طه (آيت : 1) |
طٰــہٰ . |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
نه لاٿو اسان توتي قرآن تانته تڪليف ۾ پوين . |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
مگر نصيحت ان جي لاءِ جيڪو ڊڄي ٿو . |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
نازل ڪرڻ آهي ان ذات جي طرفان جنهن پيدا ڪئي زمين ۽ آسمان بلند . |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
رحمان عرش تي غلبو فرمايو . |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
ان جي لاءِ آهي اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي. جيڪو (زمين جي) تري هيٺان آهي . |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
۽ جيڪڏهن وڏا آواز ڪندين ڳالهائڻ ۾ پوءِ بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو لڪل کي ۽ تمام اونهي کي . |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
سچو معبود، ناهي ڪوبه عبادت جو لائق مگر اهو ان جي لاءِ نالا سهڻا آهن . |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
۽ ڇا (نه) آئي آهي تو وٽ موسى جي ڳالھ . |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏهن ڏٺائين باھ پوءِ چيائين گهر جي ڀاتين پنهنجن کي ته ترسو بيشڪ مون ڏٺي آهي باھ اميد ته مان آڻيندس اوهان وٽ ان مان ٻرندڙ ٽانڊو يا لهندس باھ وٽ ڪو هدايت ڪرڻ وارو . |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جڏهن آيو ان وٽ ته سڏ ڪيو ويو اي موسى . |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
بلاشڪ مان ئي رب تنهنجو آهيان پوءِ لاھ تون جوتا پنهنجا بيشڪ تون وادي پاڪ طوٰي ۾ آهين . |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ مون پسند فرمايو آهي توکي پوءِ ڪن ڏئي ٻڌ جيڪو وحي ڪيو ٿو وڃي . |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
بيشڪ مان ئي سچو معبود آهيان ناهي ڪو (ٻيو) سچو معبود مون کان سواءِ پوءِ عبادت ڪر منهنجي ۽ قائم ڪر نماز منهنجي ياد ڪرڻ جي لاءِ . |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي گهران ٿو مان ته ڳجهو رکان ان کي تانته بدلو ڏنو وڃي هر نفس ان سان جيڪا ڪوشش ڪري ٿو . |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
پوءِ هرگز نه روڪي توکي ان کان جيڪو نه ٿو ايمان آڻي ان تي ۽ تابع ٿيو خواهش پنهنجيءَ جو پوءِ هلاڪ ٿين . |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ ڇا آهي اهو سڄي هٿ تنهنجي ۾ اي موسى . |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
چيائين ته اها لٺ منهنجي آهي ٽيڪ ڏيان ٿو ان تي ۽ پن ڪيرايان ٿو ان سان ٻڪرين پنهنجين تي ۽ مون لاءِ ان ۾ ضرورتون ٻيون آهن . |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
چيائين ته اڇلاءِ ان کي اي موسى . |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
پوءِ اڇلايائين ان کي پوءِ اوچتو اها نانگ آهي ڊوڙي پيو . |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
فرمايائين وٺ ان کي ۽ نه ڊڄ جلد موٽائينداسون ان کي پهرئين حالت ان جي تي . |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ رک تون هٿ پنهنجو بغل پنهنجي تي ته نڪرندو اڇو چمڪندڙ ٿي سواءِ بيماريءَ جي نشاني ٻي . |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
تانته ڏيکاريون توکي نشانين پنهنجين وڏين مان . |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
وڃ تون فرعون ڏانهن بيشڪ اهو بي فرمان ٿيو . |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
چيائين ته: اي منهنجا رب! کول تون مون لاءِ سينو منهنجو . |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ آسان ڪر مون لاءِ ڪم منهنجو . |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ ختم ڪر هٻڪ زبان منهنجيءَ مان . |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
ته سمجهن ڳالھ منهنجي . |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ ڪر تون مون لاءِ وزير اهل منهنجي مان . |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
هارون ڀاءُ منهنجو . |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
مضبوط ڪر ان سان قوت منهنجي . |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ شريڪ ڪر ان کي ڪم منهنجي ۾ . |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
تانته تسبيح پڙهون اسين تنهنجي گهڻي . |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ ياد ڪيون توکي گهڻو . |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ تون آهين اسان کي ڏسندڙ . |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
فرمايائين ته تحقيق ڏنو وئين تون مطلوب پنهنجو اي موسى! . |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ البته تحقيق احسان ڪيوسون توتي ڀيرو ٻيو . |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏهن وحي ڪيوسون ماءُ تنهنجيءَ ڏانهن جيڪو القاءُ ڪيو ويو . |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته رک تون ان کي صندوق ۾ پوءِ وجھ تون ان کي درياءَ ۾ پوءِ ڀلي اڇلائي ان کي درياءَ ڪناري تي ته وٺي ان کي دشمن منهنجو ۽ دشمن ان جو ۽ وڌي مون توتي محبت پنهنجي طرفان ۽ تانته پرورش ڪيو وڃين تون اکين اڳيان منهنجي . |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
جڏهن گهمي پئي ڀيڻ تنهنجي پوءِ چوي پئي ڇا ڏس ڏيان اوهان کي ان جو جيڪو سنڀالي ان کي پوءِ موٽايوسون توکي ماءُ تنهنجيءَ ڏانهن تانته ٺرن اکيون ان جون ۽ نه غمگين رهي ۽ ماريو تو هڪ ماڻهو پوءِ ڇڏايوسون توکي ڏک کان ۽ پرکيوسون توکي چڱيءَ طرح پرکڻ پوءِ رهئين تون ڪيترا سال مدين وارن ۾ تنهن کان پوءِ آئين تون تقدير الاهيءَ سان اي موسى . |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ ٺاهيو مون توکي خاص پنهنجي ذات لاءِ . |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
وڃ تون ۽ ڀاءُ تنهنجو آيتن منهنجين سان ۽ نه سستي ڪيو ياد ڪرڻ منهنجي ۾ . |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
وڃو فرعون ڏانهن بلاشڪ اهو سرڪش ٿيو . |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ چئو ان کي چوڻ نرم شايد اهو نصيحت قبول ڪري يا ڊڄي . |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
چيائون ته اي اسان جا پالڻهار! بلاشڪ اسين ڊڄون ٿا ته زيادتي ڪري اسان تي يا سرڪشي ڪري. |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
فرمايائين ته نه خوف ڪيو بلاشڪ مان اوهان سان گڏ آهيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان پيو . |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
پوءِ وڃو ان وٽ پوءِ چئوس ته بيشڪ اسين تنهنجي رب جا رسول آهيون پوءِ موڪل اسان سان گڏ بني اسرائيل کي ۽ نه عذاب ڪر انهن کي تحقيق آياسون تو وٽ نشانيءَ سان رب تنهنجي وٽان ۽ سلام ان تي آهي جنهن تابعداري ڪئي هدايت جي . |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
بلاشڪ اسان تحقيق وحي ڪيو ويو اسان ڏانهن ته تحقيق عذاب ان تي آهي جنهن ڪوڙو چيو ۽ منهن موڙيو . |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
چيائين پوءِ ڪير آهي رب اوهان جو اي موسى! . |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
چيائين ته اسان جو رب اهو آهي جنهن ڏنو هر شيءِ کي جسم ان جو ان کان پوءِ هدايت موڪليائين . |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
چيائين پوءِ ڪهڙو حال آهي پهرئين قومن جو . |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
فرمايائين ته انهن جو علم رب منهنجي وٽ آهي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ نه ٿو غلطي ڪري رب منهنجو ۽ نه ٿو وساري اهو (الله) . |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
جنهن بنايو اوهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ رکيائين اوهان جي لاءِ ان ۾ رستا ۽ لاٿائين آسمان مان پاڻي پوءِ ڪڍياسون ان سان جوڙا جوڙا سلن مختلفن مان . |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
کائو ۽ چاريو چوپاين پنهنجن کي بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن عقلمندن جي لاءِ . |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
انهيءَ مان پيدا ڪيواسان اوهان کي ۽ ان ۾ ورائينداسون اوهان کي ۽ ان مان ڪڍنداسون اوهان کي ڀيرو ٻيو . |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ البته تحقيق ڏيکاريون اسان ان کي نشانيون پنهنجيون سموريون اهي پوءِ ڪوڙو چيائين ۽ انڪار ڪيائين . |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
چيائين ڇا آئين تون اسان وٽ تانته ڪڍين اسان کي زمين اسان جيءَ مان جادو پنهنجي سان اي موسى . |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
پوءِ البته ضرور آڻينداسون تو وٽ جادو ان جهڙو پوءِ مقرر ڪر اسان جي وچ ۾ ۽ پنهنجي وچ ۾ وعدي جو ڏينهن جو نه بر خلافي ڪنداسون ان جي اسين ۽ نه تون جاءِ هموار . |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
چيائين ته اوهان جي وعدي جو وقت ڏينهن جشن وارو آهي ۽ هيءُ ته گڏ ڪيا وڃن ماڻهو ڏينهن چڙهئي . |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
پوءِ متوجہ ٿيو فرعون (پروگرام ڏانهن) پوءِ گڏ ڪيائين ڦند پنهنجو تنهن کان پوءِ وري آيو . |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
فرمايو انهن کي موسى ته هلاڪت آهي اوهان جي لاءِ نه ٺاهي هڻو الله تي ڪوڙ پوءِ تباھ ڪري اوهان کي عذاب سان ۽ تحقيق برباد ٿيو جنهن هٿ جو دين ٺاهيو . |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
پوءِ مختلف ڳالهيون ڪيائون ڪم پنهنجي جون پاڻ ۾ ۽ ڳجهي ڪيائون صلاح . |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
چيائون ته پڪ هي ٻئي ته البته جادوگر آهن ارادو ڪن ٿا ته ڪڍن اوهان کي زمين اوهان جيءَ مان جادو پنهنجي سان ۽ وڃائي ڇڏين دين اوهان جي چڱي کي . |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
پوءِ گڏ ڪري وٺو مڪر پنهنجو تنهن کان پوءِ اچو لائين لڳائي ۽ تحقيق ڪامياب ٿيو اڄ ڏينهن جيڪو غالب ٿيو . |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
چيائون اي موسى يا ته تون اڇلاءِ ۽ يا ته هجون اسين پهريان اهي جو اڇلايائون . |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
چيائين بلڪ اوهان اڇلايو پوءِ ان وقت رسا انهن جا ۽ لٺيون انهن جون خيال ۾ آنديون ويون ان ڏانهن سببان جادوءَ انهن جي ته بلاشڪ اهي ڊوڙن ٿيون . |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
پوءِ لڌائين پنهنجي وجود ۾ ڊپ موسى . |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
چيو اسان ته نه ڊپ ڪر بلاشڪ تون ئي مٿاهون آهين.. |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ اڇلاءِ اها لٺ جيڪا سڄي هٿ تنهنجي ۾ آهي ته ڳهي ويندي اهو جيڪو ٺاهيائون جيڪو ڪجھ ٺاهيائون مڪر جادوگر جو آهي ۽ نه ڪامياب ٿيندو جادوگر جتي به آيو . |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
پوءِ ڪيرايا ويا جادوگر سجدا ڪندڙ چيائون ايمان آندو اسان رب هارون ۽ موسى جي تي . |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
چيائين ته ايمان آندو اوهان ان جي لاءِ اڳي هن کان جو موڪل ڏيان مان اوهان کي بلاشڪ اهو البته وڏو اوهان جو آهي جنهن سيکاريو اوهان کي جادو پوءِ البته ضرور وڍيندس مان هٿ اوهان جا ۽ پير اوهان جا ابتا سبتا ۽ البته ضرور ڦاهيءَ چاڙهيندس مان اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ ۽ البته ضرور ڄاڻندؤ اوهان ته ڪهڙو اسان مان وڌيڪ سخت آهي عذاب جي لحاظ سان ۽ گهڻو وقت باقي رهندڙ . |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
چيائون ته هرگز نه زياده سمجهنداسون توکي ان کان جيڪو آيو اسان وٽ نشانين مان ۽ ان کان جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي پوءِ فيصلو ڪر جيڪو به تون فيصلو ڪندڙ آهين تون ته صرف فيصلو ڪندين هن حياتيءَ دنيا واريءَ ۾ . |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
يقينًا اسان ايمان آندو آهي رب پنهنجي تي تانته بخشي اسان کي خطائون اسان جون ۽ اهو (گناھ به) جو مجبور ڪيو تو اسان کي ان تي جادو مان ۽ الله ڀلو ۽ وڌيڪ بقا وارو آهي . |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
بلاشڪ شان هي آهي ته جيڪو به ايندو رب پنهنجي وٽ مجرم ٿي پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ جهنم آهي نه مرندو ان ۾ ۽ نه جيئرو رهندو . |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪو ايندو ان وٽ مؤمن ٿي تحقيق ڪيائين صالح عمل پوءِ اهي انهن جي لاءِ درجا بلند آهن . |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
بهشت ٽڪڻ جا وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ ۽ اهو بدلو ان جو آهي جيڪو پاڪ صاف رهيو . |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ البته تحقيق وحي ڪيو اسان موسى ڏانهن هي ته رات جو هليو وڃ ٻانهن منهنجن سان پوءِ ٺاھ تون انهن لاءِ رستو سمنڊ ۾ سڪل، نه خوف ڪندين (دشمن جي) پهچڻ جو ۽ نه ڊپ ڪندين . |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ پويان لڳو انهن کي فرعون لشڪرن پنهنجن سان پوءِ ٻوڙيائين انهن کي درياءَ مان انهيءَ جو ٻوڙيائين انهن کي . |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ گمراھ ڪيو فرعون قوم پنهنجي کي ۽ نه هدايت ڪيائين . |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيلو! تحقيق ڇڏايو اسان اوهان کي دشمن اوهان جي کان ۽ وعدو ڏنو اسان اوهان کي سڄي پاسي طور جي ۽ لاٿو اسان اوهان تي من ۽ سلوى . |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
کائو پاڪ غذائون ان مان جو رزق ڏنو سون اوهان کي ۽ نه زيادتي ڪيو ان ۾ پوءِ لهي اوهان تي غضب منهنجو ۽ جيڪو به لهي ٿو ان تي غضب منهنجو پوءِ تحقيق ڪري پيو . |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ بيشڪ مان البته بخشڻهار آهيان ان جي لاءِ جو توبہ ڪيائين ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين نيڪ عمل ان کان پوءِ هدايت وارو ٿيو . |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ ڪنهن تڪڙو آندو توکي قوم تنهنجيءَ کان اي موسى . |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
فرمايائين ته اهي ئي (پويان) آهن نشانن منهنجن تي ۽ جلدي ڪئي مون توڏانهن اي رب منهنجا تانته تون راضي ٿين . |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
فرمايائين ته پوءِ بلاشڪ اسان تحقيق آزمائش ۾ وڌو قوم تنهنجي کي پڄاڻان تنهنجي ۽ گمراھ ڪيو انهن کي سامريءَ . |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ موٽيو موسى طرف قوم پنهنجي ڪاوڙيل افسوس ڪندڙ چيائين ته اي منهنجي قوم! ڇا نه وعدو ڏنو اوهان کي رب اوهان جي وعدو سهڻو ڇا پوءِ ڊگهي ٿي اوهان تي مدت يا ارادو ڪيو اوهان ته لهي اوهان تي ڪاوڙ طرفان رب اوهان جي پوءِ خلاف ورزي ڪئي اوهان وعدي منهنجي جي . |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
چيائون ته نه مخالفت ڪئي اسان وعدي تنهنجي جي مرضيءَ پنهنجي سان ۽ پر اسان کڻايا وياسون ڳرا بار سينگار قوم جي مان پوءِ اڇلائي وڌو سون ان کي پوءِ اهڙي طرح اڇلايو سامري . |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ ڪڍيائين انهن لاءِ گابي جي شڪل تي بت جو ان جو آواز آهي پوءِ چيائون هي معبود اوهان جو آهي ۽ معبود موسى جو پوءِ وساريائين . |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
ڇا پوءِ نه ٿا ڏسن ته نه ٿو موٽائي انهن ڏانهن جواب ۽ نه ٿو مالڪ ٿئي انهن جي لاءِ نقصان جو ۽ نه نفعي جو . |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ البته تحقيق چيو انهن کي هارون اڳ ۾ اي منهنجي قوم! صرف فتني ۾ وڌا ويئو اوهان ان سان ۽ بيشڪ رب اوهان جو رحمٰن آهي پوءِ تابع ٿيو منهنجا ۽ اطاعت ڪيو امر منهنجي جي . |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
چيائون ته هميشہ رهنداسون ان تي مجاور ٿي تانجو موٽي اسان ڏانهن موسى . |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
فرمايائين ته: اي هارون ڪنهن روڪيو توکي جڏهن ڏٺو ته انهن کي ته گمراھ ٿيا . |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
ته منهنجي پٺيان نه لڳين ڇا پوءِ بي فرماني ڪيئي امر منهنجي جي . |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
چيائين ته اي پٽ ماءُ منهنجي جا! نه وٺ تون ڏاڙهيءَ منهنجي مان ۽ نه مٿي (جي وارن) منهنجي کي بلاشڪ مون ڊپ ڪيو مون هيءُ ته چوين تون ته جدائي وڌي تو بني اسرائيل ۾ ۽ نه انتظار ڪيو تو فيصلي منهنجي جو . |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
چيائين پوءِ ڪهڙو آهي بيان تنهنجو اي سامري! . |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
چيائين ته ڏٺو مون اهو جيڪو انهن نه ڏٺو پوءِ ڀري ورتي مون مٺ مٽيءَ جي پيرن نشان موڪليل جي مان پوءِ وڌي مون اها ۽ اهڙي طرح سينگاريو مون لاءِ نفس منهنجي . |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
چيائين پوءِ وڃ پوءِ بلاشڪ تو لاءِ حياتيءَ ۾ هيءَ سزا آهي جو چوين تون ته ناهي هٿ لڳائڻ ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ انجام آهي جو هرگز نه مخالفت ڪيو ويندين ان جي ۽ ڏس تون طرف معبود پنهنجي جو رهيو هئين تون ان تي مجاور البته ضرور ساڙينداسون اسين ان کي ان کان پوءِ البته ضرور کنڊائينداسون ان کي درياءَ ۾ کنڊائڻ . |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
معبود اوهان جو صرف الله آهي اهو جو ناهي ڪو سچو معبود سواءِ ان جي ڪشادو آهي هر شيءِ کان علم ۾ . |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
اهڙيءَ طرح بيان ٿا ڪيون توتي خبرن انهن جي مان جيڪي تحقيق اڳ ۾ گذري ويا ۽ تحقيق ڏني اسان توکي پاڻ وٽان نصيحت (قرآن) . |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جنهن منهن موڙيو ان کان پوءِ تحقيق اهو کڻندو قيامت جي ڏينهن بار . |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
هميشہ رهندا ان ۾ ۽ برو آهي انهن جي لاءِ قيامت جي ڏينهن بار کڻڻ . |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
ان ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ ۽ اٿارينداسون ڏوهارين کي جَهرو (اکين کان) ان ڏينهن . |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
آهستي ڳالهائيندا پاڻ ۾ ته نه رهيئو اوهان مگر ڏھ . |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون اهو جيڪو چون ٿا جڏهن چوندو وڌيڪ انهن مان رستي جي لحاظ سان ته نه رهيئو اوهان مگر هڪ ڏينهن . |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ پڇن ٿا توکان جبلن جو پوءِ فرماءِ ته اڏائي پکيڙيندو انهن کي رب منهنجو اڏائڻ . |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
پوءِ ڇڏيندو انهن کي ميدان برابر ٿيندڙ . |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
نه ڏسندين ان ۾ هيٺاهين ۽ نه مٿاهين . |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينهن پويان لڳندا سڏيندڙ جي ناهي ڪا ڏنگائي ان جي لاءِ ۽ جهڪا ٿيندا آواز رحمان جي لاءِ پوءِ نه ٻڌندين مگر ڀڻڪو . |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
ان ڏينهن نه نفعو ڏيندي شفاعت مگر ان کي جو موڪل ڏيندو ان لاءِ رحمان ۽ راضي ٿيندو ان جي ڪلام کان . |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
ڄاڻي ٿو ان کي جيڪو اڳيان انهن جي آهي ۽ جيڪو پويان انهن جي آهي ۽ نه ٿا گهيراءُ ڪري سگهن ان جو علم جي لحاظ سان . |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ عاجزي ڪندا چهرا جيئري، قائم ڪندڙ جي لاءِ ۽ تحقيق خراب ٿيو اهو جو کنيائين ظلم . |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جيڪو ڪري ٿو نيڪ اعمال ۽ اهو ايمان وارو آهي پوءِ نه خوف ڪندو ڪنهن ظلم جو ۽ نه ڪنهن حق تلف ٿيڻ جو . |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ اهڙي طرح نازل ڪيوسون ان کي قرآن عربي ۽ طرحين طرحين بيان ڪيوسون ان ۾ عذاب جو وعدو تانته اهي پرهيزگار بنجن يا پيدا ڪري انهن جي لاءِ نصيحت . |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
پوءِ مٿاهون آهي الله، بادشاھ سچو ۽ نه تڪڙ ڪر قرآن (پڙهڻ) ۾ ان کان اڳ جو پورو ڪيو وڃي تو ڏانهن ان جو وحي ڪرڻ ۽ چؤ ته اي رب منهنجا وڌاءِ مون کي علم . |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
۽ البته تحقيق حڪم ڏنوسون آدم کي اڳ ۾ پوءِ وساريائين ۽ نه لڌي سون ان جي ڪا پڪي نيت . |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ جڏهن چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيو آدم کي پوءِ سجدو ڪيائون مگر شيطان انڪار ڪيو . |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
پوءِ چيوسون ته اي آدم! بلاشڪ هيءُ دشمن آهي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو پوءِ هرگز نه ڪڍي اوهان ٻنهي کي بهشت مان پوءِ تڪليف ۾ پئو . |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ تولاءِ هي آهي ته نه بک محسوس ڪندين ان ۾ ۽ نه اگهاڙو ٿيندين . |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
۽ بيشڪ تون نه اڃ وارو ٿيندين ان ۾ نه گرمي محسوس ڪندين . |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پوءِ وسوسو وڌائين ان ڏانهن شيطان چيائين اي آدم! ڇا ڏس ڏيان توکي وڻ هيمشگيءَ واري جو ۽ ملڪ جو جيڪو نه ٿو ختم ٿئي . |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
پوءِ کاڌائون ان مان پوءِ ظاهر ٿيو انهن ٻنهي لاءِ اگهڙون انهن جون ۽ شروع ٿيا جو ڍڪين پيا پنهنجي مٿان پنن جنت جي مان ۽ حڪم ڌيان ۾ نه رکيو آدم رب پنهنجي جو پوءِ ناڪام رهيو . |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
تنهن کان پوءِ برگزيدو بنايائين ان کي پوءِ توبہ قبول ڪرڻ سان متوجہ ٿيو ان ڏانهن رب ان جو ۽ هدايت ڪيائين . |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
فرمايائين ته لهي وڃو ان مان مڙئي بعضي اوهان مان بعض جا دشمن آهن پوءِ جيڪڏهن اچي اوهان وٽ مون وٽان هدايت پوءِ جيڪو تابع ٿيو هدايت منهنجيءَ جو پوءِ نه گمراھ ٿيندو ۽ نه بدبخت ٿيندو . |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جنهن منهن موڙيو ذڪر منهنجي کان پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ حياتي تنگ هوندي ۽ اٿارينداسون ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو ڪري . |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
چوندو اي منهنجا رب! ڇو اٿاريو تو مون کي انڌو ڪري ۽ تحقيق هوس مان ڏسندڙ . |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
فرمائيندو اهڙي طرح آيون تو وٽ آيتون اسان جون پوءِ وساريو تو انهن کي ۽ اهڙي طرح اڄ وساريو ويندين . |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ اهڙو بدلو ڏينداسون ان کي جيڪو حد کان لنگهيو ۽ نه ايمان آندائين پنهنجي رب جي آيتن تي ۽ البته آخرت وارو عذاب گهڻو سخت ۽ گهڻو باقي رهندڙ آهي . |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
ڇا پوءِ نه هدايت ڏني انهن کي (هن ڳالھ ته) ڪيتريون هلاڪ ڪيوسين اڳ انهن کان قومون هلن پيا جاين انهن جي ۾ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن دانشمندن جي لاءِ . |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
۽ جيڪڏهن نه ٿيل هجي ها فيصلو جيڪو اڳ ۾ ٿي ويو رب تنهنجي کان ته البته هجي ها لازم ۽ مدو مقرر ٿيل . |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪو چون ٿا ۽ تسبيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد سان اڳي سج اڀرڻ کان ۽ اڳي ان جي لهڻ کان ۽ گهڙيِن رات جي ۾ پوءِ تسبيح پڙھ ۽ طرفن ڏينهن جي ۾ تانته تون راضي ٿين . |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ هرگز نه کولي رک اکيون پنهنجون ان ڏانهن جو نفعو ڏنوسون ان سان ٽولين کي انهن مان سينگار دنيا واريءَ حياتيءَ جو تانته آزمايون انهن کي ان ۾ ۽ تنهنجي رب جو رزق ڀلو ۽ وڌيڪ باقي رهڻ وارو آهي . |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ حڪم ڪر اهل پنهنجي کي نماز جو ۽ قائم رهه ان تي نه ٿا گهرون اسين توکان رزق اسين رزق ڏيون ٿا توکي ۽ چڱي پڇاڙي تقوى (وارن) لاءِ آهي . |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
۽ چيائون ڇو نه ٿو آڻي اسان وٽ نشاني رب پنهنجي وٽان ڇا نه آيو انهن وٽ روشن دليل ان جو جيڪو صحيفن پهرين ۾ آهي . |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
۽ جيڪڏهن تحقيق اسان هلاڪ ڪيون ها انهن کي عذاب سان ان کان اڳي ته البته چون ها اي اسان جا پالڻهار! ڇو نه موڪليو تو اسان ڏانهن رسول پوءِ تابعداري ڪيون ها آيتن تنهنجين جي ان کان اڳي جو ذليل ٿيون ها ۽ خوار ٿيون ها . |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
فرماءِ ته هر شخص انتظار ڪندڙ آهي پوءِ انتظار ڪيو اوهان به پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪير آهي صاحب واٽ سڌيءَ جو ۽ ڪير هدايت وارو ٿيو آهي . |