طه (آيت : 1) |
طٰہٰ، جي تعريف کي، ڄاڻٖي ڄاڻڻهار، |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
قرآن ڪرِيم تو مَٿي، نَه اُتاريوسون اِن هار، ته ڏِسِين تو ڏُک ڏاکڙا، |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
مگر سارِ سَنڀار، خاطِر تِنهن، جو خوف رَکي، |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
پڻ اُتارا اَطهار، اُن کان، جِنهن اِظهار، ڀُون ۽ اُتُم اُڀ جوڙيا. |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
ڪُرسِئَ تي قَراريو، ڏٖيهَنِ جو ڏاتار، |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
اُڀ، ڀون ڪِ جيڪي، اُنهن ۾، ۽ تان تَحت ثرٰى تِنهن هارِ، |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
۽ وَڻِي وڏو ڳالهاء ڪرِين، پوءِ سَمجھي، سو ستار، اُونها سَڀ اَسرار، يا ڇِپُنِ هيٺ، ڇِپِيل ڪي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
اَلله جَلَّ جَلالہٗ، ڌَڻِي نَڪو جِنهن ڌار، مِٺا۽ موچار، سَڀ آهِن نالا اُن جا. |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
ڇا توکي ڪو آيو، مُوسٰى جو مَذڪُور؟ |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏهن ڏِٺائـِين باھ کي، چَيو حَرمسِ کي حُضُور، اَوِهين تَرسو اِتهِين، مُون باھِ ڌِٺِي ڪا ڏُور، آڻيان اَوهان لئي اُن مان، ذَرا چِڻنگ ضَرُور يا ماڻيان مَچ تان مُور، ڪو ڏَسِ پَنهنجي ڏيہ جو. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جڏهن اُن وٽ آئيو، ٿِئـِس اُت اِلهام، ته مُوسٰى! |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
آئون تُنهنجو، آگو رَبُّ عَلّام، پوءِ لاھِ جُتِي، تون آهِين، مَنجھ مُوچاري مَقام، وادِي پاڪ طُوٰى ۾؛ |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ توکي ڌُوَمِ دَوام، ٻُڌ پوءِ وَحِي وَريام!، جو ڪامِل! توڏي، ڪَيو وَڃي. |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
ته آئون اَلله آهِيان، ٻِيو ڌَڻِي نَه، مون کان ڌار، پوءِ شيوا ڪَر مون سَندِي، پڻ سندم سارَڻ هارِ، قائـِم بَرقرار، نَبِي! رَک نِماز کي. |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
آهي اَچڻِي وار، هِن لئي رَکانِس راز ۾. تان پُورور ڏِجي پَار، جيڪِي جِنهن ڪَمايو. |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
بِلڪُل نه ڪَرِئي بَند، جو نه مَڃيسِ مُورهِين، ۽ سَندسِ سَکِــڻِي سَڌ پُٺيان، رِڙِهي چَڙهيو رَند، پوءِ هَلِي ڪِنهن هَنڌ، اُٿلِي ڪِرِين اُهڏ ۾. |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ ڇا مُوسى! تُنهن جي سَڄئَ ۾؟ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
چي وانجَھڻ سَندمِ وَڻ، ٽيڪ ڏِيان ٿو جنهن مَٿي، ۽ دُهريان ساڻسِ ڌَڻ، مُون لئي مَنجھسِ ٻِئا پڻ، ڪَئين ڪَم آهِن ڪيترا. |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
چي، اُڇل مُوسٰى! اُن کي، |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
پوءِ اُڇلئـِين ته اِجها، سا، بَنِي بَلاڪا، پيئـِي ڊوڙٖي پَٽ ۾. |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
چي، وَرِي اُن کي وَٺ، ۽ ڀؤ ڀانئي ڪو نه ڪو، وَرِي ڪَنداسون لَٺ، اَڳئـِين وانگر اُن کي. |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ هَٿ پَنهنجو، پَنهنجي بَغل ۾، ڍوليا! وَرِي ڍار، ته اَڇو اُجرو عيب سوا، نِڪرندو نِروار، ٻِئو پڻ ٻِيهار، مُوسٰى! تو لئي مُعجزو. |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
ته پَنهنجي نِشانِيَنِ مان، ڪي مُک نيشانيون مُور، اَکِيَن سان اَهڳور!، توکي ڏيکارِيون ڏيہ ۾. |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
فسادِئَ فِرعون ڏي، هِڪدم وَڃ هُمام! تَڪبّر مَنجھ تَمام، وَڃِي، جو وَهلُور پِيو. |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
چي، سَندمِ سِينو کول تون، سانيمِ رَبّ، سُبحان! |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ مُنهنجو ڪَم ڪرِيم، ڪَرِين اِحسان سان آسان، |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ مولىٰ کول مُنهنجو، ٻاجَھون ٻَجھ زِبان، |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
ته سَندمِ بات بَيان، سَمجھنِ سَولِئَ طرح سان. |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ والِي ڪر وَزِير مون، مَنجھان مُنهنجي آل، |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
هارون، سَندمِ ڀاء کي، ڀَلا! ساڻ ڀال، |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
مَضبوط ڪَر مون سَندِي، طاقت تِنهِين نال، |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ ڪَرِينسِ مُنهنجي ڪَم ۾، ڀائيوار بَحال، |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
۽ توکي سارِيون |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ ساراهيون، جَجھو جَلَّ جَلال، |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
اَسان جو اَحوال، تون ڏِسندڙ آهِين، ڏيہ ڌَڻِي. |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
چي، مُوسٰى مَنطور ڪيو وِيو، تُنهنجو سڀ سوال، |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ ٻِئي ڀيري پڻ ڀال، ڪيڏو ڪيوسون تو مَٿي. |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏهن اُتوسون تُنهنجي اَما کي، جو وَحِي ڪرڻو وِير! |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته سَٽ کِيسِ صُندوق ۾، پوءِ تنهن کي سَٽ مَنجھ سِير، ته ڪارُونڀار ڪِناري تي، اُڇلِيندس اَخِير، پوءِ وَٺندسِ مَنجھان وِير، وِيري، مُون ۽ اُن جو. پوءِ سَٽِيمِ پاران پَنهنجي، توتي محبت مُور، ته وَڃِي نِپايو نُور، مُنهنجي مِهر نَظر ۾. |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
جَڏهن هَلِي هَمشِيران تُنهنجِي، پَئـِي، چَوي اِهڙي چال، ڇا، آن کي ڏَسيان ڪا زال، جا سانڊٖي هِن صَغِير کي؟ پوءِ توکي تُنهنجِي ماء ڏي، واريون سون وَرِي، ته پَونَسِ نِيڻ ٺَرِي، پوءِ اَصل نه ڪَري ارمان ڪو. ۽ اَپَهَڪَ، ڪنهن اِنسان کي، خوف ڪيو تو خان! پوءِ تُرت ڪيوسون توکي، آجو کان اَرمان، ۽ ڪي آنداسون تو مٿي، اَوس اِمتحان، پوءِ مَدَين جي ماڻهن ۾، ڪي سال رَهِين سُلطان!، موٽِي آئـِين مَڪان، اي مُوسٰى! مُقرر وَقت تي. |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ مُوسٰى! توکي مون ڪيو، پَسند پَنهنجي لاءِ، |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
هَل مُنهنجا حُڪم کَڻِي، تون ۽ تُنهنجو ڀاء، ۽ جِھيڻا نه ٿِيو ڪِنهن جاءِ، مُنهنجي پِرت پَچار ۾. |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
وَڃو ڦِريل فِرعون ڏي، ڀيڙا ٻئـِي ڀار، جو بلڪل آھ ڀَريو، |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ چئوسِ نَرم نِبار، مَن گوش ڏي گُفتار، يا ڏَري، سو ڏاتار کان. |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
چي، ڌَڻيمِ! پِئا دِل هَڻون، مَتان اَسان ڏيئي آزار، يا خُودِي کان خُوار، ڀَرجي بي واجبِي. |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
چي، مَن نه هَڻو مُورهِين، آئون اَوهان سان گَڏ، سُڻان سَڀَڪو سَڏ، ڏِسان پَسان، سَڀ ڏيہ کي. |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
پوءِ وَڃو وَٽِس ٻَئـِي ڄَڻا، پوءِ چئوسِ چِٽو مَذڪُور، ته اَسِين تُنهنجي آگي جا، موڪليل آهيون مُور، پوءَ اَسان سِين اسرائيلِين، موڪل ڏي مَغرور!، وَڌيڪ تَن وَهلور!، ٻانهپ ۾ نَه ٻار تون. تو وٽ، تُنهنجي ربَّ کان، آنداسون اُهڃاڻ، ۽ جو هَليو سَئون سُڄاڻ، سَدا سلام تِنهن مَٿي. |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
آيو سون وَحِي، ته سزا ثابت تِنهن مَٿي، ڪُوڙِي جِنهن ڪَهِي، پڻ وَريو پانهون واٽ کان. |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
چي، مِهتر مُوسٰى!، ڪير آهي رَبُّ اَوهان جو؟ |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
چي، سَڀ شئ کي شڪل پَنهنجِي، جِنهن بَخشِي بِنا ڦير، ۽ وَرِي سُهائـِين سَير، سَڀَڪِنهن سَندسِ سانگ جو. |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
چي، پوءِ پِهريَن جُڳن جو آهي ڪهڙو حال؟ |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
چي، سانيمِ کي سُڌ، سَندِي اُنهن جي اَعمال، قابو ڪِنهن ڪتاب ۾، مالڪ بي مِثال، مُنجٖھي ڪِين مَجال، پڻ وٖيسو وِساري ڪِين ڪِي. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
بِستر اَوهان لئي ڀُون کي، جِنهن بَنايو بَحال، پڻ واٽون اَوهان لئي اُن ۾، جارِي ڪيائـِين جال، پڻ آب اُتارئـِين اُڀ ڪنان، ٿِيو سَڻائو سال، پوءِ اُڀاڙياسون جوڙا اوڀرِين، طرحِين طرحِين طرحِين تنهن نال، |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
کائو ۽ کارايو، موڪ پَنهنجي مال، قُدرت آھِ ڪَمال، عقل وارن لئي اُن ۾. |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
اَوّل جوڙيو سون اُن مان، اَوهان کي اِظهار، ۽ وَرِي وِجھنداسون اُن ۾، اَوهان کي ٻِيهار، ۽ ٻئي ڀيري پڻ ٻَهار، آن کي ڪنداسون اُن مان. |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ پَسايون سونسِ پاهنجون، سڀ آيتون اَمل، پوءِ ڪُوڙيون ڪوٺيائـِين ڪُل، ۽ مُنڪر ٿيو مُورِهين. |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
چي ڪِ اَسان وَٽ آئـِين تون، ته ڪَڍِي ڪريئون ڏُور، مُلڪ پَنهنجي مان مُور، مُوسٰى! پَنهنجي مَنڊ سان. |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
پوءِ اَوس اڻينداسون توکي، جِھڙسِ جادُو جام، پوءِ ٻَڌ پَڌري پَٽ تي، تو ۽ اَسان وِچ اَنجام، تون ۽ اَسِين تمام، جنهن ٽاڻي کي، نه ٽوڙِيون. |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
چي، آهي اَنجام اَوهان سان، سَندو ڏِينهن سِينگار، ۽ ماڻهو مَنجھند وار، ميڙيا وڃن ميدان ۾. |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
فِرعون موتيو ماڳ تي، پوءِ سِٽا سَندسِ سارِي، ميڙٖي مَدارِي، موٽِي آيو ميدان ۾. |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
مُوسٰى چيو اُنهن کي، ته کوءِ! اوهان کي، کوءِ!! قادِر، رَبَّ، ڪرِيم تي، ڪُوڙ نه ٻَڌو ڪوءِ، ڊُونڍا اوهان جا ڍير ڪري، ڪِنهن آفت اَندر پوءِ، ۽ سَچ پَچ، ته سُڃو ٿيو سوءِ، جِنهن ٻَڌا ڪُوڙ ڪرِيم تي. |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
پوءِ پَنهنجي ڪم ۾، پاڻ ۾، ٻَڌائون ٻائـِتال، ۽ ڳُجھ ڳَر هيائون پاڻ ۾، |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
چيائون اِهڙئَ چال، ته هي ٻَئـِي جادوگر جَبرا، ٿا رکن خاص خيال، ته ڪَڍنيان پَنهنجي مُلڪ مان، سَندنِ سِحر نال، يا بِگيڙِينِ بَحال، واٽ اوهان جِي وِچٿرِي. |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
پوءِ سارِي سِٽا پَنهنجِي، جَمع ڪريو جُونجھار!، موٽِي اَچون ميدان ۾، قطار و قطار، ۽ سوڀارو سو سار، جو اَڄ چَٽا ڀيٽِئَ ۾ چَڙهي. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
چي، مُوسٰى اُڇل اَ ڳ ۾، يا اَسِين ٿيون اڳواڻ، |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
بَلڪ ڀلاري چيو، ته پِهرِين اُڇليو پاڻ، پوءِ نوڙيون، لوڙهيون، اُنهن جون، سَندنِ سِحر ساڻ، اِجھو ڏيکارِين اُن کي، اَرڙَن جي اُهڃاڻ، ۽ هيڏي هوڏي هاڻ، پِيا ڊوڙن پَٽ تي. |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
پوءِ مُوسٰى پَنهنجي مَن ۾، رَکيو خوف خيال، |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
چيو سون مَ ڊِڄ ڪِنهن حال، تون ئـِي آهين اُوپرِي. |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ جَھٽ پَٽ، پَٽ تي سَٽ، جيڪِي سڄڻ! تُنهنجي سَڄي ۾، وِيندِي ڳِهِي وات ۾، جوڙيون جو، جَھٽ پَٽ، جوڙٖي جوڙيون ڪِين، مَگر جادُوگر جو جَھٽ، ۽ سوڀ نه پائـٖي پَٽ، جِتي به جادوگر آئـِيو. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
پوءِ جادوگر ضَرُور، سَٽياوِيا سُجُود ۾، چي، مَڃيوسون مُور، رَبُّ مُوسٰى ۽ هارُون جو. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
چي، ڪِ مَڃيان مُور، اِنهيان مَهند، ته موڪل آئون ڏيان، هِي آهي وَڏو اَوهان جو، ڪو جادوگر ضَرُور، جادوءَ جو مَذڪُور، جِنهن آن کي سَڀ سيکاريو. اَوس وَڍِيندسِ اَوهان جا، اُبتڙ هَٿ ۽ پير، پوءِ ڪَندسِ اوهان کي تاڙ جي، ٽاريُن اَندر ٽير، پوءِ مَعلوم ڪندا مُورهِين، ته آهي اَسان مان ڪير؟، سَخت سزا جي وٖير، پڻ جَنم رکڻ، جَنجال ۾. |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
چي، توکي نه ڌُڻو، تِنهن مَٿي، جي آياسون کُليا اُهڃان، ۽ جِنهن پيدا ڪياسون پاڻ، تِنهن قادِر، ربّ، ڪريم تي. پوءِ ڪر، جو توکي ڪرڻو، نه ڪندِين هِن ري ڪار، ته هِئَ حَياتِي بيڪار، پيڙهي ڪِيئن به پڄائيِـين. |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
مَڃيو سُون مالِڪ پَنهنجو، ظاهِر ۽ ظُهور، ته مَرهِينون مَدائيون ۽ غلطيون ربُّ، غفور، ۽ جو ڪَرائـِين اَسان کان، مَنڊ مَنجھان مَجبور، اَللهُ موچارو مُور، پڻ بقادار بادشاھ. |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
پَنهنجي پالڻهار وَٽِ، جو اَچي پاپِي ٿِي پاڻ، ته ڪارهو اُنهِئَ ڪاڻ، جِنهن ۾ مَري، نه جِيئـِي مُورِهين. |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ ايندو جو اِيمان سان، تِنهِين پرور پار، هُوندائـِين ڪَيا، جِنهن حال ۾، موچارا ڪم ڪار، اَعلىٰ آهن اُنهن لئي، دَرجا دِلقرار، |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
گھاٽا باغ، گَـٺيون، جَن هيٺ هَلن هر وار، سدا ساڪِن اُن ۾ٻن ، سَرها سقڀ ڄمار، ۽ اُهو اَجر اُنهِئَ هارِ، جِنهن سَندسِ، سِيل سُڌاريو. |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ موڪليو سون مُوسٰى ڏي، پَر م اِهو پَرياڻ، ته راهِي راتو واھ ٿِي، سَندمِ ٻانهن ساڻ، سُڪل واٽ سَمونڊ مان، ڪَڍ ڪا اُنهنِ ڪاڻ، پُهچڻ ڪَنان پاڻ، نه ڇِرڪَ، نه ڊِڄُ تون ڇَرڪنان. |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ فِرعون پِيو تَن پُٺيان، ساڻ سَندسِ لَشڪر، پوءِ ڍَڪيَنِ جنهن ڍَڪيا، بَحر مَنجھا بَرسِر، |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ فِرعون سَندسِ فِرق کي، مُنجھايو مُنڪر، ۽ اُنهن کي تا آخِر، سَنئـِين سُهائـِين ڪا نه ڪا. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اَوهان کي اسرائـِيلو!، بيشڪ منجھ بُنياد، اَنهن جي، عَدُو جي آزار کان، اَسان ڪيو آزاد، ۽ ڪيوسون ڪتاب جو، مُقرر مِيعاد، طرف سڄي کان طُور جي، ۽ اُتاريسون اِمداد، خاص اوهان کي کاڌ، مَنْ ۽ سَلوٰى، سال ڪٖي. |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
جيڪي آن کي ڏِنو سُون، تنهن مَنجھان، کائو خاصو مال، ۽ تنهن ۾ ڪريو ڪانه ڪا، بَڙائـِي بَحال، اَچي پوءِ اوهان مَٿي، مُنهنجو قَهر ڪُلال! ۽ مُنهنجو ڏَمر ڏيھ مان، نازلِ ٿيو جِنهن نال، بيشڪ سو بَطال، حوالي هاوِئَ ٿِيو. |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ آئون اُن لئي آهيان، بيشڪ بخشڻهار، جو موٽيو ۽ مَڃئـِين، پڻ ڪَئـِين چَڱا ڪم ڪار، تهانپوءِ تڪرار، هَليو هِدايت تي. |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
مُوسٰى پَنهنجِي قوم کان، توکي تَڪڙو ڪَيو ڪِنهن ڳالھ، |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
اُهي آهن، مُنهنجي پوئـِتان، چيائين اِهڙِي چال، ۽ توڏي آيسِ تَڪڙو، خاطِر اِن خيال، ته ڀلا ڪرِين ڀال، سانيمِ سَرهو تون ٿِئـِين. |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
چي، پَرکيو سون تُنهنجِي، پَهر کي، تو پُڃاڻا پَڪ، ۽ ڀُلايُنِ بيشڪ، سانئـِين ڪَنان، سامِرِي. |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ ڪاوِڙيل پَنهنجِي قوم ڏي، موٽيو مُوسٰى ڄام، ۽ اوسِيڙي، اَرمان ۾، وَراڻيو وَريام، چي، قوم! ڪِ سُهڻو ٻول نَه ڏِنان اَهنجي رَبَّ، عَلام؟ پوءِ اِنگھِي پِيو اَوهان تي؟ يا گُھريان خُود گگدام! ته ڏَمر اَهنجي ڏاتار جو، لَهي اَوهان تي عام؟، پوءِ، اِنهئَ لاءِ اَنجام، مَتان مُون سان ٽوڙيان؟ |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
چي، ٽاڻو نه ٽوڙيو، توسان اَسان، پَنهنجي اِختيار، پر ٽولِي جا ٽول اَسان تي، بَرسِر رَکيا وِيا بار، اَسان سَٽيو اُنهن کي، پڻ سامِرِي سِينگار، |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ تِنهن مان ڪڍيو تن لئي، گابو ڪو گِينوار، پوءِ جُڙِي جُسو بيجان، ڪو تَهدِل ٿيو تيار، هو تِنهِين هارِ، رينگٽ ڪو، رَنڀ جِھڙو. پوءِ چيائـِين،ته مُوسٰى ۽ پَنهنجو، سائـِين هِي صَحِي، پوءِ مَٿي ڪَوہ ڪَهِي، وِيو ڀَليرو، ڀُل ڪنان. |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
پوءِ ڇو نَه ڪيائون غَور، ته وَرِي، نَه وراڻِي ڏينِ ڪا، ۽ تَن کي ڪِنهن طَور، ڏيئي نَه، نَفعو، ۽ نُقصان ڪو. |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ هرگز اَ ڳي هارون، تَن چيو اِهڙِي چال، ته ڦاٿا عزِيزو! آهِيو، فِتنِي ۾ فِى الحال، ۽ اَلله آگو اَهنجو، بيشڪ بي مِثال، پوءِ لَڙھ لڳو مِ لال!، ۽ مَڃيو مُنهنجِي ڳالھ کي. |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
چي، اَسِين آهيون هِن تي، مُجاوِر مُدام، تان موٽي مُوسٰى ڄام، ۽ اَچي اَسان جي پار ڏي. |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
چي، هارُون! ڏِٺئـِي جِنهن حال، ته هُو وِرسيا واٽ کان، توکي ڪِنهن جَھليوو، |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
ته نه چَلئـِين مُنهنجِي چال، ڇا تون نيڪ نهال!، ڦِرئـِين سَندمِ فرمان کان؟ |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
چي، نه پَڪڙِينمِ مادرِي!، ڏاڙِهي ۽ مَٿي جا وار، آئون ڊِنسِ اِن ڳالھ کان، ته ٻولئـِين تون ٻِيهار، ته اِسرائـِيل جي اولاد کي، ڇو ڇِنِي ڪَئـِي ڌار؟ ۽ نه ڪَڍيئـِي اِنتظار، مِيان! مُنهنجِي ڳالھ جو. |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
چي، تُنهنجِي ڪِهڙِي ڳالھ، صَحِي سڻايمِ سامِرِي! |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
چي ڏِٺمِ جنهن کي، هُنن نَه ڏٺو، قُدرت جو ڪمال، پوءِ کِيانتي جي کِيہ مان، ڀَرينَمِ مُٺ بَحال، پوءِ سَٽيومِينسِ صُورت ۾، مون لئي اِن مِثال، مُنهنجو خام خيال، سَندمِ جِئَ، سِينگاريو. |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
چي، وَڃ، سَڄِي ڄَمار ۾، چَونديْن مَ ڇُهو مُون، ۽ جِنهن ٽاڻيان، نه ٽرِين تون، سو واجِب توسان واعِدو. پوءِ تُنهنجو ديکه ڌَڻِي، تون مُجاوِر جِنهن مَٿي، صفا ساڙِينداسون اُن کي، پوءِ ڪنداسونِس پَڻِي، پوءِ اُن جِي خاڪ کڻِي، داخِل ڪنداسون دَرياء ۾. |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
سَچو سائـِين اَهنجو، آهي سو اَلله، جِنهن ڌاران، دائـِم ناھِ ڪو، ڌڻِي ۽ درگاہ، هر شئ کي هَرگاہ، پورٖي پِئو، پَرُوڙ سان. |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
اِنپَر توتي اُن جو، ٿا کوليون خُوب بَيان، جيڪي مَنجھ جَھان، اَ ڳي اَوهان کان، گُذريا. ۽ پَڪ ڏِنو سُونَئـِي، پاڻ وَٽان، نَصِحيت نِبار، |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جِنهن مُنهن موڙيو اُن ڪنان، سو کَڻندو لَڏ لاچار، ڏاڍي ڏينهن قيام جي؛ |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
مَنجھسِ سَڀ ڄمار، ۽ بُڇڙو تَن لئي بار، مَهندان مَحشر وار ۾. |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪبو، ۽ گُنهِي ڪنداسون گَڏ، |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
ڳُجھو ڳالهائنِ پاڻ ۾، تِنهن ڏينهن، ڏوڏن شيرا ڏَڏَ، هُت نه هُئاسُون هَڏ، مگر ڏَهاڪو ڏِينهنڙا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
اَسِين واقِف اُن ڪنان، جا ڳُجِهي ڪَن ٿا ڳالھ، سِڌي سَنواِٽي اُنهن مان، چيو اِهڙِي چال، ڀُلجو ڪِين بَحال، هُت هُئا، ڏِينهن هيڪڙو. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ توکان پُڇن پَهڻنِ جو، ته هُوندِن ڪِهرو حال، چئو هَڻِي، ڌَڻِي مُنهنجو، ڪَندنِ پَڻِي پَئـِمال، |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
پوءِ اولہ، اوڀر وِچ ۾، ڪَندنِ بَر بَحال، |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
مارِيل پَٽ مِثال، ڏِسندِين نَه لاڙھ ، نَه چاڙھ ڪا. |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
تڏهن هَلَنِ، ڪوٺارِي پُٺيان، وِنگ نَه، تنهن سان وار، ۽ آواز سَڀ الله لَئي، ٿِيندا نَرم نِبار، ٻُڌندِين ڪِين ٻِيهار، ڀُڻڪي ۽ ڀُونڀاٽ ري. |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
اُن ڏِينهن نه ڏِيندي فائدو، پارت ڪنهِين پَر، مگر موڪل جنهن کي، ڏئي پاڪ ڌڻِي پَرور، پڻ راضِي ٿِيو رَهبر، جِنهن جي قول، ڪلام کان. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
اڳيان، پويان اُنهن جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ ٻِين کي ٻِيهار، ڪو پُورو پَتو نه اُن جو. |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ مُنهن سَڀ مِلها ڳَڙا، تِنهن جا ڪِم هيڪڙي هارِ، جو سلامت جِيئرو، قائـِم برقرار، ۽ هر گز کاڌئـِين هارِ، جِنهن ڪُلهي ڪَلُور چارِهيو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جو چڱا ڪم ڪندو، ٿِي مُؤمِن مُسلمان، سَندو ظُلم، زِيان، سو ڀَو ڀانئـٖي ڪونه ڪو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اِنپَر اُتاريوسون اُن کي، عَربئَ ۾ قُرآن، ۽ دُهرايون سُون ڌَمڪِيون، اُنهئ منجھ عيان، ته جانَ بَچائـِن مانَ! يانَئـِين نَصِحيت، ڏٖينِ ڪا. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ اَعلىٰ شان اَلله جو، جو مالِڪَ سَچو مُدام، پوءِ ڪَر نه تَڪڙ قُرآن ۾، اِنهيان اڳ اِمام، تان پُورو پُهچايو وَڃئ، وَحِي سَندسِ وَريا، ۽ چَئو عِلم ڪر اِنعامِ، سانيم! مُون کي سَرس تون. |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
اَسان آدم کان، اَ ڳي، وَرتو عَهْد اَنجام، پوءِ وِساريون وَريام، ۽ پَڪائـِي نه پاتِيسُون اُن ۾. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ جڏهن چيوسون مَلڪن کي، ته نايو آدم سِر، مِڙِئي نَميا، مَگر، اِبلِيس اِنڪارِي ٿيو. |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
چي، آدم عُدو آهي هِي، تو ۽ تُنهنجِي زال، پوءِ بِلڪُل آن کي، بهشت مان، ڪڍي سون نه ڪُلال، پوءِ بُرا ٿِيَنئـِي حال، پَسِين ڏُ ک ۽ ڏاکڙا. |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
تولئي بُک نه اُن ۾، نَه رَهندِين اُگھاڙو، |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
۽ نَه اُڃ ۽ نه ڪاڙهو، لَحظٖي لَهندِين اُن ۾. |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
اُن کي ڏِنو اِبلِيس پوءِ، دوکو ڪو دلگير، چي، آدم ! آئون وَڻ ڏَسئـِين، سَدا مُند سُڌِير، ٻيو پڻ مُلڪ مَلِير، جو پُرين پُڙاڻو نَه ٿِئي. |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
پوءِ کاڌو ٻِنهِين اُن منجھان، پوءِ کُليون اُ گھاڙون تن، پوءِ باغ مَنجھارا پَن، پيا ڍَڪِين پاڻ تي. پوءِ آدم اَمر ڌَڻيَسِ جو، ڪيو پُرزا ۽ پَڻِي، وِرسيو پوءِ، وسندِي کان؛ |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
وِرسيو پوءِ، وسندِي کان؛ وري به ڌوئسِ ڌڻِي، کَميو کِـيَسِ کَڻِي، ۽ وارئـِين وَهِين واٽ تي. |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
پوءِ، اُتو سُون، ته اُترو، هيڪاندا هِن وير، پوءِ اِيندِي اَوهان کي مُون ڪنان، سُونهپ سَنِئين سير، پوءِ مُنهنجي پَتِي پار تي، پاتا جِنهِين پير، ته نَه ڀُليو سو ڀَلير، ۽ نَه ڏِسندو ڏُک ڏاکڙا. |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ مُنهنجي هِدايت حَق ڪنان، مُنهن موڙيو جِنهن مَلنگ، پوءِ تِنهنجو تَمام تَنگ، گُذرگُوندر گاڏئون. ۽ اَنڌو اُٿارِينداسون اُن کي، مَهندان مَحشر وار، |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
چي، اَنڌو اُٿارينمِ ڪِيئن؟ سانيمِ! رَبَّ، سَتّار، ۽ هوس آئون هَموار، ڏاڍو ڏِسندر ڏيہ ۾. |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
چي، اِنپر اَسان جون آيئـِي، نِيشانيون نِروار، سي وِساريئـِي ويسلا!، ٻُوٽي اَ کيون ٻِيهار، ۽ اَڄ ڄيري مَنجھ ڄَمار، وِيندِين، تِيئن وِساريو. |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ جنهن اَجايا ڪَم ڪيا، تِنهن سان پاريون اِنهِئَ پَر، ۽ پَنهنجي پَرور پاڪ جي، ٿيا نِشانِيان نابر، پڻ اَهکو عُمر ڀَر، عذاب آخِرت جو. |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
ڇا ؟ هِن هِدايت، تَن نه ٿئي، ته ڪَئـِين جُڳن جا جُڳ، ماري ڇَڏيا سون مُورهِين، اُنهن ڪنان اَڳ، جُھولن سَندنِ جاين ۾، جِت جَا بَجا جَڳ مَڳ، آيتون اَلڳ، اُن ۾ عاقِلن لئي. |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
۽ تُنهن جي آگِيا، اَ ڳ ڀَرو، جي قلم نَه وهيو ڪَر، پڻ مُدت مُقرر، ته لاشڪ لاڳُو ٿِي وِيو. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ سُخن سامَهان جي چَون سي سَهِي وڃ سَردار، ۽ تُنهنجي سائـِينءَ جي ساراہ سان، ڳائج ڳُڻ نِبار، اَ ڳي اُڀري سِج ڪَنان، پڻ اَ ڳي اُلهڻ وار، ۽ پَهر، پَل رات جا، پڻ طرف ڏِينهن تَڪرار، پاڪ ئـِي پاڪ پُڪار، ته راضِي رهَندِين تون گھڻو. |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ اکيون تُنهنجيون اُن ڏي، ڍوليا! ڪِيمِ ڊگھار، جيڪِي وَرسايو سونِ وَنِيَنِ ۾، سو صُورت جو سيگار، تان آزِمايون اُنهن کي، اِنهئَ پَر پَر وار، ۽ بِهتر بَقادار، رِزق تُنهنجي ربَّ جو. |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ نَبِي ڪر نِماز جو، اَمر تُنهنجي آل، پاڻ به اُن جي پَڙهڻ تي، قائـِم رَھ ڪَمال! توکي تُنهنجي قُوت جو، ڪريون ڪِين سُوال، روزِي، روز توکي، بَخشيون اَسِين بَحال، ۽ لاشڪ آهي لال!، پَڇاڙِي پَرهيز جِي. |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
چي، ڇو نه سَندسِ سائـِين جا، آڻِينون اُهڃاڻ؟ ڇا پَهريَنِ پَنَن ۾ پاڻ، ڪِ اُوٺا نه آيا اُنهن کي؟ |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
جي اُجاڙياسون اُنهيان اَ ڳي، اُنهن کي مَنجھ آزار، ته چيائون اِنهِئَ چال سان، ته سانيمِ، رَبَّ، سَتار!، ڇو نه اَسان ڏي موڪليَئـِي، ڪو مُرسل مَڻيادار، ته ٿياسون تُنهنجي حُڪمن جا، تَهدِل تابِعدار، اڳي اِنهيان وار، ته خَراب ۽ خُوار ٿِيون. |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
چَئو، مِڙئـِي اِنتظار ۾، پوءِ ڪَڍو اِنتظار، پوءِ سِگھوئـِي سَمجھندا، ته ڪِهڙو برقرار، سَنِئين واٽ سُوار، پڻ هَليو هِدايت تي. |