طه (آيت : 1) |
طـــــٰھٰ |
ما أَنزَلنا عَلَيكَ القُرءانَ لِتَشقىٰ (آيت : 2) |
اسان انهيءَ لاءِ نازل نه ڪيو آهي توتي هي قرآن ته تون مصيبت ۾ اچين |
إِلّا تَذكِرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 3) |
هي ته هڪ يادگيري آهي ان شخص لاءِ جيڪو ڊڄي |
تَنزيلًا مِمَّن خَلَقَ الأَرضَ وَالسَّمٰوٰتِ العُلَى (آيت : 4) |
هي (قرآن) نازل ڪيو ويو آهي ان ذات جي طرفان، جنهن پئدا ڪيو آهي زمين ۽ آسمانن مٿاهن کي |
الرَّحمٰنُ عَلَى العَرشِ استَوىٰ (آيت : 5) |
اهو رحمٰن (ڪائنات جي) تخت سلطنت عرش تي قائم آهي |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَما بَينَهُما وَما تَحتَ الثَّرىٰ (آيت : 6) |
مالڪ آهي انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ۽ جيڪي مٽيءَ جي هيٺان آهن |
وَإِن تَجهَر بِالقَولِ فَإِنَّهُ يَعلَمُ السِّرَّ وَأَخفَى (آيت : 7) |
۽ جيڪڏهن تون زور سان ڳالهه ڪرين پر هو ته آهستي چيل ڳالهه يا بلڪل لڪل ڳالهه به ڄاڻي ٿو |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ (آيت : 8) |
اهو الله ئي آهي ان کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي ۽ سندس سڀ نالا تمام سٺا آهن |
وَهَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 9) |
۽ توکي پهتي ڪائي خبر موسيٰ جي |
إِذ رَءا نارًا فَقالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِقَبَسٍ أَو أَجِدُ عَلَى النّارِ هُدًى (آيت : 10) |
جڏهن هن ڏٺي هڪ باهه پوءِ چيائين گهر ڀاتين کي، ٿورو ترسو، مون ڏٺي آهي هڪ باهه، اميد ته توهان لاءِ آڻيان هڪ اڌ ٽانڊو، يا ان باهه سان مون کي رستي جي باري ۾ رهنمائي ملي |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ يٰموسىٰ (آيت : 11) |
جڏهن اتي پهتو ته سڏيو ويو، اي موسيٰ |
إِنّى أَنا۠ رَبُّكَ فَاخلَع نَعلَيكَ إِنَّكَ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 12) |
بيشڪ آئون ئي تنهنجو رب آهيان، لاهي ڇڏ جتيون، بيشڪ تون آهين پاڪ وادي طويٰ ۾ |
وَأَنَا اختَرتُكَ فَاستَمِع لِما يوحىٰ (آيت : 13) |
۽ اسان توکي چونڊيو (نبي طور) پوءِ تون ٻڌ جيڪي وحي ڪيو وڃي ٿو |
إِنَّنى أَنَا اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا أَنا۠ فَاعبُدنى وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ لِذِكرى (آيت : 14) |
بيشڪ آئون ئي الله آهيان، مون کان سواءِ ڪوبه خدا ناهي، بس منهنجي ئي بندگي ڪر ۽ نماز کي قائم ڪر منهنجي ياد ۾ |
إِنَّ السّاعَةَ ءاتِيَةٌ أَكادُ أُخفيها لِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما تَسعىٰ (آيت : 15) |
بيشڪ آخري گهڙي (قيامت) ضرور اچڻ واري آهي آئون ڳجهو رکان ٿو ان کي، جيئن هر نفس پنهنجي ڪوشش آهر بدلو لهي |
فَلا يَصُدَّنَّكَ عَنها مَن لا يُؤمِنُ بِها وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَتَردىٰ (آيت : 16) |
پوءِ ڪوبه اهڙو شخص جيڪو ان تي ايمان نٿو آڻي ۽ پويان لڳو نفس جي، ته روڪي ان جي مڃڻ کان، ۽ تون برباد ٿئين |
وَما تِلكَ بِيَمينِكَ يٰموسىٰ (آيت : 17) |
۽ ڇا آهي هي تنهنجي هٿن ۾ اي موسيٰ |
قالَ هِىَ عَصاىَ أَتَوَكَّؤُا۟ عَلَيها وَأَهُشُّ بِها عَلىٰ غَنَمى وَلِىَ فيها مَـٔارِبُ أُخرىٰ (آيت : 18) |
موسيٰ چيو، هي منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ ڏئي هلندو آهيان ۽ ان سان پنهنجي ٻڪرين جي لاءِ پن ڇاڻيندو آهيان ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ڪم آهن جيڪي ان مان وٺان ٿو |
قالَ أَلقِها يٰموسىٰ (آيت : 19) |
فرمايو (رب)، هن کي اڇل اي موسيٰ |
فَأَلقىٰها فَإِذا هِىَ حَيَّةٌ تَسعىٰ (آيت : 20) |
هن اها اڇلائي ته ان ئي مهل اها هڪ نانگ ٿي پئي جيڪو ڊوڙي پيو |
قالَ خُذها وَلا تَخَف سَنُعيدُها سيرَتَهَا الأولىٰ (آيت : 21) |
فرمايو، اها کڻي وٺ ۽ نه ڊڄ، اسان اهڙو ئي ڪنداسين ان کي جهڙي هئي |
وَاضمُم يَدَكَ إِلىٰ جَناحِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ ءايَةً أُخرىٰ (آيت : 22) |
۽ دٻاءِ پنهنجي هٿ کي بغل ۾ بنا ڪنهن تڪليف جي ته چمڪندڙ ٿي نڪرندو ان مان بنا دير جي، هيءَ ٻي نشاني آهي |
لِنُرِيَكَ مِن ءايٰتِنَا الكُبرَى (آيت : 23) |
انهيءِ لاءِ اسين توکي ڏيکارڻ وارا آهيون نشانيون ٻيون وڏيون |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 24) |
هاڻي تون وڃ فرعون وٽ، بيشڪ اهو سرڪش ٿي ويو آهي |
قالَ رَبِّ اشرَح لى صَدرى (آيت : 25) |
موسيٰ عرض ڪيو، اي منهنجا پالڻهار! منهنجو سينو کول |
وَيَسِّر لى أَمرى (آيت : 26) |
۽ منهنجو ڪم مون لاءِ آسان ڪر |
وَاحلُل عُقدَةً مِن لِسانى (آيت : 27) |
۽ هٻڪ لاهه منهنجي زبان جي |
يَفقَهوا قَولى (آيت : 28) |
جيئن اهي سمجهي سگهن منهنجي ڳالهه |
وَاجعَل لى وَزيرًا مِن أَهلى (آيت : 29) |
۽ منهنجي لاءِ بڻاءِ وزير منهنجي خاندان مان |
هٰرونَ أَخِى (آيت : 30) |
هارون جيڪو منهنجو ڀاءُ آهي |
اشدُد بِهِ أَزرى (آيت : 31) |
مضبوط ڪر منهنجو هٿ ان جي ذريعي |
وَأَشرِكهُ فى أَمرى (آيت : 32) |
۽ شريڪ ڪر ان کي منهنجي ڪم ۾ |
كَى نُسَبِّحَكَ كَثيرًا (آيت : 33) |
جيئن اسان چڱيءَ طرح تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون |
وَنَذكُرَكَ كَثيرًا (آيت : 34) |
۽ تنهنجو ذڪر خوب ڪريون |
إِنَّكَ كُنتَ بِنا بَصيرًا (آيت : 35) |
بيشڪ تون اسان جي حال تي هميشه نگران آهين |
قالَ قَد أوتيتَ سُؤلَكَ يٰموسىٰ (آيت : 36) |
فرمايو، جيڪو تو گهريو سو ڏنو ويو اي موسيٰ |
وَلَقَد مَنَنّا عَلَيكَ مَرَّةً أُخرىٰ (آيت : 37) |
۽ هڪ ڀيرو وري توتي احسان ڪيوسين |
إِذ أَوحَينا إِلىٰ أُمِّكَ ما يوحىٰ (آيت : 38) |
ياد ڪر اهو وقت جڏهن اشارو ڪيوسين تنهنجي ماءُ کي، اهڙو اشارو جيڪو وحي جي ذريعي ڪبو آهي |
أَنِ اقذِفيهِ فِى التّابوتِ فَاقذِفيهِ فِى اليَمِّ فَليُلقِهِ اليَمُّ بِالسّاحِلِ يَأخُذهُ عَدُوٌّ لى وَعَدُوٌّ لَهُ وَأَلقَيتُ عَلَيكَ مَحَبَّةً مِنّى وَلِتُصنَعَ عَلىٰ عَينى (آيت : 39) |
ته ان ٻار کي صندوق ۾ وجهه ۽ ان کي درياهه ۾ وهائي ڇڏ، درياهه کيس اڇليندو ڪناري تي ۽ ان کي کڻندو منهنجو دشمن ۽ دشمن ان ٻار جو ۽ مون پنهنجي طرفان توتي پلٽي ڇڏيو پنهنجي پيار کي، ۽ انتظام به ڪيو ته تون منهنجي نگرانيءَ ۾ پاليو وڃين |
إِذ تَمشى أُختُكَ فَتَقولُ هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ مَن يَكفُلُهُ فَرَجَعنٰكَ إِلىٰ أُمِّكَ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَقَتَلتَ نَفسًا فَنَجَّينٰكَ مِنَ الغَمِّ وَفَتَنّٰكَ فُتونًا فَلَبِثتَ سِنينَ فى أَهلِ مَديَنَ ثُمَّ جِئتَ عَلىٰ قَدَرٍ يٰموسىٰ (آيت : 40) |
ياد ڪر جڏهن هلي رهي هئي تنهنجي ڀيڻ، پوءِ وڃي چوڻ لڳي ته، آئون توهان کي ڏَس ڏيان جيڪو هن ٻار جي پالنا چڱيءَ طرح ڪري؟ اهڙيءَ طرح اسان توکي وري تنهنجي ماءُ وٽ پهچايو ته جيئن ٺرن سندس نيڻ ۽ اها غمگين نه ٿئي، ۽ (هي به ياد ڪر) تو قتل ڪيو هو هڪ شخص کي اسان توکي نجات ڏني انهيءَ ڏک مان ۽ توکي مختلف آزمائشن سان پرکيوسين ۽ تون ڪيترا ئي ورهيه رهئين مدين وارن وٽ، ۽ هاڻي ٺيڪ تون پنهنجي وقت تي پهتو آهين اي موسيٰ! |
وَاصطَنَعتُكَ لِنَفسِى (آيت : 41) |
۽ مون توکي بڻايو آهي پنهنجي ڪم جو |
اذهَب أَنتَ وَأَخوكَ بِـٔايٰتى وَلا تَنِيا فى ذِكرِى (آيت : 42) |
وڃو توهان منهنجي نشانين سان تون ۽ تنهنجو ڀاءُ ۽ توهان منهنجي ياد ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪجؤ |
اذهَبا إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 43) |
وڃو انهيءَ فرعون ڏي جيڪو سرڪش ٿي ويو آهي |
فَقولا لَهُ قَولًا لَيِّنًا لَعَلَّهُ يَتَذَكَّرُ أَو يَخشىٰ (آيت : 44) |
پوءِ ڳالهائجو ساڻس نرميءَ سان شايد هو نصيحت قبول ڪري يا وري ڊڄي وڃي |
قالا رَبَّنا إِنَّنا نَخافُ أَن يَفرُطَ عَلَينا أَو أَن يَطغىٰ (آيت : 45) |
ٻنهي عرض ڪيو، اسان جا پالڻهار! اسان کي انديشو آهي ته هو ڏاڍ ڪندو اسان تي، يا زيادتي ڪندو |
قالَ لا تَخافا إِنَّنى مَعَكُما أَسمَعُ وَأَرىٰ (آيت : 46) |
فرمايو، ڊڄو نه آئون جو توهان سان گڏ آهيان، ٻڌان پيو سڀڪجهه ۽ ڏسان به پيو |
فَأتِياهُ فَقولا إِنّا رَسولا رَبِّكَ فَأَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ وَلا تُعَذِّبهُم قَد جِئنٰكَ بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكَ وَالسَّلٰمُ عَلىٰ مَنِ اتَّبَعَ الهُدىٰ (آيت : 47) |
وٽس وڃو ۽ چئوس ته اسان رسول (موڪليل) آهيون تنهنجي رب جا، تنهنڪري موڪل ڏي بني اسرائيل کي اسان سان گڏ وڃڻ لاءِ ۽ کين تڪليف نه ڏي، اسان تو وٽ آيا آهيون نشاني کڻي تنهنجي رب جي ۽ سلامتي آهي انهيءَ لاءِ جيڪو هلي سڌي واٽ تي |
إِنّا قَد أوحِىَ إِلَينا أَنَّ العَذابَ عَلىٰ مَن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 48) |
اسان کي وحي سان ٻڌايو ويو آهي ته بيشڪ عذاب آهي انهيءَ لاءِ جيڪو ڪوڙو چوي ۽ منهن موڙي |
قالَ فَمَن رَبُّكُما يٰموسىٰ (آيت : 49) |
فرعون چيو، ته پوءِ توهان ٻنهي جو رب ڪير آهي اي موسيٰ؟ |
قالَ رَبُّنَا الَّذى أَعطىٰ كُلَّ شَيءٍ خَلقَهُ ثُمَّ هَدىٰ (آيت : 50) |
موسيٰ چيو، اسان جو رب اهو آهي جنهن عطا ڪئي هر شيءِ کي ان جي شڪل، پوءِ ان کي رستو ڏيکاريو |
قالَ فَما بالُ القُرونِ الأولىٰ (آيت : 51) |
فرعون چيو، ۽ اڳي جيڪي نسل گذريا تن جو ڇا حال هو؟ |
قالَ عِلمُها عِندَ رَبّى فى كِتٰبٍ لا يَضِلُّ رَبّى وَلا يَنسَى (آيت : 52) |
موسيٰ چيو، ان جو علم منهنجي رب وٽ هڪ ڪتاب ۾ محفوظ آهي، نڪي ڀلجندو آهي منهنجو رب ۽ نه وري وساريندو آهي |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَسَلَكَ لَكُم فيها سُبُلًا وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ أَزوٰجًا مِن نَباتٍ شَتّىٰ (آيت : 53) |
اهو ئي آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين کي فرش بنايو ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ بڻايائين رستا ۽ نازل ڪيائين آسمان مان پاڻي، پوءِ اپايائين ان جي ذريعي مختلف قسمن جي پيداوار |
كُلوا وَارعَوا أَنعٰمَكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 54) |
کائو ۽ چاريو پنهنجي جانورن کي به، بيشڪ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن عقل وارن لاءِ |
مِنها خَلَقنٰكُم وَفيها نُعيدُكُم وَمِنها نُخرِجُكُم تارَةً أُخرىٰ (آيت : 55) |
انهيءَ زمين مان توهان کي پيدا ڪيوسين ۽ انهيءَ ۾ توهان کي موٽائينداسين ۽ انهيءَ مان ئي توهان کي ڪڍنداسين ٻيو ڀيرو |
وَلَقَد أَرَينٰهُ ءايٰتِنا كُلَّها فَكَذَّبَ وَأَبىٰ (آيت : 56) |
۽ اسان ڏيکاريون (فرعون کي) پنهنجون نشانيون پر اهو ته ڪوڙو چوندو رهيو ۽ انڪار ڪيو |
قالَ أَجِئتَنا لِتُخرِجَنا مِن أَرضِنا بِسِحرِكَ يٰموسىٰ (آيت : 57) |
چوڻ لڳو، ڇا تون اسان وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ته تون اسان کي لوڌي ڪڍين پنهنجي زمين مان جادوءَ جي زور تي اي موسيٰ؟ |
فَلَنَأتِيَنَّكَ بِسِحرٍ مِثلِهِ فَاجعَل بَينَنا وَبَينَكَ مَوعِدًا لا نُخلِفُهُ نَحنُ وَلا أَنتَ مَكانًا سُوًى (آيت : 58) |
چڱو، اسان به آڻيون ٿا تنهنجي مقابلي ۾ اهڙو ئي جادو، طئي ڪري وٺ ته اسان جي وچ ۾ ڪٿي اهو مقابلو ٿيڻو آهي، نه اسان کي انهيءَ ٺهراءُ کان ڦرڻو آهي ۽ نه تون ڦرجان، تون کليل ميدان ۾ سامهون اچ |
قالَ مَوعِدُكُم يَومُ الزّينَةِ وَأَن يُحشَرَ النّاسُ ضُحًى (آيت : 59) |
موسيٰ چيو، طئي ٿيو تنهنجي جشن جو ڏينهن ۽ گڏ ٿين ماڻهو سج چڙهندي ئي |
فَتَوَلّىٰ فِرعَونُ فَجَمَعَ كَيدَهُ ثُمَّ أَتىٰ (آيت : 60) |
پوءِ موٽي فرعون گڏ ڪيا پنهنجا سمورا ڦند ڦير ۽ مقابلي لاءِ اچي ويو |
قالَ لَهُم موسىٰ وَيلَكُم لا تَفتَروا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَيُسحِتَكُم بِعَذابٍ وَقَد خابَ مَنِ افتَرىٰ (آيت : 61) |
چيو موسيٰ (ان موقعي تي مقابل ٽولي کي) مار پَويوَ! ٺاهه نه ٺاهيو الله تي ڪوڙا، نه ته اهو توهان کي ناس ڪري ڇڏيندو سخت عذاب سان، ۽ جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو نامراد ٿيو |
فَتَنٰزَعوا أَمرَهُم بَينَهُم وَأَسَرُّوا النَّجوىٰ (آيت : 62) |
هي ٻڌي منجهن اختلاف ٿي پيو، ۽ اهي چپ چاپ پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪرڻ لڳا |
قالوا إِن هٰذٰنِ لَسٰحِرٰنِ يُريدانِ أَن يُخرِجاكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِما وَيَذهَبا بِطَريقَتِكُمُ المُثلىٰ (آيت : 63) |
آخرڪار ڪن ماڻهن چيو، اهي ٻئي رڳو جادوگر آهن هو چاهين ٿا ته توهان کي بي دخل ڪن توهان جي سرزمين مان پنهنجي جادوءَ جي زور تي ۽ توهان جي مثالي طرزِ زندگي کي ختم ڪن |
فَأَجمِعوا كَيدَكُم ثُمَّ ائتوا صَفًّا وَقَد أَفلَحَ اليَومَ مَنِ استَعلىٰ (آيت : 64) |
پوءِ گڏ ڪري وٺو اڄ پنهنجون سڀ تدبيرون ۽ ٻَڌي ڪري ميدان ۾ اچو، بس سمجهي ڇڏيو ته اڄ جيڪو به غالب ٿيو تنهن کٽيو |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ أَوَّلَ مَن أَلقىٰ (آيت : 65) |
جادوگرن چيو، اي موسيٰ! تون ٿو اڇلائين (جادو) يا اسين پهرين اڇلايون |
قالَ بَل أَلقوا فَإِذا حِبالُهُم وَعِصِيُّهُم يُخَيَّلُ إِلَيهِ مِن سِحرِهِم أَنَّها تَسعىٰ (آيت : 66) |
موسيٰ چين، ڀلي توهان اڇلايو، پوءِ سندن رسا ۽ لٺيون سندن جادوءَ جي زور تي موسيٰ کي ڊوڙندي محسوس ٿيا |
فَأَوجَسَ فى نَفسِهِ خيفَةً موسىٰ (آيت : 67) |
پوءِ ڊڄي ويو پنهنجي دل ۾ موسيٰ |
قُلنا لا تَخَف إِنَّكَ أَنتَ الأَعلىٰ (آيت : 68) |
اسان چيو، ڊڄ نه، تون ئي غالب رهندين |
وَأَلقِ ما فى يَمينِكَ تَلقَف ما صَنَعوا إِنَّما صَنَعوا كَيدُ سٰحِرٍ وَلا يُفلِحُ السّاحِرُ حَيثُ أَتىٰ (آيت : 69) |
۽ اڇلاءِ ان (لٺ) کي جيڪا تنهنجي هٿ ۾ آهي، اجهو سندن بناوٽي شين کي ڳهي ويندي، اهي جيڪي ٺاهي آيا آهن ۽ نه ٿيندو اهو جيڪو جادوگر جو فريب آهي، ڪامياب نه ٿيندو ڀلي ڪيڏي به شان سان اچي |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سُجَّدًا قالوا ءامَنّا بِرَبِّ هٰرونَ وَموسىٰ (آيت : 70) |
آخر ائين ئي ٿيو، جو سڀني جادوگرن کي سجدي ۾ ڪيرايو ۽ پڪارڻ لڳا، اسان ايمان آندو هارون ۽ موسيٰ جي رب تي |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم فى جُذوعِ النَّخلِ وَلَتَعلَمُنَّ أَيُّنا أَشَدُّ عَذابًا وَأَبقىٰ (آيت : 71) |
فرعون چيو، توهان ان تي ايمان آندو انهيءَ کان اڳي جو آئون توهان کي اجازت ڏيان؟ معلوم ٿيو ته هي توهان جو وڏو گُرو آهي جنهن توهان کي جادوگري سيکاري آهي، هاڻي آئون توهان جا هٿ ۽ پير ابتن طرفن کان ۽ توهان کي ڦاهي کجين جي ٿڙن تي، پوءِ توهان کي معلوم ٿي ويندو ته اسان ٻنهي مان ڪنهن جو عذاب سخت ۽ ديرپا آهي |
قالوا لَن نُؤثِرَكَ عَلىٰ ما جاءَنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالَّذى فَطَرَنا فَاقضِ ما أَنتَ قاضٍ إِنَّما تَقضى هٰذِهِ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 72) |
جادوگرن جواب ڏنو، قسم آهي ان ذات جو، جنهن اسان کي پيدا ڪيو آهي، اسين روشن نشانيون سامهون اچڻ بعد به سچائيءَ تي توکي اهميت ڏيون، اهو ٿي نٿو سگهي، تون ڪجهه به ڪرڻ چاهين ته ڪري وٺ، فقط هن دنيا جي حياتيءَ جو فيصلو ڪري سگهندين |
إِنّا ءامَنّا بِرَبِّنا لِيَغفِرَ لَنا خَطٰيٰنا وَما أَكرَهتَنا عَلَيهِ مِنَ السِّحرِ وَاللَّهُ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 73) |
بيشڪ اسان ايمان آندوآهي پنهنجي رب تي، جيئن معاف ڪري اسان جون خطائون ۽ (بخش ڪري) جنهن تي تو اسان کي مجبور ڪيو هو جادوگريءَ تي، ۽ الله ئي سڀ کان بهتر ۽ سدائين رهڻ وارو آهي |
إِنَّهُ مَن يَأتِ رَبَّهُ مُجرِمًا فَإِنَّ لَهُ جَهَنَّمَ لا يَموتُ فيها وَلا يَحيىٰ (آيت : 74) |
حقيقت ۾ جيڪو پنهنجي رب جي حضور ۾ ڏوهي ٿي حاضر ٿيندو، ان لاءِ دوزخ آهي، جنهن ۾ هو نه مرندو ۽ نه وري زنده رهندو |
وَمَن يَأتِهِ مُؤمِنًا قَد عَمِلَ الصّٰلِحٰتِ فَأُولٰئِكَ لَهُمُ الدَّرَجٰتُ العُلىٰ (آيت : 75) |
۽ جيڪو سندس حضور ۾ مؤمن جي حيثيت ۾ حاضر ٿيندو، جنهن جا عمل سٺا هوندا پوءِ اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ وڏا مرتبا آهن |
جَنّٰتُ عَدنٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ جَزاءُ مَن تَزَكّىٰ (آيت : 76) |
سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، جن ۾ اهي سدائين رهندا، ۽ هي بدلو ان لاءِ آهي جو پاڪيزگي اختيار ڪري |
وَلَقَد أَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى فَاضرِب لَهُم طَريقًا فِى البَحرِ يَبَسًا لا تَخٰفُ دَرَكًا وَلا تَخشىٰ (آيت : 77) |
۽ اسان وحي ڪيو موسيٰ تي ته هاڻي رات و رات نڪري وڃ منهنجي ٻانهن کي وٺي ۽ انهن جي لاءِ ٺاهيوسين سڪل رستو سمنڊ ۾، توکي ذرو به ڊپ نه ٿئي سمنڊ جي وچان لنگهندي ۽ نه ڊپ ٿئي ڪنهن جي پٺيان لڳڻ جي |
فَأَتبَعَهُم فِرعَونُ بِجُنودِهِ فَغَشِيَهُم مِنَ اليَمِّ ما غَشِيَهُم (آيت : 78) |
پوءِ سندن پٺيان فرعون پنهنجو لشڪر وٺي پهتو، پوءِ سمنڊ انهن تي ڇائنجي ويو، (ان کي) ڇائنجڻ جو حق هو |
وَأَضَلَّ فِرعَونُ قَومَهُ وَما هَدىٰ (آيت : 79) |
۽ گمراهه ڪيو هو فرعون پنهنجي قوم کي، ڪابه صحيح رهنمائي نه ڪئي هئي |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ قَد أَنجَينٰكُم مِن عَدُوِّكُم وَوٰعَدنٰكُم جانِبَ الطّورِ الأَيمَنَ وَنَزَّلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ (آيت : 80) |
اي بني اسرائيل! اسان ڇوٽڪارو ڏنو توهان کي توهان جي دشمن کان ۽ توهان جي حاضري جو وقت طُور جي ساڄي پاسي مقرر ڪيو ۽ توهان تي لاٿو مَن ۽ سلويٰ |
كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَلا تَطغَوا فيهِ فَيَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبى وَمَن يَحلِل عَلَيهِ غَضَبى فَقَد هَوىٰ (آيت : 81) |
کائو اسان جو ڏنل پاڪ رزق ۽ ان کي کائي نه ڪريو سرڪشي، نه ته ٽٽي پوندو توهان تي منهنجو غضب، ۽ جنهن تي به منهنجو ڏمر ٿيو ته پوءِ اهو ڪِريل ئي رهندو |
وَإِنّى لَغَفّارٌ لِمَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا ثُمَّ اهتَدىٰ (آيت : 82) |
۽ بيشڪ آئون گهڻو بخشڻ وارو آهيان ان جي لاءِ جيڪو توبهه ڪري ايمان آڻي ۽ عمل سٺا ڪري پوءِ سِڌو ئي هلندو رهي |
وَما أَعجَلَكَ عَن قَومِكَ يٰموسىٰ (آيت : 83) |
۽ ڪهڙي شيءِ توکي اڳ ۾ وٺي آئي پنهنجي قوم کان اي موسيٰ |
قالَ هُم أُولاءِ عَلىٰ أَثَرى وَعَجِلتُ إِلَيكَ رَبِّ لِتَرضىٰ (آيت : 84) |
هن عرض ڪيو، بس اهي منهنجي پويان اچي ئي رهيا آهن آئون جلدي ۾ تنهنجي حضور ۾پهتو آهيان منهنجا رب، جيئن راضي ٿئين مون کان |
قالَ فَإِنّا قَد فَتَنّا قَومَكَ مِن بَعدِكَ وَأَضَلَّهُمُ السّامِرِىُّ (آيت : 85) |
فرمايو، چڱو ٻڌ، اسان آزمائش ۾ وڌو تنهنجي قوم کي تنهنجي پٺيان ۽ کين گمراهه ڪري ڇڏيو سامري |
فَرَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ يٰقَومِ أَلَم يَعِدكُم رَبُّكُم وَعدًا حَسَنًا أَفَطالَ عَلَيكُمُ العَهدُ أَم أَرَدتُم أَن يَحِلَّ عَلَيكُم غَضَبٌ مِن رَبِّكُم فَأَخلَفتُم مَوعِدى (آيت : 86) |
پوءِ موٽيو موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن سخت ڪاوڙ ۽ ڏک ۾، کين چيو، اي منهنجي قوم! ڇا وعدا نه ڪيا هئا توهان سان توهان جي رب سهڻا؟ ڇا توهان کي ڏينهن لڳي ويا آهن يا توهان پنهنجي مٿان چاهيو ٿي ڏمر آڻڻ پنهنجي رب جو، ته توهان مون سان وعدي خلافي ڪئي |
قالوا ما أَخلَفنا مَوعِدَكَ بِمَلكِنا وَلٰكِنّا حُمِّلنا أَوزارًا مِن زينَةِ القَومِ فَقَذَفنٰها فَكَذٰلِكَ أَلقَى السّامِرِىُّ (آيت : 87) |
انهن جواب ڏنو، اسان ڪابه وعدي خلافي نه ڪئي آهي پنهنجي وس سان، معاملو هي آهي ته اسان ماڻهو زيورن جي بار سان سٿيل هئاسين، اسان ته اهي اڇلائي ڇڏيا، اهڙيءَ طرح سامري به ڪجهه وڌو |
فَأَخرَجَ لَهُم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ فَقالوا هٰذا إِلٰهُكُم وَإِلٰهُ موسىٰ فَنَسِىَ (آيت : 88) |
پوءِ هو انهن جي لاءِ هڪ گابي جي صورت ڪڍي، جنهن منجهان ڏاند جي رنڀ جو آواز نڪتو، ماڻهن چيو، اهو ئي آهي توهان جو خدا۽ خدا موسيٰ جو به، موسيٰ ان کي وساري ويٺو |
أَفَلا يَرَونَ أَلّا يَرجِعُ إِلَيهِم قَولًا وَلا يَملِكُ لَهُم ضَرًّا وَلا نَفعًا (آيت : 89) |
پوءِ ڇا اهي ڏسندا نه هئا ته، نه اهو سندن ڳالهه جو جواب ٿو ڏئي ۽ نه وري سندن ڪنهن به نفعي يا نقصان جو ڪو اختيار ٿو رکي |
وَلَقَد قالَ لَهُم هٰرونُ مِن قَبلُ يٰقَومِ إِنَّما فُتِنتُم بِهِ وَإِنَّ رَبَّكُمُ الرَّحمٰنُ فَاتَّبِعونى وَأَطيعوا أَمرى (آيت : 90) |
۽ بيشڪ چيو هو انهن کي هارون (موسيٰ جي اچڻ کان) اڳ، اي منهنجي قوم! (ان گابي جي ڪري) فتني ۾ پئجي ويا آهيو ۽ بيشڪ توهان جو رب ته رحمٰن آهي، سو توهان منهنجي پيروي ڪريو ۽ منهنجي ڳالهه مڃو |
قالوا لَن نَبرَحَ عَلَيهِ عٰكِفينَ حَتّىٰ يَرجِعَ إِلَينا موسىٰ (آيت : 91) |
پر انهن چيو، اسان ته ان جي پوڄا ڪنداسين جيتر موٽي نه اچي اسان وٽ موسيٰ |
قالَ يٰهٰرونُ ما مَنَعَكَ إِذ رَأَيتَهُم ضَلّوا (آيت : 92) |
موسيٰ (قوم کي ڇينڀڻ کان پوءِ هارون کي چيو) اي هارون! تو کين منع ڇو نه ڪيو جڏهن ڏٺو ته اهي گمراهه پيا ٿين |
أَلّا تَتَّبِعَنِ أَفَعَصَيتَ أَمرى (آيت : 93) |
ڪهڙي شيءِ تنهنجو هٿ جهليو، ڇا تو منهنجي حڪم کي پُٺ ڏني؟ |
قالَ يَبنَؤُمَّ لا تَأخُذ بِلِحيَتى وَلا بِرَأسى إِنّى خَشيتُ أَن تَقولَ فَرَّقتَ بَينَ بَنى إِسرٰءيلَ وَلَم تَرقُب قَولى (آيت : 94) |
هارون چيو، اي منهنجي امڙ جا پٽ! نه جهل منهنجي ڏاڙهي ۽ نه منهنجي مٿي جا وار پَٽ، مون کي خوف هو ان ڳالهه جو ته تون اچي چوندين ته تو ڦوٽ وجهي ڇڏي بني اسرائيل ۾، ۽ ڪوبه تو لحاظ نه ڪيو منهنجي ڳالهه جو |
قالَ فَما خَطبُكَ يٰسٰمِرِىُّ (آيت : 95) |
موسيٰ چيو، تنهنجو ڇا معاملو آهي اي سامري؟ |
قالَ بَصُرتُ بِما لَم يَبصُروا بِهِ فَقَبَضتُ قَبضَةً مِن أَثَرِ الرَّسولِ فَنَبَذتُها وَكَذٰلِكَ سَوَّلَت لى نَفسى (آيت : 96) |
هن جواب ڏنو، مون اها شيءِ ڏٺي جيڪا انهن ماڻهن کي نظر نه آئي، پوءِ مون مُٺ کنئي پيرن جي نشان (مٽيءَ جي) رسول جي ۽ ان کي ٺاهي ورتو ۽ اهو ئي مون کي ڪجهه سمجهايو منهنجي نفس |
قالَ فَاذهَب فَإِنَّ لَكَ فِى الحَيوٰةِ أَن تَقولَ لا مِساسَ وَإِنَّ لَكَ مَوعِدًا لَن تُخلَفَهُ وَانظُر إِلىٰ إِلٰهِكَ الَّذى ظَلتَ عَلَيهِ عاكِفًا لَنُحَرِّقَنَّهُ ثُمَّ لَنَنسِفَنَّهُ فِى اليَمِّ نَسفًا (آيت : 97) |
موسيٰ چيس، چڱو وڃ هتان، هاڻي سڄي ساري حياتي اهو ئي پڪاريندو وتندين ته نه ڇهجو مون کي، ۽ بيشڪ تنهنجي پڇا ڳاڇا جو هڪڙو وقت مقرر آهي، ۽ اهو توتان هرگز نه ٽرندو ۽ پنهنجي هن خدا ڏي نهار، جنهن تيتون ريجهيو ويٺو هئين، هاڻي اسان ان کي ساڙينداسين ذرو ذرو ڪري ۽ دريا ۾ وهائي ڇڏينداسين |
إِنَّما إِلٰهُكُمُ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَسِعَ كُلَّ شَيءٍ عِلمًا (آيت : 98) |
(انسانو!) بيشڪ توهان جو معبود ته بس الله ئي آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي، وسيع آهي هر ڪنهن شيءِ تي سندس علم |
كَذٰلِكَ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنباءِ ما قَد سَبَقَ وَقَد ءاتَينٰكَ مِن لَدُنّا ذِكرًا (آيت : 99) |
(اي نبي!) اهڙيءَ طرح ٻڌايون ٿا توکي اسان گذريل حالتن جون خبرون، ۽ اسان خاص توکي ڏنو آهي پاڻ وٽان ”ذڪر“ (نصيحت جو سبق) |
مَن أَعرَضَ عَنهُ فَإِنَّهُ يَحمِلُ يَومَ القِيٰمَةِ وِزرًا (آيت : 100) |
جيڪو به منهن موڙيندو ان کان، سو سخت گناهه جو بار کڻندو قيامت جي ڏينهن |
خٰلِدينَ فيهِ وَساءَ لَهُم يَومَ القِيٰمَةِ حِملًا (آيت : 101) |
۽ اهڙا سڀ ماڻهو گرفتار هوندا ان جي وبال ۾ ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو ڏينهن قيامت جي ان ڏوهه جو بار |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ وَنَحشُرُ المُجرِمينَ يَومَئِذٍ زُرقًا (آيت : 102) |
ان ڏينهن جڏهن ته صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسان ڏوهارين کي ورائي آڻينداسين (جو سندن اکيون ان دهشت ڪري) ڦاٽل هونديون |
يَتَخٰفَتونَ بَينَهُم إِن لَبِثتُم إِلّا عَشرًا (آيت : 103) |
اهي سُس پس ڪندي پاڻ ۾ چوندا ته، دنيا ۾ مشڪل سان گذريا هوندا ڪي ڏهه ڏينهن |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ إِذ يَقولُ أَمثَلُهُم طَريقَةً إِن لَبِثتُم إِلّا يَومًا (آيت : 104) |
اسان کي ته معلوم آهي ته اهي ڇا چئي رهيا آهن جڏهن ان وقت چوندو محتاط اندازو لڳائڻ وارو ته نه! توهان جي دنيا واري حياتي ته بس هڪ ڏينهن جي هئي |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ الجِبالِ فَقُل يَنسِفُها رَبّى نَسفًا (آيت : 105) |
۽ ماڻهو توکان پڇن ٿا ته آخر هي جبل ڪيڏانهن ويندا؟ پوءِ تون چؤ ته منهنجو رب انهن کي دز ڪري اڏاري ڇڏيندو |
فَيَذَرُها قاعًا صَفصَفًا (آيت : 106) |
زمين کي بلڪل هموار ڪري ڇڏيندو |
لا تَرىٰ فيها عِوَجًا وَلا أَمتًا (آيت : 107) |
نه ڏسندين تون ان ۾ ڪابه هيٺاهين يا ڪابه مٿاهين |
يَومَئِذٍ يَتَّبِعونَ الدّاعِىَ لا عِوَجَ لَهُ وَخَشَعَتِ الأَصواتُ لِلرَّحمٰنِ فَلا تَسمَعُ إِلّا هَمسًا (آيت : 108) |
ان ڏينهن سڀ ماڻهو پڪاريندڙ جي پڪار تي سڌا هليا ايندا، ڪوبه ٿورڙي ڪا آڪڙ نه ڏيکاريندو ۽ سمورا آواز رحمٰن جي آڏو دٻجي ويندا هڪ ڀڻڪ کان سواءِ ڪجهه به نه ٻڌندين |
يَومَئِذٍ لا تَنفَعُ الشَّفٰعَةُ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَرَضِىَ لَهُ قَولًا (آيت : 109) |
ان ڏينهن ڪابه ڪارگر نه ٿيندي سفارش سواءِ ان جي ته اجازت جنهن کي ملي رحمٰن جي ۽ هو راضي هجي ان جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ |
يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِهِ عِلمًا (آيت : 110) |
هو ته ڄاڻي ٿو سڀني (انسانن جو) اڳيون يا ڪه پويون حال احوال، ۽ ٻين کي ته ان جو ڪوبه ناهي علم |
وَعَنَتِ الوُجوهُ لِلحَىِّ القَيّومِ وَقَد خابَ مَن حَمَلَ ظُلمًا (آيت : 111) |
۽ جهڪي ويندا ماڻهن جا سِر انهيءَ حيّ ۽ قيوم جي اڳيان، ۽ نامراد هوندو اهو جيڪو بار کنيل هوندو ڪنهن ظلم جي گناهه جو |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَلا يَخافُ ظُلمًا وَلا هَضمًا (آيت : 112) |
۽ جيڪو شخص عمل ڪندو سٺا ۽ اهو مؤمن هوندو ته اهڙي شخص جي لاءِ ظلم ۽ حق تلفي جو خطرو نه هوندو |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنٰهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا وَصَرَّفنا فيهِ مِنَ الوَعيدِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ أَو يُحدِثُ لَهُم ذِكرًا (آيت : 113) |
۽ (اي نبي!) اهڙيءَ طرح اسان نازل ڪيو آهي قرآن عربي ۾ ۽ ان ۾ طرحين طرحين سان تنبيهون ڪيون آهن ته من اهي ماڻهو ڏنگي هلت کان بچن يا انهن ۾ هوش جا آثار ان سانگي سان پيدا ٿين |
فَتَعٰلَى اللَّهُ المَلِكُ الحَقُّ وَلا تَعجَل بِالقُرءانِ مِن قَبلِ أَن يُقضىٰ إِلَيكَ وَحيُهُ وَقُل رَبِّ زِدنى عِلمًا (آيت : 114) |
بس مٿاهون آهي الله حقيقي حاڪم حق وارو، ۽ ڪابه تڪڙ نه ڪر قرآن پڙهڻ ۾، جيستائين جو مڪمل نه ٿئي توتي وحي ۽ دعا ڪر ته اي منهنجا رب! مون کي وڌيڪ علم عطا ڪر |
وَلَقَد عَهِدنا إِلىٰ ءادَمَ مِن قَبلُ فَنَسِىَ وَلَم نَجِد لَهُ عَزمًا (آيت : 115) |
۽ اسان هڪ حڪم ڏنو هو آدم کي هن کان اڳي پر هو وساري ويٺو ۽ اسان ان جي لاءِ منجهس ارادو پڪو نه ڏٺو |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ (آيت : 116) |
۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن اسان فرشتن کي چيو ته آدمؑ کي سجدو ڪريو ته انهن سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، انڪار ڪري ويٺو |
فَقُلنا يٰـٔادَمُ إِنَّ هٰذا عَدُوٌّ لَكَ وَلِزَوجِكَ فَلا يُخرِجَنَّكُما مِنَ الجَنَّةِ فَتَشقىٰ (آيت : 117) |
ان تي اسان چيو، اي آدم! ڏس بيشڪ هي دشمن آهي تنهنجو ۽ تنهنجي زال جو، ائين نه ٿئي جو هي توهان کي ڪڍرائي بهشت مان ۽ توهان مصيبت ۾ پئجي وڃو |
إِنَّ لَكَ أَلّا تَجوعَ فيها وَلا تَعرىٰ (آيت : 118) |
بيشڪ هتي توکي آسائشون حاصل آهن جو بکيو ۽ اگهاڙو نه آهين |
وَأَنَّكَ لا تَظمَؤُا۟ فيها وَلا تَضحىٰ (آيت : 119) |
۽ نه توکي اُڃ لڳندي نه وري اتي توکي اُس ستائيندي |
فَوَسوَسَ إِلَيهِ الشَّيطٰنُ قالَ يٰـٔادَمُ هَل أَدُلُّكَ عَلىٰ شَجَرَةِ الخُلدِ وَمُلكٍ لا يَبلىٰ (آيت : 120) |
پر ورغلايو انهن کي شيطان، چوڻ لڳو، اي آدم! توکي ڏَس ڏيان اهڙي وڻ جو جنهن سان سدائين رهڻ واري حياتي ۽ لازوال سلطنت ملي ٿي؟ |
فَأَكَلا مِنها فَبَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَعَصىٰ ءادَمُ رَبَّهُ فَغَوىٰ (آيت : 121) |
آخرڪار ٻئي (زال مڙس) ان وڻ جو ميوو کائي ويٺا، نتيجو اهو نڪتو جو هڪدم سندن اوگهڙون هڪ ٻئي جي آڏو ظاهر ٿي پيون ۽ ٻئي ڍڪڻ لڳا پاڻ کي جنت جي (وڻن جي) پنن سان، آدم پنهنجي رب جي سڌي واٽ کان ٿڙي ويو |
ثُمَّ اجتَبٰهُ رَبُّهُ فَتابَ عَلَيهِ وَهَدىٰ (آيت : 122) |
وري سندس پالڻهار کيس عزت بخشي ۽ سندس توبهه قبول ڪري کيس هدايت بخشي |
قالَ اهبِطا مِنها جَميعًا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَنِ اتَّبَعَ هُداىَ فَلا يَضِلُّ وَلا يَشقىٰ (آيت : 123) |
چيو (سندن رب) توهان ٻئي ڌريون (آدم ۽ شيطان) هتان لهي وڃو، توهان هڪ ٻئي جا ويري رهندؤ، هاڻي جيڪڏهن توهان وٽ پهچي منهنجي طرفان ڪابه هدايت، پوءِ جيڪو ان جي پيروي ڪندو سو گمراهه نه ٿيندو ۽ نه بدبختي ۾ پوندو |
وَمَن أَعرَضَ عَن ذِكرى فَإِنَّ لَهُ مَعيشَةً ضَنكًا وَنَحشُرُهُ يَومَ القِيٰمَةِ أَعمىٰ (آيت : 124) |
۽ جيڪو منهن موڙيندو منهنجي ذڪر (نصيحت کان)، ان جي لاءِ اَهنجي رهندي دنيا جي حياتي پر قيامت جي ڏينهن کيس اٿارينداسين انڌو ڪري |
قالَ رَبِّ لِمَ حَشَرتَنى أَعمىٰ وَقَد كُنتُ بَصيرًا (آيت : 125) |
هو چوندو، اي پالڻهار! دنيا ۾ ته آئون اکين وارو هئس پر هتي مون کي ڇو انڌو ڪري اٿاريو آهي؟ |
قالَ كَذٰلِكَ أَتَتكَ ءايٰتُنا فَنَسيتَها وَكَذٰلِكَ اليَومَ تُنسىٰ (آيت : 126) |
الله فرمائيندو، اهڙيءَ طرح تو وٽ پهتيون هيون اسان جون آيتون ته تو اهي وساريون هيون، ساڳيءَ طرح اڄ تون به وساريو پيو وڃين |
وَكَذٰلِكَ نَجزى مَن أَسرَفَ وَلَم يُؤمِن بِـٔايٰتِ رَبِّهِ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَشَدُّ وَأَبقىٰ (آيت : 127) |
۽ اهڙيءَ طرح ان حد کان لنگهندڙ کي ۽ نه مڃيندڙ پنهنجي رب جي آيتن کي (دنيا ۾) بدلو ڏيندا آهيون ۽ عذاب آخرت جو ته وڌيڪ سخت ۽ باقي رهندڙ آهي |
أَفَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِأُولِى النُّهىٰ (آيت : 128) |
پوءِ ڇا ڪابه هدايت کين نه ملي (تاريخ مان) ته هلاڪ ڪيو هوسين کانئن پهرين به ڪيئي قومون جن جي برباد ٿيل وستين ۾ اڄ به اهي گهمن ڦرن پيا؟ حقيقت ۾ ڪيئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي صحيح عقل رکن ٿا |
وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَكانَ لِزامًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى (آيت : 129) |
جي ڪجهه به طئي ٿيل نه هجي اڳواٽ تنهنجي رب جي طرفان ۽ مهلت جي مدت به مقرر ٿيلنه هجي ته ضرور سندن فيصلو ٿي وڃي ها |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ غُروبِها وَمِن ءانائِ الَّيلِ فَسَبِّح وَأَطرافَ النَّهارِ لَعَلَّكَ تَرضىٰ (آيت : 130) |
پوءِ اي نبي! صبر ڪر انهن ماڻهن جي ڳالهين تي، جيڪي هو ٺاهين ٿا ۽ حمد ۽ ثنا سان پنهنجي رب جي پاڪائي بيان ڪر اڳي سج نڪرڻ کان ۽ ان جي لهڻ کان به اڳي، ۽ هي ته رات جي وقتن ۾ به پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ ڏينهن جي ڪنارن تي به، ته شايد تون راضي ٿي وڃين |
وَلا تَمُدَّنَّ عَينَيكَ إِلىٰ ما مَتَّعنا بِهِ أَزوٰجًا مِنهُم زَهرَةَ الحَيوٰةِ الدُّنيا لِنَفتِنَهُم فيهِ وَرِزقُ رَبِّكَ خَيرٌ وَأَبقىٰ (آيت : 131) |
۽ ان شيءِ ڏي ٻئي اکيون کڻي تون ڪڏهن نه نهار (دنيا جي شان ڏي) جنهن سان اسان انهن مان ڪيترين جماعتن کي فائدو پهچايو دنيا جي حياتي ۾، ان لاءِ ته اسين انهن جو امتحان وٺون ۽ تنهنجي پاليندڙ جو ڏنل رزق گهڻو سٺو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي |
وَأمُر أَهلَكَ بِالصَّلوٰةِ وَاصطَبِر عَلَيها لا نَسـَٔلُكَ رِزقًا نَحنُ نَرزُقُكَ وَالعٰقِبَةُ لِلتَّقوىٰ (آيت : 132) |
۽ تلقين ڪر پنهنجي اهل عيال کي نماز جي ۽ پاڻ به پابند رهه انهيءَ جو، اسان توکان نٿا گهرون ڪو رزق، اسان ئي ته توکي رزق ڏئي رهيا آهيون ۽ عاقبت جي ڀلائي تقويٰ ۾ آهي |
وَقالوا لَولا يَأتينا بِـٔايَةٍ مِن رَبِّهِ أَوَلَم تَأتِهِم بَيِّنَةُ ما فِى الصُّحُفِ الأولىٰ (آيت : 133) |
۽ اهي چون ٿا ته هي شخص ڪابه نشاني (معجزو) پنهنجي رب جي طرفان ڇو نٿو آڻي؟ ۽ ڇا انهن وٽ پڌرو بيان اڳين صحيفن جي تعليم جو نه آيو آهي؟ |
وَلَو أَنّا أَهلَكنٰهُم بِعَذابٍ مِن قَبلِهِ لَقالوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ مِن قَبلِ أَن نَذِلَّ وَنَخزىٰ (آيت : 134) |
جي اسان کين ڪنهن عذاب سان هلاڪ ڪريون ها ان جي اچڻ کان اڳي، ته پوءِ اهي ئي چون ها ته اي اسان جا رب! تو اسان وٽ ڪوبه ڇو نه موڪليو رسول، ته اسان پيروي ڪريون ها تنهنجي آيتن جي ان کان اڳي ذليل ۽ خوار ٿيڻ کان |
قُل كُلٌّ مُتَرَبِّصٌ فَتَرَبَّصوا فَسَتَعلَمونَ مَن أَصحٰبُ الصِّرٰطِ السَّوِىِّ وَمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 135) |
اي نبي! انهن کي چؤ، هرڪو پڄاڻيءَ جي انتظار ۾ آهي سو هاڻي انتظار ڪريو، جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير سڌي راهه تي هلڻ وارا آهن ۽ ڪير هدايت وارا آهن؟ |