وڃي ها، پاڪ آهي الله رب العرش انهن ڳالهين کان جيڪي اهي ٺاهين ٿا |
لا يُسـَٔلُ عَمّا يَفعَلُ وَهُم يُسـَٔلونَ (آيت : 23) |
هو جوابده ناهي ڪنهن جي آڏو پنهنجي ڪمن جي لاءِ، ۽ ٻيا سڀ جوابده آهن |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ ءالِهَةً قُل هاتوا بُرهٰنَكُم هٰذا ذِكرُ مَن مَعِىَ وَذِكرُ مَن قَبلى بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ الحَقَّ فَهُم مُعرِضونَ (آيت : 24) |
ڇا انهن ورتا آهن ٻيا خدا ان کي ڇڏي؟ (اي نبي!) انهن کي چؤ ته آڻيو پنهنجو دليل، هي ڪتاب جنهن ۾ دور وارن ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ۽ اڳين جي نصيحت جو دليل آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو حقيقت کان بي خبر آهن، جنهن ڪري سندن منهن موڙيل آهن |
وَما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رَسولٍ إِلّا نوحى إِلَيهِ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدونِ (آيت : 25) |
۽ موڪليو آهي اسان توکان اڳي جيڪو به رسول تنهن کي اهو ئي وحي ڪيوسين ته بيشڪ مون کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، تنهن ڪري منهنجي عبادت ڪريو |
وَقالُوا اتَّخَذَ الرَّحمٰنُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل عِبادٌ مُكرَمونَ (آيت : 26) |
۽ اهي چون ٿا، ته اولاد رکي ٿو رحمٰن (يعني فرشتا)، سبحان الله! اهي ته ٻانها آهن جن کي عزت بخشي وئي آهي |
لا يَسبِقونَهُ بِالقَولِ وَهُم بِأَمرِهِ يَعمَلونَ (آيت : 27) |
ان جي حضور ۾ اڳتي وڌي نه ڳالهائيندا آهن ۽ بس فقط سندس حڪمن جي تعميل ڪندا آهن |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يَشفَعونَ إِلّا لِمَنِ ارتَضىٰ وَهُم مِن خَشيَتِهِ مُشفِقونَ (آيت : 28) |
اهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪي ڪجهه انهن کان غائب آهي، ان کان به اهو باخبر آهي. اهي ڪنهن جي سفارش نه ٿا ڪن سواءِ ان جي جنهن جي سفارش ٻڌڻ لاءِ الله پاڻ راضي هجي ۽ اهي سندس خوف کان ڊڄندا هجن |
وَمَن يَقُل مِنهُم إِنّى إِلٰهٌ مِن دونِهِ فَذٰلِكَ نَجزيهِ جَهَنَّمَ كَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 29) |
جيڪڏهن ڪو چوي (انهن مان) ته الله کان سواءِ آئون به الله آهيان ته ان کي اسان سزا ڏيون دوزخ جي، اسان وٽ ته اهو ئي بدلو آهي ظالمن جي لاءِ |
أَوَلَم يَرَ الَّذينَ كَفَروا أَنَّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ كانَتا رَتقًا فَفَتَقنٰهُما وَجَعَلنا مِنَ الماءِ كُلَّ شَيءٍ حَىٍّ أَفَلا يُؤمِنونَ (آيت : 30) |
ڇا اهي نٿا ڏسن جن انڪار ڪيو آهي ته حقيقت ۾ آسمان ۽ زمين پاڻ ۾ مليل هئا پوءِ اسان انهن کي ڌار ڪيو، ۽ پئدا ڪيوسين پاڻيءَ مان هر شيءِ کي جيئرو، پوءِ ڇا (اسان جي هن خدائي کي) نٿا مڃين؟ |
وَجَعَلنا فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِهِم وَجَعَلنا فيها فِجاجًا سُبُلًا لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 31) |
۽ کوڙياسين هن زمين ۾ جبل، جيئن اها انهن کي کڻي لڙهڪي نه وڃي، ۽ ٺاهيون ان ۾ (ڪيئي) ويڪريون راهون، من ماڻهو پنهنجي هدايت جي راهه ڏسن |
وَجَعَلنَا السَّماءَ سَقفًا مَحفوظًا وَهُم عَن ءايٰتِها مُعرِضونَ (آيت : 32) |
۽ بڻايوسين آسمان کي هڪ ڇت محفوظ، پر اهي (ماڻهو) آهن جيڪي ڪائنات جي نشانين ڏي توجهه ئي نٿا ڏين |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ الَّيلَ وَالنَّهارَ وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 33) |
۽ اهو الله ئي آهي جنهن بنايا رات ۽ ڏينهن ۽ پيدا ڪيو سج ۽ چنڊ کي، اهي سڀ هڪ هڪ فلڪ (آسمان) ۾ تري رهيا آهن |
وَما جَعَلنا لِبَشَرٍ مِن قَبلِكَ الخُلدَ أَفَإِي۟ن مِتَّ فَهُمُ الخٰلِدونَ (آيت : 34) |
(اي نبي!) ڪنهن به انسان کي توکان اڳي سدائين رهڻ وارو نه ڪيوسين، جي تون مري وئين ته ڇا اهي سدائين جيئرا رهندا؟ |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَنَبلوكُم بِالشَّرِّ وَالخَيرِ فِتنَةً وَإِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 35) |
هر جاندار کي مزو چکڻو آهي موت جو، ۽ توهان سڀني کي برين ۽ چڱين حالتن ۾ رکي پرکي رهيا آهيون، ۽ آخرڪار توهان کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي |
وَإِذا رَءاكَ الَّذينَ كَفَروا إِن يَتَّخِذونَكَ إِلّا هُزُوًا أَهٰذَا الَّذى يَذكُرُ ءالِهَتَكُم وَهُم بِذِكرِ الرَّحمٰنِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 36) |
۽ جڏهن به توکي ڏسن ٿا هي حق جا منڪر، ته توتي ٺٺولي ڪندي چون ٿا ته ڇا هي آهي اهو شخص جيڪو برائيون ڪري ٿو توهان جي خدائن جون؟ ۽ انهن جو حال هي آهي جو اهي رحمٰن جي ذڪر جا انڪاري آهن |
خُلِقَ الإِنسٰنُ مِن عَجَلٍ سَأُو۟ريكُم ءايٰتى فَلا تَستَعجِلونِ (آيت : 37) |
پيدا انساني مخلوق ڪئي وئي آهي اٻهري، هاڻي ئي توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريان ٿو، مون سان تڪڙ نه ڪريو |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 38) |
۽ هي ماڻهو چون ٿا، آخر هي ڌمڪي ڪڏهن پوري ٿيندي جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟ |
لَو يَعلَمُ الَّذينَ كَفَروا حينَ لا يَكُفّونَ عَن وُجوهِهِمُ النّارَ وَلا عَن ظُهورِهِم وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 39) |
جيڪڏهن ڪو علم هجي ها انهن ڪافرن کي ان وقت جو جڏهن اهي پنهنجا منهن بچائي نه سگهندا باهه کان، ۽ نه پنهنجون پٺيون ۽ نه وري کين ڪا مدد ئي ڪٿان ملندي |
بَل تَأتيهِم بَغتَةً فَتَبهَتُهُم فَلا يَستَطيعونَ رَدَّها وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 40) |
پر اها آفت ته اوچتو ئي ايندي ۽ کين اهڙيءَ طرح گُهٽيندي جو هي نه ته ان کي ٽاري سگهندا۽ نه وري هڪ پل جي کين مهلت ملندي |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ رسولن تي ٺٺوليون ڪيون ويون (اي رسول!) توکان اڳي به، پر اهي ٺٺوليون ڪرڻ وارا انهيءَ شيءِ جي ڦندي ۾ اچي ڦاٿا آهن جن تان ٺٺوليون ڪندا هئا |
قُل مَن يَكلَؤُكُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ مِنَ الرَّحمٰنِ بَل هُم عَن ذِكرِ رَبِّهِم مُعرِضونَ (آيت : 42) |
(اي نبي!) انهن کي چؤ، ڪير آهي جيڪو توهان کي بچائي سگهندو رات هجي يا ڏينهن جو رحمٰن کان؟ پر اهي ته پنهنجي رب جي نصيحت کان ئي منهن موڙي رهيا آهن |
أَم لَهُم ءالِهَةٌ تَمنَعُهُم مِن دونِنا لا يَستَطيعونَ نَصرَ أَنفُسِهِم وَلا هُم مِنّا يُصحَبونَ (آيت : 43) |
ڇا اهي ڪي اهڙا خدا رکن ٿا جيڪي اسان جي مقابلي ۾ سندن حمايت ڪن؟ نه ته اهي پاڻ پنهنجي مدد ڪري سگهندا ۽ نه وري کين ڪا اسان جي پٺڀرائي حاصل آهي |
بَل مَتَّعنا هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ طالَ عَلَيهِمُ العُمُرُ أَفَلا يَرَونَ أَنّا نَأتِى الأَرضَ نَنقُصُها مِن أَطرافِها أَفَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
اصل ڳالهه هيءَ آهي ته انهن ماڻهن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي اسان زندگيءَ جو ساز وسامان ڏنو تان جو کين ڏينهن لڳي ويا، پر ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان زمين کي گهٽائيندا وڃون ٿا، مختلف طرفن کان؟ پوءِ ڇا اهي غالب اچي سگهندا؟ |
قُل إِنَّما أُنذِرُكُم بِالوَحىِ وَلا يَسمَعُ الصُّمُّ الدُّعاءَ إِذا ما يُنذَرونَ (آيت : 45) |
انهن کي چئي ڇڏ جيڪڏهن آئون توهان کي وحي جي مطابق ڪا تنبيهه ڪري رهيو آهيان، پر ٻوڙا سڏ نه ٻڌندا آهن جڏهن کين خبردار ڪيو وڃي |
وَلَئِن مَسَّتهُم نَفحَةٌ مِن عَذابِ رَبِّكَ لَيَقولُنَّ يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 46) |
۽ جڏهن کين ڇهي وڃي ٿورڙو به عذاب تنهنجي رب جو، ته دانهون ڪن ته هاءِ اسان جي بدبختي، بيشڪ اسان خطاوار هئاسين |
وَنَضَعُ المَوٰزينَ القِسطَ لِيَومِ القِيٰمَةِ فَلا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَإِن كانَ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ أَتَينا بِها وَكَفىٰ بِنا حٰسِبينَ (آيت : 47) |
۽ تورڻ واريون ساهميون رکنداسين ڏينهن قيامت جي، پوءِ ذري جيترو ظلم ڪنهن تي به نه ٿيندو، ۽ جنهن جو اَهُر جي داڻي جيترو به ڪنهن جو عمل هوندو سو آڏو آڻينداسين، ۽ ڪافي آهيون اسان حساب ڪرڻ واسطي |
وَلَقَد ءاتَينا موسىٰ وَهٰرونَ الفُرقانَ وَضِياءً وَذِكرًا لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ اڳ ۾ اسان عطا ڪيو موسيٰ ۽ هارون کي فرقان ۽ روشني ۽ ذڪر انهن پرهيزگارن جي ڀلائي واسطي |
الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَهُم مِنَ السّاعَةِ مُشفِقونَ (آيت : 49) |
جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي اڻ ڏٺي رب کان ۽ جن کي لڳل هجي حساب جي ان گهڙيءَ جو کٽڪو |
وَهٰذا ذِكرٌ مُبارَكٌ أَنزَلنٰهُ أَفَأَنتُم لَهُ مُنكِرونَ (آيت : 50) |
۽ هاڻي هي برڪت ڀريو ذڪر اسان توهان لاءِ نازل ڪيو آهي، پوءِ ڇا توهان ان جي قبولڻ جا انڪاري آهيو؟ |
وَلَقَد ءاتَينا إِبرٰهيمَ رُشدَهُ مِن قَبلُ وَكُنّا بِهِ عٰلِمينَ (آيت : 51) |
۽ اسان بخشي هئي ابراهيم کي هوشمندي ان کان اڳي ۽ اسان چڱيءَ طرح ان کي ڄاڻندڙ هئاسين |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما هٰذِهِ التَّماثيلُ الَّتى أَنتُم لَها عٰكِفونَ (آيت : 52) |
ياد ڪر اهو واقعو جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته، هي مورتيون ڪهڙيون آهن جن جا توهان ماڻهو معتقد ٿي رهيا آهيو؟ |
قالوا وَجَدنا ءاباءَنا لَها عٰبِدينَ (آيت : 53) |
انهن جواب ڏنو، اسان ڏٺو پنهنجن ابن ڏاڏن کي انهن جي عبادت ڪندي |
قالَ لَقَد كُنتُم أَنتُم وَءاباؤُكُم فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 54) |
هن چيو، توهان ته گمراهه آهيو ۽ توهان جا ابا ڏاڏا به پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا |
قالوا أَجِئتَنا بِالحَقِّ أَم أَنتَ مِنَ اللّٰعِبينَ (آيت : 55) |
انهن چيو، ڇا تون اسان جي آڏو پنهنجا اصلي خيال پيش پيو ڪرين يا چرچا ٿو ڪرين؟ |
قالَ بَل رَبُّكُم رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ الَّذى فَطَرَهُنَّ وَأَنا۠ عَلىٰ ذٰلِكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 56) |
هن جواب ڏنو، نه، پر واقعي توهان جو رب اهو ئي آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ انهن جو پيدا ڪرڻ وارو آهي، ۽ آئون ان (ڳالهه) تي توهان جي سامهون شاهدي ڏيان ٿو |
وَتَاللَّهِ لَأَكيدَنَّ أَصنٰمَكُم بَعدَ أَن تُوَلّوا مُدبِرينَ (آيت : 57) |
۽ خدا جو قسم، آئون توهان جي بتن جي توهان جي غير موجودگيءَ ۾ ضرور خبر وٺندس |
فَجَعَلَهُم جُذٰذًا إِلّا كَبيرًا لَهُم لَعَلَّهُم إِلَيهِ يَرجِعونَ (آيت : 58) |
پوءِ هن انهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان وڏي (بت) کي ڇڏي ڏنائين جيئن شايد اهي ان ڏي رجوع ٿين |
قالوا مَن فَعَلَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا إِنَّهُ لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 59) |
(بتن جو اهو حال ڏسي) هو چوڻ لڳا، هي حال ڪنهن ڪيو اسان جي خدائن جو؟ اهو ڪو وڏو ظالم آهي |
قالوا سَمِعنا فَتًى يَذكُرُهُم يُقالُ لَهُ إِبرٰهيمُ (آيت : 60) |
(ڪن ماڻهن) چيو، ٻڌو هيو اسان هڪ نوجوان کي انهن جي باري ۾ ڳالهائيندي، ان جو نالو ابراهيم آهي |
قالوا فَأتوا بِهِ عَلىٰ أَعيُنِ النّاسِ لَعَلَّهُم يَشهَدونَ (آيت : 61) |
انهن چيو، جهلي اچوس سڀني جي سامهون جيئن ماڻهو ڏسن ته ان جي ڪهڙي خبر ورتي وڃي ٿي |
قالوا ءَأَنتَ فَعَلتَ هٰذا بِـٔالِهَتِنا يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 62) |
(ابراهيم جي اچڻ تي) انهن پڇيو، تو ڇو اسان جي خدائن سان هيءَ حرڪت ڪئي آهي ابراهيم؟ |
قالَ بَل فَعَلَهُ كَبيرُهُم هٰذا فَسـَٔلوهُم إِن كانوا يَنطِقونَ (آيت : 63) |
ان جواب ڏنو، پر هي سڀڪجهه هنن جي هن سردار ڪيو آهي، انهن کان ئي پڇو جيڪڏهن اهي ڳالهائي سگهن ٿا |
فَرَجَعوا إِلىٰ أَنفُسِهِم فَقالوا إِنَّكُم أَنتُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 64) |
هي ٻڌي اهي پنهنجي ضمير ڏي موٽيا (۽ پنهنجين دلين ۾ چوڻ لڳا) بيشڪ توهان پاڻ ئي ظالم آهيو |
ثُمَّ نُكِسوا عَلىٰ رُءوسِهِم لَقَد عَلِمتَ ما هٰؤُلاءِ يَنطِقونَ (آيت : 65) |
پر پوءِ سندن مت ئي ڦري وئي ۽ چيائون، تون ڄاڻين ٿو ته اهي ناهن ڳالهائيندا |
قالَ أَفَتَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُكُم شَيـًٔا وَلا يَضُرُّكُم (آيت : 66) |
ابراهيم چيو، پوءِ ڇا توهان الله کي ڇڏي انهن شين کي پوڄي رهيا آهيو جيڪي توهان کي ڪوبه نفعو رسائڻ تي قادر آهن ۽ نه نقصان تي |
أُفٍّ لَكُم وَلِما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 67) |
حيف توهان تي ۽ توهان جي انهن خدائن تي جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا،ڇا توهان عقل نٿا رکو؟ |
قالوا حَرِّقوهُ وَانصُروا ءالِهَتَكُم إِن كُنتُم فٰعِلينَ (آيت : 68) |
انهن چيو، ساڙي ڇڏيو هن کي ۽ مدد ڪريو پنهنجن خدائن جي، جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي |
قُلنا يٰنارُ كونى بَردًا وَسَلٰمًا عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
اسان چيو، اي باهه! ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي وڃ ابراهيم تي |
وَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَخسَرينَ (آيت : 70) |
۽ انهن برائي ڪرڻ گهري ٿي (ابراهيم سان) اسان کين بلڪل ناڪام بنايو |
وَنَجَّينٰهُ وَلوطًا إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها لِلعٰلَمينَ (آيت : 71) |
۽ بچائي کيس ۽ لوط کي ان سرزمين ڏي ڪڍي وياسين جنهن ۾ برڪتون رکيون آهن دنيا وارن جي لاءِ |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ نافِلَةً وَكُلًّا جَعَلنا صٰلِحينَ (آيت : 72) |
۽ بخشيوسين ان کي اسحاق ۽ يعقوب وڌيڪ ان تي ۽ سڀني کي ڪيوسين صالح (سٺو سٻاجهو) |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا وَأَوحَينا إِلَيهِم فِعلَ الخَيرٰتِ وَإِقامَ الصَّلوٰةِ وَإيتاءَ الزَّكوٰةِ وَكانوا لَنا عٰبِدينَ (آيت : 73) |
۽ بڻايوسين انهن کي امام، جيڪي رهنمائي ڪندا هئا اسان جي حڪم مطابق ۽ وحي جي ذريعي کين نيڪ ڪمن ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ نماز جو ۽ زڪوات ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ اهي اسان جا عبادت گذار بندا هئا |
وَلوطًا ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَنَجَّينٰهُ مِنَ القَريَةِ الَّتى كانَت تَعمَلُ الخَبٰئِثَ إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فٰسِقينَ (آيت : 74) |
۽ لوط کي اسان بخشيو حڪم ۽ علم ۽ کيس ڪڍيوسين ان وستيءَ مان جيڪا ڦاٿل هئي (ڪيترين) ئي بدڪارين ۾، حقيقت ۾ اها تمام بري ۽ نافرمان قوم هئي |
وَأَدخَلنٰهُ فى رَحمَتِنا إِنَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 75) |
۽ داخل ڪيوسين (لوط کي) اسان پنهنجي رحمت ۾، اهو بلڪل صالحن مان |
وَنوحًا إِذ نادىٰ مِن قَبلُ فَاستَجَبنا لَهُ فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ نوح کي ساڳي نعمت عطا ڪئي، ياد ڪر (اي نبي!) جڏهن کانئن اڳي هن اسان کي پڪاريو، اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ سندس گهر وارن کي وڏي تڪليف کان بچايوسين |
وَنَصَرنٰهُ مِنَ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومَ سَوءٍ فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 77) |
۽ مدد ڪئي سين ان قوم جي مقابلي ۾ جيڪا ڪوڙو چوي پئي اسان جي آيتن کي، اهي ماڻهو ڏاڍا بڇڙا هئا، سو اسان غرق ڪري ڇڏيو سڀني کي |
وَداوۥدَ وَسُلَيمٰنَ إِذ يَحكُمانِ فِى الحَرثِ إِذ نَفَشَت فيهِ غَنَمُ القَومِ وَكُنّا لِحُكمِهِم شٰهِدينَ (آيت : 78) |
۽ دائود ۽ سليمان کي انهيءَ نعمت سان نوازيو، (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن هن پوک جي مقدمي جو فيصلو ٿي ڪيو رات ٻين ماڻهن جون ٻڪريون ڀيل ڪري ويون هيون. اسان انهن جي عدالت خود ڏسي رهيا هئاسين |
فَفَهَّمنٰها سُلَيمٰنَ وَكُلًّا ءاتَينا حُكمًا وَعِلمًا وَسَخَّرنا مَعَ داوۥدَ الجِبالَ يُسَبِّحنَ وَالطَّيرَ وَكُنّا فٰعِلينَ (آيت : 79) |
ان وقت اسان سليمان کي صحيح فيصلو سمجهايو، جڏهن ته حڪم ۽ علم اسان ٻنهي کي عطا ڪيو هو، ۽ تابع ڪيو اسان دائود سان گڏ جبلن ۽ پکين کي جيڪي اسان جي تسبيح ڪندا هئا، ۽ اهو ڪم اسان ئي ڪيو پئي |
وَعَلَّمنٰهُ صَنعَةَ لَبوسٍ لَكُم لِتُحصِنَكُم مِن بَأسِكُم فَهَل أَنتُم شٰكِرونَ (آيت : 80) |
۽ اسان کيس سيکاري زرهه ٺاهڻ جي ڪاريگري توهان جي لاءِ، جيئن توهان کي بچائي هڪ ٻئي جي مار کان، پوءِ ڇا توهان شڪرگذار آهيو؟ |
وَلِسُلَيمٰنَ الرّيحَ عاصِفَةً تَجرى بِأَمرِهِ إِلَى الأَرضِ الَّتى بٰرَكنا فيها وَكُنّا بِكُلِّ شَيءٍ عٰلِمينَ (آيت : 81) |
۽ سليمان لاءِ اسان تکي هوا کي تابع ڪيو جيڪا سندس حڪم تي ان زمين ڏي هلندي هئي جنهن ۾ اسان برڪتون رکيون آهن ۽ اسان ئي هر شيءِ جو علم رکڻ وارا هئاسين |
وَمِنَ الشَّيٰطينِ مَن يَغوصونَ لَهُ وَيَعمَلونَ عَمَلًا دونَ ذٰلِكَ وَكُنّا لَهُم حٰفِظينَ (آيت : 82) |
۽ انهن شيطانن مان اسان اهڙن گهڻن کي ان جو تابع بنايو جيڪي ان جي لاءِ ٽٻيون هڻندا ۽ ٻيا ڪم به ڪندا هئا، ۽ انهن سڀني جا اسين ئي هئاسين نگهبان |
وَأَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الضُّرُّ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 83) |
۽ ساڳي (حڪم ۽ علم جي) نعمت ايوب کي ڏني سين، ياد ڪر (اي نبي!) جڏهن هن پنهنجي رب کي پڪاريو ته مون کي بيماري لڳي وئي آهي ۽ تون ئي آهين ارحم الراحمين |
فَاستَجَبنا لَهُ فَكَشَفنا ما بِهِ مِن ضُرٍّ وَءاتَينٰهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِن عِندِنا وَذِكرىٰ لِلعٰبِدينَ (آيت : 84) |
اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس شفا ڏني ان تڪليف مان ۽ کيس عطا ڪيا اهل وعيال ۽ ان وانگر ٻيو به گهڻو ڪجهه ڏنو پنهنجي طرفان رحمت طور، ان لاءِ ته هي عبادت ڪندڙن لاءِ سبق ٿئي |
وَإِسمٰعيلَ وَإِدريسَ وَذَا الكِفلِ كُلٌّ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 85) |
۽ اها ئي (نعمت) اسماعيل ۽ ادريس ۽ ذوالڪفل کي ڏني، جو اهي سڀ صبر ڪرڻ وارا شخص هئا |
وَأَدخَلنٰهُم فى رَحمَتِنا إِنَّهُم مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 86) |
۽ انهن کي اسان داخل ڪيو پنهنجي رحمت ۾، جو اهي صالح شخصن مان هئا |
وَذَا النّونِ إِذ ذَهَبَ مُغٰضِبًا فَظَنَّ أَن لَن نَقدِرَ عَلَيهِ فَنادىٰ فِى الظُّلُمٰتِ أَن لا إِلٰهَ إِلّا أَنتَ سُبحٰنَكَ إِنّى كُنتُ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 87) |
۽ نوازيوسين مڇيءَ واري کي، ياد ڪر جڏهن اهو ڪاوڙجي هليو ويو ۽ سمجهيائين ته اسان پڪڙ نه ڪنداسين ان تي، نيٺ ان پڪاريو اونداهين مان، ناهي ڪوبه معبود سواءِ تنهنجي، تنهنجي ئي ذات پاڪ آهي، بيشڪ مون قصور ڪيو |
فَاستَجَبنا لَهُ وَنَجَّينٰهُ مِنَ الغَمِّ وَكَذٰلِكَ نُۨجِى المُؤمِنينَ (آيت : 88) |
تڏهن اسان سندس دعا قبول ڪئي ۽ کيس ڇوٽڪارو ڏنو غم کان، ۽ اهڙيءَ طرح اسان بچائيندا آهيون مؤمنن کي |
وَزَكَرِيّا إِذ نادىٰ رَبَّهُ رَبِّ لا تَذَرنى فَردًا وَأَنتَ خَيرُ الوٰرِثينَ (آيت : 89) |
۽ زڪريا کي به، جڏهن هن پڪاريو پنهنجي رب کي، ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي نه ڇڏ اڪيلو، ۽ تون ته سڀ کان سهڻو سٺو وارث آهين“ |
فَاستَجَبنا لَهُ وَوَهَبنا لَهُ يَحيىٰ وَأَصلَحنا لَهُ زَوجَهُ إِنَّهُم كانوا يُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَيَدعونَنا رَغَبًا وَرَهَبًا وَكانوا لَنا خٰشِعينَ (آيت : 90) |
پوءِ اسان قبول ڪئي سندس دعا ۽ کيس عطا ڪيوسين يحييٰ، ۽ صحيح ڪيو سندس لاءِ ان جي زال کي، انهن ماڻهن اڳتي وڌي ڊڪ ڊوڙ ڪئي نيڪيءَ جي ڪمن ۾، ۽ اسان کي ئي پڪاريندا هئا رغبت ۽ خوف مان، ۽ اسان جي آڏو جهڪيل رهندا هئا |
وَالَّتى أَحصَنَت فَرجَها فَنَفَخنا فيها مِن روحِنا وَجَعَلنٰها وَابنَها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 91) |
۽ اها عورت جنهن عصمت جي حفاظت ڪئي هئي، اسان ڦوڪيو ان جي اندر پنهنجو روح ۽ بڻايوسين (مريم) ۽ سندس پٽ کي نشاني ساري جهان لاءِ |
إِنَّ هٰذِهِ أُمَّتُكُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَأَنا۠ رَبُّكُم فَاعبُدونِ (آيت : 92) |
بيشڪ هي توهان جي امت حقيقت ۾ هڪ ئي امت آهي ۽ آئون ئي توهان جو رب آهيان ۽ منهنجي ئي عبادت ڪريو |
وَتَقَطَّعوا أَمرَهُم بَينَهُم كُلٌّ إِلَينا رٰجِعونَ (آيت : 93) |
پر ٽڪر ٽڪر ڪيو هنن ماڻهن پاڻ ۾ پنهنجي دين کي، (پوءِ) سڀني کي اسان ڏي ئي موٽڻو آهي |
فَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا كُفرانَ لِسَعيِهِ وَإِنّا لَهُ كٰتِبونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪو سٺا عمل ڪندو ۽ ان حال ۾ جو اهو مؤمن به هجي، ته ان جي ڪم جي بي قدري نه ٿيندي، ۽ ان کي ته اسان (مڪمل طور) لکي رهيا آهيون |
وَحَرٰمٌ عَلىٰ قَريَةٍ أَهلَكنٰها أَنَّهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 95) |
۽ ممڪن ناهي ته اسان جنهن وستيءَ کي ناس ڪيو هجي، سا وري (ڪنهن طرح) موٽي سگهي |
حَتّىٰ إِذا فُتِحَت يَأجوجُ وَمَأجوجُ وَهُم مِن كُلِّ حَدَبٍ يَنسِلونَ (آيت : 96) |
ايستائين جو جڏهن کوليا ويندا ياجوج ۽ ماجوج، ته اهي هر ڪنهن مٿاهينءَ مان نڪري پوندا |
وَاقتَرَبَ الوَعدُ الحَقُّ فَإِذا هِىَ شٰخِصَةٌ أَبصٰرُ الَّذينَ كَفَروا يٰوَيلَنا قَد كُنّا فى غَفلَةٍ مِن هٰذا بَل كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 97) |
۽ پوءِ وقت اچي ويجهو ٿيندو سچي وعدي جو ۽ اوچتو ئي انهن ماڻهن جون ڦاٽي پونديون اکيون، جن ماڻهن به ڪفر ڪيو هو. اهي چوندا، هاءِ اسان جي بدبختي، اسين ته غفلت ۾ پيل هئاسين هن ڳالهه کان اسان ئي خطاڪار هئاسين |
إِنَّكُم وَما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ حَصَبُ جَهَنَّمَ أَنتُم لَها وٰرِدونَ (آيت : 98) |
(کين چيو ويندو) بيشڪ توهان ۽ توهان جا خدا جن کي پوڄيو ٿي توهان الله کي ڇڏي، کاڄ آهيو دوزخ جو، توهان کي ته اتي ئي وڃڻو آهي |
لَو كانَ هٰؤُلاءِ ءالِهَةً ما وَرَدوها وَكُلٌّ فيها خٰلِدونَ (آيت : 99) |
جي اهي واقعي خدا هجن ها ته اتي نه وڃن ها، ۽ هاڻي سڀني کي هميشه انهيءَ ۾ رهڻو آهي |
لَهُم فيها زَفيرٌ وَهُم فيها لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
اتي اهي شوڪارا ڀريندا ۽ حال هي هوندن جو کين ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه ايندو |
إِنَّ الَّذينَ سَبَقَت لَهُم مِنَّا الحُسنىٰ أُولٰئِكَ عَنها مُبعَدونَ (آيت : 101) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن جي لاءِ اسان وٽ اڳي ئي چڱائيءَ جو فيصلو ٿيل آهي، سي پڪ سان انهيءَ کان پري رکيا ويندا |
لا يَسمَعونَ حَسيسَها وَهُم فى مَا اشتَهَت أَنفُسُهُم خٰلِدونَ (آيت : 102) |
اهي ڪا ڀڻڪ به نه ٻڌندا ۽ اهي هميشه جي لاءِ پنهنجي دل گُهرين شين جي وچ ۾ رهندا |
لا يَحزُنُهُمُ الفَزَعُ الأَكبَرُ وَتَتَلَقّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ هٰذا يَومُكُمُ الَّذى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 103) |
نه ڪندو ڪوبه وڏي گهٻراهٽ جو وقت کين ذرو به پريشان ۽ اڳتي وڌي وٺندا کين فرشتا هٿوهٿ ته، هي اهو ئي ڏينهن آهي توهان جو جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو |
يَومَ نَطوِى السَّماءَ كَطَىِّ السِّجِلِّ لِلكُتُبِ كَما بَدَأنا أَوَّلَ خَلقٍ نُعيدُهُ وَعدًا عَلَينا إِنّا كُنّا فٰعِلينَ (آيت : 104) |
ان ڏينهن جڏهن ويڙهينداسين آسمان کي ائين جيئن ڪاغذ ويڙهبا آهن، جيئن اسان ابتدا ڪئي هئي پهرين تخليق جي، تيئن ان کي ورجائينداسين، اهو وعدو اسان جي ذمي آهي ۽ اهو پورو ڪيو ويندو |
وَلَقَد كَتَبنا فِى الزَّبورِ مِن بَعدِ الذِّكرِ أَنَّ الأَرضَ يَرِثُها عِبادِىَ الصّٰلِحونَ (آيت : 105) |
۽ اسان لکي ڇڏيو آهي زبور ۾ نصيحت کان پوءِ هي (ذڪر) ته، زمين جا وارث اسان جا ئي ٻانها ٿيندا جيڪي نيڪ هوندا |
إِنَّ فى هٰذا لَبَلٰغًا لِقَومٍ عٰبِدينَ (آيت : 106) |
بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي خبر آهي عبادت گذار ٻانهن جي لاءِ |
وَما أَرسَلنٰكَ إِلّا رَحمَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 107) |
(اي نبي!) اسان توکي موڪليو آهي رحمت ڪري دنيا وارن لاءِ |
قُل إِنَّما يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَهَل أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 108) |
انهن کي چؤ، مون وٽ جيڪو وحي اچي ٿو سو هي آهي ته توهان جو خدا صرف هڪ ئي خدا آهي، پوءِ ڇا سر جهڪايو ٿا توهان ان جي اطاعت ۾؟ |
فَإِن تَوَلَّوا فَقُل ءاذَنتُكُم عَلىٰ سَواءٍ وَإِن أَدرى أَقَريبٌ أَم بَعيدٌ ما توعَدونَ (آيت : 109) |
اگر اهي منهن ڦيرين ته تون چئي ڇڏ ته، مون ظاهر ظهور توهان کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي، آئون نٿو ڄاڻان ته اها شيءِ ويجهي آهي يا پري جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي |
إِنَّهُ يَعلَمُ الجَهرَ مِنَ القَولِ وَيَعلَمُ ما تَكتُمونَ (آيت : 110) |
الله ڄاڻي ٿو اهي ڳالهيون جيڪي اوچي آواز سان چيون وڃن ٿيون ۽ اهي به جيڪي لڪائي ڪيو ٿا |
وَإِن أَدرى لَعَلَّهُ فِتنَةٌ لَكُم وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 111) |
۽ آئون سمجهان ٿو ته توهان جي لاءِ هي دير هڪ فتنو آهي (شايد) ۽ مزا ماڻڻ لاءِ توهان کي موقعو ڏنو پيو وڃي |
قٰلَ رَبِّ احكُم بِالحَقِّ وَرَبُّنَا الرَّحمٰنُ المُستَعانُ عَلىٰ ما تَصِفونَ (آيت : 112) |
رسول چيو، ”اي منهنجا رب! فيصلو ڪر حق سان ۽ اي انسانؤ! جيڪي ڳالهيون ٺاهيو ٿا تن جي مقابلي ۾ اسان جو رب رحمٰن اسان لاءِ مدد ۽ سهارو آهي |