طه (آيت : 1) |
طاها (هي حُروفِ مقطعات آهن هنن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا). |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
(اي نبيءِ محترم!) اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته تون تڪليف ۾ پئجي وڃين. |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
مگر هڪ نصيحت آهي ان ماڻهو لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو. |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
ان (الله) جي طرفان لاٿل آهي جنهن زمين کي ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي. |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
(اُهو) وڏو مهربان آهي جو (ڪائنات جي ) تختِ سلطنت تي جلوه فرما آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
(سڀ) سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي آلي مِٽِي (يعني زمين جي هيٺئين آخري تهه) جي هيٺان آهي. |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
۽ جي تون ڳالهه ڏاڍيان ڪرين (يا آهستي) ته بيشڪ اهو (هر) ڳُجھه ۽ لِڪل شيءِ کي ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
الله اُهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. ان جا نالا تمام سهڻا آهن. |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
۽ ڇا تو وٽ موسى جي ڳالهه پهتي آهي؟ |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏهن ان هڪ باهه کي ڏٺو پوءِ پنهنجي گهروارن کي چيائين ته: ”ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي شايد ان مان ڪو ٽانڊو اوهان وٽ کڻي اچان يا باهه وٽ (پهچڻ سان) مون کي رستي جي رهنمائي ملي“. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جڏهن ان (باهه) وٽ آيو ته آواز آيو : ”اي موسى) |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
بيشڪ آءٌ تنهنجو پالڻهار آهيان سو تون پنهنجي جُتي لاهه، بيشڪ تون طُوى جي پاڪ وادي ۾ آهين. |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
مون تو کي (رسالت لاءِ) چونڊيو آهي پوءِ تون ٻُڌ جا تو کي وحي ڪئي وڃي ٿي. |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
بيشڪ آءٌ الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ تون منهنجي عبادت ڪر ۽ منهنجي يادگيري لاءِ نماز قائم ڪر. |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
بيشڪ (قيامت جي) گهڙي اچڻ واري آهي آءٌ ان (جي وقت) کي لڪل رکڻ چاهيان ٿو هن لاءِ ته هر شخص کي ان جو بدلو ملي جنهن لاءِ اهو ڪوشش ڪري ٿو. |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
پوءِ تو کي ان (قيامت جي فڪر) کان اُهو ماڻهو روڪي نه وجهي جيڪو ان تي ويساهه نه ٿو رکي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو آهي ورنه تون (به) هلاڪ ٿي ويندين. |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟ اي موسى!“ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
(موسيٰ ) چيو: ”هيءَ منهنجي لٺِ آهي، جنهن تي ٽيڪ لڳايان ٿو ۽ اُن سان پنهنجي ٻڪرين لاءِ پَنَ ڇاڻيان ٿو ۽ منهنجي لاءِ ان ۾ ٻيا به (گهڻا) فائدا آهن“. |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
(الله) فرمايو: ”ان کي اڇلاءِ اي موسى“! |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
پوءِ ان کي اڇلايائين ته اُتي جو اُتي نانگ ٿي پئي (جو) ڊوڙڻ لڳو. |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
(الله) فرمايو: ”ان کي پڪڙ ۽ نه ڊڄ، اسان ان کي هاڻي ئي پهرين شڪل ۾ موٽائينداسين. |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ دٻاءِ اُهو ڪنهن بيماري کان سواءِ سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو، (اِها) ٻي نشاني آهي. |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
هن لاءِ ته اسان تو کي پنهنجي وڏين نشانين مان ڏيکاريون. |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو سرڪش ٿي ويو آهي“. |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
(موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر. |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ منهنجي لاءِ منهنجي ڪم کي آسان ڪر. |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ منهنجي زبان تان (هٻڪڻ جي) ڳنڍ کول. |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
جو ماڻهو منهنجي ڳالهه سمجهن. |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ منهنجي لاءِ منهنجي گهر وارن مان هڪ وزير بناءِ. |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
هارون ، جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي. |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
ان جي ذريعي منهنجي چيلهه (يعني طاقت) مضبوط ڪر. |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ ان کي منهنجي (رسالت جي) ڪم ۾ شريڪ ڪر. |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
تان ته اسان تنهنجي گهڻي پاڪائي بيان ڪيون. |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ اسان تو کي گهڻو ياد ڪيون. |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ تون اسان تي نگران آهين“. |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
(الله) فرمايو : ”بلاشڪ اي موسى جو تو سوال ڪيو سو توکي ڏنو ويو. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ اسان تو تي هڪ ٻيو ڀيرو به احسان ڪيو هيو. |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏهن اسان تنهنجي ماءُ جي دل ۾ اُها ڳالهه وڌي جيڪا وحي ڪئي ويندي آهي. |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته تون ان (موسى ) کي صندوق ۾ رک پوءِ ان کي درياء ۾ لوڙهي ڇڏ پوءِ درياء ان کي ڪناري سان آڻي لڳائيندو ان کي منهنجو دشمن ۽ سندس دشمن کڻندو. ۽ مون تو تي پاڻ وٽان محبت (۽ مقبوليت) وڌي (جيئن تو سان هرڪو محبت ڪري) ۽ اُهو هن لاءِ ته تون منهنجي نگراني ۾ پاليو وڃين. |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
ياد ڪر جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلندي آئي پوءِ (فرعون جي گهر وارن کي) چوڻ لڳي ڇا آءٌ اوهان کي ڪنهن (اهڙي عورت) جي خبر ڏيان جا هن (ٻار) جي پالنا ڪري؟ پوءِ اسان تو کي تنهنجي جيجل ڏانهن موٽايو، تانجو سندس اکيون ٿڌيون ٿين ۽ غم به نه ڪري. ۽ تو (فرعونين جو) هڪ ماڻهو ماريو هيو پوءِ اسان توکي (ان) غم کان نجات ڏني ۽ اسان تو کي گهڻين آزمائشن مان گذاري جانچيو. پوءِ تون ڪيترا سال مَديَن وارن ۾ رهئين پوءِ هاڻي تون ٺيڪ پنهنجي وقت تي آيو آهين، اي موسى! |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ مون تو کي پاڻ (پنهنجي رسالت جي منصب) لاءِ چونڊيو آهي. |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
تون ۽ تنهنجو ڀاءُ (هارون) منهنجون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي ياد ۾ سستي نه ڪجو. |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو بيشڪ اُهو سرڪش ٿي ويو آهي. |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ اوهان ٻئي ان سان نرمي سان ڳالهائجو شايد اُهو نصيحت قبول ڪري يا ڊڄي“. |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
ٻنهين عرض ڪيو: ”اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان کي انديشو آهي ته اُهو اسان تي زيادتي ڪري يا (وڌيڪ) سرڪشي ڪري“. |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
الله فرمايو: ”توهان ٻئي نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوهان ٻنهين سان گڏ آهيان (سڀ ڪجھه) ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو. |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
پوءِ ٻئي ان وٽ وڃو پوءِ چئو ته اسان تنهنجي پالڻهار جا موڪليل (رسول) آهيون، پوءِ تون بني اسرائيل کي (غلاميءَ مان آزاد ڪري) اسان سان گڏ وڃڻ ڏي ۽ تون انهن کي نه ايذاءِ. بيشڪ اسان تو وٽ تنهنجي پروردگار کان نشاني کڻي آيا آهيون ۽ ان ماڻهو تي سلامتي آهي جنهن هدايت جي پيروي ڪئي. |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
بيشڪ اسان ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي ته بلاشڪ عذاب ان شخص تي آهي جيڪو (رسول کي) ڪوڙو چوي ۽ (حق کان) منهن ڦيري“. |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
(فرعون) چيو: ”اي موسى! ته پوءِ اوهان ٻنهين جو پالڻهار ڪير آهي“؟ |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
(موسى) چيو: ”اسان جو پالڻهار اُهو آهي جنهن هر شيءِ کي ان جو وجود ڏنو پوءِ (ان کي) راهه ڏَسيائين“. |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
(فرعون) چيو ته: ”اڳ گذري ويل قومن جو ڇا حال ٿيو“؟ |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
(موسى) چيو: ”ان جو علم منهنجي پروردگار وٽ ڪتاب ۾ (محفوظ) آهي. منهنجو پروردگار نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀُلجي ٿو“. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
اهو ئي جنهن زمين کي توهان لاءِ وڇاڻو بنايو ۽ ان ۾ توهان لاءِ رستا بنايائين ۽ آسمان مان پاڻي لاٿائين. پوءِ اسان ان (پاڻيءَ) ذريعي (ڌرتي مان) قسمين قسمين جي ساوڪ جا جوڙا ڪڍيا. |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
اوهان کائو ۽ پنهنجي جانورن کي چاريو. بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نشانيون آهن. |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
ان (زمين) مان اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان ۾ اوهان کي موٽائينداسين ۽ ان مان اوهان کي ٻيو ڀيرو ڪڍنداسين. |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ بيشڪ اسان ان (فرعون) کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون پر اُن ڪوڙو چيو ۽ (مڃڻ کان) انڪار ڪيائين. |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
(فرعون) چيو: ”اي موسى! ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر ڪڍين؟ |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
پوءِ اسان به ضرور تو وٽ ان جي مقابلي ۾ اهڙو ئي جادو آڻينداسين پوءِ تون اسان جي ۽ پنهنجي وچ ۾ (مقابلي لاءِ) وقت طئي ڪر جنهن جي خلاف ورزي نه اسان ڪنداسين ۽ نه تون ڪجانءِ (اُها جاءِ) کليل ميدان هجي“. |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
(موسى) چيو: ”توهان جي وعدي جو ڏينهن جشن وارو ڏينهن آهي ۽ هي ته ماڻهو ڪچڙي منجهند جو گڏ ٿين“. |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
پوءِ فرعون واپس مُڙيو پوءِ ان پنهنجون (فريبي) سازشون گڏ ڪيون پوءِ (مقرر ٿيل وقت) تي آيو. |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
(موسى) انهن کي چيو: ”اوهان تي افسوس! الله تي ڪوڙو بهتان نه ٻَڌو ورنه ته اُهو اوهان کي عذاب جي ذريعي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندو ۽ بيشڪ اُهو شخص برباد ٿي ويو جنهن (الله تي) بهتان ٻڌو“. |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
پوءِ اُهي (جادوگر) پاڻ ۾ پنهنجي معاملي ۾ جهڳڙي پيا ۽ لِڪَ ڇپ ۾ مشورا ڪرڻ لڳا. |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
چيائون: ”بيشڪ هي ٻئي جادوگر آهن چاهن ٿا پنهنجي جادو جي زور تي توهان کي توهان جي سرزمين مان ٻاهر ڪڍن ۽ توهان جي مثالي طريقهءِ (مذهب ۽ ثقافت) جو خاتمو ڪن. |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
پوءِ پنهنجون سڀ تدبيرون گڏ ڪيو پوءِ قطار ٻڌي ميدان ۾ اچو ۽ بيشڪ اڄ ڏينهن اُهو ڪامياب ٿيندو جيڪو غالب ٿيندو“. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
(جادوگرن) چيو: ”اي موسى (جادو) تون ٿو اڇلائين يا اول اسان اڇلائڻ وارا ٿيون“. |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
(موسى) چيو: ”بلڪه اوهان اڇلايو“. پوءِ ان ئي وقت انهن جون رسيون ۽ انهن جون لٺيون انهن جي جادو جي اثر سبب موسى کي خيال ۾ ڊوڙندڙ محسوس ٿيون. |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
پوءِ موسى پنهنجي دل ۾ خوف محسوس ڪيو. |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
اسان چيو: ”(اي موسى) خوف نه ڪر بيشڪ تون ئي غالب آهين. |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ اڇلاءِ جا (لٺ) تنهنجي ساڄي هٿ ۾ آهي اُها ڳِهي ويندي جو ڪجھه انهن (ٺاهه) ٺاهيو آهي. جيڪو انهن ٺاهيو آهي سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿو ٿئي ڀلي ڪهڙي به شان سان اچي“. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
پوءِ جادوگر سڀ سجدي ۾ ڪيرايا ويا چيائون: ”اسان هارون ۽ موسى جي پالڻهار کي مڃيوسين“. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
(فرعون) چيو: ”اوهان ان تي ايمان آندو آهي ان کان اڳ جو آءٌ اوهان کي اجازت ڏيان بيشڪ اِهو اوهان جو وڏو (استاد) آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ (هاڻي) ضرور آءٌ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس. ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿُڙن ۾ ڦاهي چاڙهيندس ۽ اوهان ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ گھڻي مُدتَ تائين باقي رهڻ وارو آهي“. (يعني منهنجي سزا سخت ۽ ديرپا آهي يا موسيٰ جي) |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
(جادوگرن) چيو: ”اسان تو کي هرگز انهن چِٽن دليلن تي ترجيح نه ڏينداسين جيڪي اسان وٽ اچي چڪا آهن ۽ نه ان ذات تي (ترجيح ڏينداسين) جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي، پوءِ تون جو به فيصلو ڪرڻ واور آهين سو ڪر. تون فقط هن (ٿورن ڏينهن واري) دنياوي زندگي جي باري ۾ فيصلو ڪري سگهين ٿو. |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
بيشڪ اسان پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هن لاءِ ته اسان جون خطائون بخشي ۽ ان کي به (بخشي) جيڪو جادو تو اسان کان زبردستي ڪرايو. الله ئي بهتر آهي ۽ هميشه باقي رهڻ وارو آهي“. |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
بيشڪ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار وٽ ڏوهاري بڻجي ايندو ته پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم آهي. ان ۾ نه مرندو ۽ نه جيئندو. |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪو ان وٽ مؤمن بنجي ايندو (۽) بلاشڪ ان نيڪ عمل ڪيا هوندا ته انهن ماڻهن لاءِ بلند درجا آهن. |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
(اُهي) هميشه رهڻ وارا باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون ان ۾ هميشه رهندا. ۽ اُهو (انعام) ان شخص جو بدلو آهي جنهن پاڪيزگي اختيار ڪئي. |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ بيشڪ اسان موسى ڏانهن وحي ڪئي ته منهنجي ٻانهن کي وٺي رات جو نڪر پوءِ انهن لاءِ سمنڊ ۾ (لٺ) هڻي سُڪل رستو بناءِ، نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه (ٻڏڻ) جو انديشو ڪر. |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ فرعون پنهنجي لشڪرن سان سندن پٺيان پيو پوءِ سمنڊ انهن تي ڇانئجي ويو جيئن ڇانئجڻ جو حق آهي. |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراهه ئي ڪيو هيو ۽ صحيح رهنمائي نه ڪئي هيائين. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي يعقوب جا اولاد بيشڪ اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان نجات ڏني ۽ اسان اوهان سان (جبل) طور جي برڪت واري پاسي (اچڻ جو) وعدو ڪيو ۽ اسان اوهان تي من ۽ سلوى لاٿو. |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
ان پاڪيزه شين مان کائو جي اسان اوهان کي روزي ڪري ڏنيون آهن ۽ ان ۾ سرڪشي نه ڪيو نه ته توهان تي منهنجو غضب پوندو. ۽ جنهن مٿان منهنجو غضب پيو سو واقعي برباد ٿيو. |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ بيشڪ آءٌ گهڻو بخشڻهار آهيان ان شخص لاءِ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڀلا عمل ڪيائين پوءِ هدايت وارو ٿي ويو. |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ اي موسى ڪهڙي شيءِ توکي تنهنجي قوم کان اڳ ئي (طُور تي) وٺي آئي؟ |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
(موسى) عرض ڪيو: ”اُهي منهنجي پويان اچي رهيا آهن ۽ مون (محبت وچان) تو ڏي اچڻ ۾ جلدي ڪئي اي پالڻهار تان ته تون راضي ٿين“. |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
الله فرمايو: ”بيشڪ اسان تنهنجي پويان تنهنجي قوم کي آزمائش ۾ وڌو ۽ انهن کي سامري گمراهه ڪيو“. |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ موسى پنهنجي قوم ڏانهن ڏاڍو ڏمرجي (۽) ڏکارو بنجي موٽيو. چيائين: ”اي منهنجي قوم! ڇا اوهان سان اوهان جي پالڻهار هڪ سهڻو وعدو نه ڪيو هيو؟ ڇا توهان تي (عهد پوري ٿيڻ ۾) وڏو عرصو گذري ويو؟ يا اوهان چاهيو ته اوهان مٿان اوهان جي پالڻهار پاران ڏمر پوي؟ جو اوهان مون سان وعدي خلافي ڪئي“! |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
چيائون: ”اسان پنهنجي اختيار سان توسان وعدي خلافي ڪونه ڪئي آهي ۽ پر قوم جي زيورن جا ڳرا بار اسان تي وڌا ويا هئا سو اسان انهن کي (باهه ۾) اڇلايو پوءِ سامري به اهڙي طرح اڇلايو“. |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ ان (سامري) انهن لاءِ (زيورن مان) هڪ گابي جي مُورت ڪڍي آندي جنهن مان رنڀڻ جو آواز نڪرندڙ هيو پوءِ چيائون: ”هي اوهان جو معبود ۽ موسى جو معبود آهي پوءِ اُهو (موسى) وساري ويو آهي“. |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
ڇا اهو به نه پئي ڏٺائون ته اُهو (گابو) کين ڪنهن ڳالهه جو ڪو جواب نه ٿو ڏئي ۽ نه انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه نفعي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو. |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ بيشڪ انهن کي هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳ چيو هيو ته: ”اي منهنجي قوم! توهان ان جي ذريعي صرف آزمائش ۾ وڌا ويا آهيو ۽ بيشڪ توهان جو پالڻهار وڏو مهربان (الله) آهي پوءِ منهنجي پيروي ڪيو ۽ منهنجي حڪم جي فرمانبرداري ڪيو“. |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
چيائون: ”اسان ان تي (مُجاور بڻجي) ڄميا ويٺا رهنداسين جيستائين اسان ڏانهن موسى موٽي اچي“. |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
(موسى) چيو: ”اي هارون تو کي ڪهڙي ڳالهه روڪيو جڏهن تو انهن کي ڏٺو ته گمراهه ٿي رهيا آهن. |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
جو تو منهنجي تابعداري نه ڪئي؟ ڇا تو منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي“؟ |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
(هارون) چيو: ”اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! تون منهنجي ڏاڙهي نه پڪڙ ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي پڪڙ. بلاشڪ مون کي خدشو ٿي پيو ته متان تون (اچي) چوين ته تو بني اسرائيل جي وچ ۾ فرقه بندي ڪئي ۽ تو منهنجي ڳالهه جي نگهداشت نه ڪئي“. |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
(موسى) چيو: ”اي سامري (ٻڌاءِ) تنهنجو معاملو ڇا آهي“؟ |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
چيائين: ”مون اُها شيءِ ڏٺي جا انهن نه ڏٺي پوءِ مون موڪليل (ملائڪ) جي نقشِ قدم مان هڪ مُٺِ (مِٽي جي) ورتي پوءِ مون اُها ان (گابي جي مجسمي) ۾ وڌي ۽ ان طرح منهنجي نفس مون کي (اِها ڳالهه) سُٺي ڪري ڏيکاري“. |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
(موسى ) چيو: ”پوءِ تون (نڪري) وڃ! پوءِ بلاشڪ تو لاءِ عمر ڀر (سزا) آهي جو تون (هرڪنهن کي) چوندين ته مون کي هٿ نه لايو. (ڇو ته ڪنهن جي هٿ لائڻ سان کيس ۽ ان کي بخار چڙهي ويندو هيو) ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ هڪ (عذاب جو) وعدو آهي جو تو تان ٽري نه سگهندو. تون پنهنجي معبود (گابي) ڏانهن ڏس جنهن تي تون (مُجاور ٿي) ڄمي ويٺو هئين اسان ان کي ضرور ساڙينداسين پوءِ ان کي ذرا ذرا ڪري سمنڊ ۾ وهائي ڇڏينداسين. |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
توهان جو معبود صرف اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. ان جو علم سڀ شين تي حاوي آهي“. |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
(اي نبي!) اهڙي طرح اسان تو کي ان (قومن) جون خبرون ڏيون ٿا جي گذري ويون. بلاشڪ اسان تو کي پاڻ وٽان ذڪر (يعني نصيحت نامو) ڏنو آهي. |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جيڪو ان کان مُنهن موڙيندو پوءِ بيشڪ اُهو قيامت واري ڏينهن (گناهن جو) ڳرو بار کڻندو. |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
(اهڙا ماڻهو) ان (عذاب) ۾ هميشه رهندا. ۽ انهن لاءِ قيامت واري ڏينهن ڏاڍو بُرو بار هوندو. |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
جنهن ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي ان ڏينهن اسان ڏوهارين کي ائين گڏ ڪنداسين جو انهن جون اکيون (شديد غم سبب) نيريون هونديون. |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
پاڻ ۾ هڪ ٻئي ۾ آهستي آهستي چوندا ته: ”توهان (دنيا ۾) ڏهاڪو کن ڏهاڙا رهيا هوندا“. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي ڳالهيون ڪندا، جڏهن ته انهن مان هڪ محطاط اندازي لڳائڻ وارو ماڻهو چوندو ته : ”توهان (دنيا ۾) رڳو هڪ ڏينهن ئي رهيا آهيو“. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ تو کان ماڻهو جبلن جي باري ۾ پڇن ٿا؟ (ان ڏينهن اهي ڪاڏي ويندا) سو چؤ ته منهنجو پروردگار انهن کي پُرزا پُرزا ڪري اُڏاري ڇڏيندو. |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
پوءِ زمين کي بلڪل صاف سڌو ميدان ڪري ڇڏيندو. |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
جنهن ۾ نه ته تون ڪو موڙ ڏسندين نه هيٺ مٿاهين. |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينهن ماڻهو سڏڻ واري جي پٺيان هلندا ان (هلڻ) ۾ ڪا ڏنگائي نه هوندي، ۽ رحمان جي جلال سبب سڀ آواز جِهيڻا ٿي ويندا پوءِ سواءِ ڀُڻ ڀُڻ جي ٻيو ڪو آواز نه ٻڌندين. |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
ان ڏينهن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي سواءِ ان ماڻهو جي (سفارش جي) جنهن کي رحمان اجازت ڏني هجي. ۽ جنهن جي ڳالهه کان اُهو راضي ٿيو هجي. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي انهن (ماڻهن) جي اڳيان آهي ۽ جو انهن جي پٺيان آهي ۽ اُهي (پنهنجي) علم سان ان (جي علم) جو احاطو ڪري نه ٿا سگهن. |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ چهرا ان هميشه زنده قائم رهڻ واري (الله) جي حضور ۾ جُهڪي ويندا. بيشڪ اُهو نامراد ٿيندو جنهن ظلم جو بار کنيو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جو شخص چڱا عمل ڪري ۽ اُهو ايمان وارو به آهي ته ان کي نه ڪنهن ظلم جو خوف هوندو ۽ نه حق تلفيءَ جو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اهڙي طرح اسان ان کي عربي قرآن بنائي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بار بار بيان ڪيون آهن ته جيئن پرهيزگار بنجن يا انهن (جي دلين ۾) سوچ سمجهه پيدا ڪري. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ الله بلند شان وارو آهي اُهو حقيقي بادشاهه آهي. ۽ تون قرآن (پڙهڻ) ۾ جلدي نه ڪر ان کان اڳ جو ان جي وحي تو تي پوري طرح لهي وڃي، ۽ چؤ ته: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي علم ۾ اڃا وڌاءِ“. |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
۽ بيشڪ اسان ان کان (گهڻو) اڳ آدم کي تاڪيدي حڪم ڪيو هيو سو اُهو وساري ويٺو اسان ان جو (بي فرماني جو) ڪو به پُختو ارادو نه ڏٺو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته اوهان آدم کي سجدو ڪيو سو انهن سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. ان انڪار ڪيو. |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
پوءِ اسان چيو ته: ” اي آدم بيشڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي سو اُهو متان اوهان ٻنهين کي جنت مان نه ڪڍي ڇڏي پوءِ توهان تڪليف ۾ پئجي ويندؤ. |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ تو لاءِ ان (بهشت) ۾ هي آهي جو نه تو کي بک لڳندي ۽ نه بي لباس ٿيندين. |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
۽ هي ته تو کي ان ۾ نه اُڃَ لڳندي ۽ نه اُس ستائيندي“. |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پوءِ شيطان ان کي هڪ خيال ڏنو چيائين: ” اي آدم ڇا تو کي اهو وڻ ٻڌايان جنهن سان هميشه واري زندگي ۽ لازوال بادشاهي حاصل ٿئي ٿي“. |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
پوءِ ٻنهين ان مان کاڌو پوءِ ٻنهين تي سندن شرمگاهون ظاهر ٿي پيون (يعني بي لباس ڪيا ويا) ۽ پنهنجو پاڻ تي جنت (جي وڻن) جا پن ويڙهڻ لڳا. ۽ آدم پنهنجي پالڻهار جي فرمان جي خلاف ڪيو سو اُهو ڀلجي ويو. |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
وري کيس سندس پروردگار (خلافتِ ارضي لاءِ) چونڊيو پوءِ مٿس رحمت سان رجوع ٿيو ۽ هدايت ڪيائين. |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
(الله) فرمايو: ”اوهان سڀ هتان هيٺ هليا وڃو، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جڏهن اوهان وٽ منهنجي طرفان رهنمائي پهچي، پوءِ جيڪو ماڻهو منهنجي هدايت جي پيروي ڪندو ته نه (دنيا ۾) گمراهه ٿيندو ۽ نه (آخرت ۾) بدنصيب ٿيندو. |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪو ماڻهو منهنجي ذڪر کان مُنهن موڙيندو ته پوءِ بلاشڪ ان لاءِ گذران تنگ ڪيو ويندو ۽ قيامت واري ڏينهن اسان ان کي انڌو ڪري اٿارينداسين“. |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
چوندو: ”اي منهنجا پالڻهار! تو مون کي انڌو ڇو اٿاريو آهي؟ حالانڪه (دنيا ۾) آءٌ ڏسندڙ هيس“. |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
الله فرمائيندو: ”ائين ئي ٿيو (جو دنيا ۾) تو وٽ اسان جون آيتون آيون پوءِ تو انهن کي وساري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح اڄ تون به وساريو ويندين. |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ اهڙي طرح اسان ان شخص کي بدلو ڏيون ٿا جيڪو حد کان لنگهيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن تي ايمان نه آندائين. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب زور سخت ۽ گهڻو وقت رهڻ وارو آهي. |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
ڇا انهن جي هن ڳالهه به رهنمائي نه ڪئي ته اسان انهن کان اڳ ڪيترين ئي امتن کي برباد ڪري چڪا آهيون جن جي رهائش گاهن ۾ (هاڻي) اُهي هَلن گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ (گهڻيون) نشانيون آهن. |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڳالهه جا مقرر ٿي چڪي آهي سا نه هجي ها ۽ مهلت جو هڪ مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (انهن تي عذاب لهڻ هاڻي ئي) لازم ٿي پوي ها. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪي چون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي ساراهه سان گڏ سندس تسبيح پڙهه سج اڀرڻ کان اڳ (يعني نمازِ فجر ۾) ۽ ان جي لهڻ کان اڳ (يعني ٽپهري نماز ۾) ۽ رات جي پهرين گهڙين ۾ (يعني مغرب ۽ عشاء ۾) به تسبيح ڪر ۽ ڏينهن جي ڪنارن تي به ته جيئن تون خوش رهين. |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ پنهنجون ٻئي اکيون کڻي هرگز به انهن شين ڏانهن نه نهار جن سان اسان انهن مان مختلف ماڻهن کي دنيا جي آرائش ۽ زيبائش جو فائدو پهچايو آهي. هن لاءِ جو انهن ۾ کين آزمايون. ۽ تنهنجي پالڻهار جي عطا بهتر ۽ باقي رهڻ واري آهي. |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ تون پنهنجي گهروارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ پاڻ به ان تي پابند رهه. اسان تو کان رزق نه ٿا گهرون. (بلڪه) اسان تو کي رزق ڏيون ٿا. ۽ (چڱي) پڇاري پرهيزگاري لاءِ آهي. |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هي (رسول) اسان ڏانهن پنهنجي پالڻهار کان ڪا نشاني (معجزو) ڇونه ٿو آڻي“؟ ڇا جيڪي پهرين ڪتابن ۾ آهي تنهن مان ظاهر نشاني (قرآن) وٽن نه آيو آهي. |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
۽ جيڪڏهن اسان انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ عذاب ذريعي هلاڪ ڪيون ها ته اُهي چون ها: ”اي اسان جا پروردگار! تو اسان تي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان اڳ اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪيون ها“. |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
چؤ ته: ”هر هڪ انتظار ڪندڙ آهي پوءِ اوهان به انتظار ڪيو، پوءِ اوهان جلد ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير سڌي رستي وارا آهن ۽ ڪير هدايت يافته آهن“. |