رڪوع : 8
سُوۡرَۃُ طٰہٰ مَکِّیَّۃٌ
آيتون : 135
بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2)
|
اسان توتي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون تڪليف ۾ پوين.
|
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3)
|
پر جيڪو ڊڄي ٿو تنهن جي نصيحت لاءِ.
|
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4)
|
ان جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.
|
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5)
|
(اهو) وڏو مهربان آهي جو عرش تي قائم آهي.
|
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6)
|
جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ ۽ جيڪي آليءَ زمين جي هيٺان آهي سو سندس آهي.
|
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7)
|
۽ جيڪڏهن تون ڏاڍيان ڳالهه ڪندين (توڙي آهستي) ته هو ڳجهه کي ۽ تمام لڪل ڳالهه کي (به) ڄاڻي ٿو.
|
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8)
|
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. ان جا چڱا نالا آهن.
|
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9)
|
۽ (اي پيغمبر !) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟
|
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10)
|
جڏهن ان باهه کي ڏٺو پوءِ پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته ترسو، مون باهه ڏٺي آهي، مَنَ اُن مان ڪا چڻنگ اوهان وٽ کڻي اچان يا ته باهه وٽ (وڃڻ سان) مون کي رستي جو پتو پوي.
|
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11)
|
پوءِ جڏهن باهه وٽ آيو ته ان کي سڏ ٿيو ته اي موسيٰ!
|
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12)
|
بيشڪ آءُ تنهنجو پاليندڙ آهيان پوءِ تون پنهنجي جتي لاهه، ڇو ته تون طويٰ (نالي) پاڪ ميدان ۾ آهين.
|
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13)
|
۽ مون توکي پسند ڪيو آهي پوءِ جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو، سو ٻڌندو رهه!
|
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14)
|
بيشڪ آءُ ئي الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر!
|
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15)
|
بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي. آءٌ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو ته هر شخص جيڪي ڪري ٿو تنهن جو بدلو ان کي ڏنو وڃي.
|
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16)
|
پوءِ جيڪو ان (قيامت) کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو آهي سو توکي متان ان (جي مڃڻ) کان روڪي نه ته تون برباد ٿيندين.
|
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17)
|
۽ اي موسيٰ! اها تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟
|
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18)
|
چيائين ته اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ ان سان پنهنجين ٻڪرين لاءِ (وڻن جا پن) ڇاڻيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجا ٻيا ڪم به آهن.
|
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19)
|
الله فرمايو ته اي موسيٰ تون ان کي (پنهنجي هٿ مان) ڇڏ!
|
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20)
|
پوءِ ان کي ڇڏيائين پوءِ ان ئي وقت اها هڪ ڊوڙندڙ نانگ ٿي پئي.
|
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21)
|
الله فرمايو ته ان کي جهل ۽ نه ڊڄ! اسين ان کي پهرئين شڪل ۾ موٽائينداسون.
|
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22)
|
|
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23)
|
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ وجهه ته اهو ڪنهن عيب کان سواءِ سفيد ٿي نڪري اها ٻي نشاني آهي،
|
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24)
|
هن لاءِ ته اسين توکي ڪجهه پنهنجيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون.
|
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25)
|
تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.
|
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26)
|
موسيٰ چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر،
|
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27)
|
۽ مون لاءِ منهنجو ڪم آسان ڪر،
|
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28)
|
۽ منهنجي زبان تان (هٻڪ جي) ڳنڍ کول،
|
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29)
|
ته اهي منهنجي ڳالهه سمجهن،
|
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30)
|
۽ منهنجي گهر وارن مان منهنجي ڀاءُ هارون کي منهنجو وزير مقرر ڪر. (-)
|
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31)
|
ان (جي هئڻ) سان منهنجي طاقت مضبوط ڪر،
|
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32)
|
۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر.
|
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33)
|
ته اسين تنهنجي پاڪائي وڌيڪ بيان ڪريون .
|
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34)
|
۽ توکي وڌيڪ ياد ڪريون.
|
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35)
|
بيشڪ تون اسان کي ڏسندڙ آهين.
|
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36)
|
الله فرمايو ته اي موسيٰ! تنهنجو سوال قبول ڪيو ويو.
|
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37)
|
۽ اسان توتي هڪ ٻيو دفعو به احسان ڪيو آهي.
|
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38)
|
جڏهن تنهنجي ماءُ کي اها ڳالهه الهام ڪئي سون جا اِلهام ڪرڻي هئي
|
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39)
|
ته تون ان (ٻار) کي صندوق ۾ وجهه! پوءِ ان کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏ، جو درياءَ ان کي (کڻي) ڪناري تي اڇلائي ته ان کي منهنجو دشمن ۽ ان جو دشمن کڻي. ۽ مون توتي پنهنجي طرفان محبت وڌي (ته توکي هر هڪ محبت ڪري) ۽ هن لاءِ ته منهنجي اکين اڳيان پلجين.
|
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40)
|
جڏهن تنهنجي ڀيڻ ويئي ٿي پوءِ چيائين ٿي ته ڇا آءُ اوهان کي اهڙو ماڻهو ٻڌايان جو ان کي پالي؟ پوءِ اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏي موٽايو ته سندس اکيون ٿڌيون ٿين ۽ ڏک نه ڪري. ۽ تو هڪ ماڻهو ماريو پوءِ اسان توکي (اُن) غم کان بچايو ۽ اسان توکي ڪجهه آزمايو، پوءِ تون ڪيترا سال مدين وارن ۾ رهئين.
|
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41)
|
وري اي موسيٰ تون تقدير سان آئين. ۽ مون توکي پاڻ لاءِ (پنهنجي خاص ڪم لاءِ) پسند ڪيو.
|
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42)
|
تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجيون نشانيون کڻي وڃو ۽ مون کي ياد ڪرڻ ۾ سُستي نه ڪريو. اوهين
|
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43)
|
ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.
|
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44)
|
پوءِ ان سان نرميءَ سان ڳالهايو ته مَنَ هو ڌيان ڪري يا ڊڄي.
|
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45)
|
انهن ٻنهين چيو ته اي اسان جا پاليندڙ! اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي زيادتي ڪري يا حد کان لنگهي.
|
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46)
|
الله فرمايو ته اوهين ٻئي نه ڊڄو، بيشڪ آءُ اوهان سان گڏ آهيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.
|
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47)
|
پوءِ ان وٽ وڃو پوءِ (ان کي) چئو ته بيشڪ اسين تنهنجي پاليندڙ جا موڪليل آهيون، پوءِ تون اسان سان گڏ بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي ۽ کين نه ستاءِ! اسين تو وٽ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان هڪ نشاني کڻي آيا آهيون. ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو تنهن لاءِ سلامتي آهي.
|
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48)
|
بيشڪ اسان ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته جنهن (حق کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (ان کان) منهن موڙيو تنهن لاءِ عذاب آهي.
|
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49)
|
فرعون چيو ته پوءِ اي موسيٰ! اوهان ٻنهين جو پاليندڙ ڪير آهي؟
|
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50)
|
ان چيو ته اسان جو پاليندڙ اهو آهي جنهن سڀ ڪنهن شيءِ کي ان جي صورت ڏني پوءِ رستو ڏيکاريائين.
|
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51)
|
فرعون چيو ته پوءِ پهرين جماعتن جو حال ڪهڙو آهي؟
|
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52)
|
موسيٰ چيو ته انهن جي خبر منهنجي پاليندڙ وٽ هڪ ڪتاب ۾ آهي، منهنجو پاليندڙ نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو.
|
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53)
|
جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان لاءِ رستا ڪيا ۽ آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان سان طرح طرح جي ساوڪ ڪڍي.
|
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54)
|
کائو ۽ پنهنجن جانورن کي چاريو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن.
|
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55)
|
ان مان اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان ۾ اوهان کي موٽائينداسون ۽ ان مان ٻئي ڀيري اوهان کي ڪڍنداسون.
|
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56)
|
۽ بيشڪ اسان فرعون کي پنهنجيون سڀ نشانيون ڏيکاريون، پوءِ ان (انهن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ قبول نه ڪيو.
|
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57)
|
فرعون چيو ته اي موسيٰ! ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته تون پنهنجي جادوءَ سان اسان کي اسان جي زمين مان ڪڍين؟
|
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58)
|
پوءِ ضرور اسين تو وٽ اهڙو ئي جادو آڻينداسون پوءِ تون اسان جي وچ ۾ ۽ پنهنجي وچ ۾ ڪنهن سڌي صاف ميدان ۾ اهڙو انجام مقرر ڪر جنهن جي ابتڙ نه اسين ڪريون ۽ نه تون.
|
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59)
|
موسيٰ چيو ته اوهان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينهن آهي ۽ ڀل ته ماڻهن کي ڏينهن چڙهي گڏ ڪيو وڃي.
|
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60)
|
پوءِ فرعون پٺ ڦيري پوءِ پنهنجيون تدبيرون گڏ ڪيائين (ان کان) پوءِ آيو.
|
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61)
|
موسيٰ کين چيو ته اوهان جي ڪم بختي آهي. الله تي ڪوڙ نه هڻو نه ته هو ڪنهن عذاب سان اوهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندو ۽ جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو مراد کي نه پهتو.
|
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62)
|
پوءِ جادوگرن پنهنجي ڪم بابت پاڻ ۾ بحث ڪيو ۽ راز کي لڪايائون.
|
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63)
|
چيائون ته بيشڪ هي ٻئي جادوگر آهن جي گُهرن ٿا ته اوهان کي پنهنجي جادوءَ سان اوهان جي زمين مان ڪڍن، ۽ اوهان جي چٽي طريقي کي مٽائين.
|
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64)
|
پوءِ پنهنجي تدبيرن کي گڏ ڪريو، (ان کان) پوءِ قطار ٻڌي اچو. ۽ بيشڪ جيڪو غالب ٿيو، سو اڄ ڪامياب ٿيو.
|
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65)
|
چيائون اي موسيٰ يا ته (پهريائين) تون (جادو) اڇلاءِ يا پهريائين اڇلائڻ وارا اسين ٿيون.
|
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66)
|
موسيٰ! چيو ته نه پر اوهين اڇلايو. پوءِ ان ئي وقت انهن جون رسيون ۽ لٺيون انهن جي جادوءَ کان موسيٰ جي خيال ۾ آيو ته اهي ڊوڙن ٿيون.
|
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67)
|
پوءِ موسيٰ کي پنهنجي دل ۾ ڊپ معلوم ٿيو.
|
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68)
|
اسان چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ تون ئي غالب آهين.
|
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69)
|
۽ جا تنهنجي ساڄي هٿ ۾ (لٺ) آهي سا اُڇلاءِ ته جيڪي بنايو اٿن تنهن کي ڳهي وڃي.جيڪي بنايو اٿن سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر جتي به وڃي ڪامياب نه ٿو ٿئي.
|
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70)
|
پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا، چيائون ته اسان هارون ۽ موسيٰ جي پاليندڙ تي ايمان آندو.
|
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71)
|
فرعون چيو ته ڇا اوهان ان کي مڃيو هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي اجازت ڏيان؟ بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ ضرور آءُ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ سوريءَ چاڙهيندس. ۽ ضرور اوهين ڄاڻندو ته اسان مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي.
|
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72)
|
انهن چيو ته جيڪي ظاهر نشانيون اسان کي پهتيون آهن ۽ جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي تن کان توکي وڌيڪ نه سمجهنداسون. پوءِ تون جيڪي ڪرڻ وارو آهين سو ڪر. تون رڳو دنيا جي هن حياتيءَ ۾ ئي ڪندين.
|
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73)
|
بيشڪ اسان پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آندو هن لاءِ ته هو اسان کي اسان جون خطائون ۽ جو جادو تو اسان کان زبردستي ڪرايو سو معاف ڪري ۽ الله گهڻو چڱو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي.
|
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74)
|
بيشڪ جيڪو پنهنجي پاليندڙ وٽ ڏوهاري ٿي ايندو تنهن لاءِ جهنم آهي. نه ان ۾ مرندو ۽ نه جيئندو.
|
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75)
|
۽ جيڪي ان وٽ ايمان وارا ٿي ايندا ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائون، تن لاءِ بلند درجا آهن.
|
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76)
|
يعني رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اهو ان جو بدلو آهي جيڪو پاڪ ٿيو.
|
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77)
|
۽ اسان موسيٰ ڏي وحي ڪيو ته تون رات جو منهنجن ٻانهن کي وٺي نڪر، پوءِ انهن لاءِ درياءَ ۾ سڪل رستو بناءِ. تون نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه ڪو ٻيو ڊپ ڪر.
|
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78)
|
پوءِ فرعون پنهنجي لشڪرن سان سندن پٺيان پيو. پوءِ انهن کي درياءَ مان اها مصيبت ويڙهي ويئي جنهن کين ويڙهيو (سڀ ٻُڏي مئا)
|
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79)
|
۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراهه ڪيو ۽ رستي تي نه لاتو.
|
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80)
|
اي بني اسرائيلو! اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان بچايو. ۽ (جبل) طور جي ساڄي پاسي اسان اوهان سان وعدو ڪيو ۽ اسان اوهان تي مَنُ ۽ سلوٰي لاٿو.
|
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81)
|
(اسان چيو ته هي) پاڪ شيون (من ۽ سلوٰي) جيڪي اسان اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن تن مان کائو ۽ ان (رزق) ۾ حد کان نه لنگهو نه ته اوهان تي منهنجو غضب پوندو. ۽ جنهن تي منهنجو غضب پيو، سو برباد ٿيو.
|
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82)
|
۽ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو وري رستي تي هليو، تنهن کي بيشڪ آءٌ معاف ڪندڙ آهيان.
|
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83)
|
۽ موسيٰ تو پنهنجي قوم کان (اڳي پهچڻ ۾) ڪهڙي نه تڪڙ ڪئي آهي.
|
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84)
|
موسيٰ چيو ته اهي منهنجي پٺيان آهن، ۽ اي منهنجا پاليندڙ! مون توڏي (اچڻ ۾ ) هن لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون راضي ٿئين.
|
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85)
|
الله فرمايو ته پوءِ بيشڪ اسان تنهنجي قوم جو توکان پوءِ امتحان ڪيو ۽ سامريءَ انهن کي گمراهه ڪيو.
|
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86)
|
پوءِ موسيٰ پنهنجي قوم ڏي ڪاوڙجي غمگين ٿي موٽيو. چيائين ته اي منهنجي قوم! ڇا منهنجي پاليندڙ اوهان سان چڱو واعدو نه ڪيو هو؟ ڇا پوءِ اوهان تي زمانو ڊگهو ٿي پيو. يا اوهان گهريو ته اوهان تي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان غضب پوي، پوءِ مون سان ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪيوَ.
|
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87)
|
انهن چيو ته اسان پنهنجي اختيار سان توسان ڪيل وعدي جي ابتڙ نه ڪيو پر اسان تي (فرعون جي) قوم جي زيورن جا ڳرا بار هئا پوءِ اسان انهن کي اڇلايو پوءِ اهڙي طرح سامري (به انهن کي باهه ۾ ) وڌو.
|
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88)
|
پوءِ انهن لاءِ سامريءَ هڪ رنڀ ڪندڙ گابي جهڙو ڌڙ ڪڍيو. پوءِ انهن چيو ته هيءَ اوهان جو معبود ۽ موسيٰ جو معبود آهي، سو موسيٰ ڀلجي ويو آهي.
|
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89)
|
ڇا پوءِ نٿا ڏسن ته اهو انهن کي (ڪنهن ڳالهه جو به) ڪو جواب نه ٿو ڏي. ۽ نه انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو.
|
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90)
|
۽ بيشڪ هارون انهن کي هن کان اڳ چيو ته اي منهنجي قوم! اوهان جو رڳو گابي سان امتحان ڪيو ويو آهي. ۽ بيشڪ اوهان جو پاليندڙ وڏو مهربان (الله) آهي، پوءِ منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو حڪم مڃيو.
|
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91)
|
انهن چيو ته اسين ان تي ڄميا رهنداسون جيستائين اسان وٽ موسيٰ موٽي اچي.
|
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92)
|
موسيٰ چيو ته اي هارون! توکي ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيو جڏهن تو انهن کي گمراهه ٿيندو ڏٺو،
|
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93)
|
جو تو منهنجي تابعداري نه ڪئي ڇا پوءِ تو (ڄاڻي ٻجهي) منهنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟
|
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94)
|
هارون چيو ته منهنجي ماءُ جا پٽ! منهنجي ڏاڙهيءَ کي نه جهل ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي. بيشڪ آءُ ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ جدائي وڌي ۽ منهنجي ڳالهه کي تو ياد نه رکيو.
|
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95)
|
موسيٰ چيو ته پوءِ اي سامري تنهنجو مطلب ڇا آهي؟
|
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96)
|
چيائين ته مون (تنهنجي اثر ۽ علم مان) اهو ڪجهه ڏٺو جو انهن نه ڏٺو. پوءِ مون رسول (موسيٰ) جي (اُن) اثر مان ڪجهه ورتو، پوءِ ان کي (گابي جي بوتي تي) اڇلايم. ۽ اهڙي طرح منهنجي نفس مون کي (اها ڳالهه) چٽي ڪري ڏيکاري.
|
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97)
|
موسيٰ چيو ته پوءِ تون وڃ پوءِ بيشڪ تو لاءِ حياتيءَ ۾ هيءَ (سزا) آهي جو تون چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لايو. ۽ بيشڪ تو لاءِ (ٻيو به) هڪ انجام آهي جو توتان ٽري نه سگهندو. ۽ تون پنهنجي معبود (گابي) ڏي ڏس جنهن تي تون ڄميو رهين (پوڄيو ٿي). اسين ان کي ضرور ساڙينداسون وري ان (رک) کي دريا ۾ اڏائي پکيڙينداسون.
|
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98)
|
اوهان جو معبود اهوئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. سڀ ڪاشيءِ سندس علم ۾ سمايل آهي.
|
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99)
|
(اي پيغمبر) اهڙي طرح جيڪي گذري ويو تنهن جون ڪجهه خبرون توکي ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ اسان توکي پاڻ وٽان ڪتاب ڏنو آهي.
|
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100)
|
جيڪي ان کان منهن موڙيندا سي قيامت جي ڏينهن (گناهن جو) ڳرو بار کڻندا.
|
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101)
|
ان ۾ پيا رهندا ۽ اهو بار انهن لاءِ قيامت جي ڏينهن بڇڙو آهي.
|
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102)
|
جنهن ڏينهن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ ان ڏينهن ڏوهارين کي هن حالت ۾ گڏ ڪنداسون جو انهن جون اکيون کيريون هونديون.
|
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103)
|
پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان چوندا ته اوهين (دنيا ۾ ) ڏهاڪو کن رهيا آهيو.
|
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104)
|
جيڪي اهي چوندا تنهن کي اسين خوب ڄاڻون ٿا جڏهن انهن مان صحيح رستي وارو چوندو ته اوهين رڳو هڪ ڏينهن رهيا آهيو.
|
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105)
|
۽ (اي پيغمبر !) توکان جبلن جو پڇن ٿا سو تو چو ته انهن کي منهنجو پاليندڙ اڏائيندو.
|
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106)
|
پوءِ زمين کي سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو.
|
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107)
|
نه ان ۾ هيٺائين ڏسندين ۽ نه مٿاهين.
|
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108)
|
ان ڏينهن سڏيندڙ جي پٺيان هلندا. ان (هلڻ) ۾ ڪابه ڏنگائي نه هوندي. ۽ وڏي مهربان (الله جي دهشت) کان آواز دٻجي ويندا پوءِ تون ڀُڻ ڀُڻ کان سواءِ بالڪل نه ٻڌندين.
|
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109)
|
ان ڏينهن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي مگر ان کي جنهن لاءِ وڏي مهربان (الله) اجازت ڏني هوندي ۽ ان جي ڳالهه کي پسند ڪيو هوندائين.
|
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110)
|
جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ انهن جو علم الله جو گهيرو نٿو ڪري.
|
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111)
|
۽ سڀ مُنهن (ماڻهو) ان جيئري ۽ هميشه قائم رهندڙ (الله) اڳيان عاجزي ڪندڙ ٿيندا ۽ بيشڪ جنهن ظلم جو بار کنيو سو مراد کي نه پهتو.
|
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112)
|
۽ جيڪو ڪجهه چڱا ڪم ڪندو ۽ اهو ايمان وارو هوندو سو نه ڪي ظلم کان ۽ نڪي ڪنهن حق تلفيءَ کان ڊڄندو.
|
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113)
|
۽ اهڙي طرح اسان عربيءَ ٻوليءَ ۾ قرآن لاٿو آهي ۽ ان ۾ طرح طرح جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بيان ڪيون اٿئون مَنَ اهي پرهيزگار ٿين يا انهن (جي دلين) ۾ (هي قرآن) سمجهه پيدا ڪري.
|
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114)
|
پوءِ الله بلند آهي جو برحق بادشاهه آهي. ۽ (اي پيغمبر !) قرآن (جي ياد ڪرڻ) لاءِ جلدي نه ڪر هن کان اڳي جو توڏي ان جي وحي پوري پهچائي وڃي. ۽ چو ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجو علم زياده ڪر!
|
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115)
|
۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ ؛دم کي تاڪيد ڪيو هو پوءِ هو ڀلجي ويو ۽ اسان ان جو ارادو پڪو نه ڏٺو.
|
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116)
|
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ شيطان جي. ان (شيطان) انڪار ڪيو
|
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117)
|
پوءِ اسان چيو ته اي آدم! بيشڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي سو هو اوهان ٻنهين کي متان جنت مان ڪڍي، نه ته تڪليف ۾ پوندين.
|
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118)
|
بيشڪ تولاءِ (جنت ۾ ) هيءَ ڳالهه آهي جو تون ان ۾ نه بکيو ٿيندين ۽ نه اگهاڙو ٿيندين.
|
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119)
|
۽ (اتي) هيءَ ڳالهه به آهي جو توکي ان ۾ نه اُڃ لڳندي ۽ نه اُس لڳندءِ.
|
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120)
|
پوءِ ان کي شيطان وسوسو وڌو. چيائين ته اي آدم! ڇا آءُ توکي هميشه جيئري رکڻ واري وڻ ۽ زبون نه ٿيڻ واري بادشاهيءَ جو ڏس ڏيان؟
|
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121)
|
پوءِ انهن ٻنهين ان مان کاڌو پوءِ ٻنهين کي سندن اوگهڙ نظر آئي. ۽ ٻئي پاڻ تي جنت جا پن ويڙهڻ لڳا. ۽ آدم پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪئي پوءِ گمراهه ٿيو.
|
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122)
|
وري ان کي سندس پاليندڙ پسند ڪيو پوءِ مٿس مهرباني ڪيائين ۽ (ان کي) رستو ڏيکاريائين.
|
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123)
|
چيائين ته جنت مان ٻئي گڏجي (هيٺ) لهي وڃو اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته پوءِ جيڪو منهنجي رهنمائيءَ جي تابعداري ڪندو سو نه گمراهه ٿيندو ۽ نه تڪليف ۾ پوندو.
|
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124)
|
۽ جيڪو مون کي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيندو تنهن لاءِ بيشڪ تنگ گذران آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو ڪري آڻينداسون.
|
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125)
|
هو چوندو ته اي منهنجا پاليندڙ! تو مون کي انڌو ڪري ڇو آندو هوڏانهن (اڳي ته) آءُ اکين وارو هوس.
|
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126)
|
الله فرمائيندو ته اهڙيءَ طرح اسان جون آيتون تو وٽ آيون پوءِ تو انهن کي ڀلائي ڇڏيو
|
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127)
|
۽ اهڙيءَ طرح اڄ توکي وساريو ويندو. ۽ اهڙيءَ طرح اسين ان کي بدلو ڏيون ٿا جيڪو حد کان لنگهيو ۽ پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين تي ايمان نه آندائين ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب زياده سخت ۽ گهڻو رهڻ وارو آهي.
|
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128)
|
ڇا انهن جي هن ڳالهه به رهنمائي نه ڪئي ته اسان انهن کان اڳ ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون هوڏانهن اهي انهن (برباد ڪيلن) جي جاين ۾ گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن.
|
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129)
|
۽ جيڪڏهن هڪ ڳالهه جا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان مقرر ٿي چڪي آهي نه هجي ها ۽ (اهڙيءَ طرح) هڪ مقرر ڪيل مدت نه هجي ته جيڪر عذاب (ان ئي وقت) لازم ٿي وڃي ها.
|
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130)
|
پوءِ (اي پيغمبر) هي جيڪي چون ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي سندس ساراهه سان گڏ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لهڻ کان اڳ بيان ڪندو رهه. ۽ ڪجهه رات جون گهڙيون به پاڪائي بيان ڪر ۽ ڏينهن جي طرفن ۾ به ته مَنَ تون خوش رهين.
|
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131)
|
۽ تون پنهنجيون ٻئي اکيون کڻي ان شيءِ ڏي يعني دنيا جي حياتيءَ جي رونق ڏي ڪڏهن به نه نهار، جنهن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو هن لاءِ ته اسين انهن جو اُن ۾ اِمتحان ڪريون. هونءَ ئي تنهنجي پاليندڙ جو (ڏنل) رزق گهڻو چڱو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي.
|
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132)
|
۽ تون پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ ان تي قائم رهه. اسين توکان رزق نه ٿا گهرون (پر) رزق توکي اسين ڏيون ٿا. ۽ پڇاڙيءَ پرهيزگاريءَ جي آهي.
|
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133)
|
۽ چيائون ته هو (اهو پيغمبر) اسان وٽ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه ٿو آڻي؟ ڇا جيڪي پهرين ڪتابن ۾ آهي تنهن مان ظاهر نشاني وٽن نه آئي آهي؟
|
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134)
|
۽ جيڪڏهن اسين انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ ڪنهن عذاب سان برباد ڪريون ها ته چون ها ته اي اسان جا پاليندڙ! تو اسان ڏي ڇا لاءِ ڪو رسول نه موڪليو ته اسين ذليل ٿيڻ ۽ خوار ٿيڻ کان اڳي تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها؟
|
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135)
|
(اي پيغمبر! انهن کي) چو ته هر هڪ انتظار ڪندڙ آهي پوءِ اوهين به انتظار ڪريو. پوءِ اوهين ڄاڻندو ته سڌي رستي وارا ڪير آهن ۽ ڪنهن سڌو رستو لڌو آهي.
|