الم (آيت : 1) |
ال۬مّ۬ (الف ــ لام ــ ميم) |
ذٰلِكَ الكِتٰبُ لا رَيبَ فيهِ هُدًى لِلمُتَّقينَ (آيت : 2) |
هيءُ الله جو ڪتاب آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، هدايت آهي انهن پرهيزگار ماڻهن لاءِ |
الَّذينَ يُؤمِنونَ بِالغَيبِ وَيُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
جيڪي غيب تي ايمان آڻن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا، جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا |
وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَبِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ جيڪو ڪتاب توتي نازل ڪيو ويو آهي (يعني قرآن) ۽ جيڪي ڪتابَ توکان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا هئا، انهن سڀني تي ايمان آڻن ٿا ۽ آخرت تي يقين رکن ٿا |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اهڙا ماڻهو پنهنجي رب جي طرفان سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻڻ وارا آهن |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا سَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
جن ماڻهن (انهن ڳالهين جي مڃڻ کان) انڪار ڪيو، انهن لاءِ ته مڙيئي برابر آهي جو تون کين خبردار ڪرين يا کڻي نه به ڪرين، اهي مڃڻ وارا ئي ناهن |
خَتَمَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَعَلىٰ سَمعِهِم وَعَلىٰ أَبصٰرِهِم غِشٰوَةٌ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 7) |
الله انهن جي دلين ۽ انهن جي ڪنن تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ انهن جي اکين تي پردو پئجي ويو آهي ۽ اهي سخت سزا جي لائق آهن |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ وَبِاليَومِ الءاخِرِ وَما هُم بِمُؤمِنينَ (آيت : 8) |
ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جيڪي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي، پر حقيقت ۾ اهي مؤمن نه آهن |
يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَالَّذينَ ءامَنوا وَما يَخدَعونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 9) |
اهي دوکيبازي ٿا ڪن الله سان ۽ انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو آهي ، پر حقيقت ۾ اهي پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ انهن کي ان ڳالهه جو شعور ئي ناهي |
فى قُلوبِهِم مَرَضٌ فَزادَهُمُ اللَّهُ مَرَضًا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكذِبونَ (آيت : 10) |
انهن جي دلين ۾ هڪڙي بيماري آهي، جنهن کي الله اڃان به وڌائي ڇڏيو آهي ۽ جيڪو ڪوڙ هو هڻن ٿا ان جي بدلي ۾ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي |
وَإِذا قيلَ لَهُم لا تُفسِدوا فِى الأَرضِ قالوا إِنَّما نَحنُ مُصلِحونَ (آيت : 11) |
جڏهن به کين چيو ويو ته زمين ۾ فساد برپا نه ڪريو ته انهن اهوئي چيو ته اسان ته سڌارو آڻيندڙ آهيون |
أَلا إِنَّهُم هُمُ المُفسِدونَ وَلٰكِن لا يَشعُرونَ (آيت : 12) |
خبردار، حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو فسادي آهن پر انهن کي ڪو شعور ڪونهي |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا كَما ءامَنَ النّاسُ قالوا أَنُؤمِنُ كَما ءامَنَ السُّفَهاءُ أَلا إِنَّهُم هُمُ السُّفَهاءُ وَلٰكِن لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
۽ جڏهن به انهن کي چيو ويو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي، تيئن توهان به ايمان آڻيو ته انهن اهوئي جواب ڏنو ته ڇا اسان به بيوقوفن وانگر ايمان آڻيون؟ خبردار! حقيقت ۾ ته اهي پاڻ بيوقوف آهن، مگر اهي نٿا ڄاڻن |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا إِلىٰ شَيٰطينِهِم قالوا إِنّا مَعَكُم إِنَّما نَحنُ مُستَهزِءونَ (آيت : 14) |
۽ جڏهن اهي ايمان وارن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو آهي ۽ جڏهن اڪيلائيءَ ۾ پنهنجن شيطانن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اصل ۾ ته اسين توهان سان ئي آهيون ۽ انهن ماڻهن سان رڳو مسخري ٿا ڪريون |
اللَّهُ يَستَهزِئُ بِهِم وَيَمُدُّهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 15) |
الله ٿو انهن سان چرچو ڪري ۽ پيو ٿو انهن کي ڊگهو رسو ڏئي ۽ اهي پنهنجي سرڪشيءَ ۾ وتن ٿا انڌن وانگر ڀٽڪندا |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ فَما رَبِحَت تِجٰرَتُهُم وَما كانوا مُهتَدينَ (آيت : 16) |
اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت جي بدلي گمراهي خريد ڪري ورتي آهي پر اهو سودو انهن لاءِ لاڀائتو نه ٿيو ۽ اهي ته سڌيءَ واٽ تي آهن ئي ڪونه |
مَثَلُهُم كَمَثَلِ الَّذِى استَوقَدَ نارًا فَلَمّا أَضاءَت ما حَولَهُ ذَهَبَ اللَّهُ بِنورِهِم وَتَرَكَهُم فى ظُلُمٰتٍ لا يُبصِرونَ (آيت : 17) |
انهن جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ باهه ٻاري ۽ جڏهن انهيءَ ڀرپاسي کي روشن ڪري ڇڏيو ته الله انهن جي اکين جي ديد کسي ورتي ۽ انهن کي اهڙيءَ حالت ۾ ڇڏي ڏنائين، جو اونداهين ۾ کين ڪجهه به نظر نٿو اچي |
صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَرجِعونَ (آيت : 18) |
اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، اهي هاڻي واپس نه ورندا |
أَو كَصَيِّبٍ مِنَ السَّماءِ فيهِ ظُلُمٰتٌ وَرَعدٌ وَبَرقٌ يَجعَلونَ أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم مِنَ الصَّوٰعِقِ حَذَرَ المَوتِ وَاللَّهُ مُحيطٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 19) |
يا وري انهن جو مثال کڻي هيئن سمجهو ته آسمان مان ڏاڍو مينهن پيو پوي، جنهن ۾ اوندهه انڌوڪار ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ به آهي. اهي وڄ جا ڪڙڪا ٻڌي پنهنجي ساهه جي خوف کان ڪنن ۾ آڱريون ٿا وجهن ۽ الله انهن حق جي منڪرن کي چؤڌاري گهيرو ڪري ورتو آهي |
يَكادُ البَرقُ يَخطَفُ أَبصٰرَهُم كُلَّما أَضاءَ لَهُم مَشَوا فيهِ وَإِذا أَظلَمَ عَلَيهِم قاموا وَلَو شاءَ اللَّهُ لَذَهَبَ بِسَمعِهِم وَأَبصٰرِهِم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
کنوڻ جي چمڪاٽن جي ڪري انهن جي اهڙي حالت آهي ڄڻڪه اجهو ٿي اها سٽ ڏيئي سندن ديد کسي وٺي. جڏهن ڪجهه روشني کين محسوس ٿـئي ٿي ته ان ۾ ٿورڙو هلي وٺن ٿا ۽ جڏهن مٿن اونداهي ٿي وڃي ٿي ته بيهي رهن ٿا ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ صفا کسي وٺي ها، بيشڪ الله سڀ شيءِ تي وس وارو آهي |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اعبُدوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم وَالَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 21) |
اي انسانؤ! ٻانهپ اختيار ڪريو پنهنجي ان رب جي، جيڪو توهان جو به ۽ توهان کان اڳي ٿي گذريل ماڻهن، سڀني جو خالق آهي، ته مــَـنَ ڪو ائين توهان جو بچاءُ ٿئي |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ فِرٰشًا وَالسَّماءَ بِناءً وَأَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجَ بِهِ مِنَ الثَّمَرٰتِ رِزقًا لَكُم فَلا تَجعَلوا لِلَّهِ أَندادًا وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 22) |
اهوئي ته آهي، جنهن توهان لاءِ زمين جو فرش وڇايو ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ مٿان پاڻي وسايو، پوءِ ان سان هر قسم جي پيداوار اُپائي توهان لاءِ رزق مهيا ڪيو، پوءِ جڏهن توهان ڄاڻو به ٿا ته پوءِ ٻين کي الله جو مــَـٽُ نه بڻايو |
وَإِن كُنتُم فى رَيبٍ مِمّا نَزَّلنا عَلىٰ عَبدِنا فَأتوا بِسورَةٍ مِن مِثلِهِ وَادعوا شُهَداءَكُم مِن دونِ اللَّهِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏهن توهان کي ان ڳالهه ۾ شڪ آهي ته اهو ڪتاب جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي لاٿو آهي اهو اسان جو آهي يا نه؟ ته انهيءَ جهڙي هڪڙي ئي سورة ته ٺاهي اچو، پنهنجن سڀني مددگارن کي ڀل سڏي وٺو، هڪڙي الله کي ڇڏي باقي جنهن جي وڻيوَ مدد وٺو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته ائين ڪري ڏيکاريو |
فَإِن لَم تَفعَلوا وَلَن تَفعَلوا فَاتَّقُوا النّارَ الَّتى وَقودُهَا النّاسُ وَالحِجارَةُ أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 24) |
پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ۽ پڪ ئي پڪ ڪڏهن به نه ڪري سگهندؤ! ته پوءِ ڊڄو انهيءَ باهه کان جنهن جو ٻارڻ بڻبا ماڻهو ۽ پٿر، جيڪا تيار ڪئي وئي آهي، حق جي منڪرن لاءِ |
وَبَشِّرِ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أَنَّ لَهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ كُلَّما رُزِقوا مِنها مِن ثَمَرَةٍ رِزقًا قالوا هٰذَا الَّذى رُزِقنا مِن قَبلُ وَأُتوا بِهِ مُتَشٰبِهًا وَلَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَهُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 25) |
جيڪي ماڻهو هن ڪتاب تي ايمان آڻين ۽ (ان موجب) پنهنجا عمل ٺيڪ ڪن، انهن کي خوشخبري ڏيئي ڇڏ ته انهن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، انهن باغن جا ميوا شڪل ۾ دنيا جي ميون جهڙا لڳندا. جڏهن به ڪو ميوو کين کائڻ لاءِ ڏنو ويندو ته هو چوندا ته اهڙائي ميوا ته هن کان اڳ دنيا ۾ به اسانکي ڏنا ويندا هئا. انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ هو اتي هميشه رهندا |
إِنَّ اللَّهَ لا يَستَحيۦ أَن يَضرِبَ مَثَلًا ما بَعوضَةً فَما فَوقَها فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا فَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَيَقولونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا يُضِلُّ بِهِ كَثيرًا وَيَهدى بِهِ كَثيرًا وَما يُضِلُّ بِهِ إِلَّا الفٰسِقينَ (آيت : 26) |
بيشڪ الله انهيءَ کان ڪوبه حجاب نٿو ڪري جو مڇر يا ان کان به خسيس شيءِ جو مثال ڏئي، جيڪي ماڻهو حق جي ڳالهه قبول ڪرڻ وارا آهن، اهي انهن مثالن کي ڏسي ڄاڻي وٺن ٿا ته اهو حق آهي، جيڪو سندن رب طرفان آيو آهي ۽ جيڪي مڃيندڙ نه آهن، اهي انهن کي ٻڌي چون ٿا ته اهڙن مثالن سان الله جو ڪهڙو ڪم؟ ان نموني ۾ الله ساڳيءَ ڳالهه سان گهڻن کي گمراهيءَ ۾ ٿو وجهي ته گهڻن کي سنئين واٽ ٿو ڏيکاري ۽ ان وسيلي گمراهيءَ ۾ هو انهن کي ئي وجهندو آهي، جيڪي فاسق هوندا آهن |
الَّذينَ يَنقُضونَ عَهدَ اللَّهِ مِن بَعدِ ميثٰقِهِ وَيَقطَعونَ ما أَمَرَ اللَّهُ بِهِ أَن يوصَلَ وَيُفسِدونَ فِى الأَرضِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 27) |
(اهي) الله جي عهد کي مضبوطيءَ سان ڳنڍڻ کان پوءِ ٽوڙي ٿا ڇڏين ۽ الله جنهن کي ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇني ٿا ڇڏين ۽ زمين ۾ فساد ٿا برپا ڪن، حقيقت ۾ اهي ئي ماڻهو ٽوٽي ۾ پوندڙ آهن |
كَيفَ تَكفُرونَ بِاللَّهِ وَكُنتُم أَموٰتًا فَأَحيٰكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يُحييكُم ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 28) |
توهان الله سان ڪيئن ٿا ڪفر ڪريو؟ حالانڪه توهان بنا حياتيءَ جي هيؤ، هن توهان کي حياتي عطا ڪئي، پوءِ اهوئي توهان جو ساهه ڪڍندو، وري اهوئي توهان کي ٻيهر جيئاريندو ۽ پوءِ ڏانهس ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي |
هُوَ الَّذى خَلَقَ لَكُم ما فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ فَسَوّىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰوٰتٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 29) |
اهوئي ته آهي، جنهن توهان لاءِ زمين جون سموريون شيون پيدا ڪيون آهن، پوءِ مٿي ڌيان ڏنائين ۽ ست آسمان کڙا ڪري ڇڏيائين ۽ هن کي هر شيءِ جو علم آهي |
وَإِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى جاعِلٌ فِى الأَرضِ خَليفَةً قالوا أَتَجعَلُ فيها مَن يُفسِدُ فيها وَيَسفِكُ الدِّماءَ وَنَحنُ نُسَبِّحُ بِحَمدِكَ وَنُقَدِّسُ لَكَ قالَ إِنّى أَعلَمُ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 30) |
۽ (ڪجهه انهيءَ وقت جو تصور ڪر) جڏهن تنهنجي رب فرشتن کي پئي چيو ته "مان زمين ۾ هڪڙو خليفو بنائڻ وارو آهيان." انهن عرض ڪيو: "ڇا تون زمين ۾ ڪنهن اهڙي کي مقرر ڪرڻ وارو آهين، جيڪو ان جي انتظام ۾ خلل وجهندو ۽ رتوڇاڻ ڪندو، تنهنجي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ۽ تو لاءِ پاڪائي ته اسان بيان ڪريون پيا". فرمايائين: "جيڪي مان ڄاڻان ٿو سو توهان نٿا ڄاڻو" |
وَعَلَّمَ ءادَمَ الأَسماءَ كُلَّها ثُمَّ عَرَضَهُم عَلَى المَلٰئِكَةِ فَقالَ أَنبِـٔونى بِأَسماءِ هٰؤُلاءِ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 31) |
پوءِ الله، آدم کي سڀني شين جا نالا سيکاريا، پوءِ انهن کي فرشتن جي آڏو پيش ڪيائين ۽ فرمايائين: "جيڪڏهن توهان جو خيال صحيح آهي (ته ڪنهن خليفي مقرر ڪرڻ سان انتظام ۾ خلل پوندو) ته پوءِ ڀلا انهن شين جا نالا ٻڌايو" |
قالوا سُبحٰنَكَ لا عِلمَ لَنا إِلّا ما عَلَّمتَنا إِنَّكَ أَنتَ العَليمُ الحَكيمُ (آيت : 32) |
انهن عرض ڪيو: "اوڻاين کان پاڪ ته تنهنجي ئي ذات آهي، اسان کي ته بس ايترو ئي علم آهي، جيترو تو اسان کي ڏنو آهي، حقيقت ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، (داناءُ ۽) حڪمت جو صاحب توکان سواءِ ٻيو ڪوبه نه آهي" |
قالَ يٰـٔادَمُ أَنبِئهُم بِأَسمائِهِم فَلَمّا أَنبَأَهُم بِأَسمائِهِم قالَ أَلَم أَقُل لَكُم إِنّى أَعلَمُ غَيبَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَأَعلَمُ ما تُبدونَ وَما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 33) |
پوءِ الله، آدم کي چيو: "تون کين انهن شين جا نالا ٻڌاءِ ". جڏهن هــُـن کين انهن سڀني شين جا نالا ٻڌايا ته الله فرمايو، "مان توهان کي چيو نه هو ته مان آسمانن ۽ زمين جون اهي سموريون حقيقتون ڄاڻان ٿو جيڪي توهان کان لڪل آهن، جيڪي توهان ظاهر ڪريو ٿا اهو به مون کي معلوم آهي ۽ جيڪي توهان لڪايو ٿا اهو به مان ڄاڻان ٿو" |
وَإِذ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ أَبىٰ وَاستَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 34) |
پوءِ جڏهن اسان ملائڪن کي حڪم ڏنو ته آدم جي آڏو جهڪي پئو ته سڀئي جهڪي ويا مگر ابليس (شيطان) انڪار ڪيو، هو پنهنجي وڏائيءَ ۽ هــَـٺ ۾ پئجي ويو ۽ بي فرمانن ۾ شامل ٿي ويو |
وَقُلنا يٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ وَكُلا مِنها رَغَدًا حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 35) |
پوءِ اسان آدم کي چيو ته "تون ۽ تنهنجي زال ٻئي جنت ۾ رهو ۽ هتي مزي سان جيڪي به وڻيوَ سو کائو پر هن وڻ ڏي نه وڃجو، نه ته ظالمن مان ليکيا ويندؤ" |
فَأَزَلَّهُمَا الشَّيطٰنُ عَنها فَأَخرَجَهُما مِمّا كانا فيهِ وَقُلنَا اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 36) |
نيٺ شيطان انهن ٻنهي کي انهيءَ (وڻ) ڏي ريهي اسان جي حڪم (جي تابعداريءَ) کان ٿيـڙي ڇڏيو ۽ کين انهيءَ (حالت) مان ڪڍرائي ڇڏيو جنهن ۾ هو هئا. اسان حڪم ڏنو: "هاڻي توهان سڀئي هتان لهي وڃو، توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زمين ۾ رهڻو ۽ زندگي گذارڻي آهي". |
فَتَلَقّىٰ ءادَمُ مِن رَبِّهِ كَلِمٰتٍ فَتابَ عَلَيهِ إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 37) |
تڏهن آدم پنهنجي رب کان ڪي جملا سکي توبــهه ڪئي، جنهن کي سندس رب قبول ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
قُلنَا اهبِطوا مِنها جَميعًا فَإِمّا يَأتِيَنَّكُم مِنّى هُدًى فَمَن تَبِعَ هُداىَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 38) |
اسان چيو ته: "توهان سڀئي هتان لهي وڃو، پوءِ جي منهنجي طرفان ڪا هدايت توهان وٽ پهچي ته جيڪي ماڻهو منهنجي انهيءَ هدايت جي پيروي ڪندا انهن لاءِ ڪنهن به خوف ۽ رنج جي ڪا ڳالهه نه هوندي. |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪي ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانئيندا، اهي باهه ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن، جتي هو هميشه رهندا. |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَوفوا بِعَهدى أوفِ بِعَهدِكُم وَإِيّٰىَ فَارهَبونِ (آيت : 40) |
اي بني اسرائيلؤ! ڪو ته ڌيان ڌريو منهنجي اُنهيءَ نعمت ڏي، جيڪا مون توهان کي عطا ڪئي هئي. مون سان ڪيل پنهنجو وعدو توهان پاڙيو ته توهان سان ڪيل پنهنجو وعدو مان پاڙيان ۽ مون کان ئي ڊڄندا ڪريو |
وَءامِنوا بِما أَنزَلتُ مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم وَلا تَكونوا أَوَّلَ كافِرٍ بِهِ وَلا تَشتَروا بِـٔايٰتى ثَمَنًا قَليلًا وَإِيّٰىَ فَاتَّقونِ (آيت : 41) |
۽ مون جيڪو ڪتاب موڪليو آهي، ان تي ايمان آڻيو. اهو انهيءَ ڪتاب جي تائيد ۾ آهي، جيڪو توهان وٽ اڳيئي موجود هو، تنهنڪري سڀ کان پهريائين توهان ئي ان جا منڪر نه بڻجي وڃو. ٿورڙي قيمت تي منهنجي آيتن کي نه وڪڻي ڇڏيو ۽ منهنجي غضب کان بچو |
وَلا تَلبِسُوا الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمُوا الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 42) |
۽ باطل جو رنگ چاڙهي حق کي شڪ ۾ نه وجهو، نڪي ڄاڻي واڻي حق کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريو |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَاركَعوا مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
۽ نماز قائم ڪريو، زڪواة ادا ڪريو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجي آڏو جهڪن ٿا، انهن سان گڏجي توهان به جهڪندا ڪريو |
أَتَأمُرونَ النّاسَ بِالبِرِّ وَتَنسَونَ أَنفُسَكُم وَأَنتُم تَتلونَ الكِتٰبَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 44) |
ڇا توهان ٻين کي نيڪيءَ واري واٽ وٺڻ لاءِ چئو ٿا پر پنهنجو پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو؟ حالانڪه توهان ڪتاب جي تلاوت به ڪريو ٿا، ڇا توهان عقل کان اصلي ڪم نٿا وٺو؟ |
وَاستَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ وَإِنَّها لَكَبيرَةٌ إِلّا عَلَى الخٰشِعينَ (آيت : 45) |
پوءِ صبر ۽ نماز کان مدد وٺو. بيشڪ نماز ڏاڍو اوکو ڪم آهي پر انهن فرمانبردار بندن لاءِ ڏکي ناهي |
الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقوا رَبِّهِم وَأَنَّهُم إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 46) |
جيڪي سمجهن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي رب سان ملڻو ۽ ڏانهس ئي موٽي هلڻو آهي |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 47) |
اي بني اسرائيلؤ! ياد ڪريو منهنجيءَ ان نعمت کي جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ انهيءَ ڳالهه کي به ته مان توهان کي دنيا جي سمورين قومن تي فضيلت عطا ڪئي هئي |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها شَفٰعَةٌ وَلا يُؤخَذُ مِنها عَدلٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 48) |
۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن ڪوبه ڪنهن جي ڪم نه اچي سگهندو، نه ڪنهن کان ڪا سفارش قبول ڪئي ويندي ۽ نه ڪو ڪنهن کان عيوضو وٺي ڇڏي ڏنو ويندو ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي |
وَإِذ نَجَّينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُذَبِّحونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 49) |
ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان توهان کي فرعونين جي غلاميءَ کان ڇڏائي آزاد ڪيو. انهن توهان کي سخت عذاب ۾ وجهي ڇڏيو هو. توهان جي پٽن کي ڪهي ڇڏيندا هئا ۽ توهان جون ڇوڪريون جيئريون ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ڳالهه ۾ توهان جي رب جي پاران توهان جي وڏي آزمائش هئي |
وَإِذ فَرَقنا بِكُمُ البَحرَ فَأَنجَينٰكُم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 50) |
ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان سمنڊ کي چيري توهان لاءِ رستو بڻايو، پوءِ ان مان توهان کي صحيح سلامت اُڪاري پار ڪيوسين ۽ وري اتي ئي توهان جي اکين آڏو فرعونين کي ٻوڙي ڇڏيوسين |
وَإِذ وٰعَدنا موسىٰ أَربَعينَ لَيلَةً ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 51) |
ياد ڪريو جڏهن اسان موسيٰ کي چاليهن راتين جي ٻولي ڪري گهرايو ته سندس پٺيان توهان گابي کي پنهنجو معبود بڻايو، انهيءَ وقت توهان ليڪو لنگهي بيٺا هئا |
ثُمَّ عَفَونا عَنكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 52) |
پر تڏهن به اسان توهان کي معاف ڪري ڇڏيو ته مــَـنَ هاڻي ڪو توهان شڪرگذار بڻجي وڃو |
وَإِذ ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَالفُرقانَ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 53) |
ياد ڪريو ته (انهيءَ وقت جڏهن توهان اهو ظلم ڪري رهيا هئا) اسان موسيٰ کي ڪتاب ۽ فرقان (حق ۽ ناحق کي پرکڻ واري ڪسوٽي) عطا ڪيو ته جيئن توهان ان جي وسيلي سڌو رستو لهي سگهو |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ إِنَّكُم ظَلَمتُم أَنفُسَكُم بِاتِّخاذِكُمُ العِجلَ فَتوبوا إِلىٰ بارِئِكُم فَاقتُلوا أَنفُسَكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم عِندَ بارِئِكُم فَتابَ عَلَيكُم إِنَّهُ هُوَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 54) |
ياد ڪريو جڏهن موسيٰ (اها نعمت کڻي واپس آيو ته ان) پنهنجي قوم کي چيو ته، "اي قوم وارؤ! توهان گابي کي معبود بڻائي پنهنجي مٿان وڏو ظلم ڪيو آهي، تنهنڪري توهان پنهنجي خالق جي بارگاهه ۾ توبهه ڪريو ۽ پنهنجي جانين کي قتل ڪريو، انهيءَ ۾ توهان جي خالق وٽ توهان لاءِ ڀلائي آهي". ان وقت توهان جي خالق توهان جي توبهه قبول ڪئي جو هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نُؤمِنَ لَكَ حَتّىٰ نَرَى اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتكُمُ الصّٰعِقَةُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 55) |
ياد ڪريو جڏهن توهان موسيٰ کي چيو ته، "اسان تنهنجي چوڻ تي ڪڏهن به پــَـتِ نه ڪنداسون جيستائين پنهنجي اکين سان الله کي (توسان ڳالهائيندي) نه ڏسون". انهيءَ وقت توهان جي ڏسندي ڏسندي هڪڙي زبردست ڌڌڪي توهان کي پڪڙيو |
ثُمَّ بَعَثنٰكُم مِن بَعدِ مَوتِكُم لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 56) |
توهان بي ساها ٿي ڪري پيؤ پر پوءِ اسان توهان کي جيئاري کڙو ڪيو ته مــَـنَ ان احسان کانپوءِ توهان شڪرگذار ٿيو |
وَظَلَّلنا عَلَيكُمُ الغَمامَ وَأَنزَلنا عَلَيكُمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 57) |
اسان توهان تي ڪـَـڪـَـرن جي ڇانوَ ڪئي. من ۽ سلويٰ جو کاڌو توهان لاءِ مهيا ڪيو ۽ توهان کي چيو ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان کي ڏنيون آهن، اهي کائو پر توهان جي وڏن جيڪي ڪجهه ڪيو هو، اهو اسان تي ظلم نه هو، پر انهن پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو هو |
وَإِذ قُلنَا ادخُلوا هٰذِهِ القَريَةَ فَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم رَغَدًا وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقولوا حِطَّةٌ نَغفِر لَكُم خَطٰيٰكُم وَسَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
وري ياد ڪريو جڏهن اسان چيو هو ته، "هن ڳوٺ ۾ جيڪو توهان جي سامهون آهي، داخل ٿي وڃو. ان جي پيداوار جيئن وڻيوَ مزي سان کائو پر ڳوٺ جي دروازي ۾ سجدو ڪندي داخل ٿجو ۽ چوندا وڃجو: "حطـة حطة"، اسان توهان جون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسون ۽ نيڪ عملن وارن کي اڃان به وڌيڪ فضل ۽ ڪرم سان نوازينداسون“ |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَنزَلنا عَلَى الَّذينَ ظَلَموا رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 59) |
پر جيڪا ڳالهه چيل هين ظالمن ان کي مٽائي بنهه ٻيءَ طرح ڪري ڇڏيو. نيٺ اسان ظلم ڪندڙن تي آسمان کان عذاب نازل ڪيو. اها هئي سزا انهن بي فرمانين جي جيڪي هو ڪندا هئا |
وَإِذِ استَسقىٰ موسىٰ لِقَومِهِ فَقُلنَا اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانفَجَرَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم كُلوا وَاشرَبوا مِن رِزقِ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 60) |
ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻيءَ واسطي دعا گهري ته اسان (کيس) چيو ته فلاڻيءَ ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هڻ، اهڙيءَ ريت ان مان ٻارنهن چشما وهي نڪتا ۽ هر قبيلي سڃاڻي ورتو ته ڪهڙي جاءِ سندس پاڻي وٺڻ جي آهي (ان وقت اها هدايت ڪئي وئي هئي ته) الله جو ڏنل رزق کائو پيئو ۽ زمين ۾ فساد نه پکيڙيندا وتو |
وَإِذ قُلتُم يٰموسىٰ لَن نَصبِرَ عَلىٰ طَعامٍ وٰحِدٍ فَادعُ لَنا رَبَّكَ يُخرِج لَنا مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ مِن بَقلِها وَقِثّائِها وَفومِها وَعَدَسِها وَبَصَلِها قالَ أَتَستَبدِلونَ الَّذى هُوَ أَدنىٰ بِالَّذى هُوَ خَيرٌ اهبِطوا مِصرًا فَإِنَّ لَكُم ما سَأَلتُم وَضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ وَالمَسكَنَةُ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ الحَقِّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 61) |
ياد ڪريو جڏهن توهان چيو ته، "اي موسيٰ! اسان هڪڙي ئي قسم جي کاڌي تي ٽڪاءُ نٿا ڪري سگهون، پنهنجي رب کي ٻاڏاءِ ته اسان لاءِ زمين مان پيدا ٿيل ساڳ، سائي ڀاڄي، ڪڻڪ، ٿوم، دال ۽ بصر جهڙيون شيون پيدا ڪري". ته موسيٰ چين: "ڇا ڀلين شين جي بدلي ادنيٰ شيون وٺڻ ٿا گهرو؟ چڱو ته پوءِ ڪنهن شهر ۾ وڃي رهو، جيڪي گهرو ٿا، اتيئي ملندوَ". نيٺ ڳالهه اتي وڃي پهتي جو مٿن ذلت ۽ خواري ۽ ڏتـڙيل حالت ۽ سڃائي مڙهجي وئي ۽ هو الله جي غضب جي وَر چڙهي ويا. اهو ان ڳالهه جو نتيجو هو جو هو الله جي آيتن کان انڪار (ڪفر) ڪرڻ لڳا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪرڻ لڳا هئا، اهو نتيجو هو سندن نافرمانين جو ۽ انهيءَ ڳالهه جو ته هو شريعت جي حدن کان نڪرندا رهندا هئا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هادوا وَالنَّصٰرىٰ وَالصّٰبِـٔينَ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 62) |
پڪ ڄاڻو ته نبي عربيءَ کي مڃڻ وارا هجن يا يهودي، عيسائي هجن يا صابي، جيڪو به الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو، ان جو اجر سندس رب وٽ آهي ۽ ان لاءِ ڪنهن به خوف توڙي ڏک جي ڪابه ڳالهه ڪانهي |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 63) |
ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اسان طور کي توهان تي کڙو ڪري توهان کان پڪو وعدو ورتو هو ۽ چيو هو ته، "جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏيئي رهيا آهيون ان کي قابو ڪري جهلجو ۽ جيڪي حڪم ۽ هدايتون ان ۾ ڄاڻايل آهن انهن کي ياد رکجو، ائين ئي اميد ڪري سگهجي ٿي ته توهان تقويٰ واري هلت هلندؤ" |
ثُمَّ تَوَلَّيتُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَكُنتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 64) |
پر پوءِ توهان پنهنجي وعدي کان ڦري ويؤ. ان هوندي به الله جي فضل ۽ سندس رحمت توهان کي ڇڏي نه ڏنو، نه ته توهان ته ڪڏهوڪو تباهه ٿي وڃو ها |
وَلَقَد عَلِمتُمُ الَّذينَ اعتَدَوا مِنكُم فِى السَّبتِ فَقُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 65) |
پوءِ توهان کي پنهنجي قوم جي انهن ماڻهن جو قصو ته معلوم آهي جن "سبت" وارو قانون ڀڳو هو، اسان انهن کي چيو ته باندر بڻجي وڃو ۽ ائين ٿي رهو جو هر طرف کان توهان تي پئي ڦٽڪار وسي |
فَجَعَلنٰها نَكٰلًا لِما بَينَ يَدَيها وَما خَلفَها وَمَوعِظَةً لِلمُتَّقينَ (آيت : 66) |
اهڙيءَ طرح اسان انهن سان ڪيل واقعي کي ان زماني جي ماڻهن توڙي ايندڙ نسلن لاءِ عبرت ۽ ڊڄندڙن لاءِ نصيحت بڻائي ڇڏيو |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تَذبَحوا بَقَرَةً قالوا أَتَتَّخِذُنا هُزُوًا قالَ أَعوذُ بِاللَّهِ أَن أَكونَ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 67) |
پوءِ وري اهو واقعو ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته "الله توهان کي هڪڙي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ٿو ڏئي". چوڻ لڳا: "ڇا تون اسان سان چرچا ٿو ڪرين؟" موسيٰ چين: "مان ان ڳالهه کان الله جي پناهه ٿو گهران جو جاهلن واريون ڳالهيون ڪريان" |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا فارِضٌ وَلا بِكرٌ عَوانٌ بَينَ ذٰلِكَ فَافعَلوا ما تُؤمَرونَ (آيت : 68) |
چيائون: "چڱو پنهنجي رب کي ٻاڏاءِ ته هو اسان کي انهيءَ ڳئونءَ جو ڪجهه تفصيل ٻڌائي"، موسيٰ چين: "الله جو چوڻ آهي ته اها اهڙي ڳئون هئڻ گهرجي، جيڪا نه ڪراڙي هجي ۽ نڪي جوان، پر وچولي عمر جي هجي، تنهنڪري جيئن توهان کي حڪم ڪيو پيو وڃي ان تي عمل ڪريو" |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما لَونُها قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ صَفراءُ فاقِعٌ لَونُها تَسُرُّ النّٰظِرينَ (آيت : 69) |
وري چوڻ لڳا ته، "پنهنجي رب کان اهو به پڇي ٻڌاءِ ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي". موسيٰ چيو: "هو فرمائي ٿو ته هيڊي رنگ جي ڳئون هجي، جنهن جو رنگ اهڙو چٽو هجي جو ڏسڻ وارن کي موهي وجهي" |
قالُوا ادعُ لَنا رَبَّكَ يُبَيِّن لَنا ما هِىَ إِنَّ البَقَرَ تَشٰبَهَ عَلَينا وَإِنّا إِن شاءَ اللَّهُ لَمُهتَدونَ (آيت : 70) |
وري چوڻ لڳا: "پنهنجي رب کان چٽو ڪري پڇي ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڳئون گهربل آهي، اسان کي ان جي سڃاڻڻ ۾ مونجهارو ٿي پيو آهي، الله گهريو ته اسان ان جو پتو لهي وٺنداسون" |
قالَ إِنَّهُ يَقولُ إِنَّها بَقَرَةٌ لا ذَلولٌ تُثيرُ الأَرضَ وَلا تَسقِى الحَرثَ مُسَلَّمَةٌ لا شِيَةَ فيها قالُوا الـٰٔنَ جِئتَ بِالحَقِّ فَذَبَحوها وَما كادوا يَفعَلونَ (آيت : 71) |
موسيٰ جواب ڏنن ته "الله چوي ٿو ته اها اهڙي ڳئون آهي جيڪا ڪم ۾ وهايل نه آهي، نڪي زمين ٿي کيڙي ۽ نه پاڻي ٿي ڪڍي، صحيح سالم ۽ هر قسم جي داغ کان آجي آهي". اهو ٻڌي چيائون ته "ها، هاڻي تو ٺيڪ پتو ڏنو آهي". پوءِ ان کي ڪٺائون، نه ته هو ته ائين ڪرڻ وارا نه ٿي لڳا |
وَإِذ قَتَلتُم نَفسًا فَادّٰرَءتُم فيها وَاللَّهُ مُخرِجٌ ما كُنتُم تَكتُمونَ (آيت : 72) |
۽ توهان کي ياد آهي اهو واقعو جڏهن توهان هڪڙي ماڻهوءَ جو خون ڪيو هو، پوءِ وري ان بابت جهيڙو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي قتل جو الزام هڻڻ لڳا ۽ الله فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جيڪي ڪجهه لڪايو ٿا، انهيءَ کي کولي پڌرو ڪندو |
فَقُلنَا اضرِبوهُ بِبَعضِها كَذٰلِكَ يُحىِ اللَّهُ المَوتىٰ وَيُريكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 73) |
ان وقت اسان حڪم ڏنو ته قتل ٿيل جي لاش کي ان (ڳئونءَ) جي ڪنهن حـصي (گوشت ٽڪر) سان ڌڪ هڻو، ڏسو! اهڙيءَ ريت الله مئلن کي جيئاريندو آهي ۽ توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو ته مــَـنَ توهان سمجهه ڌاريو |
ثُمَّ قَسَت قُلوبُكُم مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَهِىَ كَالحِجارَةِ أَو أَشَدُّ قَسوَةً وَإِنَّ مِنَ الحِجارَةِ لَما يَتَفَجَّرُ مِنهُ الأَنهٰرُ وَإِنَّ مِنها لَما يَشَّقَّقُ فَيَخرُجُ مِنهُ الماءُ وَإِنَّ مِنها لَما يَهبِطُ مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 74) |
پر پوءِ اهڙيون نشانيون ڏسڻ کان بعد به توهان جون دليون سخت ٿي ويون، پٿرن جهڙيون سخت يا سختيءَ ۾ انهن کان به اڃان ڪجهه وڌيڪ، ڇو جو پٿرن مان ڪو اهڙو به هوندو آهي، جنهن مان چشما ڦاٽي نڪرندا آهن ۽ ڪو ڦاٽي پوندو آهي ۽ ان مان پاڻي نڪري ايندو آهي ۽ ڪو وري الله جي خوف کان ڪنبي ڪري پوندو آهي، الله توهان جي ڪرتوتن کان بي خبر نه آهي |
أَفَتَطمَعونَ أَن يُؤمِنوا لَكُم وَقَد كانَ فَريقٌ مِنهُم يَسمَعونَ كَلٰمَ اللَّهِ ثُمَّ يُحَرِّفونَهُ مِن بَعدِ ما عَقَلوهُ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
اي مسلمانؤ! ڇا هاڻي اهڙن ماڻهن کان توهان کي اها اميد آهي ته توهان جي دعوت تي ايمان آڻيندا، حالانڪه انهن مان هڪڙي ٽولي جي ريت ته اها رهي آهي ته الله جو ڪلام ٻڌائون ۽ پوءِ چڱيءَ طرح سوچي سمجهي ڄاڻي واڻي ان ۾ تحريف (ڦيرڦار) ڪيائون |
وَإِذا لَقُوا الَّذينَ ءامَنوا قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلا بَعضُهُم إِلىٰ بَعضٍ قالوا أَتُحَدِّثونَهُم بِما فَتَحَ اللَّهُ عَلَيكُم لِيُحاجّوكُم بِهِ عِندَ رَبِّكُم أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 76) |
(محمد رسول الله تي) ايمان آڻيندڙن سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان به ان کي مڃيون ٿا ۽ جڏهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان خلاصا ٿي ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا ته چون ٿا ته سمجهه ڇڏي وئي اٿوَ ڇا؟ انهن سان اهي ڳالهيون اوريو ٿا، جيڪي الله توهان تي کولي ڇڏيون آهن ته جيئن توهان جي رب وٽ توهان جي مقابلي ۾ انهن کي حجت طور پيش ڪن؟ |
أَوَلا يَعلَمونَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 77) |
ڇا ڀلا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪو ڪجهه اهي لڪائن ٿا ۽ جيڪو ڪجهه ظاهر ڪن ٿا الله کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي |
وَمِنهُم أُمِّيّونَ لا يَعلَمونَ الكِتٰبَ إِلّا أَمانِىَّ وَإِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 78) |
انهن مان هڪڙو ٻيو ٽولو وري اڻ پڙهيلن جو آهي، جن کي ڪتاب جو علم ته ڪونهي، رڳو پنهنجي اجاين ســَـڌن ۽ اميدن کي کنيو ويٺا آهن ۽ پيا ٿا خالي انومان ڪڍن |
فَوَيلٌ لِلَّذينَ يَكتُبونَ الكِتٰبَ بِأَيديهِم ثُمَّ يَقولونَ هٰذا مِن عِندِ اللَّهِ لِيَشتَروا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَوَيلٌ لَهُم مِمّا كَتَبَت أَيديهِم وَوَيلٌ لَهُم مِمّا يَكسِبونَ (آيت : 79) |
پوءِ تباهي ۽ بربادي آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجن هٿن سان شريعت جو لکيو لکن ٿا، پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته اهو الله وٽان آيو آهي تانته ان جي بدلي ڪو ٿورڙو فائدو حاصل ڪري وٺن، سندن هٿن جو اهو لکيو به انهن لاءِ تباهيءَ جو ڪارڻ آهي ۽ سندن اها ڪمائي به انهن لاءِ برباديءَ جو سبب بڻبي |
وَقالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودَةً قُل أَتَّخَذتُم عِندَ اللَّهِ عَهدًا فَلَن يُخلِفَ اللَّهُ عَهدَهُ أَم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 80) |
اهي چون ٿا ته دوزخ جي باهه ته اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي، نه ته به کڻي ڪن ڳاڻ ڳڻين ڏينهن جي سزا ملي ته ملي. پڇين ته توهان الله کان ڪو وعدو وٺي ڇڏيو آهي ڇا، جو اهو ان جي ابتـڙ نه ڪندو؟ يا وري ڳالهه اها آهي ته الله جي کاتي ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿا وجهو، جن بابت توهان کي ڪا خبر ئي ڪانهي ته الله انهن جو ذمو کنيو آهي يا نه؟ |
بَلىٰ مَن كَسَبَ سَيِّئَةً وَأَحٰطَت بِهِ خَطيـَٔتُهُ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 81) |
ڀلا توهان کي دوزخ جي باهه ڇونه ڇهندي؟ جيڪو به بــَـدي ڪمائيندو ۽ پنهنجي خطائن ۾ وڪوڙيل هوندو، اهڙا شخص دوزخي آهن ۽ اهي دوزخ ۾ هميشه رهندا |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 82) |
۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا اهي ئي جنتي آهن ۽ جنت ۾ اهي هميشه رهندا |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَ بَنى إِسرٰءيلَ لا تَعبُدونَ إِلَّا اللَّهَ وَبِالوٰلِدَينِ إِحسانًا وَذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَقولوا لِلنّاسِ حُسنًا وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ ثُمَّ تَوَلَّيتُم إِلّا قَليلًا مِنكُم وَأَنتُم مُعرِضونَ (آيت : 83) |
ياد ڪريو، اسرائيل جي اولاد کان اسان پڪو وعدو ورتو هو ته الله کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪجو، ماءُ پيءُ سان، مٽن مائٽن سان، يتيمن ۽ مسڪينن سان سهڻو سلوڪ ڪجو، ماڻهن کي ڀلي ڳالهه چئجو، نماز قائم ڪجو ۽ زڪواة ادا ڪجو. مگر ٿورڙن ماڻهن کانسواءِ توهان سڀئي انهيءَ وعدي کان ڦري ويئو ۽ هاڻي تائين ڦريل آهيو |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم لا تَسفِكونَ دِماءَكُم وَلا تُخرِجونَ أَنفُسَكُم مِن دِيٰرِكُم ثُمَّ أَقرَرتُم وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 84) |
وري ياد ڪريو، اسان توهان کان وعدو ورتو هو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو رت نه وهائجو ۽ نڪي هڪ ٻئي کي گهرن کان بيدخل ڪجو، توهان ان ڳالهه جو اقرار ڪيو هو، توهان پاڻ انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهيو |
ثُمَّ أَنتُم هٰؤُلاءِ تَقتُلونَ أَنفُسَكُم وَتُخرِجونَ فَريقًا مِنكُم مِن دِيٰرِهِم تَظٰهَرونَ عَلَيهِم بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَإِن يَأتوكُم أُسٰرىٰ تُفٰدوهُم وَهُوَ مُحَرَّمٌ عَلَيكُم إِخراجُهُم أَفَتُؤمِنونَ بِبَعضِ الكِتٰبِ وَتَكفُرونَ بِبَعضٍ فَما جَزاءُ مَن يَفعَلُ ذٰلِكَ مِنكُم إِلّا خِزىٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ القِيٰمَةِ يُرَدّونَ إِلىٰ أَشَدِّ العَذابِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 85) |
پر اڄ اهي ئي توهان آهيو جو پنهنجي برادريءَ وارن کي قتل ٿا ڪريو ۽ انهن مان ڪن ماڻهن کي بي گهر ٿا ڪري ڇڏيو، ظلم ۽ ڏاڍ سان انهن جي برخلاف ٻــَـڌي ٿا ڪريو ۽ جڏهن هو جنگ ۾ پڪڙجي توهان وٽ اچن ٿا ته انهن کي ڇڏائڻ لاءِ هڪ ٻئي کي تاوان ٿا ڏيو، جڏهن ته کين سندن گهرن مان ڪڍڻ ئي توهان تي حرام ڪيل هو. ته ڇا توهان ڪتاب جي ڪنهن حـصي تي ايمان ٿا آڻيو ۽ ڪنهن حـصي کان انڪار ٿا ڪريو؟ پوءِ توهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪن انهن جي سزا انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪهڙي آهي ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿي رهن ۽ آخرت ۾ تمام سخت عذاب ڏانهن لاڙيا وڃن؟ الله انهن حرڪتن کان اڻ واقف نه آهي، جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ فَلا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 86) |
هي اهي ماڻهو آهن، جن آخرت وڪڻي دنيا جي زندگي خريد ڪئي آهي، تنهنڪري نڪي سندن سزا ۾ ڪا هلڪائي ٿيندي ۽ نه انهن کي ڪا مدد ملي سگهندي |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ وَقَفَّينا مِن بَعدِهِ بِالرُّسُلِ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ أَفَكُلَّما جاءَكُم رَسولٌ بِما لا تَهوىٰ أَنفُسُكُمُ استَكبَرتُم فَفَريقًا كَذَّبتُم وَفَريقًا تَقتُلونَ (آيت : 87) |
اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، ساندهه پئي هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين، پوءِ وري عيسيٰ پٽ مريم جي کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي، پوءِ اها توهان جي ڪهڙي ريت آهي جو جڏهن به ڪو رسول توهان جي پنهنجن خواهشن جي ابتـڙ ڪا شيءِ کڻي توهان وٽ آيو ته توهان سندس مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي، ڪنهن کي ڪوڙو سڏيوَ ته ڪنهن کي ماري ڇڏيوَ |
وَقالوا قُلوبُنا غُلفٌ بَل لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَقَليلًا ما يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
چون ٿا، اسان جون دليون ڏاڍيون محفوظ آهن. نه نه ! اصل ڳالهه اها آهي ته مٿن الله لعنت ڪئي آهي، انهن جي ڪفر جي ڪري، تنهنڪري هو ٿوروئي ٿا ايمان آڻين |
وَلَمّا جاءَهُم كِتٰبٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم وَكانوا مِن قَبلُ يَستَفتِحونَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا فَلَمّا جاءَهُم ما عَرَفوا كَفَروا بِهِ فَلَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 89) |
۽ هاڻي جو هڪڙو ڪتاب الله جي پار کان وٽن آيو آهي، ان سان سندن ڪهڙو سلوڪ آهي؟ توڻي جو اهو انهيءَ ڪتاب جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪو وٽن اڳيئي موجود هو ۽ ان هوندي به جو ان جي اچڻ کان اڳ ۾ هو پاڻ ڪافرن جي مقابلي ۾ فتح ۽ نصرت جون دعائون گهرندا هئا، پر جڏهن اها شيءِ وٽن اچي وئي جنهن کي سڃاتائون به سهي، ته به ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. الله جي لعنت هجي انهن منڪرن تي |
بِئسَمَا اشتَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم أَن يَكفُروا بِما أَنزَلَ اللَّهُ بَغيًا أَن يُنَزِّلَ اللَّهُ مِن فَضلِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ فَباءو بِغَضَبٍ عَلىٰ غَضَبٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 90) |
ڪهڙو نه بڇڙو وسيلو آهي، جنهن سان ٿا هو پنهنجي نفس لاءِ دلجاءِ حاصل ڪن، جو جيڪا هدايت الله نازل ڪئي آهي ان کي قبول ڪرڻ کان فقط انهيءَ هــَـٺَ جي ڪري ٿا انڪار ڪن ته الله پنهنجي فضل (وحي ۽ نبوت) سان پنهنجي جنهن به ٻانهي کي پاڻ گهريائين ته کڻي نوازيائين، تنهنڪري اهي ڏمر مٿان ڏمر جا حقدار ٿي پيا آهن ۽ اهڙن ڪافرن لاءِ ڏاڍي ذليل ڪندڙ سزا مقرر ٿيل آهي |
وَإِذا قيلَ لَهُم ءامِنوا بِما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا نُؤمِنُ بِما أُنزِلَ عَلَينا وَيَكفُرونَ بِما وَراءَهُ وَهُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما مَعَهُم قُل فَلِمَ تَقتُلونَ أَنبِياءَ اللَّهِ مِن قَبلُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 91) |
۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته جيڪو به الله نازل ڪيو آهي، ان تي ايمان آڻيو ته چون ٿا ته، "اسان ته ان تي ئي ايمان آڻيون ٿا، جيڪو اسان وٽ (بني اسرائيل ۾) نازل ٿيو آهي". ان کان ٻاهر جيڪي به آهي ان کي مڃڻ کان هو انڪار ٿا ڪن، توڻي جو اهو حق آهي ۽ انهيءَ تعليم جي جيڪا وٽن اڳي ئي موجود هئي تصديق ۽ تائيد ٿو ڪري. چڱو ڀلا چوين ته جيڪڏهن توهان جو انهيءَ تعليم تي ئي ايمان آهي، جيڪا توهان وٽ آئي هئي ته اوهان هن کان اڳ الله جي انهن نبين کي (جيڪي بني اسرائيل ۾ پيدا ٿيا هئا) ڇو قتل ڪندا هيؤ؟ |
وَلَقَد جاءَكُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ ثُمَّ اتَّخَذتُمُ العِجلَ مِن بَعدِهِ وَأَنتُم ظٰلِمونَ (آيت : 92) |
توهان وٽ موسيٰ ڪهڙيون نه چٽيون نشانيون آنديون پوءِ به توهان اهڙا ظالم هيؤ جو سندس پٺي ڏيندي ئي گابي کي معبود بڻائي ورتو |
وَإِذ أَخَذنا ميثٰقَكُم وَرَفَعنا فَوقَكُمُ الطّورَ خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاسمَعوا قالوا سَمِعنا وَعَصَينا وَأُشرِبوا فى قُلوبِهِمُ العِجلَ بِكُفرِهِم قُل بِئسَما يَأمُرُكُم بِهِ إيمٰنُكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 93) |
پوءِ ڪجهه انهيءَ عهد اقرار کي ته ياد ڪريو جيڪو طور (جبل) کي توهان جي مٿان کڙو ڪري اسان توهان کان ورتو هو، اسان تاڪيد ڪيو هو ته جيڪي هدايتون اسين ڏيون پيا، انهن جي ضرور پوئواري ڪجو ۽ ڌيان سان ٻڌجو، توهان جي وڏن چيو هو ته، "اسان ٻڌوسين پر مڃينداسون ڪونه"، ۽ سندن باطل پرستيءَ جي اها حالت هئي جو گابو سندن دلين ۾ گهر ڪيو ويٺو هو. چوين ته جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته اهو ايمان ڏاڍو عجيب آهي جيڪو اهڙين خراب ڳالهين جو توهان کي حڪم ٿو ڏئي |
قُل إِن كانَت لَكُمُ الدّارُ الءاخِرَةُ عِندَ اللَّهِ خالِصَةً مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 94) |
چوين ته جيڪڏهن سچ پچ الله وٽ آخرت وارو گهر ٻين سڀني ماڻهن کي ڇڏي رڳو توهان جي لاءِ ئي مخصوص ٿيل آهي ته پوءِ ته توهان کي گهرجي ته موت جي تمنا ڪريو، جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ خيال ۾ سچا آهيو |
وَلَن يَتَمَنَّوهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 95) |
پڪ ڄاڻو ته اِهي ڪڏهن به ان جي تمنا نه ڪندا، ڇو جو پنهنجي هٿن سان جيڪو ڪمائي اڳتي موڪليو اٿن، ان جي تقاضا اها آهي (ته هو اوڏانهن هلڻ جي تمنا نه ڪن) الله انهن ظالمن جي حالت کان چڱيءَ طرح واقف آهي |
وَلَتَجِدَنَّهُم أَحرَصَ النّاسِ عَلىٰ حَيوٰةٍ وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا يَوَدُّ أَحَدُهُم لَو يُعَمَّرُ أَلفَ سَنَةٍ وَما هُوَ بِمُزَحزِحِهِ مِنَ العَذابِ أَن يُعَمَّرَ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 96) |
توهان کين سڀني کان وڌيڪ جيئڻ جو حريص ڏسندؤ، ايتريقدر جو هو ان ڳالهه ۾ مشرڪن کان به سرس آهن. انهن مان هرهڪ اهو ٿو چاهي ته جيڪر هزار سال جيئي، جيتوڻيڪ ڊگهي عمر کيس عذاب کان ته پري نٿي ڪري سگهي، جيڪي ڪجهه هو ڪن پيا، الله ته ان کي ڏسي پــَـسي رهيو آهي |
قُل مَن كانَ عَدُوًّا لِجِبريلَ فَإِنَّهُ نَزَّلَهُ عَلىٰ قَلبِكَ بِإِذنِ اللَّهِ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَهُدًى وَبُشرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 97) |
انهن کي چؤ ته جيڪو به جبرائيل جو دشمن ٿيندو ان کي ڄاڻڻ گهرجي ته جبرائيل ته الله جي ئي حڪم سان اهو قرآن تنهنجي دل تي نازل ڪيو آهي، جيڪو اڳ آيل ڪتابن جي تصديق ۽ تائيد ٿو ڪري ۽ ايمان آڻيندڙن لاءِ هدايت ۽ ڪاميابيءَ جي خوشخبري ٿي آيو آهي |
مَن كانَ عَدُوًّا لِلَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَرُسُلِهِ وَجِبريلَ وَميكىٰلَ فَإِنَّ اللَّهَ عَدُوٌّ لِلكٰفِرينَ (آيت : 98) |
(جيڪڏهن جبرائيل سان سندن دشمنيءَ جو سبب اهو آهي ته ٻڌائي ڇڏين ته) جيڪي به الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس رسولن ۽ جبرائيل ۽ ميڪائيل جا دشمن آهن ته الله انهن ڪافرن جو دشمن آهي |
وَلَقَد أَنزَلنا إِلَيكَ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَما يَكفُرُ بِها إِلَّا الفٰسِقونَ (آيت : 99) |
۽ اسان توڏانهن اهڙيون آيتون نازل ڪيون آهن، جيڪي حق کي خوب پڌرو ڪرڻ واريون آهن ۽ انهن جي پيرويءَ کان رڳو اهي ماڻهو ٿا انڪار ڪن، جيڪي فاسق آهن |
أَوَكُلَّما عٰهَدوا عَهدًا نَبَذَهُ فَريقٌ مِنهُم بَل أَكثَرُهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 100) |
ڇا هميشه ائين نه ٿيندو رهيو آهي جو جڏهن به انهن ڪو عهد ڪيو ته انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ٽولي انهيءَ کي ضرور اڇلائي ڇڏيو بلڪه حقيقت ۾ انهن ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي سچيءَ دل سان ايمان نٿا آڻن |
وَلَمّا جاءَهُم رَسولٌ مِن عِندِ اللَّهِ مُصَدِّقٌ لِما مَعَهُم نَبَذَ فَريقٌ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ كِتٰبَ اللَّهِ وَراءَ ظُهورِهِم كَأَنَّهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 101) |
۽ جڏهن به وٽن الله وٽان ڪو رسول انهيءَ ڪتاب جي تصديق ۽ تائيد ڪندڙ بڻجي آيو، جيڪو وٽن اڳيئي موجود هو ته انهن اهل ڪتاب مان هڪڙي ٽولي الله جي ڪتاب کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو، ڄڻڪ هو ڪجهه ڄاڻن ئي نه پيا |
وَاتَّبَعوا ما تَتلُوا الشَّيٰطينُ عَلىٰ مُلكِ سُلَيمٰنَ وَما كَفَرَ سُلَيمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطينَ كَفَروا يُعَلِّمونَ النّاسَ السِّحرَ وَما أُنزِلَ عَلَى المَلَكَينِ بِبابِلَ هٰروتَ وَمٰروتَ وَما يُعَلِّمانِ مِن أَحَدٍ حَتّىٰ يَقولا إِنَّما نَحنُ فِتنَةٌ فَلا تَكفُر فَيَتَعَلَّمونَ مِنهُما ما يُفَرِّقونَ بِهِ بَينَ المَرءِ وَزَوجِهِ وَما هُم بِضارّينَ بِهِ مِن أَحَدٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَيَتَعَلَّمونَ ما يَضُرُّهُم وَلا يَنفَعُهُم وَلَقَد عَلِموا لَمَنِ اشتَرىٰهُ ما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ وَلَبِئسَ ما شَرَوا بِهِ أَنفُسَهُم لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 102) |
۽ لڳا انهن شين جي پيروي ڪرڻ جيڪي شيطان، سليمان جي بادشاهيءَ جي حوالي سان پيش ڪندا هئا، حالانڪه سليمان ته ڪڏهن به ڪفر نه ڪيو هو. ڪفر ته انهن شيطانن ڪيو هو جيڪي ماڻهن کي جادو سيکاريندا هئا. هو ڪڍ لڳا انهيءَ شيءِ جي جيڪا بابل ۾ ٻن فرشتن هاروت ۽ ماروت تي نازل ڪئي وئي هئي، حالانڪ اهي (ملائڪ) جڏهن به ڪنهن کي اهو سيکاريندا هئا ته اڳ ۾ کولي چتاءُ ڏيندا هئس ته اسان ته فقط هڪڙي آزمائش آهيون، تون ڪفر ۾ نه پؤ. تڏهن به اهي ماڻهو انهن کان اها شيءِ سکندا هئا، جنهن جي وسيلي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي وجهن. نه ته هو الله جي حڪم کانسواءِ انهيءَ سان ڪنهن کي به ڪو نقصان پهچائي نٿي سگهيا، تنهن هوندي به اهي اهڙيون ڳالهيون سکندا هئا جيڪي خود انهن لاءِ فائديمند نه پر نقصانڪار هيون. ۽ انهن اهو به پئي ڄاتو ته جنهن اها شيءِ خريد ڪئي ان لاءِ آخرت ۾ ڪوبه ڀاڱو ناهي. ڪهڙو نه بڇڙو سامان هو جنهن جي عيوض انهن پنهنجو پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو، جيڪر ته معلوم هجين ها! |
وَلَو أَنَّهُم ءامَنوا وَاتَّقَوا لَمَثوبَةٌ مِن عِندِ اللَّهِ خَيرٌ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 103) |
جيڪڏهن هو ايمان ۽ تقويٰ اختيار ڪن ها ته الله وٽان ان جو جيڪو بدلو ملين ها اهو انهن لاءِ وڌيڪ ڀلو هو، ڪاش! انهن کي ڄاڻ هجي ها |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقولوا رٰعِنا وَقولُوا انظُرنا وَاسمَعوا وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 104) |
اي ايمان وارؤ! راعنا نه چوندا ڪريو بلڪه اُنظرنا چوندا ڪريو ۽ ڌيان ڏئي ڳالهه ٻڌو، اهي ڪافر ته دردناڪ عذاب جا حقدار آهن |
ما يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ وَلَا المُشرِكينَ أَن يُنَزَّلَ عَلَيكُم مِن خَيرٍ مِن رَبِّكُم وَاللَّهُ يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 105) |
اهي ماڻهو جن حق جي دعوت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، پوءِ کڻي اهل ڪتاب مان هجن يا مشرڪ انهن کي اها ڳالهه پسند نه آهي ته توهان جي رب وٽان توهان تي ڪا ڀلائي نازل ٿئي پر الله جنهن کي گهري ٿو پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي وٺي ٿو ۽ هو ڏاڍو فضل ڪرڻ وارو آهي |
ما نَنسَخ مِن ءايَةٍ أَو نُنسِها نَأتِ بِخَيرٍ مِنها أَو مِثلِها أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 106) |
اسان پنهنجي ڪنهن به آيت کي منسوخ ڪريون ٿا يا وسارائي ڇڏيون ٿا ته ان جي جاءِ تي ان کان وڌيڪ ڀلي آڻيون ٿا يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ئي، ڇا توکي معلوم نه آهي ته الله کي هر شيءِ جي طاقت آهي؟ |
أَلَم تَعلَم أَنَّ اللَّهَ لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 107) |
ڇا توکي ڄاڻ ناهي ته آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي ۽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه توهان جي سارسنڀال لهڻ وارو ۽ توهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونهي؟ |
أَم تُريدونَ أَن تَسـَٔلوا رَسولَكُم كَما سُئِلَ موسىٰ مِن قَبلُ وَمَن يَتَبَدَّلِ الكُفرَ بِالإيمٰنِ فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 108) |
پوءِ ڇا توهان پنهنجي رسول کان اهڙا سوال ۽ مطالبا ڪرڻ ٿا چاهيو جهڙا هن کان اڳ موسيٰ کان ڪيا ويا هئا، حالانڪه جنهن ماڻهوءَ ايمان واري روش کي ڪفر واري روش سان بدلايو، اهو سنئينءَ واٽ کان ٿــڙي ويو |
وَدَّ كَثيرٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يَرُدّونَكُم مِن بَعدِ إيمٰنِكُم كُفّارًا حَسَدًا مِن عِندِ أَنفُسِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الحَقُّ فَاعفوا وَاصفَحوا حَتّىٰ يَأتِىَ اللَّهُ بِأَمرِهِ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 109) |
اهل ڪتاب مان گهڻا ماڻهو چاهن ٿا ته ڪنهن نموني توهان کي ايمان کان ڦيرائي وري ڪفر ڏانهن موٽائين توڻي جو حق مٿن پڌرو ٿي چڪو آهي پر پنهنجي اندر جي حسد ڪري توهان بابت انهن جي اها خواهش آهي. موٽ ۾ توهان معاف ڪرڻ ۽ درگذر ڪري ڇڏڻ کان ڪم وٺو، تانجو الله پاڻ ئي پنهنجو فيصلو لاڳو ڪري ڇڏي، بيشڪ الله کي هر ڳالهه جي طاقت آهي |
وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 110) |
نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ادا ڪريو، توهان پنهنجي عاقبت لاءِ جيڪا ڪمائي ڪري اڳتي موڪليندؤ، الله وٽ ان کي لهندؤ، جيڪو ڪجهه به توهان ڪريو ٿا، الله اهو سڀ ڏسي پــَـسي ٿو |
وَقالوا لَن يَدخُلَ الجَنَّةَ إِلّا مَن كانَ هودًا أَو نَصٰرىٰ تِلكَ أَمانِيُّهُم قُل هاتوا بُرهٰنَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 111) |
چون ٿا ته ڪوبه شخص جنت ۾ نه ويندو جيستائين اهو يا ته يهودي هجي يا (عيسائين جي خيال مطابق) عيسائي هجي، اهي انهن جون ســَـڌون آهن. چوين ته پنهنجو دليل پيش ڪريو جيڪڏهن توهان پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهيو |
بَلىٰ مَن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَلَهُ أَجرُهُ عِندَ رَبِّهِ وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 112) |
حقيقت ۾ نه توهان جي ڪا خصوصيت آهي ۽ نه ڪنهن ٻئي جي. سچي ڳالهه اها آهي ته جنهن به پنهنجي هستيءَ کي الله جي اطاعت ۾ ڏئي ڇڏيو ۽ عملي طرح سهڻي هلت هليو، ان لاءِ سندس رب وٽ سندس اجر آهي ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنهن به خوف يا غم جو ڪو سوال ئي ڪونهي |
وَقالَتِ اليَهودُ لَيسَتِ النَّصٰرىٰ عَلىٰ شَيءٍ وَقالَتِ النَّصٰرىٰ لَيسَتِ اليَهودُ عَلىٰ شَيءٍ وَهُم يَتلونَ الكِتٰبَ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ مِثلَ قَولِهِم فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 113) |
يهودي چون ٿا ته عيسائين وٽ ڪجهه به ڪونهي، عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ ڪجهه به ناهي، حالانڪه ٻئي ڪتاب پڙهن ٿا ۽ اهڙيون دعوائون انهن ماڻهن جون به آهن جن وٽ ڪتاب جو علم ڪونهي، اهي اختلاف جن ۾ اهي ماڻهو پيل آهن، انهن جو فيصلو الله قيامت جي ڏينهن ڪري ڇڏيندو |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن مَنَعَ مَسٰجِدَ اللَّهِ أَن يُذكَرَ فيهَا اسمُهُ وَسَعىٰ فى خَرابِها أُولٰئِكَ ما كانَ لَهُم أَن يَدخُلوها إِلّا خائِفينَ لَهُم فِى الدُّنيا خِزىٌ وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 114) |
۽ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله جي عبادت وارين جاين ۾ سندس نالي جي ذڪر کان روڪي ۽ انهن کي ويران بنائڻ جي ڪڍ هجي؟ اهڙا ماڻهو انهيءَ لائق آهن، جو انهن عبادت جي جاين ۾ پير ئي نه پائين ۽ جي کڻي اوڏانهن وڃن به ته ڪنبندا وڃن، انهن لاءِ دنيا ۾ خواري آهي ۽ آخرت ۾ وڏو عذاب آهي |
وَلِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ فَأَينَما تُوَلّوا فَثَمَّ وَجهُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 115) |
اوڀر توڙي اولهه سڀئي الله جا آهن، جيڏانهن به توهان منهن ڪندؤ، اوڏانهن ئي الله جي ذات آهي. الله وڏي ڪشادگيءَ وارو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
وَقالُوا اتَّخَذَ اللَّهُ وَلَدًا سُبحٰنَهُ بَل لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلٌّ لَهُ قٰنِتونَ (آيت : 116) |
چون ٿا ته الله ڪنهن کي پــُـٽ بڻايو آهي، الله پاڪ آهي انهن ڳالهين کان. حقيقت ۾ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، سندس ملڪيت آهي، سڀئي سندس حڪم جا بندا آهن |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 117) |
هو آسمانن ۽ زمين جو نئين سـر جوڙيندڙ آهي ۽ جيڪا ڳالهه هو طيءِ ڪري ٿو، ان لاءِ بس اهو حڪم ٿو ڪري ته "ٿي پؤ" ۽ اها ٿي پوي ٿي |
وَقالَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ لَولا يُكَلِّمُنَا اللَّهُ أَو تَأتينا ءايَةٌ كَذٰلِكَ قالَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم مِثلَ قَولِهِم تَشٰبَهَت قُلوبُهُم قَد بَيَّنَّا الءايٰتِ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 118) |
۽ نادان چون ٿا ته الله پاڻ اسان سان ڇو نٿو ڳالهائي يا ڪا نشاني اسان وٽ ڇو نه ٿي اچي؟ اهڙيون ئي ڳالهيون انهن کان اڳ ٿي گذريل ماڻهو به ڪندا هئا، انهن سڀني (اڳين پوين گمراهن) جون سوچون هڪ جهڙيون آهن. يقين ڪندڙن لاءِ ته اسان نشانيون کولي پڌريون ڪري چڪا آهيون |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَلا تُسـَٔلُ عَن أَصحٰبِ الجَحيمِ (آيت : 119) |
(انهيءَ کان وڌيڪ نشاني ٻي ڪهڙي ٿيندي جو) اسان توکي حق جي علم ساڻ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي. هاڻي جيڪي ماڻهو جهنم سان لاڳاپو ڳنڍي چڪا آهن، انهن لاءِ نڪي تون ذميوار آهين ۽ نه ئي توکان ڪو پڇاڻو ٿيندو |
وَلَن تَرضىٰ عَنكَ اليَهودُ وَلَا النَّصٰرىٰ حَتّىٰ تَتَّبِعَ مِلَّتَهُم قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم بَعدَ الَّذى جاءَكَ مِنَ العِلمِ ما لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 120) |
يهودي ۽ عيسائي توکان ڪنهن به صورت ۾ راضي نه ٿيندا، جيستائين تون سندن طريقي تي نه هلين. صاف طرح چئي ڇڏ ته رستو فقط اهوئي آهي، جيڪو الله ڏسيو آهي، نه ته جي انهيءَ علم کان پوءِ به جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي، تو انهن جي مرضي رکي ته پوءِ الله جي پڪڙ کان بچائڻ وارو ڪوبه واهرو ۽ مددگار تنهنجي لاءِ نه آهي |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَتلونَهُ حَقَّ تِلاوَتِهِ أُولٰئِكَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمَن يَكفُر بِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 121) |
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي ائين ٿا پڙهن جيئن پڙهڻ جو حق آهي ۽ اهي ان (قرآن) تي سچي دل سان ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪي ان سان ڪفر واري روش اختيار ڪندا اهي ئي ٽوٽي ۾ پوڻ وارا آهن |
يٰبَنى إِسرٰءيلَ اذكُروا نِعمَتِىَ الَّتى أَنعَمتُ عَلَيكُم وَأَنّى فَضَّلتُكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 122) |
اي بني اسرائيلؤ! ياد ڪريو منهنجي اها نعمت، جنهن سان مون توهان کي نوازيو هو ۽ اهو به ته مون توهان کي دنيا جي سڀني قومن تي فضيلت عطا ڪئي هئي |
وَاتَّقوا يَومًا لا تَجزى نَفسٌ عَن نَفسٍ شَيـًٔا وَلا يُقبَلُ مِنها عَدلٌ وَلا تَنفَعُها شَفٰعَةٌ وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 123) |
ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڪوبه ڪنهن جي ڪم نه ايندو، نه ڪنهن کان ڪو عيوضو ورتو ويندو ۽ نڪي ڪا سفارش ئي ڪنهن کي ڪو فائدو پهچائيندي ۽ نه ڏوهارين کي ڪٿان ڪا مدد ملي سگهندي |
وَإِذِ ابتَلىٰ إِبرٰهۦمَ رَبُّهُ بِكَلِمٰتٍ فَأَتَمَّهُنَّ قالَ إِنّى جاعِلُكَ لِلنّاسِ إِمامًا قالَ وَمِن ذُرِّيَّتى قالَ لا يَنالُ عَهدِى الظّٰلِمينَ (آيت : 124) |
ياد ڪريو جڏهن ابراهيم کي سندس رب ڪن ڳالهين ۾ آزمايو ۽ هو انهن سڀني تي پورو لٿو ته چيائينس: "مان توکي سڀني ماڻهن جو امام بنائڻ وارو آهيان". ابراهيم عرض ڪيو: "ڇا منهنجي اولاد سان به اهوئي وعدو آهي" جواب ڏنائين ته "منهنجو وعدو ظالمن سان لاڳو نه ٿيندو" |
وَإِذ جَعَلنَا البَيتَ مَثابَةً لِلنّاسِ وَأَمنًا وَاتَّخِذوا مِن مَقامِ إِبرٰهۦمَ مُصَلًّى وَعَهِدنا إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ أَن طَهِّرا بَيتِىَ لِلطّائِفينَ وَالعٰكِفينَ وَالرُّكَّعِ السُّجودِ (آيت : 125) |
۽ اهو به ياد ڪريو ته اسان انهيءَ گهر (ڪعبي) کي ماڻهن لاءِ مرڪز ۽ امن واري جاءِ ڪيو هو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنو هو ته ابراهيم جنهن جاءِ تي عبادت لاءِ بيهندو آهي، انهيءَ جاءِ کي هميشه لاءِ نماز پڙهڻ جي جاءِ بڻائي ڇڏيو ۽ ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد ڪيو هئوسين ته منهنجي انهيءَ گهر کي طواف ۽ اعتڪاف ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ رکجو |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ اجعَل هٰذا بَلَدًا ءامِنًا وَارزُق أَهلَهُ مِنَ الثَّمَرٰتِ مَن ءامَنَ مِنهُم بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ قالَ وَمَن كَفَرَ فَأُمَتِّعُهُ قَليلًا ثُمَّ أَضطَرُّهُ إِلىٰ عَذابِ النّارِ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 126) |
۽ اها ڳالهه به ته، ابراهيم دعا گهري ته "اي منهنجا رب! هن شهر کي امن وارو شهر بڻائجانءِ ۽ ان جي رهاڪن مان جيڪي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃين انهن کي هر قسم جي ميون وارو رزق ڏجانءِ". جواب ۾ سندس رب فرمايو ته " ۽ جيڪو نه مڃيندو، دنيا جي ٿورڙن ڏينهن واريءَ زندگيءَ جو سامان ته مان ان کي به ڏيندس پر پوءِ کيس جهنم جي عذاب ڏانهن گــِـهلي پهچائيندس ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ماڳ آهي" |
وَإِذ يَرفَعُ إِبرٰهۦمُ القَواعِدَ مِنَ البَيتِ وَإِسمٰعيلُ رَبَّنا تَقَبَّل مِنّا إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 127) |
۽ ياد ڪريو، جڏهن ابراهيم ۽ اسماعيل انهيءَ گهر جون ڀتيون کڻي رهيا هئا ته دعا گهرندا ٿي رهيا ته "اي اسان جا رب! اسان کان هيءَ خدمت قبول ڪر، تون هر ڪنهن جي ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهين |
رَبَّنا وَاجعَلنا مُسلِمَينِ لَكَ وَمِن ذُرِّيَّتِنا أُمَّةً مُسلِمَةً لَكَ وَأَرِنا مَناسِكَنا وَتُب عَلَينا إِنَّكَ أَنتَ التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 128) |
اي رب ! اسان ٻنهي کي پنهنجو مسلم (حڪمن جو تابع) بڻاءِ، اسان جي نسل مان اهڙي قوم اٿارجانءِ جيڪا تنهنجي حڪمن جي تابعدار هجي، اسان کي پنهنجي عبادت جا طريقا ٻڌاءِ ۽ اسان جون خطائون بخش، تون ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهين |
رَبَّنا وَابعَث فيهِم رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُزَكّيهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 129) |
۽ اي رب! انهن ماڻهن ۾ خود انهن مان هڪڙو رسول اٿارجانءِ، جيڪو کين تنهنجون آيتون ٻڌائي، انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ۽ سندن زندگيون سنواري، تون ڏاڍو سگهارو ۽ حڪمت وارو آهين" |
وَمَن يَرغَبُ عَن مِلَّةِ إِبرٰهۦمَ إِلّا مَن سَفِهَ نَفسَهُ وَلَقَدِ اصطَفَينٰهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 130) |
هاڻي اهو ڪير آهي، جيڪو ابراهيم جي طريقي کان ٿو نفرت ڪري؟ جنهن پنهنجو پاڻ کي بي سمجهيءَ ۽ جهالت ۾ وڌو هوندو، انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪير ٿو اها حرڪت ڪري سگهي؟ ابراهيم ته اهو شخص هو جنهن کي اسان دنيا ۾ پنهنجي ڪم لاءِ چونڊي ورتو هو ۽ آخرت ۾ هو صالحن مان ليکيو ويندو |
إِذ قالَ لَهُ رَبُّهُ أَسلِم قالَ أَسلَمتُ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 131) |
اهو ته اهڙو هو جو جڏهن سندس رب کيس چيو: "مسلم ٿي وڃ"، ته امالڪ ئي چيائين ته "مان ساري جڳ جي مالڪ جو "مسلم" بڻجي ويس" |
وَوَصّىٰ بِها إِبرٰهۦمُ بَنيهِ وَيَعقوبُ يٰبَنِىَّ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ لَكُمُ الدّينَ فَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 132) |
انهيءَ طريقي تي هلڻ جي هدايت هن پنهنجي اولاد کي به ڪئي هئي ۽ انهيءَ جي وصيت يعقوب پڻ پنهنجي اولاد کي ڪري ويو هو. هن چيو هونِ ته "منهنجا ٻچڙؤ! الله توهان لاءِ هيءُ ئي دين پسند ڪيو آهي تنهنڪري مرڻ گهڙيءَ تائين مسلم ٿي رهجو" |
أَم كُنتُم شُهَداءَ إِذ حَضَرَ يَعقوبَ المَوتُ إِذ قالَ لِبَنيهِ ما تَعبُدونَ مِن بَعدى قالوا نَعبُدُ إِلٰهَكَ وَإِلٰهَ ءابائِكَ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ إِلٰهًا وٰحِدًا وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 133) |
پوءِ ڇا توهان ان وقت اتي هئا، جڏهن يعقوب پئي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو؟ هن مرڻ ويل پنهنجن پٽن کان پڇيو: "پٽڙؤ! مون کانپوءِ توهان ڪنهن جي ٻانهپ ڪندؤ؟" انهن سڀني جواب ڏنو: "اسان انهيءَ هڪڙي الله جي ٻانهپ ڪنداسين جنهن کي تو ۽ تنهنجي وڏن ابراهيم، اسماعيل ۽ اسحاق، الله ڪري مڃيو آهي ۽ اسين انهيءَ جا ئي مسلم آهيون" |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 134) |
اهي ڪي ماڻهو هئا جيڪي ٿي گذريا، جيڪو انهن ڪمايو سو انهن لاءِ آهي ۽ جيڪو توهان ڪمائيندؤ سو توهان لاءِ آهي. توهان کان نه پڇيو ويندو ته اهي ڇا ڪندا هئا |
وَقالوا كونوا هودًا أَو نَصٰرىٰ تَهتَدوا قُل بَل مِلَّةَ إِبرٰهۦمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 135) |
يهودي چون ٿا ته يهودي ٿيو ته سڌي واٽ لهندؤ. عيسائي چون ٿا ته عيسائي بڻجو ته هدايت ملندؤ. چوين ته "نه، پر ٻيا سڀ در ڇڏي ابراهيم وارو طريقو (اختيار ڪريو) ۽ ابراهيم مشرڪن مان نه هو" |
قولوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَينا وَما أُنزِلَ إِلىٰ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَما أوتِىَ النَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 136) |
مسلمانؤ! چئو ته "اسان ايمان آندو الله تي ۽ ان هدايت تي جيڪا اسان ڏانهن نازل ٿي آهي ۽ جيڪا ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ڏانهن نازل ٿي هئي ۽ جيڪا موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ ٻين سمورن نبين کي سندن رب پاران ڏني وئي هئي، اسان انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق ڪونه ٿا ڪريون ۽ اسان الله جا مسلم آهيون" |
فَإِن ءامَنوا بِمِثلِ ما ءامَنتُم بِهِ فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما هُم فى شِقاقٍ فَسَيَكفيكَهُمُ اللَّهُ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 137) |
پوءِ جيڪڏهن اهي ان طرح ايمان آڻين جيئن توهان آندو آهي ته پوءِ هدايت تي آهن، نه ته جيڪڏهن ان کان منهن ٿا موڙين ته پوءِ ته ظاهر آهي ته اهي وڏي ڏڦيڙ ۾ پئجي ويا آهن، تنهنڪري دلجاءِ ڪر ته انهن جي پڄڻ واسطي الله تو لاءِ ڪافي آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
صِبغَةَ اللَّهِ وَمَن أَحسَنُ مِنَ اللَّهِ صِبغَةً وَنَحنُ لَهُ عٰبِدونَ (آيت : 138) |
چؤ! الله وارو رنگ اختيار ڪريو. ڀلا سندس رنگ کان ڀلو ٻئي ڪنهن جو رنگ هوندو؟ ۽ اسان سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيون" |
قُل أَتُحاجّونَنا فِى اللَّهِ وَهُوَ رَبُّنا وَرَبُّكُم وَلَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم وَنَحنُ لَهُ مُخلِصونَ (آيت : 139) |
اي نبي! چوين: ڇا توهان الله بابت اسان سان تڪرار ڪريو ٿا، حالانڪه اُهوئي اسان جو به رب آهي ۽ توهان جو به رب. اسان جا عمل اسان لاءِ آهن توهان جا عمل توهان لاءِ ۽ اسان ته الله جي لاءِ ئي پنهنجي عبادت کي خالص ڪري چڪا آهيون |
أَم تَقولونَ إِنَّ إِبرٰهۦمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطَ كانوا هودًا أَو نَصٰرىٰ قُل ءَأَنتُم أَعلَمُ أَمِ اللَّهُ وَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَتَمَ شَهٰدَةً عِندَهُ مِنَ اللَّهِ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 140) |
يا وري توهان جو چوڻ اهو آهي ڇا ته "ابراهيم! اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جو اولاد سڀئي يهودي هئا يا نصاريٰ؟" چوين: توهان وڌيڪ ڄاڻو ٿا يا الله؟ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جنهن جي ذمي الله پاران هڪ شاهدي هجي ۽ هو ان کي لڪائي ڇڏي؟ توهان جي ڪرتوتن کان الله بي خبر ته نه آهي |
تِلكَ أُمَّةٌ قَد خَلَت لَها ما كَسَبَت وَلَكُم ما كَسَبتُم وَلا تُسـَٔلونَ عَمّا كانوا يَعمَلونَ (آيت : 141) |
اهي ڪي ماڻهو هئا جيڪي ٿي گذريا، انهن جي ڪمائي انهن لاءِ هئي ۽ توهان جي ڪمائي توهان لاءِ آهي. توهان کان انهن جي عملن بابت ڪوبه پڇاڻو نه ٿيندو" |
سَيَقولُ السُّفَهاءُ مِنَ النّاسِ ما وَلّىٰهُم عَن قِبلَتِهِمُ الَّتى كانوا عَلَيها قُل لِلَّهِ المَشرِقُ وَالمَغرِبُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 142) |
نادان پڪ سان چوندا ته انهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڳي جنهن قبلي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا تنهن کان ڦري ويا؟ اي نبي! چوين ته اوڀر توڙي اولهه سڀئي الله جا آهن، الله جنهن کي گهري ٿو، سنئين واٽ ڏَسي ٿو |
وَكَذٰلِكَ جَعَلنٰكُم أُمَّةً وَسَطًا لِتَكونوا شُهَداءَ عَلَى النّاسِ وَيَكونَ الرَّسولُ عَلَيكُم شَهيدًا وَما جَعَلنَا القِبلَةَ الَّتى كُنتَ عَلَيها إِلّا لِنَعلَمَ مَن يَتَّبِعُ الرَّسولَ مِمَّن يَنقَلِبُ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَإِن كانَت لَكَبيرَةً إِلّا عَلَى الَّذينَ هَدَى اللَّهُ وَما كانَ اللَّهُ لِيُضيعَ إيمٰنَكُم إِنَّ اللَّهَ بِالنّاسِ لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 143) |
۽ اهڙيءَ ريت اسان توهان مسلمانن کي هڪ "امت وسط" (وچ واري امت) بنايو آهي ته جيئن توهان دنيا جي ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول توهان تي شاهد ٿئي. اڳي جيڏانهن تون منهن ڪندو هئين ان کي ته اسان رڳو اهو ڏسڻ لاءِ قبلو مقرر ڪيو هو ته ڪير ٿو رسول جي پيروي ڪري ۽ ڪير ٿو پويان پير ڪري وڃي. اها ڳالهه هئي ته ڏاڍي ڏکي پر انهن ماڻهن لاءِ ذرو به ڏکي ثابت نه ٿي جيڪي الله جي هدايت پرايل هئا. الله توهان جي انهيءَ ايمان کي ڪڏهن به نه وڃائيندو، پڪ ڄاڻو ته هو ماڻهن جي حق ۾ ڏاڍو شفيق نهايت مهربان آهي |
قَد نَرىٰ تَقَلُّبَ وَجهِكَ فِى السَّماءِ فَلَنُوَلِّيَنَّكَ قِبلَةً تَرضىٰها فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ وَإِنَّ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَيَعلَمونَ أَنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّهِم وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا يَعمَلونَ (آيت : 144) |
اي نبي! اهو تنهنجو هـَـرَ هــَـرَ آسمان ڏانهن منهن ڪرڻ اسان ڏسون پيا، چڱو ڀلا اسان توکي انهيءَ قبلي ڏانهن ٿا موڙيون، جنهن کي تون پسند ٿو ڪرين، سو مسجد حرام ڏانهن منهن ڪري ڇڏ، هاڻي اوهان جتي به هجو اوڏانهن ئي منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو. اهي ماڻهو جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، ڄاڻن ٿا ته (قبلي مٽائڻ جو) اهو حڪم سندن رب وٽان آهي ۽ برحق آهي. پر تنهن هوندي به جيڪو ڪن پيا، الله ان کان اڻ ڄاڻ نه آهي |
وَلَئِن أَتَيتَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ بِكُلِّ ءايَةٍ ما تَبِعوا قِبلَتَكَ وَما أَنتَ بِتابِعٍ قِبلَتَهُم وَما بَعضُهُم بِتابِعٍ قِبلَةَ بَعضٍ وَلَئِنِ اتَّبَعتَ أَهواءَهُم مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ إِنَّكَ إِذًا لَمِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 145) |
تون انهن اهل ڪتاب وٽ جيڪا به نشاني آڻين، ٿي ئي نٿو سگهي جو اهي تو واري قبلي جي ڪڍ لڳن ۽ نه وري تو لاءِ ئي اهو ممڪن آهي ته سندن قبلي جي ڪڍ لڳين ۽ انهن مان ڪوبه ٽولو ڪنهن ٻئي جي قبلي جي ڪڍ لڳڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ علم کان پوءِ به جيڪو تو وٽ اچي چڪو آهي، سندن خواهشن جي پيروي ڪندين ته پوءِ تون بيشڪ ظالمن مان ليکيو ويندين |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُم وَإِنَّ فَريقًا مِنهُم لَيَكتُمونَ الحَقَّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 146) |
جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اهي انهيءَ جاءِ کي (جنهن کي قبلو بنايو ويو آهي) ائين ٿا سڃاڻن جيئن پنهنجي اولاد کي ٿا سڃاڻن، پر انهن مان هڪ ٽولو ڄاڻي واڻي حق کي لڪائي رهيو آهي |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 147) |
اهو بلڪل حق آهي تنهنجي رب وٽان، تنهنڪري ان بابت تون ڪنهن به شڪ ۾ نه پئجانءِ |
وَلِكُلٍّ وِجهَةٌ هُوَ مُوَلّيها فَاستَبِقُوا الخَيرٰتِ أَينَ ما تَكونوا يَأتِ بِكُمُ اللَّهُ جَميعًا إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 148) |
هرهڪ لاءِ هڪڙو رخ آهي، جنهن ڏانهن هو لڙندو آهي، سو توهان ڀلاين ڏانهن اڳ اڳرا ٿيو، جتي به توهان هوندؤ الله توهان کي هٿ ڪري وٺندو، سندس قدرت کان ڪابه شيءِ ٻاهر نه آهي |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَإِنَّهُ لَلحَقُّ مِن رَبِّكَ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 149) |
جتان به تون لنگهندو هجين اتان ئي پنهنجو منهن (نماز مهل) مسجد حرام ڏانهن ڪري ڇڏ، ڇو ته اهو تنهنجي رب جو بلڪل برحق فيصلو آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي |
وَمِن حَيثُ خَرَجتَ فَوَلِّ وَجهَكَ شَطرَ المَسجِدِ الحَرامِ وَحَيثُ ما كُنتُم فَوَلّوا وُجوهَكُم شَطرَهُ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَيكُم حُجَّةٌ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم فَلا تَخشَوهُم وَاخشَونى وَلِأُتِمَّ نِعمَتى عَلَيكُم وَلَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 150) |
۽ جتان به تون لنگهندو هجين، پنهنجو منهن مسجد حرام ڏانهن ئي ڦيري ڇڏ ۽ جتي به توهان هجو اوڏانهن ئي منهن ڪري نماز پڙهندا ڪريو ته جيئن ماڻهن کي توهان جي خلاف ڪوبه دليل نه ملي، باقي ظالمن جو وات ته بند ٿيڻو ناهي، تنهنڪري انهن کان نه ڊڄو بلڪه مون کان ڊڄو ته جيئن مان توهان تي پنهنجي نعمت مڪمل ڪري ڇڏيان. ۽ ان لاءِ به ته مــَـنَ ائين ڪو توهان هدايت پرايو. |
كَما أَرسَلنا فيكُم رَسولًا مِنكُم يَتلوا عَلَيكُم ءايٰتِنا وَيُزَكّيكُم وَيُعَلِّمُكُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَيُعَلِّمُكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 151) |
جيئن جو اسان توهان ۾ خود توهان مان ئي هڪڙو رسول موڪليو، جيڪو توهان کي اسان جون آيتون ٻڌائي ٿو، توهان جي زندگين کي سنواري ٿو، توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو ۽ توهان کي اهي ڳالهيون سيکاري ٿو، جيڪي توهان نه ڄاڻندا هئا |
فَاذكُرونى أَذكُركُم وَاشكُروا لى وَلا تَكفُرونِ (آيت : 152) |
تنهنڪري توهان مون کي ياد ڪندا ڪريو ته مان به توهان کي ياد رکندس ۽ منهنجو شڪر ادا ڪريو، ناشڪري نه ڪريو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَعينوا بِالصَّبرِ وَالصَّلوٰةِ إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 153) |
اي ايمان وارؤ! صبر ۽ نماز کان مدد وٺندا ڪريو، الله صبر ڪندڙن جو ساڻي آهي |
وَلا تَقولوا لِمَن يُقتَلُ فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتٌ بَل أَحياءٌ وَلٰكِن لا تَشعُرونَ (آيت : 154) |
۽ جيڪي ماڻهو الله جي واٽ ۾ مارجي وڃن انهن کي مئل نه سڏيو، اهڙا ماڻهو ته حقيقت ۾ جيئرا آهن پر توهان کي انهن جي حياتيءَ جي سمجهه نٿي پوي |
وَلَنَبلُوَنَّكُم بِشَيءٍ مِنَ الخَوفِ وَالجوعِ وَنَقصٍ مِنَ الأَموٰلِ وَالأَنفُسِ وَالثَّمَرٰتِ وَبَشِّرِ الصّٰبِرينَ (آيت : 155) |
۽ اسان ضرور توهان کي خوف خطرن، بک، مال ۽ جان جي نقصانن ۽ اُپت جي گهٽتائيءَ ۾ وجهي توهان جي آزمائش لهنداسين، انهن حالتن ۾ جيڪي ماڻهو صبر ڪن انهن کي خوشخبري ڏئي ڇڏ |
الَّذينَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ قالوا إِنّا لِلَّهِ وَإِنّا إِلَيهِ رٰجِعونَ (آيت : 156) |
۽ جڏهن ڪا مصيبت اچين ته چون ته "اسان ته الله جا ئي آهيون ۽ ڏانهس ئي موٽي هلڻ وارا آهيون" |
أُولٰئِكَ عَلَيهِم صَلَوٰتٌ مِن رَبِّهِم وَرَحمَةٌ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُهتَدونَ (آيت : 157) |
ته مٿن سندن رب وٽان وڏيون نوازشون ٿينديون ۽ مٿن رحمت وسندي ۽ اهڙائي ماڻهو سنئينءَ واٽ تي هلندڙ آهن |
إِنَّ الصَّفا وَالمَروَةَ مِن شَعائِرِ اللَّهِ فَمَن حَجَّ البَيتَ أَوِ اعتَمَرَ فَلا جُناحَ عَلَيهِ أَن يَطَّوَّفَ بِهِما وَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَإِنَّ اللَّهَ شاكِرٌ عَليمٌ (آيت : 158) |
بيشڪ صفا ۽ مروه الله جي نشانين منجهان آهن، تنهنڪري جيڪو ماڻهو بيت الله جو حج يا عمرو ڪري ان لاءِ ڪابه گناهه جي ڳالهه ناهي جو هو انهن ٻنهي ٽڪرين جي وچ ۾ سعي ڪري ۽ جيڪو پنهنجي خوشيءَ سان ڪوبه ڀلائيءَ جو ڪم ڪندو ته الله کي ان جي ڄاڻ آهي ۽ هو ان جو قدر ڪرڻ وارو آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلنا مِنَ البَيِّنٰتِ وَالهُدىٰ مِن بَعدِ ما بَيَّنّٰهُ لِلنّاسِ فِى الكِتٰبِ أُولٰئِكَ يَلعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلعَنُهُمُ اللّٰعِنونَ (آيت : 159) |
جيڪي ماڻهو اسان جي نازل ڪيل چٽي تعليم ۽ هدايتن کي لڪائن ٿا، حالانڪه اسان انهن کي سڀني انسانن جي هدايت خاطر پنهنجي ڪتاب ۾ کولي بيان ڪري چڪا آهيون، پڪ ڄاڻو ته الله به انهن تي لعنت ٿو ڪري ۽ سڀئي لعنت ڪندڙ به مٿن لعنت ٿا ڪن |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَبَيَّنوا فَأُولٰئِكَ أَتوبُ عَلَيهِم وَأَنَا التَّوّابُ الرَّحيمُ (آيت : 160) |
باقي جيڪي انهيءَ هلت کان مڙي ويندا ۽ پنهنجي چال سڌاريندا ۽ جيڪو لڪائيندا هئا، ان کي کولي بيان ڪندا، انهن کي مان بخشي ڇڏيندس ۽ مان ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهيان |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ عَلَيهِم لَعنَةُ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 161) |
جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي ئي حالت ۾ دم ڏنائون، انهن تي الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت آهي |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 162) |
۽ انهيءَ لعنتي حالت ۾ هو هميشه پيل هوندا، نه سندن سزا ۾ ڪا هلڪائي ٿيندي ۽ نه وري انهن کي ڪا ٻي مهلت ئي ملندي |
وَإِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 163) |
توهان جو معبود ته اهو آهي جيڪو اڪيلو ئي معبود آهي، انهيءَ رحمان ۽ رحيم کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَالفُلكِ الَّتى تَجرى فِى البَحرِ بِما يَنفَعُ النّاسَ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن ماءٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَتَصريفِ الرِّيٰحِ وَالسَّحابِ المُسَخَّرِ بَينَ السَّماءِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 164) |
(انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا نشاني يا علامت گهربل آهي ته) جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم وٺن ٿا انهن لاءِ آسمانن ۽ زمين جي اڏاوت ۾، رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پويان ايندي رهڻ ۾ ۽ انهن ٻيڙين ۾ جيڪي ماڻهن جي فائدي جون شيون کنيو دريائن ۽ سمنڊن ۾ هلن چلن ٿيون، مينهن جي انهيءَ پاڻيءَ ۾ جنهن کي الله مٿان وسائي ٿو، پوءِ وري ان جي وسيلي مئل زمين کي جيئاري ٿو ۽ پنهنجي انهيءَ انتظام ذريعي زمين ۾ هر قسم جي ساهواري مخلوق پکيڙي ٿو، هوائن جي ڦرڻ گهرڻ ۾ ۽ انهن ڪڪرن ۾ جيڪي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ حڪم جا تابع بنائي رکيا ويا آهن، بيشمار نشانيون آهن |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَتَّخِذُ مِن دونِ اللَّهِ أَندادًا يُحِبّونَهُم كَحُبِّ اللَّهِ وَالَّذينَ ءامَنوا أَشَدُّ حُبًّا لِلَّهِ وَلَو يَرَى الَّذينَ ظَلَموا إِذ يَرَونَ العَذابَ أَنَّ القُوَّةَ لِلَّهِ جَميعًا وَأَنَّ اللَّهَ شَديدُ العَذابِ (آيت : 165) |
(پر الله جي هيڪڙائيءَ کي ثابت ڪرڻ وارين انهن پڌرين نشانين جي هوندي) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي الله کان سواءِ ٻين کي ٿا ان جو شريڪ بڻائن ۽ ساڻن اهڙي ٿا محبت ڪن جهڙي محبت الله سان هئڻ گهرجي، حالانڪه ايمان وارا ماڻهو ته سڀ کان وڌيڪ الله کي ٿا محبوب رکن. جيڪر ته جيڪا ڳالهه عذاب کي آڏو ڏسي کين سمجهه ۾ ايندي سا اڄ ئي انهن ظالمن کي سمجهه ۾ اچي ته سڀئي طاقتون ۽ سڀئي اختيار الله جي ئي هٿ آهن ۽ اها ڳالهه به ته الله سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي |
إِذ تَبَرَّأَ الَّذينَ اتُّبِعوا مِنَ الَّذينَ اتَّبَعوا وَرَأَوُا العَذابَ وَتَقَطَّعَت بِهِمُ الأَسبابُ (آيت : 166) |
جڏهن هو سزا ڏيندو ته ان وقت حالت اها هوندي جو اهي اڳواڻ ۽ رهنما جن جي دنيا ۾ پوئلڳي ڪئي ويندي هئي، پنهنجن پوئلڳن کان بيزاريءَ جو اعلان ڪندا، پر سزا ضرور لهندا ۽ سندن سڀ وسيلا وڙا ٽٽي ويندا |
وَقالَ الَّذينَ اتَّبَعوا لَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَتَبَرَّأَ مِنهُم كَما تَبَرَّءوا مِنّا كَذٰلِكَ يُريهِمُ اللَّهُ أَعمٰلَهُم حَسَرٰتٍ عَلَيهِم وَما هُم بِخٰرِجينَ مِنَ النّارِ (آيت : 167) |
۽ اهي ماڻهو جيڪي دنيا ۾ سندن ڪڍ لڳل هوندا هئا چوندا: ”جيڪر ته اسان کي وري هڪڙو موقعو ملي ها ته جيئن هو اڄ اسان کان ٿا بيزاري ظاهر ڪن، اسان به انهن کان ائين بيزار ٿي ڏيکاريون ها.“ اهڙيءَ ريت الله انهن جا اهي عمل جيڪي هو دنيا ۾ ڪندا هئا سندن آڏو آڻيندو جو افسوس ۽ پشيمانيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندا رهندا، پر باهه مان نڪرڻ جي ڪا واٽ نه لهندا |
يٰأَيُّهَا النّاسُ كُلوا مِمّا فِى الأَرضِ حَلٰلًا طَيِّبًا وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 168) |
اي انسانؤ! زمين ۾ جيڪي حلال ۽ پاڪ شيون آهن، اهي کائو ۽ شيطان جي ٻڌايل واٽن تي نه هلو، هو ته توهان جو کليو کلايو دشمن آهي |
إِنَّما يَأمُرُكُم بِالسّوءِ وَالفَحشاءِ وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 169) |
توهان کي برائيءَ ۽ بيحيائيءَ جو حڪم ڏيندو آهي ۽ اهو سيکاريندو آهي ته توهان الله لاءِ اهي ڳالهيون چئو جن جي توهان کي ڪائي ڄاڻ ڪونهي (ته اهي الله چيون آهن) |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما أَلفَينا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ ءاباؤُهُم لا يَعقِلونَ شَيـًٔا وَلا يَهتَدونَ (آيت : 170) |
جڏهن چئجين ٿو ته الله جيڪي حڪم نازل ڪيا آهن، انهن جي پيروي ڪريو، تڏهن چون ٿا ته اسان ته انهيءَ طريقي جي ئي پيروي ڪنداسين، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو آهي، ڇا پوءِ کڻي سندن ابن ڏاڏن عقل کان ڪو ڪم ئي نه ورتو هجي ۽ نڪي سنئين واٽ لڌي هجي، تڏهن به اهي سندن پيروي ڪندا رهندا؟ |
وَمَثَلُ الَّذينَ كَفَروا كَمَثَلِ الَّذى يَنعِقُ بِما لا يَسمَعُ إِلّا دُعاءً وَنِداءً صُمٌّ بُكمٌ عُمىٌ فَهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 171) |
انهن ماڻهن جن الله جي ڏسيل طريقن تي هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن جو مثال ائين آهي جيئن ڌنار جانورن کي هڪلون ڏيندو آهي ۽ اهي انهن هڪلن ۽ واڪن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٻڌندا آهن، اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، انڌا آهن، تنهنڪري ڪابه ڳالهه سندن سمجهه ۾ اچي ئي نٿي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَاشكُروا لِلَّهِ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 172) |
اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان واقعي الله جي ئي ٻانهپ ڪندڙ آهيو ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان کي ڏنيون آهن، انهن کي مزي سان کائو ۽ الله جو شڪر ادا ڪريو |
إِنَّما حَرَّمَ عَلَيكُمُ المَيتَةَ وَالدَّمَ وَلَحمَ الخِنزيرِ وَما أُهِلَّ بِهِ لِغَيرِ اللَّهِ فَمَنِ اضطُرَّ غَيرَ باغٍ وَلا عادٍ فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 173) |
الله جي طرفان ته رڳو اها روڪ آهي ته مردار نه کائو، رت ۽ سوئر جي گوشت کائڻ کان پاسو ڪريو ۽ اهڙي ڪابه شيءِ نه کائو، جنهن تي الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو ويو هجي پر جيڪڏهن ڪو شخص سخت لاچار ٿئي ۽ انهن مان ڪجهه کائي وٺي پر ائين جو هــُـن جو نڪي قانون ڀڃڻ جو ارادو هجي ۽ نه وري ضرورت جي حد کان ٽپي وڃي ته ان تي ڪو گناهه ڪونهي. الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي |
إِنَّ الَّذينَ يَكتُمونَ ما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ الكِتٰبِ وَيَشتَرونَ بِهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ ما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم إِلَّا النّارَ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 174) |
سچي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو انهن حڪمن کي لڪائن ٿا، جيڪي الله پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن ۽ ٿورڙن دنيوي فائدن خاطر انهن کان ڪنڌ ڪڍائن ٿا، اهي دراصل پنهنجن پيٽن ۾ رڳو باهه ٿا وجهن، قيامت جي ڏهاڙي الله انهن سان اصل ئي نه ڳالهائيندو ۽ نڪي انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ ته دردناڪ سزا آهي |
أُولٰئِكَ الَّذينَ اشتَرَوُا الضَّلٰلَةَ بِالهُدىٰ وَالعَذابَ بِالمَغفِرَةِ فَما أَصبَرَهُم عَلَى النّارِ (آيت : 175) |
اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن هدايت جي عيوض گمراهي خريد ڪئي ۽ بخشش جي بدلي عذاب خريد ڪيو، ڪهڙو نه عجيب حوصلو اٿن جو جهنم جو عذاب ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿيا بيٺا آهن |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ نَزَّلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فِى الكِتٰبِ لَفى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 176) |
اهو سڀ ڪجهه انڪري ٿيو جو جيتوڻيڪ الله ته بلڪل حق مطابق ڪتاب نازل ڪيو هو پر جن ماڻهن ڪتاب ۾ اختلاف پيدا ڪيا، اهي پنهنجن جهڳڙن ۾ حق کان گهڻو پري هليا ويا |
لَيسَ البِرَّ أَن تُوَلّوا وُجوهَكُم قِبَلَ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَلٰكِنَّ البِرَّ مَن ءامَنَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالكِتٰبِ وَالنَّبِيّۦنَ وَءاتَى المالَ عَلىٰ حُبِّهِ ذَوِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينَ وَابنَ السَّبيلِ وَالسّائِلينَ وَفِى الرِّقابِ وَأَقامَ الصَّلوٰةَ وَءاتَى الزَّكوٰةَ وَالموفونَ بِعَهدِهِم إِذا عٰهَدوا وَالصّٰبِرينَ فِى البَأساءِ وَالضَّرّاءِ وَحينَ البَأسِ أُولٰئِكَ الَّذينَ صَدَقوا وَأُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 177) |
نيڪي اها ناهي ته توهان پنهنجا منهن اوڀر ڏانهن ڪريو يا اولهه ڏانهن، پر نيڪي اها آهي ته ماڻهو الله کي ۽ قيامت جي ڏينهن کي ۽ ملائڪن کي ۽ الله جي نازل ڪيل ڪتاب ۽ سندس نبين کي سچيءَ دل سان مڃي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو دل گهريو مال عزيزن ۽ يتيمن تي، مسڪينن ۽ مسافرن تي، مدد لاءِ هٿ ڊگهيريندڙن تي ۽ ٻانهن کي آزاد ڪرائڻ تي خرچ ڪري، نماز قائم ڪري، زڪواة ادا ڪري ۽ نيڪ ته اهي ماڻهو آهن، جيڪي ڪو وعدو ڪن ته اهو پاڙين ۽ تنگيءَ ۽ مصيبت جي وقت ۽ حق ۽ باطل جي لڙائي وقت ثابت قدم رهن، اهي ئي آهن سچا ماڻهو ۽ اهي ئي آهن متقي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ القِصاصُ فِى القَتلَى الحُرُّ بِالحُرِّ وَالعَبدُ بِالعَبدِ وَالأُنثىٰ بِالأُنثىٰ فَمَن عُفِىَ لَهُ مِن أَخيهِ شَيءٌ فَاتِّباعٌ بِالمَعروفِ وَأَداءٌ إِلَيهِ بِإِحسٰنٍ ذٰلِكَ تَخفيفٌ مِن رَبِّكُم وَرَحمَةٌ فَمَنِ اعتَدىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَلَهُ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 178) |
اي ايمان وارؤ! توهان لاءِ قتل جي معاملن ۾ قصاص جو حڪم لکيو ويو آهي، آزاد قتل ڪيو هجي ته ان آزاد کان ئي بدلو ورتو ويندو، غلام قتل ڪيو هجي ته اهو غلام ئي قتل ڪيو وڃي ۽ ڪا عورت ڏوهاري هجي ته کانئس ئي قصاص ورتو وڃي. پر جي ڪنهن قاتل سان سندس ڀاءُ ڪا نرمي ڪرڻ لاءِ تيار هجي ته معروف طريقي مطابق خون بها مقرر ڪئي وڃي ۽ قاتل تي حق آهي ته ڀلي نموني ۾ خون بها ادا ڪري. اها توهان لاءِ الله پاران هلڪائي ۽ رحمت آهي، ان هوندي به جي ڪو حد کان ٽپي وڃي ته پوءِ ان لاءِ ڏاڍي سورن ڀري سزا آهي |
وَلَكُم فِى القِصاصِ حَيوٰةٌ يٰأُولِى الأَلبٰبِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 179) |
عقل ۽ سوچ وارؤ ! توهان لاءِ قصاص ۾ زندگي آهي، اميد ته توهان انهيءَ قانون جي ڀڃڪڙيءَ کان پاسو ڪندؤ |
كُتِبَ عَلَيكُم إِذا حَضَرَ أَحَدَكُمُ المَوتُ إِن تَرَكَ خَيرًا الوَصِيَّةُ لِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 180) |
توهان تي فرض ڪيو ويو آهي ته توهان مان جڏهن ڪو مرڻ لڳي ۽ پويان مال ملڪيت ڇڏي ويندو هجي ته ماءُ پيءُ ۽ عزيزن لاءِ مڃيل طريقي مطابق وصيت ڪري وڃي، اهو حق آهي متقين تي |
فَمَن بَدَّلَهُ بَعدَما سَمِعَهُ فَإِنَّما إِثمُهُ عَلَى الَّذينَ يُبَدِّلونَهُ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 181) |
پوءِ جنهن وصيت ٻڌي ۽ پوءِ ان کي بدلائي ڇڏيو ته ان جو گناهه انهن بدلائڻ وارن تي آهي. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
فَمَن خافَ مِن موصٍ جَنَفًا أَو إِثمًا فَأَصلَحَ بَينَهُم فَلا إِثمَ عَلَيهِ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 182) |
پر جنهن کي اهو انديشو هجي ته وصيت ڪندڙ اڻڄاڻائيءَ ۾ يا ڄاڻي واڻي حق ماريو آهي ۽ پوءِ معاملي سان لاڳاپو رکندڙن جي وچ ۾ هو اصلاح پيدا ڪري ته مٿس ڪوبه گناهه ڪونهي، الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كُتِبَ عَلَيكُمُ الصِّيامُ كَما كُتِبَ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِكُم لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 183) |
اي مومنؤ! توهان تي روزا فرض ڪيا ويا جيئن توهان کان اڳين امتن تي فرض ڪيا ويا هئا، ان لاءِ ته مــَـنَ توهان ۾ تقويٰ پيدا ٿئي |
أَيّامًا مَعدودٰتٍ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ وَعَلَى الَّذينَ يُطيقونَهُ فِديَةٌ طَعامُ مِسكينٍ فَمَن تَطَوَّعَ خَيرًا فَهُوَ خَيرٌ لَهُ وَأَن تَصوموا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 184) |
ڪن مقرر ڪيل ڏينهن جا روزا آهن، جيڪڏهن توهان مان ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ اوترن ڏينهن جو انگ پورو ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ماڻهو روزا رکڻ جي طاقت هوندي (به نه رکن) ته اهي فديو (ڏنڊ) ڏين. هڪ روزي جو فديو هڪ مسڪين کي کاڌو کارائڻ آهي ۽ جيڪو پنهنجي رضا خوشيءَ سان وڌيڪ نيڪي ڪندو ته اهو ان لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، پر (ياد رکو ته) توهان لاءِ وڌيڪ سٺو اهو آهي ته توهان روزا رکو جيڪڏهن توهان کي سمجهه (عقل) آهي |
شَهرُ رَمَضانَ الَّذى أُنزِلَ فيهِ القُرءانُ هُدًى لِلنّاسِ وَبَيِّنٰتٍ مِنَ الهُدىٰ وَالفُرقانِ فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهرَ فَليَصُمهُ وَمَن كانَ مَريضًا أَو عَلىٰ سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِن أَيّامٍ أُخَرَ يُريدُ اللَّهُ بِكُمُ اليُسرَ وَلا يُريدُ بِكُمُ العُسرَ وَلِتُكمِلُوا العِدَّةَ وَلِتُكَبِّرُوا اللَّهَ عَلىٰ ما هَدىٰكُم وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 185) |
رمضان اهو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ٿيو، جيڪو انسانن لاءِ هدايت آهي ۽ اهڙين چٽين ڳالهين وارو آهي، جيڪي سڌو رستو ڏيکاريندڙ ۽ حق ۽ باطل جو فرق ظاهر ڪندڙ آهن، تنهنڪري جنهن کي اهو مهينو هٿ اچي ته ان تي لازم آهي ته سڄو مهينو روزا رکي ۽ جيڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ روزن جو انگ پورو ڪري ڇڏي، الله ته توهان لاءِ آساني ٿو ڪرڻ چاهي، ۽ اوهان تي سختي ڪرڻ نه ٿو گهري، تنهنڪري اهو ان ڪري ٿو ٻڌايو وڃيوَ ته جيئن توهان روزن جو تعداد پورو ڪري سگهو ۽ جنهن هدايت سان الله توهان کي نوازيو آهي، انهيءَ جي ملڻ تي الله جي وڏائي بيان ڪريو ۽ سندس شڪرانا ادا ڪريو |
وَإِذا سَأَلَكَ عِبادى عَنّى فَإِنّى قَريبٌ أُجيبُ دَعوَةَ الدّاعِ إِذا دَعانِ فَليَستَجيبوا لى وَليُؤمِنوا بى لَعَلَّهُم يَرشُدونَ (آيت : 186) |
۽ اي نبي! جڏهن منهنجا ٻانها توکان مون بابت پڇن ته ٻڌائين ته مان انهن کي ويجهڙو ئي آهيان، سڏيندڙ جڏهن مون کي سڏي ٿو ته مان سندس سڏ ٻڌان ۽ ورنايان ٿو، تنهنڪري کين گهرجي ته منهنجي سڏ تي لبيڪ چون ۽ مون تي ايمان آڻين (اها ڳالهه ٻڌائين) ته مــَـن هو سنئين واٽ لهن |
أُحِلَّ لَكُم لَيلَةَ الصِّيامِ الرَّفَثُ إِلىٰ نِسائِكُم هُنَّ لِباسٌ لَكُم وَأَنتُم لِباسٌ لَهُنَّ عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم كُنتُم تَختانونَ أَنفُسَكُم فَتابَ عَلَيكُم وَعَفا عَنكُم فَالـٰٔنَ بٰشِروهُنَّ وَابتَغوا ما كَتَبَ اللَّهُ لَكُم وَكُلوا وَاشرَبوا حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الخَيطُ الأَبيَضُ مِنَ الخَيطِ الأَسوَدِ مِنَ الفَجرِ ثُمَّ أَتِمُّوا الصِّيامَ إِلَى الَّيلِ وَلا تُبٰشِروهُنَّ وَأَنتُم عٰكِفونَ فِى المَسٰجِدِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَقرَبوها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 187) |
توهان لاءِ روزن جي راتين ۾ پنهنجي زالن وٽ وڃڻ حلال ڪيو ويو آهي، هو توهان لاءِ لباس آهن ۽ توهان هنن لاءِ لباس آهيو. الله کي معلوم ٿيو ته توهان لڪ چوريءَ پاڻ سان پئي خيانت ڪئي پر هن توهان جو ڏوهه معاف ڪيو ۽ توهان کان ٽارو ڪيو، هاڻي توهان پنهنجي زالن سان ڀلي صحبت ڪريو ۽ جيڪو لطف، الله توهان لاءِ جائز ڪيو آهي سو حاصل ڪريو ۽ پڻ راتين جو کائو پيئو، ايستائين جو توهان کي رات جي اوندهه واري ليڪي کان باک ڦٽڻ وارو ليڪو پڌرو ٿي نظر اچي، پوءِ اهي ڳالهيون جــَـهلي رات تائين پنهنجو روزو پورو ڪريو ۽ جڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل هجو ته زالن سان صحبت نه ڪريو. اهي الله جون بيهاريل حدون آهن جن جي ويجهو به نه وڃجو، اهڙيءَ ريت الله پنهنجا حڪم ماڻهن کي کولي کولي ٿو ٻڌائي ته مـَـنَ هو غلط نموني ۾ هلڻ کان بچن |
وَلا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ وَتُدلوا بِها إِلَى الحُكّامِ لِتَأكُلوا فَريقًا مِن أَموٰلِ النّاسِ بِالإِثمِ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 188) |
۽ توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناجائز طرح نه کائيندا ڪريو ۽ نڪي حاڪمن وٽ انهن کي ان مقصد خاطر پيش ڪريو تانته توهان کي ٻين جي مال مان ڪو حصو ڄاڻي واڻي ظلم سان کائڻ جو موقعو ملي وڃي |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَهِلَّةِ قُل هِىَ مَوٰقيتُ لِلنّاسِ وَالحَجِّ وَلَيسَ البِرُّ بِأَن تَأتُوا البُيوتَ مِن ظُهورِها وَلٰكِنَّ البِرَّ مَنِ اتَّقىٰ وَأتُوا البُيوتَ مِن أَبوٰبِها وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 189) |
اي نبي! ماڻهو توکان چنڊ جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ بابت پڇا ڪن ٿا، چؤ ته اهي ماڻهن لاءِ تاريخون مقرر ڪرڻ جون ۽ حج جون علامتون آهن ۽ اهو پڻ ٻڌائين ته اهو ڪو نيڪيءَ وارو ڪم ناهي ته توهان پنهنجن گهرن ۾ پٺئين پاسي کان داخل ٿيو، نيڪي ته اصل ۾ اها آهي ته ماڻهو الله جي ناراضپي کان بچي، تنهنڪري توهان پنهنجن گهرن ۾ دروازي مان ايندا ڪريو، باقي الله کان ڊڄندا ڪريو ته مــَـنَ توهان کي فلاح نصيب ٿئي |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يُقٰتِلونَكُم وَلا تَعتَدوا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 190) |
۽ توهان الله جي راهه ۾ انهن ماڻهن سان جنگ ڪريو، جيڪي توهان سان وڙهن ٿا پر حد کان نه وڌندا ڪريو، الله حد کان وڌندڙن کي پسند نه ڪندو آهي |
وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأَخرِجوهُم مِن حَيثُ أَخرَجوكُم وَالفِتنَةُ أَشَدُّ مِنَ القَتلِ وَلا تُقٰتِلوهُم عِندَ المَسجِدِ الحَرامِ حَتّىٰ يُقٰتِلوكُم فيهِ فَإِن قٰتَلوكُم فَاقتُلوهُم كَذٰلِكَ جَزاءُ الكٰفِرينَ (آيت : 191) |
انهن سان جنگ ڪريو جتي به توهان جو انهن سان مــُـهاڏو اٽڪي ۽ انهن کي اتان ڪڍو جتان انهن توهان کي ڪڍيو هو، ڇوجو توڻي جو قتل ڪرڻ برو آهي پر فتنو انهيءَ کان به وڌيڪ برو آهي. ۽ مسجد حرام (ڪعبي) جي ويجهو جيستائين هو توهان سان نه وڙهن توهان به نه وڙهونِ پر جيڪڏهن هو اتي وڙهڻ کان نه مڙن ته پوءِ توهان به ڀلي کين ماريو، جو اهڙن ڪافرن لاءِ جوڳي سزا اهائي آهي |
فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 192) |
پوءِ جي هو مڙي وڃن ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَلا عُدوٰنَ إِلّا عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 193) |
توهان انهن سان ايستائين وڙهندا رهو جو فتنو نه رهي ۽ دين الله لاءِ ئي ٿي وڃي، پوءِ جيڪڏهن هو باز اچن ته سمجهي ڇڏيو ته ظالمن کانسواءِ ٻئي ڪنهن تي به هٿ کڻڻ جائز نه آهي |
الشَّهرُ الحَرامُ بِالشَّهرِ الحَرامِ وَالحُرُمٰتُ قِصاصٌ فَمَنِ اعتَدىٰ عَلَيكُم فَاعتَدوا عَلَيهِ بِمِثلِ مَا اعتَدىٰ عَلَيكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَعَ المُتَّقينَ (آيت : 194) |
حرام مهيني جو عيوض حرام مهينو ئي آهي ۽ سڀني حرمتن جو خيال برابريءَ جي بنياد تي رکيو ويندو، تنهنڪري جيڪو توهان تي هٿ کڻي ته توهان به اوترو ئي مٿس هٿ کڻو، پر الله کان ڊڄندا رهو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله جو ساٿ انهن سان آهي، جيڪي حدون ٽوڙڻ کان پاسو ڪن ٿا |
وَأَنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلا تُلقوا بِأَيديكُم إِلَى التَّهلُكَةِ وَأَحسِنوا إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 195) |
الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي تباهيءَ ۾ نه وجهو، احسان وارو طريقو اختيار ڪريو جو الله محسنن کي پسند ڪندو آهي |
وَأَتِمُّوا الحَجَّ وَالعُمرَةَ لِلَّهِ فَإِن أُحصِرتُم فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ وَلا تَحلِقوا رُءوسَكُم حَتّىٰ يَبلُغَ الهَدىُ مَحِلَّهُ فَمَن كانَ مِنكُم مَريضًا أَو بِهِ أَذًى مِن رَأسِهِ فَفِديَةٌ مِن صِيامٍ أَو صَدَقَةٍ أَو نُسُكٍ فَإِذا أَمِنتُم فَمَن تَمَتَّعَ بِالعُمرَةِ إِلَى الحَجِّ فَمَا استَيسَرَ مِنَ الهَدىِ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ ثَلٰثَةِ أَيّامٍ فِى الحَجِّ وَسَبعَةٍ إِذا رَجَعتُم تِلكَ عَشَرَةٌ كامِلَةٌ ذٰلِكَ لِمَن لَم يَكُن أَهلُهُ حاضِرِى المَسجِدِ الحَرامِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 196) |
الله جي رضا خاطر جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪيو ته ان کي پورو ڪيو ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڦاسي پئو (روڪيا وڃو) ته جيڪا به قرباني هٿ اچي سگهيوَ سا الله آڏو پيش ڪريو، ۽ پنهنجا مــَـٿا نه ڪوڙايو جيستائين جو قرباني پنهنجي جاءِ تي وڃي نه پهچي، پر جيڪو ماڻهو بيمار هجي يا جنهن جي مٿي ۾ ڪا تڪليف هجي ۽ ان ڪري مٿو ڪوڙائي ته کيس گهرجي ته فديي طور روزا رکي يا خيرات ڪري يا قرباني ڪري، پوءِ جڏهن توهان کي امن نصيب ٿئي (۽ توهان حج کان اڳ ۾ مڪي پهچي وڃو) ته جيڪو شخص توهان مان حج جو زمانو اچڻ تائين عمري جو فائدو حاصل ڪري ته اهو حيثيت آهر قرباني ڪري ۽ جيڪڏهن قرباني نه ڪري سگهي ته ٽي روزا حج جي زماني ۾ ۽ ست گهر پهچي رکي، اهڙيءَ ريت ڏهه روزا پورا ڪري، اها رعايت انهن ماڻهن لاءِ آهي، جن جا گهرگهاٽ مسجد حرام (ڪعبي) جي ويجهو نه هجن. الله جي انهن حڪمن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪريو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي |
الحَجُّ أَشهُرٌ مَعلومٰتٌ فَمَن فَرَضَ فيهِنَّ الحَجَّ فَلا رَفَثَ وَلا فُسوقَ وَلا جِدالَ فِى الحَجِّ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ يَعلَمهُ اللَّهُ وَتَزَوَّدوا فَإِنَّ خَيرَ الزّادِ التَّقوىٰ وَاتَّقونِ يٰأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 197) |
حج جا مهينا سڀني کي معلوم آهن، جيڪو ماڻهو انهن مقرر ڪيل مهينن ۾ حج جي نيت ڪري ته ان کي گهرجي ته حج واري عرصي ۾ ڪوبه شهوت وارو ڪم، ڪوبه نافرمانيءَ وارو ڪم، ڪوبه جهيڙو جهٽو نه ڪري ۽ جيڪو به نيڪ ڪم توهان ڪندؤ اهو الله جي ڄاڻ ۾ هوندو. حج جي سفر لاءِ ثمر ساڻ کڻو ۽ سڀ کان ڀلو ثمر ته پرهيزگاري آهي. تنهنڪري اي سياڻپ وارؤ! نافرمانيءَ کان پاڻ بچايو |
لَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَبتَغوا فَضلًا مِن رَبِّكُم فَإِذا أَفَضتُم مِن عَرَفٰتٍ فَاذكُرُوا اللَّهَ عِندَ المَشعَرِ الحَرامِ وَاذكُروهُ كَما هَدىٰكُم وَإِن كُنتُم مِن قَبلِهِ لَمِنَ الضّالّينَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن حج سان گڏوگڏ توهان پنهنجي رب جو فضل به هٿ ڪندا وڃو ته ان ۾ ڪو ڀولو نه آهي. پوءِ جڏهن عرفات کان روانا ٿيو ته مشعر حرام (مزدلفه) وٽ ترسي الله کي ياد ڪريو ۽ ائين ياد ڪريو جيئن هن توهان کي هدايت ڏني آهي، نه ته ان کان اڳ ۾ ته توهان گمراهن مان هئا |
ثُمَّ أَفيضوا مِن حَيثُ أَفاضَ النّاسُ وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 199) |
پوءِ جتان سڀئي ماڻهو موٽن اتان توهان به موٽي پئو ۽ الله کان معافي گهرو، بيشڪ هو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي |
فَإِذا قَضَيتُم مَنٰسِكَكُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَذِكرِكُم ءاباءَكُم أَو أَشَدَّ ذِكرًا فَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن خَلٰقٍ (آيت : 200) |
پوءِ جڏهن حج جا ارڪان پورا ڪري ڇڏيو ته پوءِ جيئن اڳي توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ياد ڪندا هيؤ، تيئن هاڻي الله کي ياد ڪريو، بلڪه اڃان به وڌيڪ (پر الله جي ياد ڪندڙن ۾ به گهڻو فرق آهي) انهن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو چوي ٿو ته اي اسان جا رب ! اسان کي دنيا ۾ ئي سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏ، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو ڪونهي |
وَمِنهُم مَن يَقولُ رَبَّنا ءاتِنا فِى الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ حَسَنَةً وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 201) |
۽ ڪو چوي ٿو ته اي اسان جا رب! اسان کي دنيا ۾ به ڀلائي ڏي ۽ آخرت ۾ به ڀلائي ڏي ۽ باهه جي عذاب کان اسان کي بچاءِ |
أُولٰئِكَ لَهُم نَصيبٌ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 202) |
اهڙا ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ آهر (ٻنهي هنڌ) حـصو لهندا ۽ الله کي حساب وٺڻ ۾ ڪابه دير نه ٿي لڳي |
وَاذكُرُوا اللَّهَ فى أَيّامٍ مَعدودٰتٍ فَمَن تَعَجَّلَ فى يَومَينِ فَلا إِثمَ عَلَيهِ وَمَن تَأَخَّرَ فَلا إِثمَ عَلَيهِ لِمَنِ اتَّقىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 203) |
اهي ڪي ڳاڻ ڳڻيا ڏينهن آهن، جيڪي توهان کي الله کي ياد ۾ گذارڻ کپن، پوءِ جيڪو تڪڙ ڪري ٻن ڏينهن ۾ ئي واپس ٿيو ته ڪو گناهه ڪونهي ۽ جيڪو ڪجهه وقت رهي واپس وريو ته به ڪو گناهه ناهي، پر شرط اهو آهي ته اهي ڏينهن تقويٰ سان گذاريا وڃن. الله جي نافرمانيءَ کان پاڻ بچايو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته هڪڙي ڏينهن سندس حضور ۾ هلي حاضر ٿيڻو اٿوَ |
وَمِنَ النّاسِ مَن يُعجِبُكَ قَولُهُ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيُشهِدُ اللَّهَ عَلىٰ ما فى قَلبِهِ وَهُوَ أَلَدُّ الخِصامِ (آيت : 204) |
انسانن مان ڪو اهڙو آهي، جنهن جون ڳالهيون دنيا واري زندگيءَ ۾ توکي ڏاڍيون ڀليون ٿيون لڳن ۽ هو پنهنجي نيڪ نيتي تي الله کي شاهد ٿو ڪري پر هو اصل ۾ حق جو بڇڙي ۾ بڇڙو دشمن آهن |
وَإِذا تَوَلّىٰ سَعىٰ فِى الأَرضِ لِيُفسِدَ فيها وَيُهلِكَ الحَرثَ وَالنَّسلَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الفَسادَ (آيت : 205) |
جڏهن کيس ڪو اقتدار ملي ٿو ته زمين ۾ سندس سموري جاکوڙ ان لاءِ ٿئي ٿي ته فساد پکيڙي، پوکن کي ناس ڪري، انساني نسل کي تباهه ڪري، حالانڪه الله ته (جنهن کي پئي شاهد ڪيائين) فساد کي ڪنهن به صورت ۾ پسند نه ڪندو آهي |
وَإِذا قيلَ لَهُ اتَّقِ اللَّهَ أَخَذَتهُ العِزَّةُ بِالإِثمِ فَحَسبُهُ جَهَنَّمُ وَلَبِئسَ المِهادُ (آيت : 206) |
جڏهن کيس چئجي ٿو ته الله کان ڊڄ ته پنهنجي وقار جو خيال کيس گناهه تي کــُـپائي ٿو ڇڏي، اهڙي شخص لاءِ ته جهنم ئي ٺيڪ آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشرى نَفسَهُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 207) |
ٻئي پاسي انسانن مان ئي ڪو اهڙو به آهي، جيڪو الله جي رضا ماڻڻ خاطر پنهنجي جان به قربان ٿو ڪري ڇڏي ۽ الله اهڙن بندن تي ڏاڍو مهربان آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا ادخُلوا فِى السِّلمِ كافَّةً وَلا تَتَّبِعوا خُطُوٰتِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 208) |
اي ايمان وارؤ! توهان سڄا سارا ئي (پوريءَ طرح) اسلام ۾ داخل ٿي وڃو ۽ شيطان جي ڪڍ نه لڳو، هو توهان جو کليو کلايو دشمن آهي |
فَإِن زَلَلتُم مِن بَعدِ ما جاءَتكُمُ البَيِّنٰتُ فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 209) |
جيڪي چٽيون هدايتون توهان وٽ اچي ويون آهن، انهن جي ملڻ کانپوءِ جي توهان ٿڙندؤ ته سمجهي ڇڏيو ته الله سڀني تي غالب ۽ داناءُ آهي |
هَل يَنظُرونَ إِلّا أَن يَأتِيَهُمُ اللَّهُ فى ظُلَلٍ مِنَ الغَمامِ وَالمَلٰئِكَةُ وَقُضِىَ الأَمرُ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 210) |
(انهن سڀني نصيحتن ۽ هدايتن کان پوءِ ماڻهو نه سڌريا ته) پوءِ ڀلا هو انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ آهن ڇا ته الله ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ ۽ ملائڪن جون قطارون ساڻ کنيو اچي اڳيان بيهي ۽ فيصلو چڪتو ڪيو وڃي؟ نيٺ وڃي سڀ معاملا پيش ته الله جي آڏو ئي ٿيڻا آهن |
سَل بَنى إِسرٰءيلَ كَم ءاتَينٰهُم مِن ءايَةٍ بَيِّنَةٍ وَمَن يُبَدِّل نِعمَةَ اللَّهِ مِن بَعدِ ما جاءَتهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 211) |
بني اسرائيل کان پــُـڇ ته ڪهڙيون نه پڌريون نشانيون اسان کين ڏيکاريون (۽ اهو به کانئن پڇ ته) الله جي نعمت ملڻ کان پوءِ جيڪا قوم انهيءَ کي بدبختيءَ سان بدلائي ڇڏي ٿي، ان کي الله ڪهڙي نه سخت سزا ٿو ڏئي |
زُيِّنَ لِلَّذينَ كَفَرُوا الحَيوٰةُ الدُّنيا وَيَسخَرونَ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ اتَّقَوا فَوقَهُم يَومَ القِيٰمَةِ وَاللَّهُ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 212) |
جن ماڻهن ڪفر وارو رستو اختيار ڪيو، انهن لاءِ دنيا واري زندگي ڏسڻ ۾ ڏاڍي سهڻي بڻائي وئي، اهڙا ماڻهو ايمان وارن تي ٺٺوليون ٿا ڪن پر قيامت جي ڏينهن پرهيزگار ماڻهو ئي سندن مقابلي ۾ مٿانهان هوندا. باقي دنيا جو رزق ته الله جنهن کي گهري بنا حساب ڏئي ڇڏي ٿو |
كانَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً فَبَعَثَ اللَّهُ النَّبِيّۦنَ مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ وَأَنزَلَ مَعَهُمُ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِيَحكُمَ بَينَ النّاسِ فيمَا اختَلَفوا فيهِ وَمَا اختَلَفَ فيهِ إِلَّا الَّذينَ أوتوهُ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ بَغيًا بَينَهُم فَهَدَى اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا لِمَا اختَلَفوا فيهِ مِنَ الحَقِّ بِإِذنِهِ وَاللَّهُ يَهدى مَن يَشاءُ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 213) |
منڍ ۾ سڀئي ماڻهو هڪڙي ئي طريقي تي هئا (پوءِ اها ڳالهه نه رهي ۽ اختلاف پئجي ويا) ته وري الله نبي موڪليا، جيڪي سڌي واٽ هلڻ تي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڏِنگي هلت جي نتيجن کان ڊيڄارڻ وارا هئا ۽ ساڻن حق وارو ڪتاب نازل ڪيائين ته جيئن حق بابت ماڻهن ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿي پيا هئا، انهن جو فيصلو ڪري ڇڏي (۽ انهن اختلافن پيدا ٿيڻ جو سبب اهو نه هو ته منڍ ۾ ماڻهن کي حق ڏسيو نه ويو هو) اختلاف ته انهن ماڻهن ڪيا جن کي حق جو علم ڏنو ويو هو، انهن چٽيون هدايتون ملڻ کانپوءِ فقط ان ڪري حق کي ڇڏي ٻيا رستا ڪڍيا جو هنن هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ پئي گهري. پوءِ جن ماڻهن نبين تي ايمان آندو انهن کي الله پنهنجي حڪم سان اهوئي حق وارو رستو ڏسيو، جنهن ۾ ماڻهن اختلاف پيدا ڪيا هئا، الله جنهن کي گهري ٿو سڌو رستو ڏيکاري ٿو |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَأتِكُم مَثَلُ الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلِكُم مَسَّتهُمُ البَأساءُ وَالضَّرّاءُ وَزُلزِلوا حَتّىٰ يَقولَ الرَّسولُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ مَتىٰ نَصرُ اللَّهِ أَلا إِنَّ نَصرَ اللَّهِ قَريبٌ (آيت : 214) |
پوءِ ڀلا توهان اهو سمجهيو آهي ڇا ته ائين ئي وڃي جنت ۾ داخل ٿيندؤ، حالانڪه اڃان توهان تي اهو سڀ ڪجهه وهيو واپريو ئي نه آهي، جيڪو توهان کان اڳ ۾ ايمان آڻڻ وارن تي ٿي گذريو هو؟ انهن ته ڏاڍيون سختيون ســَـٺيون، مٿن مصيبتون آيون، ڌوڏيا ويا، ايستائين جو وقت جو رسول ۽ سندس ساٿي ايمان وارا رڙ ڪري اٿيا ته الله جي مدد ڪڏهن ايندي! (تڏهن انهن کي دلجاءِ ڏني ويئي ته) ها ها! الله جي مدد ويجهي اٿوَ |
يَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُل ما أَنفَقتُم مِن خَيرٍ فَلِلوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 215) |
توکان پڇن ٿا ته ڇا خرچ ڪن؟ ٻڌائين ته جيڪو به مال توهان خرچ ڪريو، پنهنجي ماءُ پيءُ تي، مٽن مائٽن تي، يتيمن ۽ مسڪينن تي ۽ مسافرن تي خرچ ڪريو ۽ جيڪا به ڀلائي توهان ڪندؤ الله ان کان باخبر هوندو |
كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ وَهُوَ كُرهٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَعَسىٰ أَن تُحِبّوا شَيـًٔا وَهُوَ شَرٌّ لَكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 216) |
توهان کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ اها توهان کي ناپسند آهي، ٿي سگهي ٿو ته ڪا ڳالهه توهان کي ناپسند هجي ۽ اهائي توهان لاءِ ڀلي هجي ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪا شيءِ توهان کي پسند هجي ۽ اهائي توهان لاءِ بــُـري هجي، الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الشَّهرِ الحَرامِ قِتالٍ فيهِ قُل قِتالٌ فيهِ كَبيرٌ وَصَدٌّ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَكُفرٌ بِهِ وَالمَسجِدِ الحَرامِ وَإِخراجُ أَهلِهِ مِنهُ أَكبَرُ عِندَ اللَّهِ وَالفِتنَةُ أَكبَرُ مِنَ القَتلِ وَلا يَزالونَ يُقٰتِلونَكُم حَتّىٰ يَرُدّوكُم عَن دينِكُم إِنِ استَطٰعوا وَمَن يَرتَدِد مِنكُم عَن دينِهِ فَيَمُت وَهُوَ كافِرٌ فَأُولٰئِكَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 217) |
ماڻهو توکان پڇن ٿا ته عزت واري مهيني ۾ جنگ ڪرڻ ڪيئن آهي؟ چوين ته ان ۾ جنگ ڪرڻ ڏاڍي خراب ڳالهه آهي. پر الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪڻ ۽ الله سان ڪفر ڪرڻ ۽ مسجد حرام (ڪعبي) ۾ وڃڻ کان روڪڻ ۽ حرم ۾ رهندڙن کي اتان ڪڍي ڇڏڻ الله وٽ انهيءَ کان به وڌيڪ بڇڙي ڳالهه آهي ۽ فتنو خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي، هو ته توهان سان وڙهندا ئي رهندا. ايستائين جو جيڪڏهن سندن وس پــُـڄي ته توهان کي انهيءَ دين کان ئي ڦيرائي ڇڏين (۽ اها ڳالهه سمجهي ڇڏيو ته) توهان مان جيڪو به پنهنجي دين کان ڦرندو ۽ ڪافر ٿي مرندو ته اهڙن جا عمل دنيا توڙي آخرت ۾ چٽ ٿي ويندا. اهڙا سڀئي ماڻهو دوزخي آهن ۽ هو سدائين دوزخ ۾ رهندا |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَالَّذينَ هاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ أُولٰئِكَ يَرجونَ رَحمَتَ اللَّهِ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 218) |
ان جي ابتـڙ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن الله جي راهه ۾ پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو ۽ جهاد ڪيائون، اهي الله جي رحمت جا صحيح اميدوار آهن ۽ الله انهن جي خطائن کي معاف ڪرڻ وارو ۽ کين پنهنجي رحمت سان نوازڻ وارو آهي |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الخَمرِ وَالمَيسِرِ قُل فيهِما إِثمٌ كَبيرٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَإِثمُهُما أَكبَرُ مِن نَفعِهِما وَيَسـَٔلونَكَ ماذا يُنفِقونَ قُلِ العَفوَ كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 219) |
توکان پڇن ٿا ته شراب ۽ جوا بابت ڪهڙو حڪم آهي؟ ٻڌائين ته انهن ٻنهي ۾ وڏي خرابي آهي، جيتوڻيڪ انهن ۾ ماڻهن لاءِ ڪي فائدا به آهن، پر انهن جو گناهه انهن جي فائدي کان تمام وڌيڪ آهي، توکان پڇن ٿا ته الله جي واٽ ۾ ڇا خرچ ڪن؟ ٻڌائين ته جيڪي به توهان جي ضرورت کان وڌيڪ هجي. اهڙيءَ ريت الله توهان لاءِ کولي کولي حڪم بيان ڪري ٿو ته مـَـنَ توهان ڪو فڪر ڪريو |
فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ اليَتٰمىٰ قُل إِصلاحٌ لَهُم خَيرٌ وَإِن تُخالِطوهُم فَإِخوٰنُكُم وَاللَّهُ يَعلَمُ المُفسِدَ مِنَ المُصلِحِ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَأَعنَتَكُم إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 220) |
دنيا توڙي آخرت ٻنهي جو، توکان پڇن ٿا ته، يتيمن سان ڪيئن هلجي؟ چوين ته جنهن ۾ انهن جي ڀلائي هجي ائين ئي ڪرڻ ڀلو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجو ۽ انهن جو خرچ پکو ۽ رهڻ ڪـَـهڻ گڏيل رکو ته ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي جو هو آخر توهان جا ڀائر ئي ته آهن، برائي ڪندڙ ۽ ڀلائي ڪندڙ ٻنهي کي الله چڱي طرح سڃاڻي ٿو. الله جي گهري ها ته ان معاملي ۾ توهان تي سختي ڪري ها، پر هو وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي |
وَلا تَنكِحُوا المُشرِكٰتِ حَتّىٰ يُؤمِنَّ وَلَأَمَةٌ مُؤمِنَةٌ خَيرٌ مِن مُشرِكَةٍ وَلَو أَعجَبَتكُم وَلا تُنكِحُوا المُشرِكينَ حَتّىٰ يُؤمِنوا وَلَعَبدٌ مُؤمِنٌ خَيرٌ مِن مُشرِكٍ وَلَو أَعجَبَكُم أُولٰئِكَ يَدعونَ إِلَى النّارِ وَاللَّهُ يَدعوا إِلَى الجَنَّةِ وَالمَغفِرَةِ بِإِذنِهِ وَيُبَيِّنُ ءايٰتِهِ لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 221) |
توهان مشرڪ عورتن سان ڪنهن به صورت ۾ نڪاح نه ڪريو، جيستائين هو ايمان نه آڻين. هڪ مؤمن ٻانهي، (آزاد) مشرڪياڻيءَ کان ڀلي آهي، توڻي جو هوءَ (مشرڪياڻي) توهان کي ڪيڏي به وڻندي هجي ۽ پنهنجي عورتن جا نڪاح مشرڪ مردن سان ڪڏهن به نه ڪجو، جيستائين هو ايمان نه آڻين، هڪ مؤمن غلام، (آزاد) مشرڪ مرد کان ڀلو آهي، کڻي اُهو توهان کي ڏاڍو پسند ڇونه هجي. اِهي ماڻهو توهان کي باهه ڏانهن ٿا سڏين ۽ الله پنهنجي حڪم سان توهان کي جنت ۽ مغفرت ڏانهن ٿو سڏي ۽ هو پنهنجا حڪم چٽيءَ طرح ماڻهن آڏو ٿو بيان ڪري ته مــَـنَ هو سبق پرائن ۽ نصيحت وٺن |
وَيَسـَٔلونَكَ عَنِ المَحيضِ قُل هُوَ أَذًى فَاعتَزِلُوا النِّساءَ فِى المَحيضِ وَلا تَقرَبوهُنَّ حَتّىٰ يَطهُرنَ فَإِذا تَطَهَّرنَ فَأتوهُنَّ مِن حَيثُ أَمَرَكُمُ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ التَّوّٰبينَ وَيُحِبُّ المُتَطَهِّرينَ (آيت : 222) |
توکان پڇن ٿا ته، حيض (ماهواري) بابت ڇا حڪم آهي؟ چوين ته اها هڪ گند واري حالت آهي، ان ۾ زالن کان پاسي رهو ۽ کين ويجها نه وڃو، جيستائين هو پاڪ صاف نه ٿين، پوءِ جڏهن هو پاڪ ٿي وڃن ته وٽن وڃو، ائين ئي جيئن توهان کي الله حڪم ڏنو آهي. الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو جيڪي بــَـديءَ کان رڪجي وڃن ٿا ۽ پاڪائي اختيار ڪن ٿا |
نِساؤُكُم حَرثٌ لَكُم فَأتوا حَرثَكُم أَنّىٰ شِئتُم وَقَدِّموا لِأَنفُسِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّكُم مُلٰقوهُ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 223) |
توهان جون زالون توهان جي پوک آهن، توهان کي جيئن به وڻي ڀلي پنهنجي پوک ۾ وڃو پر پنهنجي آئيندي جي ڳڻ ڪريو ۽ الله جي ناراضپي کان بچو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان کي هڪ ڏينهن ساڻس ضرور ملڻو آهي ۽ اي نبي! جيڪي تنهنجون هدايتون مڃين، انهن کي (فلاح ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏئي ڇڏ |
وَلا تَجعَلُوا اللَّهَ عُرضَةً لِأَيمٰنِكُم أَن تَبَرّوا وَتَتَّقوا وَتُصلِحوا بَينَ النّاسِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 224) |
الله جي نالي کي اهڙن قسمن کڻڻ لاءِ استعمال نه ڪريو، جن مان توهان جو مقصد نيڪي ۽ تقويٰ ۽ الله جي بندن جي ڀلائيءَ وارن ڪمن کان پاڻ کي جهلڻ هجي، الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي |
لا يُؤاخِذُكُمُ اللَّهُ بِاللَّغوِ فى أَيمٰنِكُم وَلٰكِن يُؤاخِذُكُم بِما كَسَبَت قُلوبُكُم وَاللَّهُ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 225) |
جيڪي اجايا قسم توهان بنا سوچ جي کڻندا آهيو انهن تي الله توهان جي پڪڙ نٿو ڪري پر جيڪي قسم توهان سچيءَ دل سان کڻندا آهيو، انهن جو پڇاڻو توهان کان هو ضرور ڪندو. الله بخشڻهار ۽ بردبار آهي |
لِلَّذينَ يُؤلونَ مِن نِسائِهِم تَرَبُّصُ أَربَعَةِ أَشهُرٍ فَإِن فاءو فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 226) |
جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان لاڳاپو نه رکڻ جو قسم کڻن ٿا، انهن لاءِ چئن مهينن جي مهلت آهي. جيڪڏهن رجوع ڪيائون ته الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي |
وَإِن عَزَمُوا الطَّلٰقَ فَإِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 227) |
۽ جيڪڏهن انهن طلاق ڏيڻ تي ئي سندرو ٻڌو آهي ته ڄاڻي ڇڏيو ته الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
وَالمُطَلَّقٰتُ يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ ثَلٰثَةَ قُروءٍ وَلا يَحِلُّ لَهُنَّ أَن يَكتُمنَ ما خَلَقَ اللَّهُ فى أَرحامِهِنَّ إِن كُنَّ يُؤمِنَّ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَبُعولَتُهُنَّ أَحَقُّ بِرَدِّهِنَّ فى ذٰلِكَ إِن أَرادوا إِصلٰحًا وَلَهُنَّ مِثلُ الَّذى عَلَيهِنَّ بِالمَعروفِ وَلِلرِّجالِ عَلَيهِنَّ دَرَجَةٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 228) |
جن عورتن کي طلاق ڏنل هجي، اهي ٽي حيض اچڻ تائين پاڻ کي جهلي رکن ۽ انهن لاءِ اهو جائز نه آهي ته الله سندن رحمن (ڳڀيرڻين) ۾ جيڪي ڪجهه خلقيو آهي ان کي لڪائن، انهن کي ائين بلڪل نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن جو الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آهي. ۽ سندن مڙس لاڳاپا وري ڳنڍڻ چاهين ته هو انهيءَ عدت جي عرصي ۾ کين وري پنهنجي زال جي حيثيت ۾ موٽائي آڻي سگهن ٿا. عورتن لاءِ به مڃيل طريقي سان اهڙائي حق آهن جهڙا مردن جا حق انهن تي آهن. البت مردن کي مٿن ڪجهه مرتبو حاصل آهي ۽ سڀني تي الله وڏي اقتدر وارو ۽ حڪمت ۽ دانائيءَ وارو موجود آهي |
الطَّلٰقُ مَرَّتانِ فَإِمساكٌ بِمَعروفٍ أَو تَسريحٌ بِإِحسٰنٍ وَلا يَحِلُّ لَكُم أَن تَأخُذوا مِمّا ءاتَيتُموهُنَّ شَيـًٔا إِلّا أَن يَخافا أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَإِن خِفتُم أَلّا يُقيما حُدودَ اللَّهِ فَلا جُناحَ عَلَيهِما فيمَا افتَدَت بِهِ تِلكَ حُدودُ اللَّهِ فَلا تَعتَدوها وَمَن يَتَعَدَّ حُدودَ اللَّهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 229) |
طلاق ٻه ڀيرا آهي پوءِ يا سڌي سنئين نموني ۾ زال کي جهلي ويهارجي يا سهڻي نموني ۾ کيس موڪل ڏيئي ڇڏجي ۽ موڪل ڏيندي وقت توهان لاءِ اهو جائز ناهي ته جيڪو توهان کين ڏئي چڪا آهيو، ان مان ڪجهه موٽائي وٺو. پر اها صورت ان حڪم کان ٻاهر آهي، جو زال ۽ مڙس کي اهو ڊپ هجي ته هو الله جي حدن تي قائم رهي نه سگهندا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڊپ هجي ته هو ٻئي الله جي حدن تي قائم نه رهي سگهندا ته زال پنهنجي مڙس کي ڪجهه عيوضو ڏئي جان ڇڏائي، ٻنهي جي وچ ۾ ان ڏيڻ وٺڻ ۾ ڪو گناهه ڪونهي، اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن، جن کي نه اورانگهيو ۽ جيڪي ماڻهو الله جي حدن کي اورانگهيندا اهي ئي ظالم آهن |
فَإِن طَلَّقَها فَلا تَحِلُّ لَهُ مِن بَعدُ حَتّىٰ تَنكِحَ زَوجًا غَيرَهُ فَإِن طَلَّقَها فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يَتَراجَعا إِن ظَنّا أَن يُقيما حُدودَ اللَّهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ يُبَيِّنُها لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 230) |
پوءِ جيڪڏهن ان کي (ٻه ڀيرا طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٽيون ڀيرو به) طلاق ڏيئي ڇڏي ته پوءِ اها عورت ان لاءِ حلال نه رهندي، سواءِ ان جي جو ان جو نڪاح ڪنهن ٻئي شخص سان ٿئي ۽ اهو کيس طلاق ڏئي. پوءِ جيڪڏهن (اڳيون مڙس ۽ اها عورت) ٻئي ائين سمجهن ته الله جي حدن تي قائم رهي سگهندا ته انهن لاءِ هڪ ٻئي ڏانهن موٽي پوڻ (وري نڪاح ڪرڻ) ۾ ڪو گناهه ڪونهي، اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن، جن کي هو انهن ماڻهن جي هدايت لاءِ کولي بيان ڪري رهيو آهي، جيڪي (سندس حدن کي ٽوڙڻ جي نتيجي کان) واقف آهن |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَأَمسِكوهُنَّ بِمَعروفٍ أَو سَرِّحوهُنَّ بِمَعروفٍ وَلا تُمسِكوهُنَّ ضِرارًا لِتَعتَدوا وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَقَد ظَلَمَ نَفسَهُ وَلا تَتَّخِذوا ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم وَما أَنزَلَ عَلَيكُم مِنَ الكِتٰبِ وَالحِكمَةِ يَعِظُكُم بِهِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 231) |
۽ جڏهن توهان زالن کي طلاق ڏيو ٿا ۽ سندن عدت پوري ٿيڻ واري هجي ته پوءِ يا ته ڀلي نموني ۾ کين ويهاريو يا سهڻي نموني ۾ کين ڇڏي ڏيو. ستائڻ خاطر کين نه جهليندا ڪريو جو اها ڏاڍائي ٿيندي ۽ جيڪو ائين ڪندو اهو حقيقت ۾ پاڻ تي ئي ظلم ڪندو. الله جي آيتن کي رؤنشو نه بڻايو ۽ اها ڳالهه نه وساري ڇڏيو ته الله ڪيڏي نه وڏي نعمت سان توهان کي نوازيو آهي. هو توهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪو ڪتاب ۽ جيڪا حڪمت هن توهان تي نازل ڪئي آهي انهن جو لحاظ ڪريو، الله کان ڊڄو ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته الله کي هر ڳالهه جي خبر آهي |
وَإِذا طَلَّقتُمُ النِّساءَ فَبَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا تَعضُلوهُنَّ أَن يَنكِحنَ أَزوٰجَهُنَّ إِذا تَرٰضَوا بَينَهُم بِالمَعروفِ ذٰلِكَ يوعَظُ بِهِ مَن كانَ مِنكُم يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكُم أَزكىٰ لَكُم وَأَطهَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 232) |
پوءِ جڏهن توهان پنهنجي زالن کي طلاق ڏني ۽ هنن پنهنجي عدت به پوري ڪئي ته پوءِ ان ۾ ڪابه رنڊڪ نه وجهو ته هو جنهن سان به وڻين نڪاح ڪن، جڏهن هو معروف نموني ۾ هڪ ٻئي جي مرضيءَ سان نڪاح ڪرڻ چاهين. اها توهان کي نصيحت ٿي ڪجي ته ائين ڪڏهن به نه ڪجو، جيڪڏهن توهان الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو آهي. اهوئي توهان لاءِ براين کان پاڪ ۽ پاڪائي پيدا ڪندڙ طريقو آهي، الله ئي ٿو ڄاڻي، توهان نٿا ڄاڻو |
وَالوٰلِدٰتُ يُرضِعنَ أَولٰدَهُنَّ حَولَينِ كامِلَينِ لِمَن أَرادَ أَن يُتِمَّ الرَّضاعَةَ وَعَلَى المَولودِ لَهُ رِزقُهُنَّ وَكِسوَتُهُنَّ بِالمَعروفِ لا تُكَلَّفُ نَفسٌ إِلّا وُسعَها لا تُضارَّ وٰلِدَةٌ بِوَلَدِها وَلا مَولودٌ لَهُ بِوَلَدِهِ وَعَلَى الوارِثِ مِثلُ ذٰلِكَ فَإِن أَرادا فِصالًا عَن تَراضٍ مِنهُما وَتَشاوُرٍ فَلا جُناحَ عَلَيهِما وَإِن أَرَدتُم أَن تَستَرضِعوا أَولٰدَكُم فَلا جُناحَ عَلَيكُم إِذا سَلَّمتُم ما ءاتَيتُم بِالمَعروفِ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 233) |
جيڪي پيئر چاهيندا هجن ته سندن اولاد ٿـڃ ڌائڻ وارو سمورو عرصو ٿـڃ ڌائي ته مائر پنهنجن ٻارن کي پورا ٻه سال ٿـڃ ڌارائين، انهيءَ صورت ۾ ٻار جي پيءُ کي دستور موجب کين کاڌو پيتو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيڻو پوندو، پر ڪنهن تي به سندس وت کان وڌيڪ بار نه وجهڻ کپي. نڪي ماءُ کي ان ڪري تڪليف ۾ وجهو ته ٻار سندس آهي ۽ نه ئي پيءُ کي ان ڪري تنگ ڪبو ته ٻار ان جو آهي. (ٿـڃ ڌارائڻ واريءَ جو) اهو حق (جهڙو ٻار جي پيءُ تي آهي تهڙو ئي) سندس (ٻار جي) وارث تي به آهي، پر جيڪڏهن ڌريون هڪ ٻئي جي رضامندي ۽ صلاح سان ٿـڃ ڇڏائڻ گهرن ته ائين ڪرڻ ۾ به ڪو گناهه ڪونهي ۽ جيڪڏهن توهان جو خيال پنهنجي اولاد کي ڪنهن ڌاريءَ عورت کان ٿـڃ ڌارائڻ جو هجي ته ان ۾ به ڪو حرج ڪونهي، پر شرط اهو آهي ته جيڪو اجورو توهان طيءِ ڪريو اهو دستور موجب ادا ڪريو. الله کان ڊڄو ۽ اها ڳالهه ڄاڻي ڇڏيو ته جيڪي ڪجهه به توهان ڪيو پيا، سو سڀ الله جي نظر ۾ آهي |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا يَتَرَبَّصنَ بِأَنفُسِهِنَّ أَربَعَةَ أَشهُرٍ وَعَشرًا فَإِذا بَلَغنَ أَجَلَهُنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ بِالمَعروفِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 234) |
توهان مان جيڪي وفات ڪري وڃن ۽ سندن پويان سندن زالون جيئريون هجن ته اهي پاڻ کي چار مهينا ڏهه ڏينهن روڪي ڇڏين، پوءِ جڏهن سندن عدت پوري ٿي وڃي ته کين اختيار آهي ته پنهنجي لاءِ معروف طريقي سان جيئن وڻين تيئن ڪن، توهان تي ان بابت ڪا ذميواري ڪانهي. الله توهان سڀني جي عملن کان باخبر آهي |
وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما عَرَّضتُم بِهِ مِن خِطبَةِ النِّساءِ أَو أَكنَنتُم فى أَنفُسِكُم عَلِمَ اللَّهُ أَنَّكُم سَتَذكُرونَهُنَّ وَلٰكِن لا تُواعِدوهُنَّ سِرًّا إِلّا أَن تَقولوا قَولًا مَعروفًا وَلا تَعزِموا عُقدَةَ النِّكاحِ حَتّىٰ يَبلُغَ الكِتٰبُ أَجَلَهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فى أَنفُسِكُم فَاحذَروهُ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 235) |
عدت جي زماني ۾ توهان انهن بيوه عورتن سان شادي ڪرڻ جو ارادو اڻ سڌيءَ طرح ڄاڻايو يا دل ۾ سانڍي رکو، ٻنهي صورتن ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي. الله ته ڄاڻي ٿو ته سندن خيال توهان جي دل ۾ ضرور ايندو. پر ڏسجو ڳجهه ڳوهه ۾ پاڻ ۾ ڪوبه واعدو اقرار نه ڪجو، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪرڻي هجيوَ ته معروف طريقي سان ڪجو. نڪاح واري ڳانڍاپي ڳنڍڻ جو معاملو تيستائين طيءِ نه ڪجو جيستائين عدت پوري نه ٿي وڃي. چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏيو ته الله توهان جي دلين جا حال به ڄاڻي ٿو، تنهنڪري کانئس ڊڄو ۽ اهو به ڄاڻي ڇڏيو ته الله بردبار آهي. ننڍين ننڍين ڳالهين کي معاف ڪري ڇڏيندڙ آهي |
لا جُناحَ عَلَيكُم إِن طَلَّقتُمُ النِّساءَ ما لَم تَمَسّوهُنَّ أَو تَفرِضوا لَهُنَّ فَريضَةً وَمَتِّعوهُنَّ عَلَى الموسِعِ قَدَرُهُ وَعَلَى المُقتِرِ قَدَرُهُ مَتٰعًا بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُحسِنينَ (آيت : 236) |
توهان تي ڪوبه گناهه ڪونهي، جيڪڏهن پنهنجن زالن کي طلاق ڏئي ڇڏيو، هن کان اڳ جو کين هٿ لاتو هجيوَ يا سندن مهر مقرر ٿيو هجي، ان صورت ۾ به کين ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيڻ گهرجي. آسودو ماڻهو پنهنجي وسعت آهر ۽ غريب ماڻهو پنهنجي وِت آهر معروف طريقي سان ڏئي. اهو حق آهي نيڪ ماڻهن تي |
وَإِن طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ وَقَد فَرَضتُم لَهُنَّ فَريضَةً فَنِصفُ ما فَرَضتُم إِلّا أَن يَعفونَ أَو يَعفُوَا۟ الَّذى بِيَدِهِ عُقدَةُ النِّكاحِ وَأَن تَعفوا أَقرَبُ لِلتَّقوىٰ وَلا تَنسَوُا الفَضلَ بَينَكُم إِنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 237) |
۽ جيڪڏهن توهان هٿ لائڻ کان اڳيئي طلاق ڏئي ڇڏي پر مهر مقرر ٿي چڪو آهي ته پوءِ اڌ مهر ڏيڻو پوندؤ، اها ٻي ڳالهه آهي ته عورت نرمي ڪري (مهر نه وٺي) يا اهو مرد جنهن جي هٿ ۾ نڪاح ڳنڍي رکڻ جو اختيار آهي، نرميءَ کان ڪم وٺي (سڄو مهر ڏيئي ڇڏي) ۽ جي توهان (مرد) نرميءَ کان ڪم وٺندا ته اها ڳالهه تقويٰ سان ڏاڍي ٺهڪي اچي ٿي، پنهنجي معاملن ۾ فياضيءَ کي نه وساريندا ڪريو، توهان جي عملن کي الله ڏسي رهيو آهي |
حٰفِظوا عَلَى الصَّلَوٰتِ وَالصَّلوٰةِ الوُسطىٰ وَقوموا لِلَّهِ قٰنِتينَ (آيت : 238) |
پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا ڪريو، خاص ڪري اهڙيءَ نماز جي جنهن اندر نماز جون سڀ چڱايون موجود هجن. الله جي آڏو ائين بيهندا ڪريو جيئن تابعدار ٻانها بيٺا هوندا آهن |
فَإِن خِفتُم فَرِجالًا أَو رُكبانًا فَإِذا أَمِنتُم فَاذكُرُوا اللَّهَ كَما عَلَّمَكُم ما لَم تَكونوا تَعلَمونَ (آيت : 239) |
جي بدامنيءَ جي حالت هجي ته به، پيادا هجو توڙي سوار، جيئن به ٿي سگهيوَ نماز پڙهندا ڪريو ۽ جڏهن امن مليوَ ته الله کي ان نموني ۾ ياد ڪريو، جيئن هــُـن توهان کي ڏسيو آهي، جنهن کان توهان اڳي اڻ ڄاڻ هيؤ |
وَالَّذينَ يُتَوَفَّونَ مِنكُم وَيَذَرونَ أَزوٰجًا وَصِيَّةً لِأَزوٰجِهِم مَتٰعًا إِلَى الحَولِ غَيرَ إِخراجٍ فَإِن خَرَجنَ فَلا جُناحَ عَلَيكُم فى ما فَعَلنَ فى أَنفُسِهِنَّ مِن مَعروفٍ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 240) |
توهان مان جيڪي وفات ڪرڻ وارا هجن ۽ پويان زالون ڇڏي ويندا هجن، انهن کي گهرجي ته پنهنجي زالن جي حق ۾ اها وصيت ڪري وڃن ته هڪ سال تائين کين خرچ پکو ڏنو وڃي ۽ کين گهر مان نه ڪڍيو وڃي، پوءِ جيڪڏهن پاڻ نڪري وڃن ته پنهنجي لاءِ مڃيل (معروف) طريقي سان هو جيڪو به ڪن ان جي ڪا ذميواري توهان تي نه آهي، الله زبردست آهي، حڪمت وارو آهي |
وَلِلمُطَلَّقٰتِ مَتٰعٌ بِالمَعروفِ حَقًّا عَلَى المُتَّقينَ (آيت : 241) |
۽ ائين جن عورتن کي طلاق ڏنل هجي، انهن کي به مناسب طرح ڪجهه نه ڪجهه ڏيئي روانو ڪجي، اهو حق آهي متقين تي |
كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 242) |
اهڙيءَ طرح الله پنهنجا حڪم توهان کي کولي کولي ٻڌائي ٿو ته مــَـنَ توهان عقل ڌاريو |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم وَهُم أُلوفٌ حَذَرَ المَوتِ فَقالَ لَهُمُ اللَّهُ موتوا ثُمَّ أَحيٰهُم إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 243) |
توهان انهن ماڻهن جي حالت تي به ڪو غور ڪيو آهي، جيڪي موت جي ڊپ کان گهر گهاٽ ڇڏي نڪتا هئا ۽ هزارن ۾ هئا، الله چَيُنِ مري وڃو، پوءِ کين وري جيئرو ڪيائين، حقيقت ۾ الله انسان تي ڏاڍو فضل ڪندڙ آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن |
وَقٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 244) |
مسلمانؤ، الله جي واٽ ۾ جنگ ڪريو ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ أَضعافًا كَثيرَةً وَاللَّهُ يَقبِضُ وَيَبصُۜطُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 245) |
توهان مان ڪير ٿو الله کي سهڻو قرض ڏئي، تان ته الله ان کي ڪئين ڀيرا وڌائي واپس ڪري، گهٽائڻ به الله جي وس ۾ آهي ته وڌائڻ به ۽ ڏانهس ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي |
أَلَم تَرَ إِلَى المَلَإِ مِن بَنى إِسرٰءيلَ مِن بَعدِ موسىٰ إِذ قالوا لِنَبِىٍّ لَهُمُ ابعَث لَنا مَلِكًا نُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ قالَ هَل عَسَيتُم إِن كُتِبَ عَلَيكُمُ القِتالُ أَلّا تُقٰتِلوا قالوا وَما لَنا أَلّا نُقٰتِلَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَقَد أُخرِجنا مِن دِيٰرِنا وَأَبنائِنا فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ تَوَلَّوا إِلّا قَليلًا مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 246) |
پوءِ توهان ان معاملي تي به ڪو غور ڪيو آهي، جيڪو موسيٰ کان پوءِ بني اسرائيل جي چڱن مڙسن کي پيش آيو هو؟ انهن پنهنجي نبيءَ کي چيو هو ته اسان لاءِ ڪو بادشاهه مقرر ڪر ته اسان الله جي راهه ۾ جنگ ڪيون. نبيءَ پــُـڇين: ڇا ائين ته نه ٿيندو جو توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو وڃي ته پوءِ توهان لڙو ئي نه! چوڻ لڳا ڀلا ائين ڪيئن ٿيندو جو اسان الله جي واٽ ۾ نه لڙون جڏهن جو اسان کي پنهنجن گهرن مان تـڙي ڪڍيو ويو آهي ۽ اسان جا ٻار ٻچا اسان کان جدا ڪيا ويا آهن. پر پوءِ جڏهن کين جنگ جو حڪم ڏنو ويو ته ٿورڙي تعداد کان سواءِ ٻين سڀني کڻي پٺي ڏني ۽ الله ته انهن مان هرهڪ ظالم کي ڄاڻي ٿو |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ اللَّهَ قَد بَعَثَ لَكُم طالوتَ مَلِكًا قالوا أَنّىٰ يَكونُ لَهُ المُلكُ عَلَينا وَنَحنُ أَحَقُّ بِالمُلكِ مِنهُ وَلَم يُؤتَ سَعَةً مِنَ المالِ قالَ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰهُ عَلَيكُم وَزادَهُ بَسطَةً فِى العِلمِ وَالجِسمِ وَاللَّهُ يُؤتى مُلكَهُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 247) |
سندن نبيءَ کين ٻڌايو ته الله طالوت کي توهان لاءِ بادشاهه مقرر ڪيو آهي. اهو ٻڌي چيائون: "اسان تي بادشاهه ٿيڻ جو حقدار اهو ڪيئن ٿيو؟ سندس ڀيٽ ۾ بادشاهيءَ جا وڌيڪ حقدار ته اسان آهيون. هو ته ڪو وڏو دولتمند ماڻهو ناهي". نبيءَ کين چيو ته: "الله توهان جي ڀيٽ ۾ انهيءَ کي ئي چونڊيو آهي ۽ کيس دماغي ۽ جسماني ٻنهي قسمن جون صلاحيتون گهڻيون ڏنيون اٿائين ۽ الله ته پنهنجو ملڪ جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو، الله ڏاڍيءَ وسعت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو |
وَقالَ لَهُم نَبِيُّهُم إِنَّ ءايَةَ مُلكِهِ أَن يَأتِيَكُمُ التّابوتُ فيهِ سَكينَةٌ مِن رَبِّكُم وَبَقِيَّةٌ مِمّا تَرَكَ ءالُ موسىٰ وَءالُ هٰرونَ تَحمِلُهُ المَلٰئِكَةُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 248) |
سندن نبيءَ کين اهو به ٻڌايو ته ”الله جي طرفان ان جي بادشاهه مقرر ٿيڻ جي نشاني اها آهي ته سندس زماني ۾ اها صندوق توهان کي موٽي ملندي، جنهن ۾ توهان جي رب جي طرفان توهان لاءِ دل جي آٿت جو سامان آهي. جنهن ۾ آل موسيٰ ۽ آل هارون جا پويان ڇڏيل تبرڪ آهن، جن کي ملائڪ سنڀاليو جهليو اچن ٿا، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو ته اها توهان لاءِ تمام وڏي نشاني آهي" |
فَلَمّا فَصَلَ طالوتُ بِالجُنودِ قالَ إِنَّ اللَّهَ مُبتَليكُم بِنَهَرٍ فَمَن شَرِبَ مِنهُ فَلَيسَ مِنّى وَمَن لَم يَطعَمهُ فَإِنَّهُ مِنّى إِلّا مَنِ اغتَرَفَ غُرفَةً بِيَدِهِ فَشَرِبوا مِنهُ إِلّا قَليلًا مِنهُم فَلَمّا جاوَزَهُ هُوَ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ قالوا لا طاقَةَ لَنَا اليَومَ بِجالوتَ وَجُنودِهِ قالَ الَّذينَ يَظُنّونَ أَنَّهُم مُلٰقُوا اللَّهِ كَم مِن فِئَةٍ قَليلَةٍ غَلَبَت فِئَةً كَثيرَةً بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 249) |
پوءِ جڏهن طالوت لشڪر وٺي هليو ته چيائين: "هڪڙي درياءَ تي الله جي پاران توهان جي آزمائش ٿيڻي آهي، جيڪو اتان پاڻي پيئندو، اهو منهنجو ساٿي نه آهي. منهنجو ساٿي فقط اهو آهي، جيڪو ان مان نه پيئي، باقي جي ڪنهن مجبوريءَ ۾ هڪ اڌ ٻڪ پيتو ته ٺهيو". پر هڪڙي ٿورڙي ٽولي کانسواءِ ٻين سڀني ان مان پي ڍؤ ڪيو. پوءِ جڏهن طالوت ۽ سندس ساٿي مسلمان درياءُ اُڪري اڳتي ٿيا ته انهن طالوت کي ٻڌائي ڇڏيو ته اڄ اسان ۾ جالوت ۽ سندس لشڪر جو مقابلو ڪرڻ جي طاقت ڪانهي پر جن ماڻهن پئي سمجهيو ته کين نيٺ هلي الله سان ملڻو آهي، انهن چيو: "ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو آهي، جو هڪڙي ٿورڙي ٽولي الله جي حڪم سان هڪ وڏي ٽولي تي غلبو حاصل ڪيو آهي. الله صبر ڪرڻ وارن جو ساٿي آهي" |
وَلَمّا بَرَزوا لِجالوتَ وَجُنودِهِ قالوا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 250) |
۽ جڏهن هو جالوت ۽ سندس لشڪر جو مقابلو ڪرڻ نڪتا ته انهن دعا گهري: "اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر، اسان کي ثابت قدم رک ۽ انهيءَ ڪافر ٽولي تي اسان کي فتح ڏي" |
فَهَزَموهُم بِإِذنِ اللَّهِ وَقَتَلَ داوۥدُ جالوتَ وَءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَهُ مِمّا يَشاءُ وَلَولا دَفعُ اللَّهِ النّاسَ بَعضَهُم بِبَعضٍ لَفَسَدَتِ الأَرضُ وَلٰكِنَّ اللَّهَ ذو فَضلٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 251) |
نيٺ الله جي حڪم سان هنن ڪافرن کي شڪست ڏني ۽ دائود، جالوت کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ الله کيس بادشاهي ۽ دانائي عطا ڪئي ۽ جن جن شين جو چاهيائين کيس علم ڏنائين. جيڪڏهن ائين الله انسانن جي ڪنهن ٽولي کي ڪنهن ٻئي ٽولي هٿان نه مٽائيندو رهي ها ته زمين جي نظام ۾ خلل پئجي وڃي ها، پر دنيا جي ماڻهن تي الله جو وڏو فضل آهي (جو هو ان طرح فساد کي ٽارڻ جو انتظام ڪندو رهي ٿو) |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَإِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 252) |
اهي الله جون آيتون آهن، جيڪي اسان توکي ٺيڪ نموني ۾ ٻڌائي رهيا آهيون. تون بيشڪ انهن مان آهين، جيڪي رسول بڻائي پئي موڪليا ويا آهن |
تِلكَ الرُّسُلُ فَضَّلنا بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ مِنهُم مَن كَلَّمَ اللَّهُ وَرَفَعَ بَعضَهُم دَرَجٰتٍ وَءاتَينا عيسَى ابنَ مَريَمَ البَيِّنٰتِ وَأَيَّدنٰهُ بِروحِ القُدُسِ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلَ الَّذينَ مِن بَعدِهِم مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ وَلٰكِنِ اختَلَفوا فَمِنهُم مَن ءامَنَ وَمِنهُم مَن كَفَرَ وَلَو شاءَ اللَّهُ مَا اقتَتَلوا وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَفعَلُ ما يُريدُ (آيت : 253) |
اهي رسول (جيڪي اسان جي طرفان انسانن جي هدايت لاءِ پئي مقرر ڪيا ويا) اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين کان وڌئون وڌ مرتبا عطا ڪيا. انهن مان ڪو اهڙو هو، جنهن سان الله پاڻ ڳالهايو، ڪن کي هن ٻين ڳالهين ۾ بلند درجا عطا ڪيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ عيسيٰ پٽ مريم کي چٽيون نشانيون عطا ڪيونسين ۽ پاڪ روح سان سندس مدد ڪئي سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ائين ٿيڻ ممڪن ئي نه هو ته انهن رسولن کان پوءِ اهي ماڻهو جيڪي چٽيون نشانيون به ڏسي چڪا هئا، پاڻ ۾ وڙهن ها مگر (اها الله جي مشيت نه هئي ته هو ماڻهن کي زوريءَ اختلاف ڪرڻ کان روڪي تنهنڪري) انهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيا، پوءِ ڪنهن ايمان آندو ته ڪنهن ڪفر جي واٽ ورتي. ها باقي جيڪڏهن الله گهري ها ته هو ڪڏهن به نه وڙهن ها، پر الله کي جيئن وڻندو آهي تيئن ڪندو آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِمّا رَزَقنٰكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا بَيعٌ فيهِ وَلا خُلَّةٌ وَلا شَفٰعَةٌ وَالكٰفِرونَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 254) |
اي ايمان آڻڻ وارؤ! جيڪو به مال متاع اسان توهان کي ڏنو آهي ان مان خرچ ڪريو، هن کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي وڃي، جنهن ۾ نڪي ڪا خريد فروخت ٿيندي نه ڪا دوستي ڪم ڏيندي ۽ نه ئي ڪا سفارش هلندي ۽ ظالم ته اصل ۾ اهي آهن، جيڪي ڪفر اختيار ڪن ٿا |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ لا تَأخُذُهُ سِنَةٌ وَلا نَومٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ مَن ذَا الَّذى يَشفَعُ عِندَهُ إِلّا بِإِذنِهِ يَعلَمُ ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَلا يُحيطونَ بِشَيءٍ مِن عِلمِهِ إِلّا بِما شاءَ وَسِعَ كُرسِيُّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَلا يَـٔودُهُ حِفظُهُما وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 255) |
الله جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اها سدائين زنده رهندڙ دائم قائم هستي آهي، جيڪا سموري ڪائنات کي سنڀاليو جهليو پئي اچي، هــُـن کي نڪي اوجهرائي (گهل، پنڪي) ٿي وٺي ۽ نه ئي کيس ننڊ ٿي اچي. آسمانن توڙي زمين ۾ جيڪي به آهي سندس ئي آهي، ڪير آهي جيڪو سندس بارگاهه ۾ سندس اجازت کان سواءِ ڪا سفارش ڪري سگهي؟ جيڪو ڪجهه بندن جي آڏو آهي اهو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو کانئن لڪل آهي، ان کان به واقف آهي، ۽ جيڪي هو گهري تنهن کان سواءِ سندس (لامحدود) علم مان ڪنهن ذري کي به (اهي) گهيرو ڪري نٿا سگهن. سندس حڪومت آسمانن ۽ زمين تي پوريءَ ريت پکڙيل آهي ۽ انهن جي نظرداري ان لاءِ ڪو ٿڪائيندڙ ڪم نه آهي، بس اهائي تمام مٿانهين ۽ تمام وڏي ذات آهي |
لا إِكراهَ فِى الدّينِ قَد تَبَيَّنَ الرُّشدُ مِنَ الغَىِّ فَمَن يَكفُر بِالطّٰغوتِ وَيُؤمِن بِاللَّهِ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ لَا انفِصامَ لَها وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 256) |
دين جي معاملي ۾ ڪابه زور زبردستي ڪانهي، صحيح ڳالهه غلط خيالن کان ڇنڊي ڇاڻي پڌري ڪئي وئي آهي، هاڻي جنهن به طاغوت (گمراهه ڪندڙن) جو انڪار ڪري الله تي ايمان آندو، ان هڪ اهڙو مضبوط سهارو جهلي ورتو، جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻو نه آهي ۽ الله (جنهن جو سهارو ان ورتو آهي) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
اللَّهُ وَلِىُّ الَّذينَ ءامَنوا يُخرِجُهُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَالَّذينَ كَفَروا أَولِياؤُهُمُ الطّٰغوتُ يُخرِجونَهُم مِنَ النّورِ إِلَى الظُّلُمٰتِ أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 257) |
جيڪي ماڻهو ايمان آڻن ٿا، انهن جو واهر وسيلو الله آهي ۽ هو کين اونداهين (گمراهيءَ) مان ڪڍي روشنيءَ (هدايت) ڏانهن آڻي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ وٺن ٿا انهن جا ڀرجهلا طاغوت آهن، هو کين روشنيءَ (هدايت) کان اونداهين (گمراهيءَ) ڏانهن گهلين ٿا. اهي باهه ۾ پوڻ وارا ماڻهو آهن، جتي هو هميشه پيا هوندا |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذى حاجَّ إِبرٰهۦمَ فى رَبِّهِ أَن ءاتىٰهُ اللَّهُ المُلكَ إِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّىَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ قالَ أَنا۠ أُحيۦ وَأُميتُ قالَ إِبرٰهۦمُ فَإِنَّ اللَّهَ يَأتى بِالشَّمسِ مِنَ المَشرِقِ فَأتِ بِها مِنَ المَغرِبِ فَبُهِتَ الَّذى كَفَرَ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 258) |
ڇا تو ان ماڻهوءَ جي حالت تي ڪو غور نه ڪيو آهي، جنهن ابراهيم سان جهڳڙو ڪيو هو؟ هن ڳالهه تي ته ابراهيم جو رب ڪير آهي ۽ هن ڪري جو انهي ماڻهوءَ کي الله حڪومت ڏني هئي، جڏهن ابراهيم چيو ته: "منهنجو رب اهو آهي جنهن جي هٿ ۾ زندگي ۽ موت آهي". ته هن وراڻي ڏني ته: "زندگي ۽ موت ته منهنجي هٿ وس آهي". ابراهيم چيس: "چڱو ڀلا، الله ته سج کي اوڀر کان اڀاريندو آهي، تون ان کي اولهه کان اڀار". اهو ٻڌي اهو حق جو منڪر وائڙو ٿي ويو، پر الله ظالمن کي سنئين دڳ نه لائيندو آهي |
أَو كَالَّذى مَرَّ عَلىٰ قَريَةٍ وَهِىَ خاوِيَةٌ عَلىٰ عُروشِها قالَ أَنّىٰ يُحيۦ هٰذِهِ اللَّهُ بَعدَ مَوتِها فَأَماتَهُ اللَّهُ مِا۟ئَةَ عامٍ ثُمَّ بَعَثَهُ قالَ كَم لَبِثتَ قالَ لَبِثتُ يَومًا أَو بَعضَ يَومٍ قالَ بَل لَبِثتَ مِا۟ئَةَ عامٍ فَانظُر إِلىٰ طَعامِكَ وَشَرابِكَ لَم يَتَسَنَّه وَانظُر إِلىٰ حِمارِكَ وَلِنَجعَلَكَ ءايَةً لِلنّاسِ وَانظُر إِلَى العِظامِ كَيفَ نُنشِزُها ثُمَّ نَكسوها لَحمًا فَلَمّا تَبَيَّنَ لَهُ قالَ أَعلَمُ أَنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 259) |
يا وري مثال طور ان شخص کي ڏسو، جنهن جو لنگهه هڪ اهڙيءَ وسنديءَ (ڳوٺ) وٽان ٿيو، جيڪا پنهنجي ڇتين ڀر اونڌي ٿي پئي هئي. هن چيو: "هيءَ وسندي (ڳوٺ) جيڪا ختم ٿي چڪي آهي، ان کي الله ٻيهر ورائي ڪيئن جيئرو ڪندو؟" تنهن تي الله سندس روح قبض ڪري ورتو ۽ هو سؤ سال مئو پيو رهيو، پوءِ ورائي الله کيس جيئرو ڪيو. کانئس پڇيائين: "ٻڌاءِ ته ڪيترو وقت اتي پيو رهيو آهين؟" چيائين: "ڏينهن يا ڏينهن جو ڪو حـصو"، چيائين: "تون ته سؤ سال پيو رهيو آهين، هاڻي ڪجهه پنهنجي کاڌي پيتي ڏانهن ته نظر ڪر، ان ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آيو آهي، وري هوڏانهن پنهنجي گڏهه تي به نظر وجهه (انهيءَ جا ته هڏا به ڀــُـري ڀاڻ ٿي رهيا آهن) ۽ اهو اسان ان ڪري ڪيو آهي، جو اسان توکي ماڻهن لاءِ هڪ نشاني بڻائڻ ٿا چاهيون. وري ڏس ته انهيءَ هڏائين پڃري کي اسان ڪيئن ٿا اٿاري کڙو ڪري مٿس ماس چاڙهيون". اهڙيءَ طرح جڏهن مٿس حقيقت صفا کلي پئي ته چيائين ته، "مان ڄاتم ته بيشڪ الله کي سڀ ڪا طاقت آهي" |
وَإِذ قالَ إِبرٰهۦمُ رَبِّ أَرِنى كَيفَ تُحىِ المَوتىٰ قالَ أَوَلَم تُؤمِن قالَ بَلىٰ وَلٰكِن لِيَطمَئِنَّ قَلبى قالَ فَخُذ أَربَعَةً مِنَ الطَّيرِ فَصُرهُنَّ إِلَيكَ ثُمَّ اجعَل عَلىٰ كُلِّ جَبَلٍ مِنهُنَّ جُزءًا ثُمَّ ادعُهُنَّ يَأتينَكَ سَعيًا وَاعلَم أَنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 260) |
۽ اهو واقعو به ڌيان ۾ آڻ جڏهن ابراهيم چيو هو ته "اي منهنجا رب! مون کي ڏيکار ته تون مئن کي ڪيئن ٿو جيئرو ڪرين؟“ الله فرمايس: ” ڇا تون (ان تي) ايمان نه ٿو رکين؟“ عرض ڪيائين: "ايمان ته اٿم پر دل جو اطمينان کپندو آهي". فرمايائين: "ته پوءِ تون چار پکي وٺ ۽ انهن کي پاڻ سان هيراءِ . پوءِ انهن جو هڪ هڪ ٽڪرو هڪ هڪ جبل تي رک، پوءِ کين سڏ ڪر ته هو تو وٽ ڊوڙندا ايندا. خوب ڄاڻي ڇڏ ته الله ڏاڍو طاقت وارو ۽ حڪيم آهي" |
مَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ كَمَثَلِ حَبَّةٍ أَنبَتَت سَبعَ سَنابِلَ فى كُلِّ سُنبُلَةٍ مِا۟ئَةُ حَبَّةٍ وَاللَّهُ يُضٰعِفُ لِمَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 261) |
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجا مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا، انهن جي خرچ ڪرڻ جو مثال ائين آهي، جيئن هڪ داڻو پوکجي ۽ ان مان ست سنگ نڪرن ۽ هر سنگ ۾ سؤ داڻا هجن، اهڙيءَ ريت الله جنهن جي عمل کي چاهيندو آهي، خوب وڌائي ڇڏيندو آهي، هو هٿ جو ڪشادو به آهي ۽ ڄاڻندڙ به آهي |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ لا يُتبِعونَ ما أَنفَقوا مَنًّا وَلا أَذًى لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 262) |
جيڪي ماڻهو پنهنجا مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ خرچ ڪري پوءِ نڪي ٿورو رکن ٿا ۽ نه ئي ستائن ٿا، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ نه ڪو خوف آهي ۽ نه هو ڪو ڏک ئي ڏسندا |
قَولٌ مَعروفٌ وَمَغفِرَةٌ خَيرٌ مِن صَدَقَةٍ يَتبَعُها أَذًى وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَليمٌ (آيت : 263) |
هڪڙو مـٺـڙو جملو ۽ ڪنهن اڻ وڻندڙ ڳالهه تي چشم پوشي انهيءَ خيرات کان ڀلي آهي، جنهن جي پويان (ڪنهن کي) ڏکوئڻ هجي، الله کي ڪابه ڪاڻ ڪانهي، ۽ بردباري پڻ سندس صفت آهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تُبطِلوا صَدَقٰتِكُم بِالمَنِّ وَالأَذىٰ كَالَّذى يُنفِقُ مالَهُ رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ صَفوانٍ عَلَيهِ تُرابٌ فَأَصابَهُ وابِلٌ فَتَرَكَهُ صَلدًا لا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِمّا كَسَبوا وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الكٰفِرينَ (آيت : 264) |
اي ايمان وارؤ! پنهنجي صدقن کي ٿورو رکي ۽ ڏکوئي انهيءَ ماڻهوءَ وانگر ڌوڙ ۾ نه ملايو، جيڪو پنهنجو مال رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿو خرچ ڪري، باقي نڪي الله تي ايمان اٿس ۽ نه آخرت تي. سندس خرچ جو مثال ائين آهي، جيئن ڪا ٽـڪري هئي، جنهن تي مٽيءَ جو تهه ڄميل هو، انهيءَ تي جڏهن ڏاڍي برسات پئي ته سموري مٽي وهي وئي ۽ وڃي ٺلهي ٽڪريءَ جي ٽڪري بچي، اهڙا ماڻهو پنهنجي ليکي خيرات ڪري جيڪا نيڪي ڪمائن ٿا، ان مان کين ڪجهه به هــَـڙ حاصل نٿو ٿئي ۽ ڪافرن کي سنئين واٽ وٺائڻ الله جي ريت ئي نه آهي |
وَمَثَلُ الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُمُ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ وَتَثبيتًا مِن أَنفُسِهِم كَمَثَلِ جَنَّةٍ بِرَبوَةٍ أَصابَها وابِلٌ فَـٔاتَت أُكُلَها ضِعفَينِ فَإِن لَم يُصِبها وابِلٌ فَطَلٌّ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 265) |
ان جي ابتـڙ جيڪي ماڻهو پنهنجا مال فقط الله جي رضا حاصل ڪرڻ خاطر پوريءَ طرح دل جي اطمينان ۽ قرار سان خرچ ڪن ٿا، انهن جو مثال ائين آهي، جيئن ڪنهن مٿانهينءَ زمين تي ڪو باغ هجي، جيڪڏهن ڏاڍو مينهن پوي ته ٻيڻو ڦـر ڏئي ۽ جيڪڏهن ڏاڍو مينهن نه پوي ته به هلڪي ڦُــڙ ڦُـڙ ئي ان لاءِ بس آهي. توهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا، سو سڀ الله جي نظر ۾ آهي |
أَيَوَدُّ أَحَدُكُم أَن تَكونَ لَهُ جَنَّةٌ مِن نَخيلٍ وَأَعنابٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ لَهُ فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَأَصابَهُ الكِبَرُ وَلَهُ ذُرِّيَّةٌ ضُعَفاءُ فَأَصابَها إِعصارٌ فيهِ نارٌ فَاحتَرَقَت كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَتَفَكَّرونَ (آيت : 266) |
ڇا توهان مان ڪو اها ڳالهه پسند ڪندو ته وٽس هڪ سرسبز باغ هجي کجين ۽ انگورن جو، جنهن مان پاڻي ڏيڻ لاءِ نهرون پيون وهنديون هجن، هر قسم جي ميون سان ٽمٽار ۽ اهو ان وقت هڪڙي ساڙيندڙ جهولي سان لهسجي وڃي، جڏهن هو پاڻ ڪراڙو ٿي چڪو هجي ۽ سندس ننڍڙا ٻار اڃان لائق نه ٿيا هجن، اهڙيءَ طرح الله پنهنجون ڳالهيون توهان جي آڏو کولي ٿو بيان ڪري ته مــَـنَ توهان سوچ ويچار ڪريو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَنفِقوا مِن طَيِّبٰتِ ما كَسَبتُم وَمِمّا أَخرَجنا لَكُم مِنَ الأَرضِ وَلا تَيَمَّمُوا الخَبيثَ مِنهُ تُنفِقونَ وَلَستُم بِـٔاخِذيهِ إِلّا أَن تُغمِضوا فيهِ وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 267) |
اي ايمان وارؤ! جيڪي مال توهان ڪمايا آهن ۽ جيڪي ڪجهه اسان زمين مان توهان لاءِ اُپايو آهي ان مان سٺو حـصو الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو. سندس راهه ۾ ڏيڻ لاءِ خراب ۾ خراب شيءِ ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو، هوڏانهن اهائي شيءِ جيڪڏهن ڪو توهان کي ڏئي ته توهان ڪڏهن به اها وٺڻ پسند نه ڪندؤ، سواءِ ان جي جو اها وٺندي توهان اکيون کڻي ٻوٽيو. ڄاڻي ڇڏيو ته الله کي ڪابه ڪاڻ ڪانهي ۽ هو نهايت اعليٰ صفتن وارو آهي |
الشَّيطٰنُ يَعِدُكُمُ الفَقرَ وَيَأمُرُكُم بِالفَحشاءِ وَاللَّهُ يَعِدُكُم مَغفِرَةً مِنهُ وَفَضلًا وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 268) |
شيطان توهان کي سڃائيءَ کان ڊيڄاري ٿو ۽ بي شرميءَ واري هلت هلڻ تي اڀاري ٿو. مگر الله توهان کي پنهنجي بخشش ۽ فضل جي اميد ڏياري ٿو، الله ڏاڍو هٿ جو ڪشادو ۽ داناءُ آهي |
يُؤتِى الحِكمَةَ مَن يَشاءُ وَمَن يُؤتَ الحِكمَةَ فَقَد أوتِىَ خَيرًا كَثيرًا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 269) |
جنهن کي چاهي ٿو حڪمت عطا ڪري ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي انهيءَ کي حقيقت ۾ وڏي دولت ملي وئي. انهن ڳالهين مان رڳو اهي ئي ماڻهو سبق پرائيندا آهن، جيڪي سمجهه کان ڪم وٺندڙ آهن |
وَما أَنفَقتُم مِن نَفَقَةٍ أَو نَذَرتُم مِن نَذرٍ فَإِنَّ اللَّهَ يَعلَمُهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 270) |
توهان جيڪي ڪجهه به خرچ ڪيو هوندو يا ڪا باس باسي هوندي، الله کي ان جي ڄاڻ آهي ۽ ظالمن جو ته ڪوبه مددگار ڪونهي |
إِن تُبدُوا الصَّدَقٰتِ فَنِعِمّا هِىَ وَإِن تُخفوها وَتُؤتوهَا الفُقَراءَ فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَيُكَفِّرُ عَنكُم مِن سَيِّـٔاتِكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 271) |
جيڪڏهن خير خيراتون ظاهر ڪري ڏيو ٿا ته اهو به چڱو آهي پر جيڪڏهن اهي لڪائي غريبن کي ئي ڏيندؤ ته اهو توهان جي حق ۾ پاڻ وڌيڪ ڀلو آهي. توهانجون ڪيتريون ئي برايون انهيءَ وسيلي ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ جيڪو ڪجهه به توهان ڪريو پيا، الله کي ته ان جي خبر آهي |
لَيسَ عَلَيكَ هُدىٰهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَلِأَنفُسِكُم وَما تُنفِقونَ إِلَّا ابتِغاءَ وَجهِ اللَّهِ وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 272) |
اي نبي! ماڻهن کي هدايت تي آڻڻ جي ذميواري توتي ڪانهي. هدايت ته الله ئي ڏئي ٿو، جنهن کي به گهري ۽ نيڪيءَ جي واٽ ۾ جيڪو مال توهان خرچ ڪريو ٿا، اهو توهان جي پنهنجي ڀلي لاءِ آهي. توهان ان لاءِ ته خرچ ڪريو ٿا ته الله جي رضا حاصل ڪريو، پوءِ جيڪو به مال توهان نيڪيءَ جي واٽ ۾ خرچ ڪندؤ، ان جو پورو پورو اجر توهان کي ملندو ۽ توهان جي ڪابه حق تلفي نه ٿيندي |
لِلفُقَراءِ الَّذينَ أُحصِروا فى سَبيلِ اللَّهِ لا يَستَطيعونَ ضَربًا فِى الأَرضِ يَحسَبُهُمُ الجاهِلُ أَغنِياءَ مِنَ التَّعَفُّفِ تَعرِفُهُم بِسيمٰهُم لا يَسـَٔلونَ النّاسَ إِلحافًا وَما تُنفِقوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 273) |
مدد جا حقدار خاص طرح اهي غريب ماڻهو آهن، جيڪي الله جي ڪم ۾ اهڙا سوگها ٿي پيا آهن جو پنهنجي ذاتي گذران لاءِ زمين ۾ ڪابه ڊُڪ ڊوڙ ڪري نٿا سگهن، سندن خود داري ڏسي اڻ ڄاڻ ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي ڏاڍا سکيا ستابا آهن، تون سندن منهن مان سندن اندروني حالت سمجهي سگهين ٿو، پر هو اهڙا نه آهن جو ماڻهن کي چنبڙي ڪجهه گهرن. سندن مدد ۾ جيڪو مال توهان خرچ ڪندؤ اهو الله کان ڳجهو نه هوندو |
الَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم بِالَّيلِ وَالنَّهارِ سِرًّا وَعَلانِيَةً فَلَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 274) |
جيڪي ماڻهو پنهنجا مال رات ڏينهن لڪائي توڙي ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا، انهن جو اجر سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه ئي هو غمگين ٿيندا |
الَّذينَ يَأكُلونَ الرِّبوٰا۟ لا يَقومونَ إِلّا كَما يَقومُ الَّذى يَتَخَبَّطُهُ الشَّيطٰنُ مِنَ المَسِّ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا إِنَّمَا البَيعُ مِثلُ الرِّبوٰا۟ وَأَحَلَّ اللَّهُ البَيعَ وَحَرَّمَ الرِّبوٰا۟ فَمَن جاءَهُ مَوعِظَةٌ مِن رَبِّهِ فَانتَهىٰ فَلَهُ ما سَلَفَ وَأَمرُهُ إِلَى اللَّهِ وَمَن عادَ فَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 275) |
پر جيڪي ماڻهو وياج ٿا کائن، انهن جي حالت انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جنهن کي شيطان ڇــُـهي ڇتو ڪري ڇڏيو هجي ۽ اهو ان ڪري ٿيو آهي جو هو چون ٿا ته "واپار به ته وياج وانگر آهي" حالانڪه الله واپـار کي حـلال ڪـيو آهي ۽ وياج کي حرام. تنهنڪري جنهن ماڻهوءَ کي سندس رب وٽان هيءَ نصيحت پهچي ۽ اڳتي لاءِ هو وياج کائڻ کان مڙي وڃي ته جيڪي اڳي کاڌائين سو کاڌائين، ان جو معاملو الله جي حوالي آهي ۽ جيڪو هن حڪم کان پوءِ به اها حرڪت وري ڪندو ته اهڙا ماڻهو دوزخي آهن، جتي هو هميشه رهندا |
يَمحَقُ اللَّهُ الرِّبوٰا۟ وَيُربِى الصَّدَقٰتِ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ كَفّارٍ أَثيمٍ (آيت : 276) |
الله وياج کي بالڪل ناس ٿو ڪري ۽ خيرات کي وڌائي ٿو ۽ الله ڪنهن به بي شڪري بدڪردار کي پسند نٿو ڪري |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَءاتَوُا الزَّكوٰةَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم وَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 277) |
باقي جيڪي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا ۽ نماز قائم ڪندا ۽ زڪواة ڏيندا، انهن جو اجر بلاشڪ سندن رب وٽ آهي ۽ انهن لاءِ ڪنهن به خوف ۽ غم جي ڪائي ڳالهه ڪانهي |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَذَروا ما بَقِىَ مِنَ الرِّبوٰا۟ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 278) |
اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جيڪو توهان جو وياج ماڻهن ڏانهن رهجي ويو آهي اهو ڇڏي ڏيو، جيڪڏهن سچ پچ توهان ايمان آندو آهي |
فَإِن لَم تَفعَلوا فَأذَنوا بِحَربٍ مِنَ اللَّهِ وَرَسولِهِ وَإِن تُبتُم فَلَكُم رُءوسُ أَموٰلِكُم لا تَظلِمونَ وَلا تُظلَمونَ (آيت : 279) |
پر جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ ته پوءِ ٻڌي ڇڏيو ته الله ۽ سندس رسول جي طرفان توهان جي خلاف جنگ جو اعلان آهي، هاڻي به توبهه ڪريو (۽ وياج ڇڏي ڏيو) ته پنهنجو مــُـور وٺڻ جا توهان حقدار آهيو، نه توهان ظلم ڪريو ۽ نڪي توهان تي ظلم ٿئي |
وَإِن كانَ ذو عُسرَةٍ فَنَظِرَةٌ إِلىٰ مَيسَرَةٍ وَأَن تَصَدَّقوا خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 280) |
توهان جي قرضدار جو هٿ تنگ هجي ته هٿ ڪشادو ٿيڻ تائين کيس مهلت ڏيو ۽ جيڪڏهن خيرات (معاف) ڪري ڇڏيو ته اهو توهان لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻ رکو ٿا |
وَاتَّقوا يَومًا تُرجَعونَ فيهِ إِلَى اللَّهِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 281) |
ته انهيءَ ڏينهن جي خواريءَ ۽ مصيبت کان پاڻ بچايو جڏهن توهان الله ڏانهن واپس ٿيندؤ. اتي هر شخص کي سندس ڪمايل نيڪيءَ يا بديءَ جو پورو پورو بدلو ملندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَدايَنتُم بِدَينٍ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَاكتُبوهُ وَليَكتُب بَينَكُم كاتِبٌ بِالعَدلِ وَلا يَأبَ كاتِبٌ أَن يَكتُبَ كَما عَلَّمَهُ اللَّهُ فَليَكتُب وَليُملِلِ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا يَبخَس مِنهُ شَيـًٔا فَإِن كانَ الَّذى عَلَيهِ الحَقُّ سَفيهًا أَو ضَعيفًا أَو لا يَستَطيعُ أَن يُمِلَّ هُوَ فَليُملِل وَلِيُّهُ بِالعَدلِ وَاستَشهِدوا شَهيدَينِ مِن رِجالِكُم فَإِن لَم يَكونا رَجُلَينِ فَرَجُلٌ وَامرَأَتانِ مِمَّن تَرضَونَ مِنَ الشُّهَداءِ أَن تَضِلَّ إِحدىٰهُما فَتُذَكِّرَ إِحدىٰهُمَا الأُخرىٰ وَلا يَأبَ الشُّهَداءُ إِذا ما دُعوا وَلا تَسـَٔموا أَن تَكتُبوهُ صَغيرًا أَو كَبيرًا إِلىٰ أَجَلِهِ ذٰلِكُم أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ وَأَقوَمُ لِلشَّهٰدَةِ وَأَدنىٰ أَلّا تَرتابوا إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً حاضِرَةً تُديرونَها بَينَكُم فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَلّا تَكتُبوها وَأَشهِدوا إِذا تَبايَعتُم وَلا يُضارَّ كاتِبٌ وَلا شَهيدٌ وَإِن تَفعَلوا فَإِنَّهُ فُسوقٌ بِكُم وَاتَّقُوا اللَّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللَّهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 282) |
اي ايمان وارؤ ! جڏهن به ڪنهن مقرر ڪيل مدي لاءِ توهان پاڻ ۾ قرض جي ڏيتي ليتي ڪريو ته ان کي لکت ۾ آڻي ڇڏيندا ڪريو. ڌرين جي وچ ۾ انصاف سان ڪو ماڻهو دستاويز لکي. جنهن کي الله لکڻ پڙهڻ جي صلاحيت ڏني هجي، ان کي لکڻ کان انڪار نه ڪرڻ کپي. هو لکي، ۽ لکرائي اهو ماڻهو جنهن جي مٿان حق حساب ٿو پوي (يعني قرض وٺندڙ) ۽ کيس الله، پنهنجي رب کان ڊڄڻ کپي ته جيڪو معاملو طيءِ ٿيو آهي. ان ۾ ڪا کوٽ واڌ نه ڪري، پر جيڪڏهن قرض وٺڻ وارو پاڻ نادان هجي يا ضعيف هجي يا لکرائي نه سگهندو هجي ته سندس سنڀاليندڙ (ولي) انصاف سان لکرائي، پوءِ پنهنجي مردن منجهان ٻن ماڻهن جي ان تي شاهدي ڪرايو ۽ جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون هجن، تانته هڪڙي وساري ويهي ته ٻي کيس ياد ڏياري ۽ اهي شاهد اهڙن ماڻهن مان هئڻ گهرجن، جن جي شاهدي توهان وٽ قبول هجي. شاهدن کي جڏهن شاهد ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ته کين انڪار نه ڪرڻ کپي، معاملو ننڍو هجي يا وڏو، مدو ڄاڻائي ان جو دستاويز لکرائڻ ۾ ڍَرَ نه ڪريو، الله وٽ اهو طريقو توهان لاءِ وڌ ۾ وڌ انصاف وارو آهي، ان سان شاهدي پيش ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي ٿي ۽ توهان جي ڪنهن ڀل چڪ ۾ پوڻ جو به امڪان گهٽجي وڃي ٿو. باقي جيڪو واپاري سودو توهان اتي جو اتي هٿئون هٿ پاڻ ۾ ڪريو ٿا، ان کي نه لکو ته به ڪو گناهه ڪونهي، پر واپاري سودا ڪرڻ وقت به شاهد ڪندا ڪريو، ڪاتب ۽ شاهد کي تنگ نه ڪيو وڃي، ائين ڪندؤ ته گنهگار ٿيندؤ، الله جي غضب کان بچو، هو توهان کي صحيح ڪم ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي ۽ کيس هر شيءِ جو علم آهي |
وَإِن كُنتُم عَلىٰ سَفَرٍ وَلَم تَجِدوا كاتِبًا فَرِهٰنٌ مَقبوضَةٌ فَإِن أَمِنَ بَعضُكُم بَعضًا فَليُؤَدِّ الَّذِى اؤتُمِنَ أَمٰنَتَهُ وَليَتَّقِ اللَّهَ رَبَّهُ وَلا تَكتُمُوا الشَّهٰدَةَ وَمَن يَكتُمها فَإِنَّهُ ءاثِمٌ قَلبُهُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ عَليمٌ (آيت : 283) |
جيڪڏهن توهان سفر ۾ آهيو ۽ دستاويز لکڻ لاءِ توهان کي ڪو ڪاتب نه ملي ته ڪا شيءِ ڳهه (گروي) رکي معاملو طيءِ ڪريو، جيڪڏهن توهان مان ڪو ماڻهو ڪنهن تي اعتبار ڪري ساڻس ڪو وهنوار ڪري ته جنهن تي اعتبار ڪيو وڃي، ان کي کپي ته امانت واپس ڪري ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄي، ۽ شاهدي هرگز نه لڪايو، جيڪو شاهدي لڪائي ٿو ان جي دل گناهه ۾ ورتل آهي ۽ الله توهان جي عملن کان بي خبر نه آهي |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِن تُبدوا ما فى أَنفُسِكُم أَو تُخفوهُ يُحاسِبكُم بِهِ اللَّهُ فَيَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 284) |
آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو به آهي سڀ الله جو آهي، توهان پنهنجي دل جون ڳالهيون ظاهر ڪريو توڙي لڪايو، الله هر حالت ۾ توهان کان انهن جو حساب وٺندو. پوءِ وڻيس ته ڪنهن کي معاف ڪري ۽ وڻيس ته ڪنهن کي سزا ڏئي، هن کي هر شيءِ تي سڀ ڪا طاقت آهي |
ءامَنَ الرَّسولُ بِما أُنزِلَ إِلَيهِ مِن رَبِّهِ وَالمُؤمِنونَ كُلٌّ ءامَنَ بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِن رُسُلِهِ وَقالوا سَمِعنا وَأَطَعنا غُفرانَكَ رَبَّنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 285) |
رسول انهيءَ هدايت تي ايمان آندو آهي، جيڪا مٿس سندس رب جي طرفان نازل ٿي آهي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ رسول جا مڃيندڙ آهن، انهن به انهيءَ هدايت کي دل سان مڃيو آهي، اهي سڀئي الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن کي مڃين ٿا (۽ چون ٿا ته) اسان سندس رسولن کي هڪ ٻئي کان جدا نٿا ڪريون. ۽ چيائون ته اسان حڪم ٻڌو ۽ قبول ڪيو، اي اسان جا رب ! تنهنجي بخشش گهرون ٿا ۽ اسان کي توڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي |
لا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفسًا إِلّا وُسعَها لَها ما كَسَبَت وَعَلَيها مَا اكتَسَبَت رَبَّنا لا تُؤاخِذنا إِن نَسينا أَو أَخطَأنا رَبَّنا وَلا تَحمِل عَلَينا إِصرًا كَما حَمَلتَهُ عَلَى الَّذينَ مِن قَبلِنا رَبَّنا وَلا تُحَمِّلنا ما لا طاقَةَ لَنا بِهِ وَاعفُ عَنّا وَاغفِر لَنا وَارحَمنا أَنتَ مَولىٰنا فَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 286) |
الله ڪنهن تي به ان جي وِت کان وڌيڪ ذميواريءَ جو بار نه رکندو آهي، جنهن به ڪا نيڪي ڪمائي ان جو ڦل کيس ئي ملندو ۽ جنهن ڪو گناهه ڪيو ته ان جو ڪيتو به پاڻ ئي لوڙيندو. (ايمان وارؤ ! توهان هيئن دعا گهرندا ڪريو) اي اسان جا رب! اسان کان ڀــُـل چڪ ۾ جيڪي خطائون ٿين انهن تي پڪڙ نه ڪجانءِ ، اي اسان جا مالڪ! اسان تي اهي بارَ نه وجهه جيڪي تو اسان کان اڳين ماڻهن تي وڌا هئا، پروردگار، جنهن بار جي کڻڻ جي طاقت اسان ۾ نه آهي، اهو اسان تي نه رک، اسان سان نرمي ڪر، اسان کان درگذر ڪر، اسان تي رحم ڪر، تون اسان جو مولا آهين، ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر |