طه (آيت : 1) |
طٰـــہٰ (طا ـ ها) |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
اسان هيءُ قرآن توتي ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته تون مصيبت ۾ پوين |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
اهو ته هڪ نصيحت آهي هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ڊڄندو هجي |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
نازل ڪيو ويو آهي انهيءَ هستيءَ وٽان، جنهن پيدا ڪيو آهي ڌرتيءَ کي ۽ مٿانهن آسمانن کي |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
اهو رحمان (ڪائنات جي) عرش تي قائم آهي |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
مالڪ آهي انهن سڀني شين جو، جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن ۽ جيڪي زمين (۽ سمنڊ) جي تري ۾ آهي |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
توهان کڻي ڏاڍيان ڳالهايو پر هو ته تمام آهستي چــَـيـَـل ڳالهه بلڪه تمام ڳجهي ڳالهه به ڄاڻي ٿو |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
هو الله آهي، هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس نالا ڏاڍا سهڻا آهن |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
۽ ڇا توکي موسيٰ جي قصي جي خبر آهي؟ |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏهن هن هڪ باهه ڏٺي ۽ پنهنجن گهر وارن کي چيائين ته "ٿورو ترسو، پري کان ڪا باهه ڏٺي اٿم، مـَـنَ توهان لاءِ اتان ڪو ٽانڊو کڻي اچان يا انهيءَ باهه تي ئي (رستي جو) ڪو ڏس پتو ملي وڃي". |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
اتي پهتو ته سڏ ٿيس: "اي موسيٰ |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
مان آهيانءِ تنهنجو رب، پوءِ تون پنهنجي جتي لاهه، تون پاڪ طويٰ واديءَ ۾ آهين |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ مان توکي چونڊيو آهي. جيڪي وحي ڪيو پيو وڃي ان کي ڌيان سان ٻڌ |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
، مان ئي الله آهيان. مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونه اٿئي، سو تون منهنجي بندگي ڪر ۽ منهنجي يادگيريءَ لاءِ نماز قائم ڪر |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
قيامت جي گهڙي ضرور اچڻي آهي، مان ان جو وقت مخفي رکڻ ٿو چاهيان ته جيئن هرڪو پنهنجي ڪوشش آهر ڦل پائي |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
پوءِ ڪوبه اهڙو ماڻهو جيڪو ان تي ايمان نٿو آڻي ۽ پنهنجي نفس جي خواهش جي ڪڍ لڳي پيو آهي، توکي ان گهڙيءَ جي فڪر کان نه روڪي ڇڏي، نه ته تون تباهه ٿي ويندين |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
اي موسيٰ! اهو تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
موسيٰ ورندي ڏني: "اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ ڏيئي هلندو آهيان، ان سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پــَـنَ ڇاڻيندو آهيان ۽ ٻيا به گهڻائي ڪم ان کان وٺندو آهيان". |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
فرمايائين: "اڇلائيس اي موسيٰ!" |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
کڻي جو اڇلايائينس ته هڪدم اها نانگ ٿي پئي جيڪو ڊوڙي رهيو هو |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
فرمايائين: "پڪڙيس ۽ ڊڄ نه، اسان ورائي ان کي اصل شڪل ۾ آڻينداسين |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ وجهه ته چمڪندڙ ٿي نڪرندو، بنا ڪنهن عيب جي، اها ٻي نشاني اٿئي |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
ڇو جو اسان توکي پنهنجون وڏيون نشانيون ڏيکارڻ وارا آهيون |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
هاڻي تون فرعون ڏي وڃ، هو ڏاڍو سرڪش بڻجي ويو آهي". |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
موسيٰ عرض ڪيو: "پالڻهار! منهنجو سينو کولي ڇڏ |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ منهنجو ڪم مون لاءِ سؤلو بڻاءِ |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ منهنجي زبان جي هٻڪ لاهي ڇڏ |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
ته جيئن ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهي سگهن |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ مون لاءِ منهنجي ئي ڪٽنب مان هڪڙو وزير مقرر ڪر |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
هارون، جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
ان جي وسيلي منهنجا هٿ مضبوط ڪر |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
تانته اسان تنهنجي خوب پاڪائي بيان ڪريون |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ تنهنجو ذڪر خوب ڦهلايون |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
تو سدائين پئي اسان جي حالت تي نظر رکي آهي |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
فرمايائين: "توکي ڏنو ويو جيڪو تون گهريو اي موسيٰ |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
اسان وري ٻيهر به توتي احسان ڪيو آهي |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
ياد ڪر، جڏهن اسان تنهنجي ماءُ ڏانهن اهو وحي ڪيو هو جيڪي وحيءَ وسيلي ئي ڄاڻائبو آهي |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته انهيءَ ٻار کي پيتيءَ ۾ رکي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيس. درياءُ ان کي ڪناري تي اڇلائي ڦٽو ڪندو ۽ ان کي منهنجو دشمن ۽ سندس دشمن کڻي وٺندو". مان پنهنجي طرفان تو مٿان محبت جي پالوٽ ڪئي ۽ اهڙو بندوبست ڪيو ويو ته جيئن تنهنجي پالنا منهنجي نظرداريءَ هيٺ ٿئي |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
ياد ڪر، جڏهن تنهنجي ڀيڻ پئي هلندي وئي، پوءِ وڃي چيائين ته مان ڏَسُ ڏيانـوَ اهڙي ماڻهو جو جيڪو ان ٻار جي چڱيءَ طرح پالنا ڪري؟ ان ريت اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏي موٽائي آندو، تانته سندس اکيون ٺرن ۽ هوءَ ڏک ۾ نه پوي ۽ (اهو به ياد ڪر ته) تو هڪڙي شخص کي ماري وڌو هو. اسان توکي انهيءَ غم مان به ڪڍي ورتو هو ۽ توکي ڪيترين ئي آزمائشن مان گذاريوسين ۽ تون مدين وارن وٽ ڪيترائي سال رهيو پيو هئين، پوءِ هاڻي اچي پنهنجي پوري وقت تي پهتو آهين اي موسيٰ |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
مان توکي پنهنجي (ڪم) لاءِ چونڊيو آهي |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
وڃو! تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجون نشانيون کڻي ۽ ڏسجو مون کي ياد ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪجو |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو جو هو سرڪش ٿي ويو آهي |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
نرميءَ سان ڳالهائجوس ته مــَـن نصيحت وٺي يا ڊڄي پوي |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
ٻنهي عرض ڪيو: "اسان جا رب! اسان کي ڀؤ آهي ته هو اسان تي ڏاڍ ڪندو يا زيادتي ڪندو". |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
فرمايائين: "ڊڄو نه، مان توهان سان گڏ آهيان، سڀ ڪجهه ٻڌان ۽ ڏسان ٿو". |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
وڃو ۽ وڃي چئوسِ ته اسان تنهنجي رب جا موڪليل آهيون. بني اسرائيل کي ڇڏ ته اسان سان هلن ۽ انهن کي نه ستاءِ . اسان تو وٽ تنهنجي رب جي نشاني کڻي آيا آهيون ۽ سلامتي آهي ان تي جيڪو سنئين واٽ وٺي هلي |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
اسان ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته "عذاب آهي ان لاءِ جيڪو ڪوڙو سڏي ۽ منهن موڙي". |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
فرعون چيو: "پوءِ ڀلا توهان ٻنهي جو رب ڪهڙو آهي اي موسيٰ؟" |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
موسيٰ جواب ڏنو: "اسان جو رب اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سندس بناوت ڏني آهي، پوءِ ان کي رستو ڏيکاريائين". |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
فرعون چيو: "ڀلا جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن، انهن جو ڇا حال هو؟" |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
موسيٰ چيو: "ان ڳالهه جي ڄاڻ منهنجي رب وٽ لکي پئي آهي، منهنجو رب نڪي ڀلجي ٿو ۽ نه وساريندو آهي". |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
اهوئي جنهن توهان لاءِ زمين کي فرش بڻايو آهي ۽ ان ۾ توهان جي هلڻ لاءِ ڪيئي رستا بڻايائين ۽ آسمان مان پاڻي وسايائين. پوءِ ان جي وسيلي قسمين قسمين پيداوار (وڻ ٽڻ ٻوٽا ۽ ساوڪ) اپائي |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
کائو ۽ پنهنجي چوپائي مال کي به چاريو، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن عقل وارن لاءِ |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
انهيءَ ڌرتيءَ مان ئي اسان توهان کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ۾ ئي توهان کي موٽائينداسون ۽ اتان ئي توهان کي وري ٻيهر ٻاهر ڪڍنداسون |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون، پر هو ڪوڙ سڏيندو رهيو ۽ مڃڻ کان انڪار ڪيائين |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
چوڻ لڳو: "اي موسيٰ تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ڇا ته پنهنجي جادوءَ جي زور تي اسان کي اسان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪرين؟ |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
چڱو ڀلا اسان به تنهنجي مقابلي ۾ اهڙو ئي ٿا جادو آڻيون، انجام ڪر ته ڪڏهن ۽ ڪٿي مقابلو ٿئي، نڪي اسان ان انجام کان ڦرنداسون ۽ نه تون ڦرجانءِ . کلئي ميدان ۾ هليو اچجانءِ ". |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
موسيٰ چيو: "جشن وارو ڏينهن مقرر ٿيو. سج مٿي ٿئي ته ماڻهو گڏ ٿي وڃن". |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
فرعون موٽي وڃي پنهنجا سڀ حيلا ۽ اٽڪلون گڏ ڪيون، پوءِ مقابلي تي پهچي ويو |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
موسيٰ (مقابلي شروع ٿيڻ وقت مخالفن ڏي منهن ڪري) چيو: "توهان تي مار پوي الله تي ڪوڙَ نه هڻو نه ته هو سخت عذاب سان توهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندوَ. جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو بي مراد ٿيو" |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
اهو ٻڌي پاڻ ۾ اختلاف ٿي پين ته ڇا ڪجي ۽ آهستي آهستي صلاحون ڪرڻ لڳا |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
نيٺ ڪن ماڻهن چيو ته "اهي ٻئي به رڳو جادوگر اٿوَ. مقصد اهو اٿن ته پنهنجي جادوءَ جي زور تي توهان کي توهان جي زمين مان ڪڍي ڇڏين ۽ توهان جي شاندار رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو انت آڻين |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
سو پنهنجا سمورا حيلا وسيلا ميڙي سيڙي پوءِ گڏجي هڪ ٿي لهي پئو ميدان ۾ ۽ سمجهو ته اڄ جنهن کٽيو، اهو ئي ڪامياب ٿيو" |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
جادوگرن چيو: "اي موسيٰ! تون اڇلائيندين يا اڳ ۾ اسان اڇلايون؟" |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
موسيٰ چين: "نه، توهان ئي اڇلايو". پوءِ ائين جهٽ پٽ سندن رسا ۽ لٺيون انهن جي جادوءَ سببان موسيٰ کي ڊوڙندا محسوس ٿيا |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
۽ موسيٰ پنهنجي دل ۾ ڪجهه ڊڄي ويو |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
اسان چيو ڊڄ نه، تون ئي غالب ٿيندين |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
اڇل جيڪا هٿ ۾ اٿيئي، اجهو ٿي سندن ٺاهيلن کي ڳهي وڃي. جيڪي ڪجهه ٺاهيو اٿن سو ته فقط جادوگر جو کيل آهي ۽ جادوگر ته ڪڏهن ڪامياب ٿيڻو ئي ناهي، جنهن نموني به کڻي اچي". |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
نيٺ سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪيرايا ويا ۽ چئي ڏنائون ته "مڃيوسون اسان به هارون ۽ موسيٰ جي رب کي". |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
فرعون چين: "توهان هن تي ايمان آڻي به ڇڏيو، هن کان اڳ جو مان توهان کي ان جي اجازت ڏيان؟ شڪ نه آهي ته اهوئي توهان جو وڏو آهي، جنهن توهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو هاڻي مان توهان جا هٿ پير ابتـڙ پاسن کان ٿو ڪپرايان ۽ کجيءَ جي ٿــُـڙن تي ٿو توهان کي ڦاهيءَ چاڙهايان. پوءِ پتو پوندوَ ته اسان ٻنهي مان ڪنهن جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ جٽادار آهي" |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
جادوگرن جواب ڏنو: "قسم آهي انهيءَ هستيءَ جو، جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي ته ائين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي ته اسان چٽيون نشانيون آڏو اچڻ کان پوءِ به (سچائيءَ تي) توکي وڌيڪ سمجهون، جيڪو ڪرڻو اٿئي سو ڪر. تون ته وڌ ۾ وڌ هن دنيا جي حياتيءَ جو نبيرو ڪري سگهين ٿو |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
اسان ته پنهنجي رب تي ان ڪري ايمان آندو آهي ته اسان جون خطائون بخشي ۽ اها جادوگري جنهن تي تو اسان کي مجبور ڪيو هو، معاف ڪري ڇڏي، الله ئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ انهيءَ جي ذات ئي باقي رهڻي آهي" |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
حقيقت اها آهي ته جيڪو ڏوهاري بڻجي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پيش ٿيندو، انهيءَ لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾ هو نڪي مرندو نه جيئندو |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪو هن وٽ مؤمن جي حيثيت ۾ حاضر ٿيندو، جنهن نيڪ عمل ڪيا هوندا، اهڙن ماڻهن لاءِ بلند درجا آهن |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
سدائين سرسبز رهڻ وارا باغ آهن، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون، انهن ۾ هو سدائين رهندا. اهو اجورو آهي ان شخص جو جيڪو پاڪائي اختيار ڪندو |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
اسان موسيٰ ڏي وحي ڪيو ته راتوواهه منهنجن ٻانهن کي ساڻ وٺي نڪري پؤ ۽ انهن لاءِ سمنڊ ۾ سڪي واٽ بڻاءِ ۽ ڪنهن جي به ڪڍ لڳڻ جو ڪوبه خوف نه ڪجانءِ ۽ نڪي (سمنڊ جي وچان لنگهندي) ڪو ڀؤ ڪجانءِ |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پويان فرعون پنهنجا لشڪر وٺي نڪتو ته مٿن سمنڊ ائين چڙهي ويو جيئن چئجي |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ فرعون ته پنهنجي قوم کي گمراهيءَ ۾ وڌو هو، ۽ سڌي رستي تي نه لاتو هئائين |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيل! اسان توهان کي توهان جي دشمن کان ڇڏايو ۽ طور (جبل) جي ساڄي پاسي توهان جي پيش ٿيڻ جو وقت مقرر ڪيو ۽ توهان تي من ۽ سلويٰ لاٿاسون |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
کائو اسان جو ڏنل پاڪ رزق ۽ اهو کائي سرڪشي نه ڪريو، نه ته منهنجو غضب توهان تي پئجي ويندو ۽ جنهن تي منهنجو غضب پئجي ويو سو پوءِ برباد ٿيو |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
باقي جنهن تائب ٿي توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين ۽ سڌو سنئون هليو، ان لاءِ مان ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ آهيان |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ ڪهڙيءَ شيءِ توکي پنهنجي قوم کان اڳيئي آڻي ڪڍيو آهي اي موسيٰ؟ |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
عرض ڪيائين: "بس، هو به منهنجي پويان ئي پيا اچن، مان ڪجهه تڪڙو تڪڙو اچي نڪتو آهيان منهنجا رب، ته جيئن تون خوش ٿئين". |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
فرمايائين: "چڱو ٻڌ، اسان تنهنجي پويان تنهنجي قوم کي آزمائش ۾ وڌو ۽ سامريءَ انهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيو". |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
موسيٰ سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ ڀرجي پنهنجي قوم ڏانهن موٽيو. اچي چيائين: "اي منهنجي قوم وارؤ! ڇا توهان جي رب توهان سان ڀلا وعدا نه ڪيا هئا؟ ڇا توهان کي ڪي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن؟ يا توهان پنهنجي رب جو غضب ئي پنهنجي مٿان وجهائڻ ٿي گهريو، جو مون سان ڪيل وعدي کان ڦريا؟ |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
جواب ڏنائون: "اسان توسان پاڻمرادو وعدي خلافي نه ڪئي آهي، پر اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهن جي زيورن جي بار کان وٺجي ويا هئاسون، سو کڻي انهن کي ڦٽو ڪيوسون". پوءِ وري ائين ئي سامريءَ به کڻي ڪجهه وڌو |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
۽ انهن لاءِ گابي جي شڪل وارو بوتو ٺاهي ڪڍي آيو، جنهن مان رنڀ جو آواز پئي نڪتو. ماڻهن وٺي چيو: "اهو اٿوَ توهان جو ۽ موسيٰ جو معبود جنهن کي موسيٰ وساري ڇڏيو هو". |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
ڇا نه پئي ڏٺائون ته اهو نڪي ٿو سندن ڪنهن ڳالهه جي ڪا ورندي ڏئي ۽ نه وري سندن ڪنهن نفعي يا نقصان جي ئي ڪا طاقت اٿس؟ |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳيئي کين چئي چڪو هو ته "منهنجي قوم وارؤ! توهان هن جي ڪري ته فتني ۾ پئجي ويا آهيو، توهان جو رب ته رحمان آهي، تنهنڪري توهان منهنجي پيروي ڪريو ۽ منهنجي ڳالهه مڃو". |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
پر انهن کيس چئي ڇڏيو ته "اسان ته ان سان ڳنڍجڻ کان تيستائين بس ڪري نه ويهنداسون جيستائين موسيٰ اسان وٽ موٽي نه اچي". |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
موسيٰ (قوم کي ڇنڊ ڪڍڻ کان پوءِ هارون ڏانهن مڙيو ۽) چوڻ لڳس: "هارون، تو جڏهن ڏٺو ته گمراهه ٿا ٿين ته توکي ڪنهن جهليو |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
ته منهنجي طريقي تي عمل نه ڪر؟ ڇا تون منهنجي حڪم جي به ابتڙ ڪيو؟" |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
هارون وراڻي ڏنس: "اي امڙ جا پٽ، منهنجي ڏاڙهيءَ کان نه وٺ ۽ مٿي جا وار نه پٽ، مونکي اهو ڀؤ هو ته تون نه اچي چوين ته تو بني اسرائيل ۾ ڏڦيڙ وجهي ڇڏيو ۽ منهنجي چوڻ جو به خيال نه ڪيئي". |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
موسيٰ چيو: "۽ سامري تنهنجو ڇا معاملو آهي؟" |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
هن جواب ڏنو: "مان اها شيءِ ڏٺي جا انهن ماڻهن کي نظر نه آئي، سو مان رسول جي پيرن جي نشان تان هڪ مٺ ڀري کنيم ۽ اها کڻي وڌم ۽ اها ڳالهه منهنجي اندر واري مون کان ڪرائي". |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
موسيٰ چيس: "چڱو وڃ هليو هاڻي، ساري زندگي ائين ئي چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لائجو ۽ تو لاءِ حساب ڪتاب جو هڪڙو وقت مقرر ٿيل آهي، جيڪو تون هرگز نه ٽاري سگهندين ۽ ڏس پنهنجي انهيءَ معبود کي، جنهن تي تون ڄميو بيٺو هئين، هاڻي اسان ان کي باهه ۾ وجهنداسون ۽ پرزا پرزا ڪري درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏينداسون |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
اي انسانؤ! توهان جو معبود ته بس هڪڙو ئي آهي الله، جنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. سندس علم ۾ هر شيءِ اچي وڃي ٿي". |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
اي نبي! اهڙي طرح اسان اڳ ٿي گذريل واقعن جون خبرون توکي ٻڌايون ٿا ۽ اسان خاص پاڻ وٽان توکي هڪڙو ذڪر (قرآن) عطا ڪيو آهي |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جيڪو به ان کان منهن موڙيندو، اهو قيامت جي ڏينهن گناهه جو ڏاڍو ڳرو بار کڻندو |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
۽ اهڙا سڀئي ماڻهو سدائين پيا انهيءَ ۾ لوڙيندا ۽ قيامت جي ڏينهن انهن لاءِ (انهيءَ گناهه جو بار) ڏاڍو بڇڙو ثابت ٿيندو |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن جو صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسان ڏوهارين کي انهيءَ حالت ۾ ميڙي گڏ ڪنداسون جو انهن جون اکيون (دهشت ۽ اُڃ ۾) ڏرا ڏئي ويون هونديون |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
پاڻ ۾ آهستي آهستي چوندا ته "دنيا ۾ ته توهان ڪي ڏهه ڏينهن به مس گذاريا هوندا". |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
اسان کي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته هو ڇا پيا چوندا هوندا (اسان کي اها به خبر آهي ته) ان وقت انهن مان جيڪو اندازي لڳائڻ ۾ مڙني کان وڌيڪ صحيح هوندو، اهو چوندو ته نه! توهان جي دنيا واري زندگي ته فقط هڪڙي ڏينهن جي زندگي هئي |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
(اي نبي ﷺ) توکان پڇن ٿا ته ان ڏينهن ڀلا هي جبل ڪيڏانهن هليا ويندا؟ ٻڌائين ته منهنجو رب انهن کي ڌوڙ بڻائي اڏائي ڇڏيندو |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
۽ زمين کي اهڙو لسو ميدان بڻائي ڇڏيندو |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
جو ان ۾ توکي ڪابه هيٺاهين يا مٿاهين نظر نه ايندي |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينهن سڀئي سڏيندڙ جي سڏ تي سنوان سڌا هليا ايندا، بنا ڪنهن ڏنگائيءَ جي ۽ آوازَ رحمان جي آڏو جهڪا ٿي ويندا، سواءِ هڪ ڀڻ ڀڻ جي ٻيو ڪجهه به نه ٻڌندين |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
انهيءَ ڏينهن ڪائي سفارش ڪم نه ڏيندي، باقي جي رحمان ڪنهن کي اجازت ڏئي ۽ ان جي ڳالهه ٻڌڻ پسند ڪري |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
هو ته ماڻهن جو سڀ اڳيون پويون حال ڄاڻي ٿو ۽ ٻين کي ته ڪا پوري ڄاڻ ڪانهي |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
ماڻهن جا منهن انهيءَ حي ۽ قيوم جي آڏو جهڪيل هوندا، بڇڙا ٿيا انهيءَ جا ڀاڳ، جنهن ڪنهن ظلم جي گناهه جو بار کنيو هوندو |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ ڪنهن به ظلم يا حق مارجڻ جو ڪوبه خطرو ان ماڻهوءَ لاءِ نه هوندو، جيڪو نيڪ عمل ڪري ۽ مؤمن به هجي |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اي نبي! اهڙيءَ طرح اسان هن قرآن کي عربي ٻوليءَ ۾ نازل ڪيو آهي ۽ ان ۾ نموني نموني جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون آهن ته مَن ڪو اهي پرهيزگار ٿين يا ان وسيلي ڪا سمجهه ڌارين |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ مٿي ۽ مٿانهون ته الله آهي، سچو پچو بادشاهه ۽ (اي پيغمبر) ڏس قرآن پڙهڻ ۾ اُٻهرائي نه ڪندو ڪر، جيستائين توڏانهن ٿيندڙ ان جو وحي پورو نه ٿئي ۽ دعا گهرندو ڪر ته اي منهنجا رب! منهنجو علم اڃان به وڌاءِ |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
اسان هن کان اڳ آدم کي هڪڙو حڪم ڏنو هو، مگر هو وساري ويٺو ۽ اسان منجهس ڪو پڪو ارادو نه ڏٺو |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
ياد ڪر اهو وقت، جڏهن اسان فرشتن کي چيو هو ته آدم کي سجدو ڪريو ته اهي سڀئي ته سجدي ۾ هليا ويا، پر هڪڙي ابليس انڪار ڪيو |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
تنهن تي اسان آدم کي چيو ته "ڏس، اهو تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن اٿيئي، سو متان اهو توهان کي جنت مان نه ڪڍائي ڇڏي ۽ تون مصيبت ۾ پئجي وڃين |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
اُتي (جنت ۾) ته توکي اهي سک آهن جو نڪي بکيو ۽ انگ اگهاڙو ٿو رهين |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
۽ نه وري ڪا اُڃ ۽ اُس توکي ستائي ٿي". |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پر شيطان هن کي ورّغلائي وڌو، چيائينس: "اي آدم ڇا توکي مان ڏس ڏيان اهڙي وڻ جو، جنهن وسيلي هميشه واري زندگي ۽ نه ختم ٿيندڙ بادشاهي حاصل ٿيندي آهي؟" |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
نيٺ ٻنهي (زال مڙس) انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، پوءِ هڪدم ٻنهي جون اوگهڙيون هڪ ٻئي جي آڏو کلي پيون ۽ لڳا پاڻ کي جنت جي پنن سان ڍڪڻ. آدم پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ۽ سڌيءَ واٽ کان ٿـڙي ويو |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
پوءِ وري سندس رب کيس چونڊي ورتو ۽ سندس توبه قبول ڪيائين ۽ کيس هدايت عطا ڪيائين |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
۽ فرمايائين: "توهان ٻئي (ٽولا ــ يعني انسان ۽ شيطان) هتان لهي وڃو، توهان هڪٻئي جا دشمن ٿي رهندؤ. پوءِ جيڪڏهن مون وٽان ڪا هدايت اچي وڃيوَ ته جيڪو به منهنجي انهيءَ هدايت جي پيروي ڪندو، اهو نڪي ڀٽڪندو ۽ نه بدبختيءَ جو منهن ڏسندو |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪو منهنجي ذڪر (نصيحت) کان منهن موڙيندو، ان جي دنيا واري زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندي ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کيس انڌو ڪري اٿارينداسون |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
هو چوندو: "منهنجا پالڻهار! مونکي ڇو انڌو ڪري اٿاريو اٿئي! دنيا ۾ ته مان سڄو هوس؟" |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
الله فرمائيندو: "جيئن اسان جون آيتون تو وٽ آيون ته تو انهن کي وساري ڇڏيو هو، تيئن اڄ توکي به وساريو پيو وڃي". |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
اهڙي نموني جو بدلو اسان حد کان لنگهڻ واري ۽ پنهنجي رب جي آيتن کي نه مڃڻ واري کي (دنيا ۾) ڏيندا آهيون ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به سخت ۽ سدائين رهندڙ آهي |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
پوءِ ڀلا انهن ماڻهن کي (تاريخ جي ڏنل ان سبق مان) ڪا هدايت نه ملي آهي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترين ئي قومن کي اسان برباد ڪري چڪا آهيون، جن جي (ويران ٿيل) ڳوٺن ۾ اڄڪلهه اهي گهمندا ڦرندا وتن ٿا؟ حقيقت ۾ انهيءَ ۾ عقل وارن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
جيڪڏهن تنهنجي رب جي پاران هڪڙي ڳالهه اڳواٽ ئي طئي ٿيل نه هجي ها ۽ مهلت جو وقت مقرر ڪيل نه هجي ها ته انهن جو ضرور فيصلو ٿي وڃي ها |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
تنهنڪري اي نبي! جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو پيا ٿا ڪن، انهن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر، سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ ۽ رات جي پهرن ۾ به تسبيح ڪر ۽ ڏينهن جي ڇيڙن تي به، ته مــَـنَ تون راضي رهين |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ تون نهار ئي نه دنيا جي انهيءَ رونق ڏانهن، جنهن سان اسان انهن مان ڪن ماڻهن کي نوازيو آهي. اهو ته اسان انهن کي آزمائش ۾ وجهڻ لاءِ ڏنو آهي ۽ تنهنجي رب جو ڏنل حلال رزق ئي سڀ کان ڀلو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
پنهنجي ڪٽنب وارن کي نماز جي تلقين ڪر ۽ پاڻ به ان تي قائم رهه، اسان توکان ڪو رزق نٿا گهرون، اسان ته پاڻ توکي رزق ٿا ڏيون ۽ چڱي پڇاڙي آهي ئي پرهيزگاريءَ جي لاءِ |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
اهي چون ٿا ته هيءُ شخص پنهنجي رب وٽان ڪا نشاني (معجزو) ڇو نه ٿو آڻي؟ ڇا وٽن اها شيءِ نه آئي آهي، جا اڳين ڪتابن ۾ لکيل ڳالهين کي چٽيءَ طرح بيان ڪندڙ آهي؟ |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
جيڪڏهن اسان هن جي اچڻ کان اڳ کين ڪنهن عذاب سان برباد ڪيون ها ته وري اهي ئي چون ها ته اي اسان جا رب! تو اسان ڏانهن ڪو رسول ڇونه موڪليو هو ته ذليل خوار ٿيڻ کان اڳواٽ ئي اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها؟ |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
اي نبي! چوين ته هر ڪو پيو ٿو انتظار ڪري ته ڇا ٿيندو، سو توهان به انتظار ڪريو، سگهوئي توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڪير سڌيءَ واٽ تي هلڻ وارا آهن ۽ ڪنهن کي هدايت نصيب ٿي آهي |