طه (آيت : 1) |
طٰهٰ |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
اسان توتي هي قرآن انهي لاءِ نه موڪليو آهي ته تون تڪليف ۾ پوين. |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
پر ڊڄندڙن جي نصيحت وٺڻ لاءِ. |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
انهي موڪليو آهي جنهن زمين ۽ وڏا آسمان خلقيا آهن. |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
اهو رحمان آهي، جو تخت تي محڪم آهي. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي ۽ جيڪي زمين جي تري ۾ آهي سو سڀ ان جو آهي. |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
تون کڻي زور سان ڳالهائين، پر اهو ڳجهو پڌرو سڀ ڄاڻي ٿو. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
انهيءِ الله کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي ۽ ان جا نالا سهڻا آهن. |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
ڇا، تو وٽ موسيٰ جو قصو پهتو آهي؟ |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏهن هن باهه ڏٺي تڏهن سندس گهر وارن کي چيائين ”ترسو جو مون باهه ڏٺي آهي، اميد ته منجهانئس ڪو ٽانڊو اوهان وٽ کڻي ايندس يا باهه وٽ ڪو ڏس ڏيندڙ ڏسندس.“ |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته آواز آيو ”اي موسيٰ! |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
بيشڪ آءُ تنهنجو رب آهيان- ان ڪري تون پنهنجي جُتي لاهه، جو تون پاڪ ماٿريءَ ”طويٰ“ ۾ آهين. |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
مون توکي چونڊيو آهي، ان ڪري جيڪي وحي ٿو ڪجي، سو ٻُڌ. |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
بيشڪ آءُ الله آهيان، مون ڌاران ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي، ان ڪري منهنجي بندگي ڪر ۽ منهنجي يادگيريءَ لاءِ نماز قائم ڪر. |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
بيشڪ قيامت ايندي، آءُ ان کي ڳجهو ٿو ڪريان ته هر شخص کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي. |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
متان ڪو به ان کي نه مڃيندڙ ۽ سندس سڌن پٺيان هلندڙ شخص توکي ان کان ڦيرائي ۽ تون تباهه ٿين.“ |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ موسيٰ! تنهنجي ساڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟“ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
چيائين اها منهنجي لٺ آهي، جنهن تي آءُ ٽيڪ ڏيندو آهيان ۽ ساڻس ٻڪرين لاءِ پن ڇاڻيندو آهيان ۽ ان ۾ مون لاءِ ٻيا به فائدا آهن.“ |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
چيائين ”موسيٰ! ان کي اڇلاءِ!“ |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
پوءِ ان کي اڇلايائين ته اوچتو اها ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيئي. |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
چيائين ”ان کي کڻ ۽ ڊڄ نه، يڪدم اسين کيس اڳئين وانگر ڪنداسون. |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ پنهنجو هٿ بغل ۾ وجهه، ته اهو بي عيب روشن ٿي نڪرندو، اها ٻي نشاني آهي. |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
ته توکي پنهنجي وڏين نشانين مان ڪجهه ڏيکاريون. |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
هاڻ فرعون ڏي وڃ، جو حد کان نڪري ويو آهي.“ |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
چيائين ”يارب! منهنجي سيني کي کول. |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
منهنجي ڪم کي سولو بڻاءِ. |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
منهنجي زبان جي ڳنڍ کي کول. |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
ته ماڻهو منهنجو ڳالهاءُ سمجهن_ |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ منهنجي گهر وارن مان منهنجو وزير بناءِ! |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
منهنجي ڀاءُ هارون کي. |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
ان سان منهنجي طاقت مضبوط ڪر. |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شامل ڪر. |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
ته اسين تنهنجي پاڪائي گهڻو بيان ڪريون. |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ توکي گهڻو ياد ڪريون. |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ، تون اسان کي خوب ڏسين ٿو.“ |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
چيائين ”موسيٰ! تنهنجو سوال قبول پيو. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
اسين توتي ٻيو دفعو به احسان ڪري چڪا آهيون. |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏهن تنهنجي ماءُ ڏانهن جيڪو حڪم موڪلڻو هو، سو موڪليوسون. |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته ”موسيٰ کي صندوق ۾ وجهي پاڻيءَ ۾اڇل، ته پاڻي کيس ڪپ تي آڻي ۽ ان کي منهنجو ۽ تنهنجو دشمن هٿ ڪري، ۽ مون تو ۾ محبت جو اثر وڌو ته منهنجي نظر هيٺ نپائجين. |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلندي آئي ۽ (فرعون جي زال) کي چيائين ته ”آءُ اهڙي ماڻهوءَ جو ڏس ڏيانوَ، جو هن کي پالي؟ پوءِ اسان توکي تنهنجي ماءُ ڏي موٽايو، ته هن جون اکيون ٺرن ۽ غم نه ڪري ۽ تو هڪ شخص کي ماريو، پوءِ اسان توکي غم کان ڇڏايو ۽ توکي پرکڻ جيئن پرکيوسون_ پوءِ تون ڪي ورهيه مدين وارن ۾ رهين، پوءِ تون مقرر وقت تي آئين. |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ مون توکي پنهنجي (ڪم) لاءِ چونڊيو. |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
تون ۽ تنهنجو ڀاءُ منهنجيون نشانيون کڻي وڃو ۽ منهنجي ياد ڪرڻ ۾ سستي نه ڪجو. |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
فرعون ڏي وڃو، جو هو حد اڪري ويو آهي. |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ ان سان نرم ڳالهايو ته من هو نصيحت وٺي يا ڊپ ٿئيس.“ |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
چيائون، ”اسان جا ڌڻي! اسان کي ڊپ ٿو ٿئي ته هو اسان تي ڏاڍ ڪري يا حد کان لنگهي.“ |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
چيائين ”ڊپ نه ڪريو. آءُ اوهان سان گڏ ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهيان. |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
هن وٽ وڃو ۽ چؤس ته ”اسين تنهنجي رب جا موڪليل آهيون، ان ڪري تون اسان سان بني اسرائيلن کي ڇڏ ۽ کين عذاب نه ڏي. بيشڪ اسين تنهنجي رب وٽان نشانين سان آيا آهيون ۽ سنئين واٽ تي هلندڙ تي سلامتي آهي. |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
اسان ڏي وحي آيو آهي ته نه وسهندڙ ۽ منهن موڙيندڙ تي عذاب ٿيندو.“ |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
چيائين ”موسيٰ! اوهان جو رب ڪير آهي؟“ |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
چيائين ”اسان جو رب اهو آهي جنهن هر چيز کي خلقيو، پوءِ ان کي واٽ ڏسيائين.“ |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
چيائين ”اڳين جو ڪهڙو حال آهي؟“ |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
چيائين ”انهن جي خبر منهنجي رب وٽ ڪتاب ۾ آهي، منهنجو رب نڪي غلطي ڪر ي ٿو، نڪي وساري ٿو.“ |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ منجهس اوهان لاءِ رستا ٺاهيا_ ۽ آسمان مان پاڻي موڪليائين، جنهن سان اوهان لاءِ قسمين قسمين اوڀڙ اڀاڙياسين. |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
اوهين به کائو ۽ اوهان جي ڍورن کي به کارايو، هن ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
انهي زمين مان اوهان کي خلقيوسون ۽ انهي ۾ اوهان کي موٽائينداسون ۽ انهي مان اوهان کي ٻيو دفعو ڪڍنداسون. |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ بيشڪ اسان کيس سڀ نشانيون ڏيکاريون ته به نه وسهيو ۽ انڪار ڪيائين. |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
چيائين ”موسيٰ! ڇا تون انهي لاءِ اسان وٽ آيو آهين ته پنهنجي جادوءَ سان اسان کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍين؟ |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
ته اسين به توکي اهڙو جادو ڏيکارينداسون، تنهن ڪري اسان ۽ تنهنجي وچ ۾ سڌيءَ جاءِ تي اهڙو وعدو مقرر ڪر، جنهن کي نڪي اسين ڦيرايون نه تون.“ |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
چيائين ”وعدو آهي ميلي جو ڏينهن ۽ ماڻهو ڏينهن چڙهئي گڏ ٿين.“ |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
پوءِ فرعون موٽي وڃي پنهنجا ڦند گڏ ڪيا، پوءِ آيو. |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
موسيٰ جادوگرن کي چيو، ”اوهان لاءِ ويل آهي، خدا تي ڪوڙ نه ٻڌو، نه ته ڪنهن عذاب سان چٽ ڪندوَ ۽ ٺاهه ٺاهيندڙ نامراد رهندو آهي. |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
تنهن تي منجهن انهي ڳالهه بابت ڦيٽارو پيو ۽ ڳجهيون صلاحون ڪرڻ لڳا. |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
چوڻ لڳا ”هي ٻه جادوگر آهن جي چاهين ٿا، ته سندن جادوءَ سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍن ۽ اوهان جي عمدي مذهب کي وڃائين. |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
ان ڪري پنهنجيون رٿون گڏ ڪري صفون ٻڌي اچو، اڄ جيڪو ڏاڍو ٿيو سوئي ڪامياب آهي.“ |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
چيائون ”موسيٰ! اول تون اڇلائيندين، يا اول اسين اڇليون؟“ |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
چيائين ”ڀلي اوهين اڇليو،“ پوءِ اوچتو سندن رسيون ۽لٺيون سندن جادوءَ سبب ائين خيال ۾ اچڻ لڳيون جو ڄڻ ته ڊوڙن پيون. |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
تنهن تي موسيٰ جي دل ۾ ڊپ ٿيو. |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
اسان چيو ”ڊڄ نه، تون پڪ سان کٽندين. |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ جيڪي تنهنجي ساڄي هٿ ۾ آهي سو اڇلائي وجهه ته هو سندن هنر کي چٽ ڪندي، جادوگرن جو هنر رڳو جادوءَ جو فريب آهي ۽ جادوگر جتي به ويندو ڪامياب نه ٿيندو.“ |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
انهي تي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چوڻ لڳا ”اسان موسيٰ ۽ هارون جي رب کي مڃيو.“ |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
فرعون چيو ته ”اوهان منهنجي اجازت کان اڳ ڇو ان کي مڃيو؟ هي ضرور اوهان جو وڏو آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، هاڻي آءُ پڪ سان توهان جا هٿ ۽ پير ابتڙ سبتڙ وڍائيندس ۽ اوهان کي کجيءَ جي ڪاٺين ۾ ڦاهي چاڙهيندس_ پوءِ خبر پوندؤ ته اسان مان ڪنهنجو عذاب سخت ۽ دائمي آهي.“ |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
چيائون ”اسان وٽ جيڪي به چٽا دليل آيا ۽ جنهن اسان کي پيدا ڪيو، انهن کان وڌيڪ اسين توکي هر گز نه سمجهنداسون، پوءِ جيڪي ڪرڻو هجيئي سو ڪر، تون ته رڳو هن دنيا جي حياتيءَ بابت ئي ڪري ٿو سگهين. |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
اسان پنهنجي ڌڻيءَ تي ويساهه آندو آهي ته هو اسان جا گناهه ۽ اسان کان زوريءَ ڪرايل جادو معاف ڪري ۽ الله سڀ کان ڀلو ۽ بقادار آهي.“ |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
بيشڪ جيڪو شخص سندس ڌڻيءَ وٽ ڏوهاري ٿي ايندو، ته ان لاءِ جهنم آهي، جنهن ۾مرندو، نڪي جيئندو. |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪو وٽس مومن ٿي ايندو ۽ چڱا ڪم هوندس ته اهڙن لاءِ وڏا در جا آهن. |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
هميشه رهندڙ باغ، جن جي هيٺان نهرون وهندڙ آهن، اهي منجهن هميشه رهندا ۽ اهو بدلو آهي پاڪ ٿيندڙ جو. |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ اسان موسيٰ ڏي وحي موڪليو ته ”منهنجن بندن کي رات جو وٺي نڪر ۽ انهن لاءِ سمنڊ ۾ سڪو رستو بناءِ، نڪي پڪڙجڻ جو ڊپ ڪر، نڪي (ٻڏڻ کان) ڊڄ.“ |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ فرعون سندس لشڪر وٺي پٺيانئين پيو، پوءِ سمنڊ به کين ڍڪڻ جيئن ڍڪي ڇڏيو. |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ فرعون سندس قوم کي گمراهه ڪيو، پر واٽ نه لاتو. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيل! بيشڪ اسان اوهان کي اوهان جي دشمن کان ڇڏايو ۽ اوهان کي طور جي سڄي طرف جو وعدو ڏنو ۽ اوهان تي من ۽ سلويٰ لاٿا. |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
جيڪي پاڪ چيزون اوهان کي ڏنيوسون، تن مان کائو ۽ انهن بابت حد کان نه اڪرو، نه ته اوهان تي منهنجو ڏمر پوندو ۽ جنهن تي منهنجو ڏمر پيو، سو بيشڪ برباد ٿيو. |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ آءُ ان شخص کي ضرور بخش ڪندس جنهن توبهه ڪئي، ايمان آندو، چڱا ڪم ڪيا، پوءِ سنئون رستو ورتائين. |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ (الله چيو) ”اي موسيٰ! توکي پنهنجي قوم کان ڪهڙي ڳالهه تڪڙ ڪرائي؟“ |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
چيائين ”اهي ته منهنجي پوئتان آهن ۽ يا رب! مون ته توکي راضي ڪرڻ لاءِ تڪڙ ڪئي.“ |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
فرمايائين ته ”اسان تنهنجي قوم کي تنهنجي پويان پرک ۾ وڌو آهي ۽ انهن کي سامريءَ گمراهه ڪيو آهي.“ |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
انهي تي موسيٰ سندس قوم ڏي ڪاوڙ ۽ ارمان ۾ ڀرجي موٽيو. چيائين ”اي قوم! اوهان کي اوهان جي رب سهڻو وعدو نه ڏنو هو ڇا؟ پوءِ اوهان تي اهو وعدو ڪو انگهيو هو ڇا؟ يا توهان کي پاڻ تي پنهنجي رب جو غضب آڻڻو هو، جو اوهان مون سان ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪيو؟“ |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
چيائون ”اسان پنهنجي مرضيءَ سان تنهنجو وعدو نه ڦٽايو، پر اسان جيڪي (مخالف) قوم جا زيور کنيا هئا، سي باهه ۾ وڌاسون ۽ اهڙيءَ طرح سامريءَ به وڌا. |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ انهن لاءِ رنڀندڙ جسم وارو گابو بڻائي وڌائين ۽ چيائين ته اهو اوهان ۽ موسيٰ جو ڌڻي آهي، جنهن کي وساري ويو آهي. |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
هنن اهو نه ڏٺو؟ ته هو نڪا کين ڳالهه جي ورندي ٿو ڏئي، نڪي سندس نقصان ۽ فائدي جو اختيار ٿو رکي! |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ هارون کين اڳ ۾ چيو هو ته ”اي قوم! اوهان کي رڳو انهي سان پرکجي ٿو ۽ بيشڪ اوهان جو ڌڻي الله آهي، ان ڪري منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو چيو مڃيو.“ |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
چيائون ”اسين ته هن تي تيسين مجاور رهنداسون جيسين اسان وٽ موسيٰ موٽي اچي“ (_) موسيٰ چيو ته ”اي هارون! تو جڏهن هنن کي گمراهه ٿيندي ڏٺو ته، تڏهن منهنجي پٺيان لڳڻ کان ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيئي؟ ڇا تو منهنجي چوڻ جي ابتڙ ڪيو؟“ |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
(موسيٰ چيو) ته ”اي هارون! تو جڏهن هنن کي گمراهه ٿيندي ڏٺو (ته، تڏهن) |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
منهنجي پٺيان لڳڻ کان ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيئي؟ ڇا تو منهنجي چوڻ جي ابتڙ ڪيو؟“ |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
چيائين ”منهنجا مائتا ڀاءُ! نڪي مون کي ڏاڙهيءَ کان وٺ، نڪي مٿي کان، آءُ ڊنس ته متان تون چوين ته بني اسرائيل ۾ ڦوٽ وڌيئه ۽ منهنجي ڳالهه جو خيال نه ڪيئه.“ |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
چيائين ”سامري! توکي ڇا چوڻو آهي؟“ |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
چيائين ”مون اهو ڏٺو، جو ٻين نه ڏٺو، پوءِ مون رسول جي پيرن جي نشان مان ڪجهه حصو هٿ ڪيو ۽ پوءِ ان کي وجهي ڏنم ۽ اهڙيءَ طرح منهنجي نفس مون کي سمجهايو.“ |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
چيائين ”هاڻي وڃ! تولاءِ هن حياتيءَ ۾ ائين آهي، جو چوندو رهندين“ هٿ نه لڳايو“ ۽ تو لاءِ هڪڙو وعدو آهي، جو نه ٽرندو ۽ هاڻي تنهنجي هن هٿرادو ڌڻيءَ کي ڏس، جنهن تي تون ڄميو ويٺو هئين، اسين کيس ساڙينداسون، پوءِ کيس درياءَ ۾ لوڙهينداسون. |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
اوهان جو سچو ڌڻي فقط اهو الله آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، هن هر چيز کي علم سان گهيري ڇڏيو آهي.“ |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
اسين انهي طرح توکي گذريل ڳالهين جون خبرون ڏيون ٿا ۽ بيشڪ اسان توکي پاڻ وٽان هڪ نصيحت نامو به ڏنو آهي. |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جنهن ان کان منهن موڙيو، اهو بيشڪ قيامت ڏينهن ڳرو بار کڻندو. |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
جنهن ۾ هميشه هوندا ۽ انهن لاءِ قيامت ڏينهن اهو بڇڙو بار هوندو. |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪبو ۽ ان ڏينهن ڏوهارين کي کيرين اکين سان گڏ ڪنداسون. |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
جو پاڻ ۾ آهستي ڳالهيون ڪندا هوندا ته اوهين دنيا ۾ ڪي ڏهاڪو ڏينهن رهيا هئا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
اسين خوب ڄاڻون ٿا جيڪي هو چوندا، جڏهن منجهانئن سڀ کان سٺيءَ راهه وارو چوندو ته ”اوهين ته فقط هڪ ڏينهن رهيا هئا!“ |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ توکان جبلن بابت پڇن ٿا، سو تون چوين ته ”منهنجو رب انهن کي بلڪل اڏائي ڇڏيندو. |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
۽ پوءِ کين هڪ سڌو سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو. |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
جنهن ۾ تون نه ڪا ڏنگائي ڏسندين نه مٿانهپ. |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينهن سڀئي بنا ڪنهن ڏنگائي جي سڏيندڙ جي پٺيان ايندا ۽ سڀ آواز الله لاءِ جهڪا ٿي ويندا ۽ تون ڀڻڪ بنا ٻيو ڪجهه نه ٻڌندين. |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
ان ڏينهن شفاعت ڪو فائدو نه ڏيندي، سواءِ ان جي، جنهن کي الله اجازت ڏني ۽ سندس ڳالهائڻ پسند ڪيائين. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
هو سندن اڳيئن خواهه پوئين احوال کي ڄاڻي ٿو، مگر هن کي سندن علم گهيري نٿو سگهي. |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ سڀ منهن ان اڳيان جهڪيل هوندا جو سدائين جيئرو ۽ سڀني کي قائم رکندڙ آهي ۽ جيڪو ظلم کڻي آيو، سو نقصان ۾ رهندو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جنهن چڱا ڪم ڪيا ۽ اهو مؤمن به هوندو، ان کي نڪو ظلم جو ڊپ هوندو، نه گهٽتائين جو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اهڙيءَ طرح عربي قرآن لاٿو سون ۽ ان ۾ طرح طرح جي ڊيڄارڻ جي ڳالهه بيان ڪئي سون ته من اهي ڊڄن، يا اهو هنن لاءِ ڪا نصيحت پيدا ڪري. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ وڏي درجي وارو آهي الله سچو بادشاهه، ۽ جيستائين توتي وحي پوري ٿئي ان کان اڳ قرآن ۾ تڪڙ نه ڪر ۽ چئو ته ”اي منهنجا رب! منهنجو علم وڌاءِ.“ |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
۽ بيشڪ اسان هن کان اڳ آدم کي حڪم ڏنو پر هن وساريو ۽ اسان سندس ڪا پڪي نيت ڪانه ڏٺي. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته ”آدم لاءِ سجدو ڪريو“ تڏهن سڀني گڏجي سجدو ڪيو، سواءِ ابليس جي، هن انڪار ڪيو. |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
پوءِ چيوسون ته ”اي آدم! بيشڪ هي تو ۽ تنهنجي زال جو دشمن آهي، پوءِمتان اوهان کي جنت مان ڪڍي ۽ اوهين تڪليف ۾ پئو. |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ توکي منجهس نڪي بک لڳندي نه اگهاڙو ٿيندين. |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
نڪي ان ۾ اڃ لڳندءِ نڪي اس.“ |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پوءِ شيطان کيس برغلايو، چيائين ”آدم! آءُ توکي اهڙو وڻ ڏسيان جو سدائين رهي ۽ اهڙي بادشاهي، جا ڪڏهن به هيڻي نه ٿئي؟“ |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
پوءِ ان مان کاڌائون، ته هنن لاءِ سندن اوگهڙ ظاهر ٿي پيئي ۽ پاڻ مٿان جنت جا پن ڍڪڻ لڳا ۽ آدم سندس رب جي نافرماني ڪئي ان ڪري ڀلجي پيو. |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
پوءِ وري کيس سندس رب سڳورو ڪيو، مٿس ٻاجهه سان موٽيو ۽ سنئين واٽ لڳايائين. |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
چيائين ”هن مان سڀ لهي وڃو، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن هوندا_ پوءِ جڏهن به اوهان وٽ مون وٽان هدايت اچي، تڏهن جيڪو هدايت جي پيروي ڪندو، سو نڪي گمراهه ٿيندو نڪي بدبخت. |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪو منهنجي نصيحت کان منهن موڙيندو، ان لاءِ حياتي به تنگ هوندي ۽ ان کي قيامت ڏينهن به انڌو ڪري اٿارينداسون.“ |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
چوندو ”يارب! مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو اٿيئي، آءُ ته سڄو هوس؟“ |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
چوندو ”ائين توڏي اسان جون آيتون ٿي آيون ۽ تو کين ٿي وساريو ۽ ائين اڄ توکي به وساربو!“ |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ ائين ان کي سزا ڏينداسون جو حد کان لنگهندو ۽ سندس رب جي آيتن کي نه مڃيندو ۽ آخرت جو عذاب تمام سخت ۽ بقادار آهي. |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
ڇا، کين انهن مان به هدايت نٿي ملي، جو کانئن اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون؟ هنن جي ٺڪا ڻن ۾ پاڻ پيا هلن! بيشڪ سمجهه وارن لاءِ انهي ۾نشانيون آهن! |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
۽ جيڪڏهن تنهنجي رب کان آڳاٽو حڪم ۽ وقت مقرر ٿيل نه هجي ها ته جيڪر ضرو عذاب اچي ها. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ تون سندن چوڻ تي پيو صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ خواهه لهڻ کان اڳ پنهنجي رب جي واکاڻ سان سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ رات جي گهڙين ۽ ڏينهن جي گهڙين ۾ به پاڪائي چئو، ته من تون خوش ٿئين. |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ پنهجين اکين کي انهي دنيا جي سينگار ڏانهن نه ڦيراءِ جيڪي اسان هنن (ڪافرن) جي ڪن ٽولن کي آزمائش خاطر ڏنو آهي ۽ تنهنجي رب جو رزق سٺو ۽ بقادار آهي. |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ پاڻ به ان تي قائم رهه، اسين توکان رزق ڪو نه ٿا گهرون، تو کي به رزق ڏيون ٿا_ ۽ چڱي پڇاڙي نيڪن جي ئي آهي. |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
هو ٿا چون ته اسان وٽ سندن رب جي ڪا نشاني ڇو نٿو آڻي؟ ڇا اڳين ڪتابن مان وٽن ڪا نشاني ڪا نه آئي آهي؟ |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
۽ جيڪڏهن اسين کين ان کان اڳ عذاب سان چٽ ڪريون ها ته جيڪر ضرور چون ها ته ”اي اسان جا رب تو اسان ڏي ڪو رسول ڇو نٿي موڪليو؟ جو جيڪر اسين ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان اڳ تنهنجي آيتن کي مڃيون ها.“ |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
چئو ته سڀئي پيا انتظار ڪن، سو اوهين به انتظار ڪريو_ سگهو ئي خبر پوندوَ ته ڪير سنئين واٽ وارو آهي ۽ ڪير هدايت وارو آهي. |