طه (آيت : 1) |
طا ــ ها |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
اسان ھي قرآن توهان تي ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي ته توهان پريشاني ۾ اچي وڃو. |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
ھي ته ان ماڻهوءَ لاءِ ھڪ نصيحت آھي جيڪو اللھ تعالى کان ڊڄي. |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
۽ ان ھستي جي طرف کان نازل ڪيو ويو آھي جنھن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو. |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
ھو بيحد مھربان آھي جيڪو ھن ڪائنات جي نظام کي ھلائي ٿو. |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۽ زمين جي تري ۾ جيڪا مخلوق رھندڙ آھي سا سڀ ان جي ئي آھي. |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
تون ڀلي ڏاڍيان ڳالھاءِ يا ھوريان، ھو ته چپن ۾ چيل ڳالهين کان به خوب واقف آھي. |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
اللھ تعالى جي ذات اھا آھي جنھن کان سواءِ ڪير به معبود نه آھي. ان جا بھترين (صفاتي) نالا آھن. |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
(اي نبيﷺ!) ڇا توکي موسى ($جي واقعي) جي خبر پھتي آھي؟ |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏھن ھُن باهه ڏٺي ته پنھنجي گهر وارن کي چيائين ته توھان ھتي بيھو. مون باهه ڏٺي آھي، ٿي سگهي ٿو ته ان مان توھان جي لاءِ ڪو اَڱر يا ٽانڊو کڻي اچان يا باهه وٽ پھچڻ کان پوءِ صحيح رستي جي خبر پئجي وڃي. |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
پوءِ جڏھن هُو باهه وٽ پھتو ته کيس سڏ ٿيو ته اي موسى! |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
بيشڪ مان تنھنجو پالڻھار آھيان، تون پنھنجي جُتي لاھي ٿورو پرڀرو رک، تون ھن وقت پاڪ واديءَ ۾ بيٺو آھين. |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ مون توکي پسند ڪري ورتو آھي ۽ جيڪا وحي ڪئي وڃي ٿي، تنھن کي غور سان ٻڌندو رهه. |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
بيشڪ مان خود اللھ آھيان، مون کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آھي تنھنڪري منھنجي ئي بندگي ڪر ۽ منھنجي ياد جي لاءِ نماز قائم ڪر. |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي مان ان جي وقت کي ڳجهو رکيو آھي ته جيئن ھر ماڻهوءَ کي سندس ڪيل محنت جو بدلو ڏنو وڃي. |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
پوءِ جيڪو شخص ان قيامت جي اچڻ کي نٿو مڃي ۽ صرف پنھنجي خواھشن جي پويان لڳو رهي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته ھو توکي ان جي مڃڻ کان روڪي ڇڏي (جيڪڏھن ايئن ٿيو ته) پوءِ تون تباهه ٿي ويندين. |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
اي موسى تنھنجي ساڄي ھٿ ۾ اھا ڇا آھي؟ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
(موسى $) چيو ته ھي منھنجي لٺ آھي. ان تي ٽيڪ ڏيندو آھيان، ان سان پنھنجي ٻڪرين لاءِ وڻن جا پن ڇاڻيندو آھيان ۽ ان سان ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪندو آھيان. |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
(اللھ تعالى) فرمايو ته اي موسى! ان کي ھيٺ ڦٽي ڪر. |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
پوءِ ھن لٺ کي جيئن ئي ھيٺ اڇلايو ته ھوءَ فوراًنانگ ٿي ھلڻ لڳي. |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
اللھ تعالى چيس ته ان کي پڪڙ، ڊڄ نه، اسان ان کي پھرين واري شڪل ۾ ڦيرائينداسين. |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ پنھنجي ھٿ کي بغل ۾ وجھ، ھو بغير ڪنھن تڪليف جي روشن ٿي نڪرندو، اھا اٿئي اسان جي ٻي نشاني. |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
اسان توکي وڌيڪ پنھنجيون وڏيون نشانيون ڏيکارڻ چاھيون ٿا. |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
ھاڻي (ھي نشانيون کڻي) فرعون ڏي وڃ، بيشڪ ھو باغي ٿي پيو آھي. |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
(موسى $) چيو ته اي منھنجا پالڻھار! منھنجي سيني کي منھنجي لاءِ کول. |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
منھنجي ڪم کي منھنجي لاءِ آسان فرماءِ. |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
منھنجي زبان جو حجاب دور فرماءِ (ته جيئن ماڻهن سان فصاحت سان ڳالهائي سگهان.) |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
۽ ماڻهو منھنجي ڳالھ سمجهي سگهن. |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
منھنجي خاندان مان ئي ڪنهن ھڪ کي منھنجي لاءِ وزير (يعني ذميدارين ۾ هٿ ونڊائڻ وارو) مقرر فرماءِ. |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
ھارون کي (جيڪو) منھنجو ڀاءُ آھي. |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
ان جي ذريعي مون کي مضبوط بناءِ. |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
منھنجي ذميداري ۾ ان کي به شريڪ فرماءِ. |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
ته جيئن اسان ٻئي تنھنجي پاڪيزگي بيان ڪريون. |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ تنھنجو خوب ذڪر ڪريون. |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ تون اسان جي ھر حال کان خوب واقف آھين. |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
(اللھ تعالى ) فرمايو ته: اي موسيٰ! جيڪو تو گهريو سو توکي عطا ڪيو ويو. |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ اسان توتي ھڪ ڀيرو ٻيو به احسان ڪيو هو. |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
جڏھن اسان تنھنجي ماءُ جي دل ۾الهامي اشارو ڪيو جيڪو صرف وحي جي ذريعي ئي ڪري سگهجي پيو. |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته تون ھن ٻارڙي کي صندوق ۾ وجهي درياءَ ۾ لوڙھي ڇڏ ته درياءُ کيس ڪناري تي آڻي ڇڏيندو، جنهن کي منھنجو ۽ ان ٻارڙي جو دشمن کڻندو. (اي موسى!) مان ئي توتي پنھنجي محبت جو اثر وڌو ته جيئن تون منھنجي (خاص) نظر ھيٺ پلجي سگهين. |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
جڏھن تنھنجي ڀيڻ ان (صندوق) جي پويان ھلندي رھي، آخر ۾ ھن (فرعون جي گهر ڀاتين کي) چيو ته ڇا مان توھان کي ٻڌايان جيڪو ھن ٻار جي سھڻي نموني پالنا ڪري سگهي. اھڙي طرح سان اسان توکي پنھنجي ماءُ ڏانھن واپس پھچايو ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ ھوءَ غم نه ڪري ۽ تو ھڪ ماڻهوءَ کي قتل به ڪري وڌو ھو، پوءِ اسان تو کي اُن پريشانيءَ کان به بچايو. اسان تنھنجي چڱي طرح پرک ڪندا رھياسين. تون ڪيترن سالن تائين مدين وارن وٽ به رھيو آھين. اي موسى! ھاڻي تون اُتان بلڪل صحيح وقت تي واپس آيو آھين. |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
مون توکي پنھنجي خاص ڪم لاءِ ئي پسند ڪيو آھي. |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجيون نشانيون کڻي وڃو پر اهو خيال ڪجو ته منھنجي ذڪر ۾ گهٽتائي (۽ سستي) نه ڪجو. |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
ٻئي فرعون ڏي وڃو بيشڪ ھو باغي ٿي ويو آھي. |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
ھُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو متان ھو نصيحت قبول ڪري وٺي يا (نشانيون ڏسي) ڊڄي وڃي. |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
ٻنهي چيو ته اي اسان جا پالڻھار! اسان ان ڳالھ کان ڊڄون ٿا ته ھو متان اسان جي مٿان زيادتي نه ڪري يا اسان تي حملو ئي نه ڪري وجهي. |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
(اللھ تعالى) فرمايو ته: توھان (بلڪل) نه ڊڄو بيشڪ مان توھان سان گڏ آھيان، مان انتھائي باريڪ بيني سان ٻڌان ۽ ڏسان ٿو. |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
(بھرحال) توھان ان وٽ وڃو. کيس چئوس ته بيشڪ اسان تنھنجي پالڻھار جي طرف کان موڪليل آھيون. بني اسرائيل کي اسان سان گڏ ھلڻ جي موڪل ڏي. انهن جي مٿان سختي نه ڪر ۽ اسان تو وٽ تنھنجي پالڻھار جي طرف کان نشاني به کڻي آيا آھيون، (ھاڻي) سلامت اھو رھندو جيڪو سڌي رستي جي پيروي ڪندو. |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
بيشڪ اسان کي وحي جي ذريعي ٻڌايو ويو آھي ته جيڪو (حق ڳالهه کي) ڪوڙو ڪندو ۽ منھن موڙيندو ته ان لاءِ عذاب آھي. |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
(فرعون ) چيو ته: اي موسى توھان ٻنهي جو پالڻھار ڪير آھي؟ |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
(موسى $) چيو ته اسان جو پالڻھار اھو آھي جنھن ھر شيءِ جي شڪل ۽ شباھت ٺاھي ۽ ان کي (صحيح) ڪم ڪرڻ جي صلاحيت بخشي. |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
(فرعون) چيو ته: اڳ گذري ويل قومن جو ڇا حال هو؟ (جن تنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو ھو) |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
(موسى $) چيو ته ان جو علم ته منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ محفوظ آھي. منھنجي پالڻھار کان نه ته ڀُل ٿيندي آھي ۽ نه ئي کيس ڪا ويسر ٿيندي آھي. |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
جنھن توھان جي لاءِ زمين کي فرش ٺاھي وڇايو ۽ ان ۾ توھان جي ھلڻ لاءِ رستا ٺاھيا ۽ آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ ان جي ذريعي اسان مختلف قسمن جي پيداوار ۽ گاهه ٻوٽا پيدا ڪياسين. |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
توھان خود به کائو ۽ پنھنجي جانورن کي به چاريو، بيشڪ انهن ڳالهين ۾ عقل وارن لاءِ وڏيون نشانيون آھن. |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
ان زمين مان ئي اسان توھان کي پيدا ڪيو آھي، ان ۾ ئي توھان کي واپس موٽائينداسين ۽ وري ان مان ئي توھان کي ٻيھر ڪڍنداسين. |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ اسان فرعون کي پنهنجون سڀ نشانيون ڏيکاريون پر ھُن انهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انڪار به ڪيائين. |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
(فرعون) چيو ته اي موسى! ڇا تون اسان کي پنھنجي جادوءَ جي زور تي پنھنجي سرزمين تان نيڪالي ڏيڻ آيو آھين؟ |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
اسان به تنھنجي مقابلي ۾ جادو آڻيون ٿا پوءِ تون ئي اسان جي ۽ پنھنجي وچ ۾ وقت ۽ جڳھ مقرر ڪر، اھو مقابلو ھڪ کليل ميدان ۾ ھجي. جنهن کان نه تون ڦرندين ۽ نه اسان ڦرنداسين. |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
(موسى $) چيو ته اھو مقابلو قومي جشن واري ڏينھن ٿيندو. منجهند کان اڳ ماڻهن کي گڏ ڪيو وڃي. |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
پوءِ فرعون واپس وڃي مقابلي جي لاءِ پنھنجيون سموريون اٽڪل بازيون ۽ ٻيون تياريون ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ پوءِ هو مقابلي لاءِ آيو. |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
موسى ( $ )، فرعون ۽ سندس درٻارين کي چيو ته توھان تي مار پوي، توھان اللھ تعالى تي ڪوڙيون تھمتون نه ھڻو ورنه ھُو توھان کي عذاب جي ذريعي تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ جنھن به ڪوڙ گهڙيو آھي، سو ھميشه نامراد رهيو آھي. |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
(موسى $ جون ھي سنجيده ڳالهيون ٻڌي) فرعون ۽ درٻارين جي وچ ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ۽ پاڻ ۾ وڃي لڪي مشورا ڪرڻ لڳا. |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
چيائون ته ھي ٻئي جادوگر آھن. ھي چاھين ٿا ته توھان کي پنھنجي ڌرتي تان جادوءَ جي زور تي نيڪالي ڏين ۽ اوھان جي شاندار تھذيب کي ھميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏين. |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
سو توھان سڀ پنھنجي جادوءَ جا ڪرتب آڻي متحد ٿي ميدان ۾ لھو، اڄ جيڪو غالب ٿيندو اھوئي ميدان کٽيندو. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
جادوگرن چيو ته اي موسى! پھريائين تون اڇليندين يا اسان پنھنجو جادو اڇلايون. |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
(موسى $) چيو ته: توھان اڇلايو. پوءِ ان وقت ئي انهن جون اڇلايل رسيون ۽ لٺيون جادوءَ جي اثر ھيٺ موسى ($) کي ڊوڙندي محسوس ٿيون. |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
پوءِ موسى ($) اندر ئي اندر ۾ ڊڄي ويو. |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
اسان (کيس) چيو ته نه ڊڄ، بيشڪ تون ئي غالب رھندين. |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
(اي موسيٰ!) تون ساڄي ھٿ واري شيءِ (يعني لٺ) اڇلاءِ ته اھا انهن جي ٺاھيل شين کي چَٽ ڪري ڇڏيندي، بيشڪ انهن جيڪو به ٺاھيو آهي سو جادوگر جو ڌوڪو هو ۽ جادوگر جتي به ويندو، ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندو. |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
(حضرت موسى $ جي لٺ اڇلائڻ سان اھا وڏو نانگ ٿي وئي جنهن کي ڏسي) سڀ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا ۽ چيائون ته اسان ھارون ۽ موسى (ؐ) جي پالڻھار تي ايمان آندو. |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
(فرعون) چيو ته (اھو وري ڪيئن؟) توھان منھنجي اڳواٽ اجازت کان سواءِ ئي ايمان آڻي ڇڏيو. لڳي ٿو ته موسى توھان جو وڏو (ليڊر)آھي، ان ئي توھان کي جادو سيکاريو آھي. مان توھان جا (ھڪ طرف جا) ھٿ ۽ (ٻئي طرف جا) پير ڪٽي ڇڏيندس ۽ سڀني کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ ڦاسيءَ تي به لٽڪائيندس. پوءِ توھان کي خبر پئجي ويندي ته اسان ٻنهي مان ڪنھن جو عذاب وڌيڪ سخت ۽ گهڻي دير تائين رھڻ وارو آھي. |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
جادوگرن جواب ڏنو: اسان وٽ جيڪي روشن دليل آيا آھن ۽ اسان کي جنھن پيدا ڪيو آھي ان جي مقابلي ۾ اسان توکي ڪڏھن به ترجيح نه ڏينداسين. توکي جيڪو به فيصلو ڪرڻو آھي سو ڪري ڇڏ. بيشڪ تون رڳو ھن دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي فيصلو ڪري سگهين ٿو. |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
اسان پنھنجي پالڻھار تي ان لاءِ ايمان آندو آھي ته جيئن ھو اسان جي خطائن ۽ جيڪو تو اسان کان زبردستي جادو ڪرايو آھي تنھن کي معاف ڪري ۽ اللھ تعالى جي ذات ئي بھتر ۽ ھميشه رھڻ واري آھي. |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
(جيئن ته ان جو فرمان به آھي ته) بيشڪ توھان مان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو ڏوھاري جي حيثيت ۾ ايندو ته ان لاءِ جھنم آھي. جھنم ۾ ھو نه ته مرندو ۽ نه ئي زنده ماڻهن وانگر زندگي گذاريندو. |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪو شخص ان جي آڏو مؤمن جي حيثيت ۾ نيڪ عمل ڪري ايندو ته ان جي لاءِ بلند درجا آھن. |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
ھميشه رھڻ وارا باغ به آھن جن جي ھيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وھنديون. ھو اُنهن ۾ ھميشه رھندا، جنھن پاڪيزهه زندگي گذاري، ھي ان جو بدلو آھي. |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ اسان موسى ($) کي وحي ڪئي ته تون منھنجي ٻانهن کي وٺي راتو واهه ھتان نڪري وڃ ۽ (لٺ جي ذريعي) لشڪر لاءِ سمنڊ مان سڪل رستو ٺاهه. پويان ڪنھن جي پھچڻ جو ڪوبه خوف نه ڪجانءِ ۽ نه ئي ٻڏڻ کان ڊڄجانءِ. |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ فرعون پنھنجو لشڪر وٺي انهن جو پيڇو ڪيو ته سمنڊ پنھنجي اصلي حالت ۾ اچي کين گهيري ۾ ورتو جيئن عام حالت ۾ گهيريندو آھي. |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
فرعون ئي پنھنجي قوم کي گمراھيءَ جي رستي تي آندو ۽ هُن ڪڏھن به کين ھدايت وارو رستو نه ٻڌايو هو. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيل! اسان توھان کي توھان جي دشمن کان نجات ڏياري. اسان طور جبل جي ساڄي پاسي کان توھان کي (تورات ڏيڻ جو) وعدو ڪيو ۽ توھان جي مٿان مَن ۽ سلوى نازل ڪيو. |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
اسان توھان کي جيڪو پاڪ رزق عطا ڪيو آھي ان مان کائو پر ان کي کائي بغاوت نه ڪريو ورنه توھان تي منھنجو عذاب ايندو ۽ جنھن تي منھنجو عذاب ايندو آھي ته اھو تباهه ٿي ويندو آھي. |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
پر جنھن توبہ ڪئي، ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪري سڌو رستو اختيار ڪيو، تنھن کي مان بيحد معاف ڪندڙ آھيان. |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
اي موسى! توکي پنھنجي قوم کان اڳ (طُور جبل وٽ) پھچڻ جي ڪھڙي جلدي ھئي؟ |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
(موسى $) چيو ته هي ماڻهو منھنجي پويان پويان اچي رھيا آھن، مان ته رڳو تنھنجي رضا جي لاءِ ئي تڪڙ ڪري ورتي. |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
اللھ تعالى فرمايو ته اسان توکان پوءِ تنھنجي قوم کي ته آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو آھي. ۽ سامريءَ (نالي ماڻهوءَ) کين گمراھيءَ ۾ وڌو آھي. |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ موسى ($) پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ واپس موٽيو. پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا توھان سان توھان جي پالڻھار سٺا وعدا نه ڪيا ھئا؟ ڇا وعدو پورو ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي؟ يا توھان کي پنھنجي پالڻھار جي عذاب جي جلدي ھئي؟ جنھن ڪري توھان مون سان ڪيل وعدي جي خلاف ورزي ڪئي. |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
انهن چيو ته: (سائين!) اسان توھان سان ڄاڻي واڻي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نه ڪئي آھي پر اسان پنھنجي قومي تھذيب مطابق جيڪي زيور پاتا ھئا ، سي سفر ۾ ھلي ھلي بار ٿي پيا ھئا، تن کي اسان لاھي ڇڏيو. (ان کان پوءِ ) باقي ڪم سامريءَ ڪيو آھي (اسان جو ان سان ڪوبه واسطو نه آھي) |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ سامريءَ انهن لاءِ گابي جو مجسمو ٺاھيو، جنھن مان رنڀڻ جو آواز پئي نڪتو. ماڻهن (عجيب، غريب شيءِ) ڏسي چيو ته توھان جو ۽ موسى جو اصل معبود ته ھي آھي. ھي اصل معبود ته موسى هتي وساري ويو آھي. |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
ڇا ھي ماڻهو ايترو به نه پيا ڏسن ته گابو ڳالهائي به نٿو سگهي ۽ نه ئي کيس ڪنھن کي نفعي يا نقصان پھچائڻ جي طاقت آھي. |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
ھارون ( $ ) ته ھن کان اڳ کين گهڻو ئي سمجهائي چڪو ھو ته اي منھنجي قوم! بيشڪ توھان ھن گابي جي ذريعي هڪ وڏي آزمائش ۾ ڦاسي چڪا آھيو. بيشڪ توھان جو اصل پالڻھار ته اللھ تعالى آھي، تنھن ڪري منھنجي پيروي ڪريو ۽ منھنجي ڳالھ مڃو. |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
انهن چيو ته اسان موسى جي اچڻ تائين ته ھن گابي جي پوڄا تان ھٿ نه کڻنداسين. |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
(ھاڻي موسى $ ) چيو ته اي ھارون! جڏھن تون پنھنجي اکين سان کين گمراهه ٿيندي ڏٺو پئي ته توکي ڪھڙي شيءِ انهن کي روڪڻ کان منع ڪيو؟ |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
تون منھنجي پويان ڇونه ھليو آئين؟ ڇا تو (ڄاڻي واڻي) منھنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟ |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
(ھارون $ ) چيو ته اي منھنجا ڀاءُ! منھنجي بيعزتي نه ڪر ۽ نه ئي منھنجي مٿي جي وارن کي ڇڪ. مون کي ته خود اھو ڀؤ ھو ته تون مون کي ئي چوندين ته توئي بني اسرائيل جي وچ ۾ ڦيٽارو وڌو آھي ۽ منھنجي ڳالھ جو لحاظ نه رکيو. |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
(موسى $) چيو ته اي سامري! تنھنجو ڪهڙو مقصد ھو؟ |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
چيائين ته: مون ھڪ اھڙي شيءِ ڏٺي جيڪا ٻين کي نظر نه پئي آئي، سو مان رسول سڳوري جي قدمن جي نشان تان مُٺ ڀري ھن گابي تي ھاريم (ته ان ۾ رنڀڻ جو آواز پيدا ٿيو) ۽ منھنجي دل اھڙي طرح ئي مون لا |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
موسى ($) چيس ته ھليو وڃ (ھتان) تنھنجي ھي سزا آھي ته تون زندگي ڀر ماڻهن کي چوندو رھندين ته ”مون کي ھٿ نه لڳايو“ ۽ (آخرت ۾ به) تنھنجي لاءِ عذاب جو وعدو آھي جيڪو توکان ڪڏھن به نه ٽرندو. ۽ ھاڻي پنھنجي معبود کي ڏس جنھن جي سامهون تون پوڄا لاءِ پلٿيون ھڻي ويھي رهيو هئين، اسان ان کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏينداسين پوءِ ھن جي خاڪ چڱي طرح سمنڊ ۾ لوڙھي ڇڏينداسين. |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
بيشڪ توھان جو اصل معبود اللھ تعالى ئي آھي ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود ناھي. ھن کي ھر شيءِ جو علم آھي. |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
(اي نبيﷺ!) اھڙيءَ طرح اسان توھان کي گذريل واقعا ٻڌايون ٿا ۽ اسان توھان کي خاص ذڪر (يعني قرآن به) عطا ڪيو آھي. |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
هاڻي جيڪو هن ذڪر (۽ قرآن) کان منھن موڙيندو ته بيشڪ ھو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) ڳرو بار کڻندو. |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
اھڙي قسم جا سڀ ماڻهو سدائين بار کڻڻ واري پريشاني ۾ رھندا ۽ قيامت جي ڏينھن انهن کي اھو بار کڻڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو. |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته ان ڏينھن اسان ڏوھارين کي دَوڏا نڪتل اکين سان حاضر ڪنداسين. |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
ھي سڀ پاڻ ۾ ھڪ ٻئي کي آھستي آھستي چوندا ته توھان دنيا ۾ ڪو ڏھاڪو ڏينھن مَس رھيا ھوندا. |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
انهن جي ڳالهائڻ جي اسان کي سڀ خبر آھي وري انهن مان ڪو سياڻو ۽ ڏاھو ماڻهو چوندو ته توھان دنيا ۾ رڳو ھڪ ڏينھن ئي رهيا هوندا. |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
(اي نبيﷺ!) ھي ماڻهو توکان جبلن جي باري ۾ سوال ڪن ٿا. تون چؤ ته منھنجو پالڻھار (قيامت جي ڏينهن) انهن کي صفا اٽو ڪري اڏاري ڇڏيندو. |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
پوءِ زمين کي صفا سڌو لَس ميدان ڪري ڇڏيندو. |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
پوءِ تون اُن ۾ ڪابه ھيٺ مٿانھين نه ڏسندين. |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينھن خاص سڏيندڙ جي پويان سڀ ماڻهو قطار ٺاھي ھلندا رھندا انهن ۾ ڪنھن به قسم جي ڦِڏائي نه ھوندي ۽ سڀني جا آواز اللھ تعالى جي دھشت کان دٻيل ھوندا پوءِ تون انهن جي رڳو ڀُڻڪ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه ٻڌي سگهندين. |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
ان ڏينھن اللھ تعالى جي راضپي ۽ ان جي اجازت کان سواءِ ڪنھن جي به سفارش ڪم نه ايندي. |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
ھو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪو مخلوق جي سامهون آھي ۽ جيڪو مخلوق کان ڳجهو آھي. مخلوق مان ڪير به سندس علم جي سمجهه حاصل نٿو ڪري سگهي. |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
ان ڏينهن ماڻهن جا مٿا ھميشه زنده رھندڙ ۽ ھميشه قائم رھندڙ ھستي جي اڳيان جهڪجي ويندا ۽ نامراد شخص اھو ھوندو جنھن جي مٿان ظلم جو بار سٿيل ھوندو. |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
جيڪو ماڻهو ايمان سان گڏ نيڪ عمل کڻي ايندو ان کي ڪنھن به قسم جي ناانصافي ۽ نقصان جو ڪو خوف نه ھوندو. |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
اھڙي طرح اسان قرآن شريف کي عربي ٻولي ۾ نازل ڪيو آھي ۽ ان ۾ ڪيترائي اڳواٽ چِتاءَ بيان ڪيل آھن ته جيئن هي ماڻهو پرھيزگاري وارو رستو اختيار ڪن يا ھنن جي دلين ۾ ڪا سمجهه پيدا ٿئي. |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
اللھ تعالى ئي بلند مرتبي وارو حقيقي بادشاهه آھي. ۽ (اي نبيﷺ!) وحي جا لفظ مڪمل ٿيڻ تائين قرآن شريف کي پڙھڻ ۾ تڪڙ نه ڪر ۽ دعا گهرندو رهه ته ”اي منھنجا پالڻھار! مون کي اڃا وڌيڪ علم عطا فرماءِ.“ |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
بيشڪ اسان ان کان اڳ آدم ($) کي به حڪم ڏنو ھو پر ھن کان اھو حڪم وسري ويو ۽ اسان کيس (انساني سرشتي جي حساب سان) مضبوط ارادي وارو ماڻهو نه ڏٺو. |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ جڏھن اسان ملائڪن کي آدم کي سجدي ڪرڻ جو چيو ته سڀني سجدو ڪيو پر ابليس سجدو نه ڪيو بلڪ ھن سجدي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
پوءِ اسان آدم کي چيو ته ھو (شيطان) تنھنجو ۽ تنھنجي گهر واريءَ جو دشمن آھي. ايئن نه ٿئي ته ھو توھان ٻنهي کي جنت مان ڪڍرائي ڇڏي. پوءِ توھان وڏي تڪليف ۾ اچي ويندا. |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ تون ھتي جنت ۾ نه بکيو رھندين ۽ نه ئي ڪڏھن اگهاڙو ٿيندين. |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
نه ئي توکي جنت ۾ اڃ لڳندي ۽ نه اُس توکي تپائيندي. |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پوءِ شيطان کيس وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو. چيائين ته اي آدم! ڇا مان توکي ھميشه زندهه رکڻ واري وڻ ۽ ھميشه رھڻ واري بادشاھي جو ڏس ڏيان؟ |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
آخرڪار انهن ٻنهي اُن وڻ جو ميوو کائي ورتو ته ھڪ ٻئي جي اڳيان ٻنهي جي جسماني اگهڙ ظاھر ٿي پئي پوءِ ته ويھي ان اگهڙ کي جنت جي وڻن جي پنن سان ڍڪڻ لڳا. اھڙي طرح آدم پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪري سڌي رستي تان هٽي ويو. |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
پوءِ اللھ تعالى مٿس نوازش ڪري سندس توبہ قبول فرمائي ۽ سڌو رستو ڏيکاريو. |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
اللھ تعالى فرمايو ته توھان ٻئي (يعني ابليس ۽ آدم) ھتان ھيٺ لھي وڃو. توھان ٻئي ھڪ ٻئي جا دشمن آهيو. (هاڻي) جڏھن توھان وٽ منھنجي طرفان ڪا ھدايت پھچي ته پوءِ جيڪو منھنجي ھدايت جي پيروي ڪندو ته اھو ڪڏھن به گمراهه نه ٿيندو ۽ نه ئي بدبخت ٿيندو. |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪو منھنجي ياد کان منھن موڙيندو ته ان لاءِ دنيا جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي ويندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسين. |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
پوءِ ھو چوندو ته اي منھنجا پالڻھار! تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو آهي؟ مان ته دنيا ۾ ڏسندو ھوس. |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
اللھ تعالى چوندس ته جيئن تو وٽ دنيا ۾ اسان جون آيتون آيون ھيون ۽ تون انهن کي وساري ڇڏيو ھو، اھڙي طرح اڄ توکي وساريو وڃي ٿو. |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ اھڙي طرح جيڪو ماڻهو حد کان لنگهيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن تي ايمان نه آندو ته اسان کيس دنيا ۾ ئي بدلو ڏئي ڇڏيندا آهيون ۽ آخرت جو عذاب ته ڏاڍو سخت ۽ ھميشه وارو آھي. |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
ڇا انهن ماڻهن کي ھن ڳالھ مان ڪابه ھدايت نٿي ملي ته اسان انهن کان پھريائين ڪيترن شھرن کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي؟ ھي ماڻهو انهن شھرن مان لنگهن به ٿا. بيشڪ ان ۾ عقل کان ڪم وٺندڙن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آھن. |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جي طرفان پھريائين طئي ٿيل نه ھجي ھا ۽ ھڪ وقت مقرر نه ڪيو وڃي ھا ته انهن جي مٿان عذاب جو اچڻ (ھينئر ئي) لازم ٿي وڃي ھا. |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
(اي نبيﷺ!) انهن جي ڳالهين تي صبر ڪر ۽ پنھنجي پالڻھار جي سج نڪرڻ ۽ غروب ٿيڻ کان پھريائين تعريف سان گڏ پاڪائي بيان ڪر ۽ رات ۽ ڏينھن جي وقت به پاڪائي بيان ڪر، ايئن ڪرڻ سان تون پاڻ ئي خوش ٿي ويندين. |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
(اي نبيﷺ!) تون دنيا وارن کي اسان جي طرفان ڏنل سامان ڏي اک کڻي به نه نھار. اسان ان سامان ذريعي انهن مان ڪيترن ئي ٽولن کي پرکڻ لاءِ دنيا جي شان و شوڪت سان نوازيو آھي ۽ تنھنجي پالڻھار جو (ڏنل حلال) رزق ئي بھتر ۽ ھميشه رھڻ وارو آھي. |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
پنھنجي گهر وارن کي نماز جو تاڪيد ڪندو رهه ۽ پاڻ به ان جو پابند رهه اسان توکان رزق نٿا گهرون بلڪه اسان ئي توکي رزق ڏيون ٿا ۽ پرھيزگارن جي ئي پڇاڙي چڱي آھي. |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
ھي چون ٿا ته ھي شخص اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرفان ڪا نشاني ڇو نٿو آڻي؟ ڇا انهن وٽ ھي نشانيون نه پھتيون آھن جيڪي اڳ آيل ڪتابن (۽ صحيفن) ۾ موجود آھن؟ |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
جيڪڏھن اسان کين بنا رسول موڪلڻ جي عذاب ڏئي برباد ڪريون ھا ته ھي چون ھا ته اي اسان جا پالڻھار! تو اسان ڏي رسول سڳورو ڇونه موڪليو ته جيئن اسان ان جي پيروي ڪريون ھا ۽ ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان بچي وڃون ھا. |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
(اي نبيﷺ!) چؤ ته ھرھڪ انتظار ۾ آھي سو توھان به انتظار ڪريو پوءِ جلد ئي توھان کي خبر پئجي ويندي ته سڌي رستي وارا ڪير آھن ۽ ڪنھن کي ھدايت ملي؟ |