طه (آيت : 1) |
(اي) طه (رسول الله) |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون ايڏيءَ تڪليف ۾ پوين. |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
پر جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو تنهن جي نصيحت لاءِ. |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
ان جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي. |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
اهو رحمان آهي جيڪو عرش تي (حڪمراني جي لاءِ) قائم آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي زمين جي هيٺان آهي سو (سڀ) سندس (ئي) آهي. |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
۽ جيڪڏهن تون ڏاڍيان ڳالھ ڪندين (توڙي آهستي تڏهن به) هو ڳجھ کي ۽ ان کان به لڪل ڳالھ کي ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. سندس سٺا (سٺا) نالا آهن. |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
۽ (اي پيغمبر) ڇا تو کي موسى جي خبر پهتي آهي؟ |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
ته جڏهن ان پري کان باھ ڏٺي ته پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته اوهين هتي ترسو مون باھ ڏٺي آهي.من ان مان ڪا چڻنگ اوهان وٽ کڻي اچان يا ته باھ وٽ (وڃڻ سان) مون کي رستي جو پتو پوي. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جڏهن باھ وٽ آيو ته ان کي سڏ ٿيو ته اي موسى! |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
آءُ ئي تنهنجو پروردگار آهيان! تون پنهنجيون ٻئي جوتيون لاھ! ڇو ته تون (هن وقت) طوى (نالي) هڪ پاڪ پاڪيزه وادي ميدان ۾ آهين. |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ مون تو کي (پيغمبريءَ جي لاءِ) پسند ڪيو آهي پوءِ (تو ڏي) جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو سو (چڱي طرح) ٻڌندو رھ! |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
بيشڪ آءُ ئي الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر! |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
ڇو ته قيامت ضرور اچڻ واري آهي ۽ آءُ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو ته جيئن هر شخص (ان جي خوف کان نيڪي ڪري) ۽ جهڙي ڪوشش ڪئي اٿس تنهن جو بدلو کيس ڏنو وڃي. |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
پوءِ جيڪو ان (قيامت) کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو پيو آهي سو تو کي متان ان (جي مڃڻ) کان روڪي ته تون تباھ ٿي ويندين. |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ اي موسى تنهنجي سڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
چيائين ته اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو، ۽ ان سان پنهنجين ٻڪرين لاءِ (وڻنجا پن) ڇاڻيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجا ٻيا ڪم به آهن. |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
خدا فرمايو، اي موسى! ان کي زمين تي ته ڦٽو ڪر! |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
موسى ان کي اڇليو پوءِ ان ئي وقت اها هڪ ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيئي. |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
(اها ڏسي موسى ڀڳو ته) خدا فرمايو، ان کي جهل ۽ نه ڊڄ! اسين ان کي پهرين شڪل ۾ وري ڪري ٿا ڇڏيون. |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ ته وجھ ته اهو ڪنهن عيب کان سواءِ سفيد ٿي نڪرندو، اهو ٻيو معجزو آهي. |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
هن لاءِ ته اسين تو کي ڪجھ پنهنجيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون. |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
هاڻي تون فرعون ڏي وڃ! ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو سينو ڪشادو ڪرڻ فرمائي (دلير بڻائي). |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ مون لاءِ منهنجو ڪم آسان ڪرڻ فرمائي. |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ منهنجي زبان تان (هٻڪ جي) ڳنڊ کول. |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
ته اهي منهنجي ڳالھ سمجهن. |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ منهنجي اهل مان منهنجي لاءِ هڪ وزير (رسالت جو بار کڻڻ وارو) مقرر ڪر. |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
منهنجي ڀاءُ هارون کي. |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
ان جي ذريعي منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر. |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر. |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
ته اسين ٻئي (گڏجي) تنهنجي پاڪائي وڌيڪ بيان ڪريون. |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ تو کي وڌيڪ ياد ڪريون. |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ تون اسان جي حالت ڏسي رهيو آهين. |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
فرمايائين، اي موسى تنهنجون سڀئي درخواستون منظور ڪيون ويون. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ اسان تو تي هڪ ٻيو دفعو به احسان ڪيو آهي. |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏهن تنهنجي ماءُ کي اها ڳالھ الهام ڪئي سون جا هاڻي وحي جي ذريعي تو کي ٻڌايون ٿا. |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته تون (موسى کي) صندوق ۾ رکي ۽ دريا ۾ لوڙهي ڇڏ، پوءِ دريا کيس ڌڪا ڏيندو ڪناري تي اڇلائيندو، پوءِ موسى کي منهنجو دشمن (فرعون) کڻندو ۽ مون تو تي پنهنجي محبت جو (اثر) وڌو (ته جو ڏسي، پيار ڪري) ته جيئن تون منهنجي خاص نظرداري ۾ پلجين. |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلي(۽ فرعون جي گهر اچي) چيائين: چئو ته آءُ اوهان کي هڪ دائيءَ جو ڏس ڏيان جيڪا هن کي چڱي طرح پالي، ته (اهڙيءَ طرح) اسان تو کي وري تنهنجي ماءُ تائين پهچايو ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ تنهنجي جدائي تي) ڏک نه ڪري. ۽ تو هڪ شخص (قبطي) کي ماري ڇڏيو (۽ سخت پريشان هئين) ته اسان تو کي ان غم کان ڇڏايو ۽ اسان تو کي چڱي طرح آزمايو پوءِ تون ڪيترائي سال مدين جي ماڻهن وٽ وڃي رهين، (اي موسى) وري تون ان حد کي پهتين جا حد رسالت جي تبليغ جي لاءِ لکيل هئي. |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ مون تو کي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو. |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
تون پنهنجي ڀاءُ (هارون) سميت اسان جا معجزا کڻي وڃ! ۽ اوهين ٻئي منهنجي ياد ۾ گهٽائي نه ڪجو! |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
اوهين ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ هن سان (وڃي) نرميءَ سان ڳالهايو ته نصيحت مڃي يا ڊڄي. |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
ٻنهي عرض ڪيو ته اي اسان جا پالڻهار! اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي زيادتي ڪري يا اڃا به وڌيڪ سرڪش ٿئي. |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
(خدا) فرمايو، ڊڄو نه! بيشڪ آءُ اوهان سان گڏ آهيان (۽ سڀ ڪجھ) ٻڌان ٿو ڏسان ٿو. |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
مطلب ته اوهين ٻئي هن وٽ وڃو ۽ کيس چئو ته اسين تنهنجي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي ۽ کين نه ستائي اسين تو وٽ تنهنجي پروردگار جو معجزو کڻي آيا آهيون. ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو تنهن لاءِ سلامتي آهي. |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
بيشڪ اسان ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته ان شخص لاءِ يقيني عذاب آهي جنهن (خدا جي آيتن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (ان جي حڪم کان) منهن موڙيو (مطلب ته ويا ۽ چيائونس ته). |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
فرعون پڇيو اي موسى نيٺ اوهان ٻنهي جو پالڻهار ڪير آهي؟ |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
(موسى) چيس، اسان جو پالڻهار اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سندس لاءِ (مناسب) شڪل عطا فرمائي پوءِ هن (زندگي گذارڻ جا) طريقا ڏسيا. |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
پوءِ ان پڇيو ته ڀلا اڳين ماڻهن جو حال (ته ٻڌائي) ڇا ٿيو؟ |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
(موسى) چيس انهن ڳالهين جو علم منهنجي پروردگار وٽ هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. منهنجو پروردگار نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
جنهن اوهان (جي فائدي) لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ رستا ڪڍيا ۽ ان ئي آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ (خدا ٿو فرمائي ته) اسان ئي ان پاڻيءَ جي ذريعي جدا جدا قسمن جا اوڀڙڪڍيا. |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
ته جيئن اوهين پاڻ به کائو ۽ جانورن کي به چاريو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
اسان ئي ان زمين مان اوهان کي پيدا ڪيو ۽ (مرڻ کان پوءِ وري) ان ۾ (اوهان کي) موٽائينداسون ۽ ان مان ٻئي ڀيري (قيامت) ۾ ڪڍنداسون. |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ بيشڪ اسان هن (فرعون) کي پنهنجيون سڀ نشانيون ڏيکاريون تڏهن به هن (سڀني کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نه مڃيو. |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
(۽) چوڻ لڳو، اي موسى ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته تون پنهنجي جادوءَ جي زور سان اسان کي اسان جي زمين (مصر) ما ڪڍين؟ |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
(چڱو ته ترس!) اسان به تنهنجي اڳيان اهڙو ئي جادو آڻيون ٿا ته پوءِ تون پنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ هڪ وقت مقرر ڪر جنهن جي ابتڙ نه اسين ڪريون ۽ نه تون ۽ (مقابلو) ڪنهن صاف سڌي ميدان ۾ ٿئي. |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
موسى چيس ته اوهان جي (مقابلي جي) مدت زينت (عيد) جو ڏينهن آهي ۽ ڀل ته ماڻهن کي ڏينهن چڙهي گڏ ڪيو وڃي. |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
تنهن کان پوءِ فرعون (پنهنجي جاءِ ڏي) موٽي ويو ۽ پنهنجيون تدبيرون (جادوءَ جو سامان) گڏ ڪرڻ کان پوءِ (مقابلي لاءِ) آيو. |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
(موسى) کين چيو ته اوهان جي ستيا ناس ٿيندي. خدا تي ڪوڙ نه هڻو نه ته هو ڪنهن عذاب سان اوهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو مراد کي نه پهتو. |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
تنهن تي اهي ماڻهو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪن ۾ سس پس ڪرڻ لڳا. |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
(نيٺ) چئي ڏنائون ته بيشڪ هي ٻئي ائين گهرن ٿا ته اوهان کي جادوءَ (جي زور) سان اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪن ۽ اوهان جي سٺي مذهب کي مٽائي ڇڏين. |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
ته اوهين به پنهنجين (جادو وغيره جي) تدبيرن کي گڏ ڪريو (ان کان) پوءِ قطار ٻڌي (سندن مقابلي لاءِ) اچو. ۽ بيشڪ جيڪو اڄ غالب ٿيو، سو ئي ڪامياب رهندو. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
(مطلب ته جادوگرن) چيو اي موسى ته (پهريائين) تون (جادو) اڇلائي يا اول اڇلائڻ وارا اسين ٿيون. |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
موسى چيو ته، نه اوهين اڇلايو. ته (پوءِ هنن پنهنجو ڪرتب ڏيکاريو) ان ئي وقت موسى کي سندن جادوءَ (جي زور) سان ائين معلوم ٿيو ته هنن جون رسيون ۽ لٺيون ڊوڙي رهيون آهن. |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
ته موسى کي پنهنجي دل ۾ ڊپ معلوم ٿيو. |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
اسان (موسى کي) چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ تون غالب ٿيندين. |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ تنهنجي سڄي هٿ ۾ جا (لٺ آهي سا اڇلائي! ته جيڪي بنايو اٿن تنهن کي ڳهي وڃي. انهن جيڪي ڪرتب ڪيو آهي سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر جتي به وڃي ڪامياب نٿو ٿئي. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
(مطلب ته موسى جي لٺ جڏهن سڀ هڙپ ڪري ڇڏيو ته اهو ڏسندي ئي) سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا (۽) چوڻ لڳا ته اسان موسى ۽ هارون جي رب تي ايمان آندو. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
فرعون (کين) چيو (اڙي) اوهان ان تي ايمان آندو! هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي اجازت ڏيان؟ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اوهان سڀني جو وڏو (گرو) آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، ته پوءِ آءُ ضرور اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ سوريءَ تي چاڙهيندس. پوءِ توهان کي (چڱيءَ طرح) معلوم ٿيندو ته اسان (ٻنهي جماعتن) مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي. |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
انهن چيو ته جيڪي ظاهر معجزا اڳيان آيا (اسان ڏٺا) تن تي ۽ جنهن (خدا) اسان کي پيدا ڪيو تنهن کان اسين تو کي ترجيح نه ڏينداسون پوءِ تو کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪر تون رڳو (هن فاني) دنيا جي هن حياتيءَ ۾ ئي حڪومت ڪري سگهين ٿو. |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
(۽ چيائونس ته) بيشڪ اسان پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هن لاءِ ته هو اسان کي اسان جون خطائون ۽ جو جادو تو اسان کي زبردستي ڪرايو سو معاف ڪري. ۽ الله سڀ کان چڱو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي. |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
بيشڪ جيڪو پنهنجي پالڻهار وٽ ڏوهاري ٿي ايندو تنهن جي لاءِ پڪ دوزخ آهي جنهن ۾ نه ته اهو مرندو ۽ نه وري جيئرو رهندو (سيسراٽيون ۽ سڏڪا ڀريندو رهندو) |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جو سندس حضور ۾ ايماندار ٿي ايندو ۽ ان چڱا چڱا ڪم به ڪيا هوندا ته انهن لاءِ تمام وڏا درجا آهن. |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
هي سدا بهار باغ آهن جن هيٺان واھ وهن ٿا (۽) اهي ان ۾ هميشه رهندا. ۽ جي (گناھ کان) پاڪ صاف رهيا آهن تن جو اهو بدلو آهي. |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ اسان موسى ڏي وحي ڪيو تون راتو رات منهنجن ٻانهن (بني اسرائيلن) کي (مصر مان) وٺي نڪر، پوءِ انهن لاءِ دريا ۾ (لٺ هڻي) سڪل رستو بنائي. (۽) تون نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه (ٻڏڻ جو) ڊپ ڪر. |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ فرعون پنهنجي لشڪر سان سندن پٺيان پيو. پوءِ ته درياءَ (جي پاڻيءَ جو ريلو) جيئن انهن کي ويڙهي ويو سو ويڙهي ويو. |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراھ ڪري ڇڏيو ۽ کين هدايت نه ڪئي. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيلو اسان اوهان کي اوهان جي دشمن (جي چنبي) کان ڇڏيو ۽ (جبل) طور جي سڄي پاسي جو وعدو ڪيو ۽ اسان ئي اوهان تي من ۽ سلوى لاٿو. |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
۽ (فرمايو ته) اسان جيڪي پاڪ (شيون) اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن تن مان کائو (پيئو) ۽ ان ۾ (ڪنهن قسم جي) شرارت نه ڪريو، نه ته اوهان تي منهنجو غضب نازل ٿيندو. (ياد رکو! ته) جنهن تي منهنجو غضب نازل ٿيو ته اهو پڪ گمراھ (برباد) ٿيو. |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ جو شخص توبه ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ سٺا سٺا ڪم ڪري ۽ وري ثابت قدم رهي ته اسين ان کي پڪ بخشڻ وارا آهيون. |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ (پوءِ جڏهن موسى ستر ماڻهن کي ساڻ ڪري نڪتو ۽ پاڻ اڳ ۾ وڌي آيو ته اسان کيس چيو ته) اي موسى! تو پنهنجي قوم کان اڳي پهچڻ ۾ ڇو تڪڙ ڪئي؟ |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
عرض ڪيائين، اهي به ته منهنجي پويان پويان پيا ٿا اچن ۽ اي منهنجا خدا، مون تو ڏي (اچڻ ۾) هن لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون (مون کان) راضي ٿئين. |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
خدا فرمايو ته پوءِ پڪ اسان تنهنجي قوم جو تو کان پوءِ امتحان ڪيو ۽ سامريءَ انهن کي گمراھ ڪري ڇڏي. |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ (ته موسى ڪاوڙ ۾ ڀرجي افسوس پڇتائيندو پنهنجي قوم ڏي موٽيو ۽ (اچي کين) چوڻ لڳو، اي منهنجي (بدبخت) قوم! ڇا اوهان سان اوهان جي پروردگار هڪ چڱو وعدو (توريت ڏيڻ جو) نه ڪيو هو؟ ڇا پوءِ اوهان سان وعدي ۾ ڊگهو عرصو لڳو يا اوهان گهريو ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار جي طرفان غضب پوي، اوهان مون سا ڪيل وعدي (خدا جي عبادت ڪرڻ) جي ابتڙ ڪيو. |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
انهن چيو ته اسان پنهنجي اختيار سان تو سان ڪيل وعدي جي ابتڙ نه ڪيو آهي پر (ڳالھ هئين آهي ته فرعون جي) قوم جي زيورن جا ڳرا بار جي (مصر مان نڪرڻ وقت) هئا تن کي اسان (سامري جي چوڻ تي باھ ۾ اڇلايو پوءِ اهڙيءَ طرح سامريءَ وڌو. |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ انهن لاءِ (انهن زيورن مان سامريءَ هڪ رنڀ ڪندڙ گابي جهڙي مورت بنائي. جنهن جو آواز گابي جهڙو هو تڏهن ڪن ماڻهن چيو ته هي اوهان جو (به) معبود آهي ۽ موسى جو معبود آهي پر هو ڀلجي ويو آهي. |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
ڇا پوءِ نٿا ڏسن ته اهو انهن کي ڪنهن به ڳالھ جو ڪو جواب نٿو ڏئي. ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو. |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ هارون کين هن کان اڳ چيو به هو ته اي منهنجي قوم! توهان جو رڳو گابي سان امتحان ورتو ويو آهي. ۽ بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏو مهربان (الله) آهي. ته اوهين منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو حڪم مڃيو. |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
انهن چيو ته اسين ان جي پوڄا تي ڄميا رهنداسون جيستائين اسان وٽ موسى موٽي اچي. |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
(موسى، هارون کي) چيو اي هارون تو جڏهن هنن کي ڏٺو هو ته گمراھ ٿي پيا آهن، ته تو کي ڪنهن روڪيو. |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
منهنجي پيروي (جهاد) ڪرڻ کان. ته ڇا تو منهنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟ |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
هارون چيو به ته او منهنجي ماءُ ڄايا ڀاءُ! منهنجي ڏاڙهيءَ کي نه جهل ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي. آءُ (هن ڳالھ کان) ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ منهنجي ڳالھ جو ڪو خيال نه رکيو. |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
(تڏهن سامريءَ کي) فرمايائين ته او سامري! تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
(هن جواب ۾) چيو،مون کي اها شيءِ ڏکائي ڏني جا ٻين کي نه سجهي (جبرائيل گهوڙي تي وڃي رهيو هو) ته مون هڪ مٺ (مٽيءَ جي) کڻي ورتي. پوءِ مون (گابي جي قالب ۾) وڌي ته اهو ائين رنڀڻ لڳو ۽ ان وقت ته مون کي منهنجي نفس (اها ڳالھ) چڱي ڪري ڏيکاري. |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
موسى چيو ته وڃ (پري ٿي) تنهنجي لاءِ (هن فاني دنيا) جي زندگي ۾ ته (هيءَ سزا آهي) جو تون چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لايو نه ته بخار چڙهي ويندو) ۽ (آخرت ۾ به) پڪ تنهنجي لاءِ (عذاب جو) وعدو آهي جو تو تان ٽري نه سگهندو. ۽ پوءِ تون پنهنجي معبود (گابي) ڏي (ته) ڏس جنهن تي تون ڄميو رهيو هئين. اسين ان کي ضرور ساڙينداسون وري ان (رک) کي درياءَ ۾ اڏائي ڇڏينداسون. |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
اوهان جو معبود اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. سڀ ڪا شيءِ سندس علم ۾ گهيريل آهي. |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
(اي پيغمبر) اهڙيءَ طرح اسان تو کي گزريل واقعات ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ اسان تو کي پنهنجي بارگاھ مان ذڪر (قرآن) عطا ڪيو. |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جنهن ان کان منهن ڦيريو سو قيامت جي ڏينهن پڪ (پنهنجي برن ڪرتوتن جو) بار کڻندو. |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
۽ ان حال ۾ هميشه رهندو ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي جو قيامت جي ڏينهن اهي ماڻهو کنيو وتندا. |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسين ان ڏينهن گنهگارن کي (سندن) اکيون ٽيليون (انڌيون) ڪري (پنهنجي سامهون) گڏ ڪنداسون. |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان هوريان چوندا هوندا ته (دنيا يا قبر ۾) اسين ماڻهو (وڌ ۾ وڌ) ته رڳو ڏھ ڏينهن رهيا هونداسون. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
جيڪي اهي چوندا تنهن کي اسين خوب ڄاڻون ٿا ته انهن ۾ جو سڀ کان هوشيار هوندو چوندو اوهين ته بس (وڌ ۾ وڌ) رڳو هڪ ڏينهن رهيا آهيو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ (اي پيغمبر) تو کان جبلن جو پڇن ٿا (ته قيامت جي ڏينهن اهي ڪئين هوندا؟) سو تون فرمائين ته انهن کي منهنجو پروردگار ذرا ذرا ڪري اڏائيندو. |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
پوءِ زمين کي سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو. |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
نه ان ۾ هيٺائين ڏسندين نه مٿاهين. |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينهن ماڻهو هڪ سڏيندڙ (اسرافيل جي آواز) پٺيان هلندا. ان (هلڻ) ۾ ڪا به ڏنگائي نه هوندي (بلڪل سڌا نوان هلندا) ۽ وڏي مهربان (الله جي دهشت) کان آواز دٻجي ويندا پوءِ تون ڀڻ ڀڻ کان سواءِ ڪجھ نه ٻڌيندين. |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
ان ڏينهن ڪنهن جي سفارش فائدو نه ڏيندي مگر جنهن کي وڏي مهربان (الله) اجازت ڏني هوندي ۽ ان جي ڳالھ کي پسند ڪيو هوندائين. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
۽ جو ڪجھ انهن ماڻهن جي اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) هو ڄاڻي ٿو ۽ سندن علم الله کي گهيري نٿو سگهي. |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ (قيامت ۾) ساري خدائي جا) منهن. زنده پائنده خدا جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هوندا. ۽ جنهن شخص ظلم جو بار (پنهنجي سر تي) کنيو اهو پڪ مراد کي نه پهتو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جنهن سٺا سٺا ڪم ڪيا ۽ اهو ايمان وارو به هوندو ته ان کي نه ڪنهن قسم جي بي انصافي جو ڊپ هوندو ۽ نه ڪنهن نقصان جو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اهڙي طرح اسان عربي ٻوليءَ ۾ قرآن لاٿو آهي ۽ ان ۾ طرح طرح جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بيان ڪيون اٿئون ته من اهي پرهيزگار ٿين يا انهن (جي دلين) ۾ يا انهن ۾ سمجھ پيدا ڪري. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ (ٻنهين جهانن جو) سچو حاڪم خدا برتر ۽ اعلى آهي. ۽ (اي پيغمبر) قرآن (جي پڙهڻ) ۾ جلدي نه ڪر هن کان اڳ جو تو ڏي ان جي وحي پوري پهچائي وڃي، ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو علم اڃا به زياده ڪر. |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
۽ اسان آدم کان اڳ ۾ ئي عهدو وٺي ڇڏيو هو (ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃج) ته آدم ان (ڳالھ) کي وساري ڇڏيو ۽ اسان ان جو ارادو پڪو نه ڏٺو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته انهن سجدو ڪيو، مگر شيطان انڪار ڪيو. |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
ته اسان (آدم کي) فرمايو: اي آدم! پڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجيءَ زال جو دشمن آهي سو، هو اوهان ٻنهي کي متان جنت مان ڪڍي، نه ته (دنيا جي) تڪليف ۾ ڦاسي پوندا. |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ تو لاءِ (جنت ۾) هي ڳالھ آهي جو تون ان ۾ نه بکيو ٿيندين ۽ نه اگهاڙو ٿيندين. |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
(اتي هي مزو به آهي جو) تو کي ان ۾ نه اڃ لگندي ۽ نه اس لڳندي. |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
ته شيطان سندن دل ۾ وسوسو وڌو (۽) چيائين ته اي آدم! ڇا آءُ تو کي هميشه (جيئري) رکڻ واري وڻ، زبون نه ٿيڻ واري بادشاهي جو ڏس ڏيان؟ |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
پوءِ انهن ٻنهي (زال مڙس) ان مان ڪجھ کاڌو ته ٻنهي کي سندن اگهاڙ نظر آئي. ۽ ٻئي پاڻ تي جنت جي (وڻن جا) پن ويڙهڻ لڳا ۽ آدم پنهن جي پروردگار جي نافرماني ڪئي تنهن ڪري ناڪام ٿيو (راھ ثواب کان بي راھ ٿيو). |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
تنهن کان پوءِ ان کي سندس پالڻهار پسند ڪيو پوءِ سندس توبه قبول ڪيائين ۽ سندس هدايت ڪئي. |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
(خدا) فرمايو ته اوهين ٻئي بهشت مان هيٺ وڃي، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته (ان جي پيروي ڪجو) ڇو ته جو شخص منهنجيءَ هدايت تي هلندو سو نه گمراھ ٿيندو ۽ نه تڪليف ۾ پوندو. |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪو مون کي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيندو تنهن لاءِ بيشڪ گزران آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو (ڪري) اٿارينداسون. |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
اهو عرض ڪندو ته اي منهنجا پروردگار تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو؟ (دنيا ۾ ته) اکين وارو هوس. |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
الله فرمائيندو ته اهڙيءَ طرح ئي (هئڻ گهرجي ڇو ته) اسان جون آيتون به ته تو وٽ آيون هيون ته تو انهن کي وساري ڇڏيو. ۽ اهڙي طرح اڄ تو کي وساريو ويندو. |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ جيڪو (حد کان) ٽپيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن تي ايمان نه آندو تنهن کي اهڙو ئي بدلو ڏبو. پڻ آخرت جو عذاب ته پڪ تمام سخت ۽ گهڻو وقت رهڻ وارو آهي. |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
ته ڇا! (هنن مڪي وارن کي) ان (خدا) نه ٻڌايو هو ته اسان انهن کان اڳ ڪيترن ئي ماڻهن کي برباد ڪيو جن جي گهرن ۾ اهي ماڻهو گهمن ڦرن ٿا. ان ۾ شڪ نه آهي ته عقل وارن جي لاءِ هن ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن. |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان اڳ ۾ ئي هڪ انجام ۽ (عذاب جو) هڪ مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (سندن حرڪتن ڪري) يڪدم عذاب جو اچڻ لازمي ڳالھ هئي. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ (اي رسول) جيڪي اهي ڪافر بڪن ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح، سج نڪرڻ کان اڳ ۽ ان جي لهڻ کان اڳ بيان ڪندو رھ. ۽ ڪجھ رات جون گهڙيون به پاڪائي بيان ڪر ۽ ڏينهن جي طرفن ۾ به، ته تون خوش رهين. |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ (اي رسول) جو ان مان ڪجھ ماڻهن کي دنيا جي هن فاني حياتيءَ جي زينت سان نهال ڪيو آهي سو هن لاءِ ته اسين انهن جو ان ۾ امتحان ڪريون، تون پنهنجون نظرون اوڏانهن نه وڌائي. پڻ (ان کان) تنهنجي پروردگار جي روزي (آخرت جو ثواب) گهڻو چڱو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي. |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ تون پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ تون پاڻ به ان جو پابند رھ. اسين تو کان رزق ته نٿا گهرون (پر) رزق تو کي ڏيون ٿا. ۽ پڇاڙي ته پرهيزگارِيءَ جي چڱي آهي. |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
۽ (مڪي وارا) چوندا پنهنجي پروردگار جي طرفان اسان ڏي ڪو معجزو (اسان جي مرضي وارو) ڇو نٿو آڻين؟ ته ڇا جيڪي (پيشنگويون پهرين ڪتابن (توريت، انجيل) ۾ آيون آهن (سي به) انهن وٽ ڪين پهتيون آهن؟ |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
۽ جيڪڏهن اسين انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ ڪنهن عذاب سان برباد ڪريون ها ته اي اسان جا پروردگار! تو اسان ڏي ڇا لاءِ ڪو رسول نه موڪيلو ته اسين ذليل ٿيڻ ۽ خوار ٿيڻ کان اڳي تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها. |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
(اي رسول! کين) چئو ته هر هڪ (پنهنجي نتيجي جو) منتظر آهي ته اوهين به انتظار ڪريو. پوءِ اوهين ڄاڻندو ته سڌي رستي وارا ڪير آهن ۽ ڪنهن سڌو رستو لڌو آهي (۽ گمراھ ڪير آهي). |